سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :2

آخري را ت

 

ڪردار

نرتڪي

جوتشي

چندر

شوڀا

پروهت

شهريار

شلو

 

](صوتي تاثر) شروعاتي موسيقي. گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ. اهڙي موسيقي جنهن سان وقت جي گذرڻ جو تاثر پيدا ٿيندو هجي[.

شهريار (ٿڌو ساهه ڀريندي): دل جو سڪون، ۽ کوجنا جو شوق ڪيڏا نه عجيب ۽ جدا جدا جذبا آهن! آءٌ هت ڇو آيو آهيان؟ ورهين کان سرگردان ۽ پريشان! پنهنجي شوق جي تڪميل لاءِ مون ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا آهن! گذريل زماني جو سڀ کان وڏو کنڊر ..... موئن جو دڙو، .... جتي ڪڏهن جيئرن جون جهونگارون هيون، زندگي هئي، خوشي هئي، سڀڪجهه هو ......... پر اڄ هتي ڪجهه به نه آهي. عمارتون کنڊرن ۾ مٽجي ويون، زندگي ماٺ جي ماٿر ۾ گم ٿي ويئي، ڄڻ ته هتي ڪجهه به نه هو!

](صوتي تاثر) گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ نمايان ٿئي ٿي[ وقت زندگيءَ جو راوي .... وقت جي سيني ۾ سوين داستان سمايل آهن.  اُڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج _ اُڀرندڙ طاقت ۽ ختم ٿيندڙ طاقت _ زندگي ۽ موت _ بقا ۽ فنا.... ڪير پڇي وقت کان، جيڪو بادشاه آهي... سڀ فنا ٿي ويندو، باقي وقت وڃي بچندو،

(صوت تاثر) گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ نمايان ٿي، اهڙي موسيقي ۾ مٽجي ٿي، جنهن ۾ ڏک ۽ وقت جي گذرڻ جو تاثر هجي. قدمن جا آواز)

شهريار:        هنن کنڊرن جي باري ۾ مون کي ڪير ڏسيندو؟ هي وڏو رستو آهي،.... ۽ هيءَ اُها جاءِ آهي جتي چوڏهن لاشا گڏ مليا هئا.... ۽ هي، بلڪل انهيءَ جي سامهون، مندر هو. پروهت جو مجسمو هتان ئي مليو هو.... چوڏهن لاش، مندر جي سامهون! هي ڪهڙو راز آهي؟ هن کوهه جي تري ۾ اڃان به پاڻي آهي! ڪڏهن هتان ڪئين نينگريون، سج لٿي مهل مٿن تي گهاگهرون رکي پاڻي ڀرڻ اينديون هونديون. هتي زندگيءَ جون خوشيون هيون.... پر اڄ هتي چؤ طرف ماٺ آهي، سڃ آهي.... (ڇرڪ ڀري) _ هي ڪير آهي..... هي..... اڳي ته اهو شخص ڪڏهن به هتي نظر نه آيو! اڇي ڏاڙهي، سفيد ڀرون. چيلهه ۾ ڪُٻ، هٿ ۾ لٺ، چهري تي مايوسي،.... هي ڪير آهي؟ شايد منهنجي ڳولا جي حاصلات!.... شايد منهنجي سوال جو جواب!.... (سڏي) پريا مڙس!

پوڙهو: (ڪجهه پريان): مون کي ٿو سڏين، نوجوان!

شهريار:        هاها، پريا مڙس! ترس، آءٌ اچان ٿو.

        (قدمن جا آواز)

پوڙهو: جواني اڄ ٻڍاپڻ ڏي ڇو ڊوڙ پاتي آهي؟

شهريار:        توهين هتي جا رهواسي آهيو؟

پوڙهو: آءٌ ڪٿي جو رهواسي آهيان ۽ ڪير آهيان، انهيءَ سان ڪنهن جو ڪهڙو.

شهريار:        آءٌ هتي نئون آيو آهيان. تاريخ جي علم سان مونکي دلچسپي آهي. آءٌ هتان جي حالتن بابت ڪجهه ڄاڻڻ گهران ٿو.

پوڙهو: مون لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. علم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ڪيترائي نوان ماڻهو آيا، جن علم سان گڏ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو. آءٌ ئي آهيان جيڪو سڀڪجهه ڏسندو رهيو آهيان.

شهريار:        مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو.

پوڙهو: ضروري نه آهي ته ماڻهو هڪٻئي جو مطلب سمجهي سگهن. منهنجي لاءِ سڀ ڳالهيون بي معنيٰ آهن. هتي جو ذرو ذرو منهنجي ملڪيت آهي. آءٌ هنن آثارن جو رکوال آهيان.

شهريار:        (خوش ٿي): پوءِ ته مون کي هتي جي تهذيب بابت گهڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندؤ.

پوڙهو: آءٌ گهڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. پر....

شهريار:        (يڪدم): آءٌ انهيءَ لاءِ اُجورو ڏيندس.

پوڙهو: (ٽوڪ طور): اجورو؟ دل جي راز لاءِ اُجورو ڏيندين! آءٌ توکي ڪجهه به نه ٻڌائيندس، هڪ لفظ به نه..... تون به پنهنجي دل ۾ الائجي ڪهڙا خيال کڻي آيو هوندين!

شهريار:        آءٌ علم جي ڳولا ۾ آيو آهيان.

پوڙهو: تاريخ پاڻ کي وري وري ورجائيندي آهي. هتي ڇا ڪونه هو؟ سڀڪجهه هو..... پر نه، نوجوان، مون کي ڪهڙي خبر.... آءٌ ته هڪ اٻوجهه انسان آهيان، زماني جو هر بار سهڻ وارو.... زمانن کي منهن ڏيئي، اڄ اچي هن منزل تي رسيو آهيان... ۽ اڃا به آءٌ جيئرو آهيان!

شهريار:        (ليلائيندي): مون کي ڪجهه ٻڌائي، پيرسن! منهنجي دل ۽ ذوق کي تسڪين ملندي.

پوڙهو: آءُ لاچار آهيان. منهنجي صلاح مڃين ته هتي نه ايندو ڪر. ۽ .... ۽ رات جو ته هن پاسي لڙڻ جو خيال به نه ڪج!.... چون ٿا، هتي وياڪل روح رلندا آهن! متان....

شهريار:        (ڪاوڙ مان): بس بس، روحن ڀوتن جون ڳالهيون آءٌ ڪون مڃان.... آءٌ هتي ايندس، ڪنهن کي به حق ڪونهي جو مون کي هتي اچڻ کان روڪي!

پوڙهو: ڪنهن کي به حق ڪونهي!.... حق ڪونهي...... حق! ..... (فيڊ آؤٽ)

شهريار:        شايد چريو هو. اجايو هن سان ڳالهائي پنهنجو وقت وڃايم. آءٌ اڄ رات ئي هتي گهمڻ ايندس.... اوه، اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي!

        (صوتي تاثر) موسيقي. هلڪي هوا. ماڻهن جو گوڙ جيڪو آهستي آهستي اُڀري ٿو)

جوتشي (پريان): قسمت جو حال!.... ستارن جي رفتار!... اچو! ٻڌو!.... ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڪير کٽيندو، ڪير هارائيندو؟....

شهريار:        (ڇرڪ ڀري): هي آواز!.... هي آواز ڪٿان آيو؟.... هڪ گهڙي اڳ ڪنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.... هي ڇا آهي؟ هو سامهون روشني آهي... روشني... مون کي انهيءَ پاسي وڃڻ گهرجي.

        (قدمن جو آواز (صوتي تاثر) نچڻ جو آواز آهستي آهستي اُڀري ٿو)

شهريار:        هي ڇيرن جا ڇمڪاٽ! هي ماڻهن جو هُل هنگامو!.. هي زندگيءَ جا آثار! هيءَ ته هڪ وسندي پئي لڳي! (هڪ عورت جو ٽهڪڙو) هي ٽهڪڙا سچ مچ زندگيءَ جو اُهڃاڻ آهن. اڄ وقت پنهنجو پاڻ پيو ورجائي... هتي زندگي آهي، خوشي آهي، ۽ محفل آهي. (نچ جي لئه اُڀري ٿي) هن گهر جو دروازو کليو پيو آهي. هيءَ جاءِ ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟ جتي خوشي به ۽ زندگي به، روشني به آهي ته ٽهڪڙا به.... هيءَ ڪنهن جي جاءِ آهي؟ (پريان ٻن ماڻهن جا ٽهڪ اُڀرن ٿا) هي ڪير آهن؟ سندن چهرا ۽ لباس..... آءٌ لڪي بيهان ڏسان ته هي ڪيڏانهن ٿا وڃن! (ٽهڪ ويجهو اچي فيڊ آئوٽ ٿين ٿا) هي هن ئي گهر ۾ ويا آهن. آءٌ هنن جي پٺيان ٿو وڃان. شايد مون کي ڪجهه حاصل ٿئي، ڪجهه معلوم ٿئي... هي اسرار ۽ ڳُجهه_

        (قدمن جا آواز. ماڻهن جو هلڪو چؤٻول)

هڪڙو آواز: نرتڪي! اڄ... اڄ ميلي جي رات آهي. خوشين جي گهڙي آهي. سڄو سال انتظار ڪري گذاريندا آهيون ۽ جڏهن هيءَ گهڙي ايندي آهي ته اسان جون دليون خوشيءَ وچان گلن جيان ٽڙي پونديون آهن، ۽ اسان جا قدم بي اختيار تنهنجي ڏيڍيءَ ڏانهن وڌندا آهن.... اڄ اسان کي اهو ناچ ڏيکار جو اسان جا روح ريجهي وڃن.

نرتڪي        (آواز ۾ هلڪي مايوسي): دل جي خوشي اُنهيءَ در تان وٺڻ آيا آهيو، جتي خوشيءَ جو پاڇو به ڪونهي! ڪهڙا نه سادا انسان آهيو!

ٻيو آواز:       اڄ نرتڪيءَ جي من تي مڙيئي ڪو مونجهارو آهي!

پهريون آواز: سندس اکيون هر هر دروازي ڏانهن کڄنديون ٿيون وڃن _ شايد ڪنهن جي واٽ پئي نهاري...... نرتڪي راڻي! ڪٿي دل جو سودو ته ڪونه ڪيو اٿئي؟

نرتڪي (کلي): اسان جي دل! مهاراج، اسان جا سينا ته دلين کان خالي آهن. اسين ته اوهان جي اشارن تي پنهنجي حياتي گذارڻ واريون آهيون.

پهريون آواز: اڄ نرتڪي، اسان کي مايوس نه ڪر! اسان جي سينن ۾ به دليون آهن...... اسين چاهيون ٿا ته تون اڄ فقط اسان لاءِ ناچ ڪرين..... بس، فقط اسان لاءِ!

        ] (صوتي تاثر) ڇير ۽ نچ جي لئي اُڀري ٿي[

شهريار: آه،  هي نچڻي جو گهر آهي! ۽ هتي ڪو ميلو ٿيڻ وارو آهي. (نچ جي لئي اُڀري ٿي) نرتڪي!..... هيءَ نرتڪي؟.... شايد مون ڪٿي ڏٺي آهي!.... ڪٿي ... ڪٿي؟ شايد ](صوتي تاثر) نچ جي لئي وڌي، تيز موسيقي ۾ مٽجي ٿي. پس منظر ۾ ڏکاري موسيقي[

نرتڪي (ٿڌو ساه ڀري): آه، هيءَ ڪهڙي حياتي آهي! هتي جو هر شخص منهنجي خوشي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ اچي ٿو. هر ماڻهو پيار ۽ پريت جو بکيو آهي. پر اهي اچن به ڪٿي ٿا،_ جتي دل آهي ئي ڪانه! آءٌ ته فقط ڪنهن ٻئي جسم جو پاڇو آهيان، جنهن ۾ نه روح آهي نه زندگي. مون .... مون آخر ائين ڇو ڪيو آهي؟ ڇو جو پنهنجي دل جا دروازا ڪنهن ٻئي لاءِ کولي ڇڏيا؟ انهيءَ لاءِ، جيڪو مون ڏانهن اک به نٿو کڻي! جيڪڏهن هو هڪ ڀيرو به منهنجي روح ۾ جهاتي پائي ڏسي ته جيڪر مون کي حياتي ملي وڃي، زندگي حاصل ٿي پوي! (ڏکاري آواز ۾) هي مون ڇا ڪيو.... مون پنهنجي حياتي پاڻ وهه ڪري ڇڏي!

        ]سڏڪا ڀرڻ لڳي ٿي، جيڪي آهستي آهستي پس منظر ۾ وڃن ٿا. شهريار فيڊان[

شهريار:  ويچاري نرتڪي دل جي ماريل آهي، بيوس. دل هٿان ڇڏائجي ويئي اٿس، ۽ ڪنهن اهڙي پکيئڙي جي چوگرد پيئي ڦري، جنهن جي دل ۾ اڳي ڪا صورت سمايل آهي. (کلي) پيار ۽ محبت جو اهو چڪر به عجيب آهي!

        ]سُڏڪن جا آواز اُڀرن ٿا[

نرتڪي:  مون ۾ ڇا ڪونهي؟ حياتيءَ جي هر خوشي منهنجي آڏو ٻانهيءَ وانگر هٿ ٻڌيو بيٺي آهي. راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڏو درجو مون کي ئي حاصل آهي_ اڄ_ نرتڪي! آءٌ حياتيءَ جون اهي سموريون راحتون ۽ خوشيون هن جي قدمن تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

        ]قدمن جا آواز اُڀرن ٿا[

        هي ڪنهن جي قدمن جا آواز آهن، جن منهنجي روح کي لوڏي ڇڏيو! هي ڪير پيو اچي، جنهن جي وک وک تي خوشيءَ جا ساز پيا وڄن! (خوش ٿي) هي .... هي ته چندر آهي!

چندر    (ايندي):  اڄ تنهنجي چهري تي مايوسيءَ جي مُرڪ آهي، نرتڪي!

نرتڪي:       تنهنجي آئي کان پوءِ مايوسي پنهنجو پاڻ مري ويندي. تون خوشين ۽ راحتن جو ديوتا چندر آهين، جنهن جي آئي کان پوءِ چوڌاري سُهائو ٿي ويندو آهي.

چندر:  اڄ تنهنجي محفل جلد اُجڙي ويئي …. ماحول ۾ اڄ خوشي جي هٻڪار ڪانهي؟

نرتڪي:       محفل ته ڪڏهوڪو اُجڙي ويئي هئي، باقي هٻڪار هئي سابه الائي ڪهڙي پاسي هلي ويئي، آءٌ انهيءَ ويران ۽ اُجڙيل محفل ۾ اڃان به ڪنهن جي اچڻ جي آس لڳائي ويٺي آهيان، چندر!

چندر:  اجائي آس، اجايو اوسيئڙو! نرتڪي، نيٺ تو مون سان محبت ڇو ڪئي آهي؟

نرتڪي:       (ٿڌو ساهه ڀري):  آءٌ نٿي ڄاڻان، خبر نه آهي، ڇو منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ ايتري محبت پيدا ٿي. چندر، اصل ۾ اها محبت منهنجي بي انتها نفرت جو پڙاڏو آهي…… مون زندگيءَ ۾ وک وک تي مرد_ ذات سان نفرت ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي مون پنهنجيءَ دل ۾ انهيءَ جذبي کي پاليو، ڇاڪاڻ ته هن مون کان هر اها خوشي ڦرڻ ٿي گهري، جيڪا منهنجي جيءَ جان جو سينگار ۽ سونهن هئي. مون فيصلو ڪيو ته آءٌ سدائين مرد کان نفرت ڪندي رهنديس، پر …… پر _ (سڏڪو ڀري ٿي).

چندر:  تون روئين پئي، نرتڪي!

نرتڪي:       اهي ارمان ۽ پشيماني جا لُڙڪ آهن، مهاراج! _ اُهو ارمان، جيڪو دل جي دولت هارائڻ کان پوءِ ٿيو اٿم …. الائجي اُها ڪهڙي گهڙي هئي، جنهن ۾ تو منهنجي گهر جي ڏيڍيءَ ۾ پير پاتو، جنهن سان منهنجي دل ۾ پيار ۽ پريت جو تڙڪو آيو ۽ منهنجو روح روشن ٿي پيو!

چندر:  (کلندي):   تون چري آهين نرتڪي!

نرتڪي:       شايد اِها چريائي هجي. پر چندر، دل تي ته ڪنهن جو وس ڪونهي.

چندر:  تنهنجي پسند غلط آهي نرتڪي!

نرتڪي:       پسند جي غلط ۽ صحيح هجڻ جو ڪڏهين ڪنهن کي احساس رهيو آهي؟

چندر:  پر …. پر نرتڪي، منهنجي دل منهنجي وس ۾ ڪانهي_ آءٌ اڳي ئي ڪنهن کي دل ڏيئي ويٺو آهيان.

نرتڪي:       اوه چندر! (سڏڪا ڀري ٿي).

چندر:  آءٌ ڪنهن سان محبت نٿو ڪري سگهان، نرتڪي!...... آءٌ هتي ڪنهن خاص مقصد سان آيو آهيان. محبت ۽ مقصد، هڪٻئي جي اُبتڙ ڳالهيون آهن. منهنجي حياتيءَ جو مقصد رڳو محبت ڪرڻ ئي ڪونهي، منهنجي دل ۾ ٻيا به ڪي جذبا ۽ اُمنگ آهن، جيڪي آءٌ ورهين کان سانڍيندو پيو اچان، ۽ تنهنجي محفل ۾ به فقط انهيءَ ڪري ئي آيس جو هر اهو شخص تنهنجو سلامي آهي، جنهن جي وسيلي مون کي منهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. پر …. خير، اڄ تنهنجي مجلس تمام جلد ختم ٿي ويئي.

نرتڪي:       (اداس لهجي ۾): ها، اڄ محفل جلد ختم ٿي ويئي. لاٽ هئي، سا اُجهامي ويئي..... لاٽ جي روشنيءَ سان ئي ته محفل جي رونق هوندي آهي!

چندر:  اوندهه کان مون کي نفرت آهي، نرتڪي!

نرتڪي:       مون کي خبر آهي. اونده سان ڪنهن کي پيار هوندو؟ روشني ته زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي.

چندر:  ديوتا توتي رحم ڪن! نرتڪي، هاڻي آءٌ وڃان ٿو.

نرتڪي:       ها مهاراج، وڃڻ وارا ڪڏهن ترسيا به آهن.

        ]قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ[

شهريار:        (فيڊان): ويچاري نرتڪي! هن لاءِ هاڻي رڳو يادگيرين جا پها آهن، جيڪي دل تي رکي، پنهنجو زخم ميساريندي سندس معصوم مُنهن تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پنهنجا پاڇا وجهي ڇڏيا آهن. ڪير هن کي انهيءَ ڪاوڙ ۽ نفرت جي ڪُن مان ٻاهر ڪڍندو، ۽ ڪير سندس دل جي زخمن تي پيار ۽ پريت جا پَها رکندو.

        ]قدمن جا آواز[

نرتڪي:       هي ڪير پيو اچي؟

ملازم: نرتڪي راڻي!

نرتڪي:       ڪير آهين تون؟

نرتڪي:       مان مندر مان آيو آهيان.

نرتڪي:       ڇو آيو آهين؟

ملازم: اڄ تلاءَ تي ميلو آهي، تنهنڪري پروهت توکي سڏايو آهي. نرتڪي راڻي، اڄ ديوتائن جي خوشيءَ جي رات آهي.

نرتڪي:       ديوتائن جي خوشيءَ جي رات؟ جشن جي رات! ..... پر منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو؟

ملازم: اڄ توکي ديوتائن اڳيان نچڻو آهي.

نرتڪي:       (تيز لهجي ۾): آءٌ ڪنهن جي آڏو نٿي نچي سگهان! اهي سڀ مانڊي وارا منڊ آهن. آءٌ اِنهيءَ ڄار ۾ هاڻي نه ڦاسنديس!

ملازم: توکي ڇا ٿي ويو آهي، راڄ_ نرتڪي؟

نرتڪي: مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي. (ملول. ڄڻ ته پاڻمرادو پئي ڳالهائي) آءٌ روشنيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪندي، ڌڪا کائيندي رهيس. ڪن گهڙين لاءِ آءٌ سڀڪجهه وساري ويهي رهيس. پر جا مون روشني سمجهي هئي، سا ٻاٽ اونداهي هئي.... روشني سان پيار ڪرڻ به ڪيڏو نه وڏو آزار آهي!.... (لهجو بدلائي) پر نه، مون کي پروهت وٽ وڃڻو پوندو ... ٻُڌ، پروهت کي وڃي چئه ته آءٌ اينديس.

        ]قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ[

نرتڪي:       هليو ويو ..... وري چوڌاري سانت ٿي وئي! .... دل ۾ ڪو طوفان لڪل آهي. جيڪو منهنجي من ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڀنڀٽ پيو ڀڙڪائي، آءٌ پنهنجي پيار جي ڌڪار جو وير وٺنديس...... آءٌ پنهنجي پيار جي ڌڪار جو وير وٺنديس.... وير وٺنديس!

        (قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ)

شهريار:        (فيڊان):  آءٌ به نرتڪيءَ جي پٺيان ويندس. ڏسان ته ڇا آهي. ]قدمن جا آواز اُڀري فيڊ آئوٽ (صوتي اثر) ماڻهن جو گوڙ فيڊان اِن. پس منظر ۾ شهر جي مصروف رستي جو تاثر[

جوتشي:       (ٿورو پريان): قسمت جو حال!....... ستارن جي گرڊس!.... آءٌ ڄاڻان ٿو ته هن کان پوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي. اچ، راڄ_ نرتڪي، اچ! ... دل جي دولت هارائڻ تي ايڏو ڪروڌ! سودا ته سدائين ائين ٿيندا آهن. ڪڏهن جيتيل بازي به هارائي ويهبي آهي، ته ڪڏهن هارايل بازي به کٽي ويهبي آهي. اسان وٽ اچ، اسين توکي سنئين راهه ڏسينداسين_ اِهائي تنهنجي زندگي ٿيندي.

نرتڪي:       جوتشي بابا، توکي سڀ خبر آهي؟

جوتشي:       اسان کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه آهي. اسين هر ڳالهه ڄاڻون ٿا. پر ........ پر وقت اسان کي لاچار ڪيو آهي. (کلي) ٻڌايانءِ ته تنهنجي دل ۾ هينئر ڇا آهي؟

نرتڪي:       (پريشان ٿي) نه نه، ماڻهن جي هن انبوه ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ٻڌڻ نٿي چاهيان.

جوتشي:       تون ڇا، پر هتي جو هر ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندو! آءٌ سچ چوندو آهيان. ..... ۽ توکي ڄاڻ آهي، نرتڪي، سچ هر زماني ۾ وهه ثابت ٿيو آهي! (کلي ٿو) نرتڪي راڻي! چهرو دل جو ڪتاب آهي: ائين پنهنجي چنڊ جهڙيءَ پيشاني تي گهُنڊ نه وجهه، جو سڀ سمجهي وڃن ته نرتڪي پنهنجيءَ دل سان پيئي جنگ لڙي!

نرتڪي:       جوتشي بابا، تون مون کي چريو ڪري ڇڏيندين!

جوتشي:       (ٽوڪ طور): ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي چريو به ٿيڻ گهرجي.

نرتڪي:       مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.

جوتشي:       سڀڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندءِ، راڻي! دل مان اهو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪوري ڪڍي ڇڏ. اچ ته آءٌ توکي پيار ۽ پريت جي روشن لاٽ ڏيکاريان، جنهن ۾ زندگي آهي_ اَمر حياتي!

نرتڪي:       (بيزاري ۽ لاچاري سان): مون کي نفرت آهي، حياتيءَ ۽ پيار کان نفرت آهي….. آءٌ هر شيءِ کي ڌڪاريان ٿي.

جوتشي:       (کلي): نرتڪي راڻي! چنڊ سان پيار جو پلؤ پائڻ ڏاڍو اوکو آهي. اُميدون ڪهڙيون هونديون آهن، ۽ ٿيندو ڇا آهي؟ زندگيءَ جي ڊوڙ گهڻي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ آهي. چنڊ جو پنڌ تمام پري آهي، نرتڪي راڻي!

نرتڪي:       آءٌ ڪجهه به نٿي ٻڌي سگهان….. آءٌ ڪجهه به نٿي ٻڌي سگهان! ]فيڊ آئوٽ[

        ]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو[

شهريار:        (سوچيندي، سڃاڻندي): هي پوڙهو جوتشي ڪير آهي؟ منهنجيون اکيون هن جي چهري کان واقف آهن! هي مون ڪٿي ڏٺو آهي...... ڪٿي؟.... شايد....

جوتشي:       پريان): راڄڌاني جا رهواسيو! هوشيار رهو! اُها گهڙي جلد اوهان جي مهمان ٿيندي! ..... منهنجون اکيون سڀڪجهه پيون ڏسن .... رُڪ جو مينهن، ۽ رت جون نديون .... باهه جون ڄڀيون!....

شهريار:        مون کي نرتڪيءَ جي پويان وڃڻ گهرجي؛ متان هوءَ منهنجي اکين کان الوپ نه ٿي وڃي.

جوتشي:       (پريان): سڀڪجهه اکين کان الوپ ٿي ويندو! چنڊ جي چانڊوڪيءَ تي ڪارن ڪڪرن جا تهه چڙهي ويندا_ رڳو اونداهي وڃي رهندي_ فنا ۽ بقا جي جنگ_ موت جو زندگيءَ تي آخري ۽ ڀرپور ٽهڪ!

        ]ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو، فيڊ آئوٽ. بازار جي گوڙ جو تاثر گهٽجي ٿو. قدمن جا آواز[

نرتڪي:       (پاڻمرادو): مون سڀڪجهه وڃائي ڇڏيو. ڇا ڏنم، ڇا حاصل ڪيم! اُف، دل جا دليل به عجيب آهن_ ڪڏهن نفرت، ڪڏهن پيار! نيٺ ڇا ٿيندو؟ جوتشي ڇا ٿي چوڻ چاهيو؟ هن منهنجي ذهن ۾ ڀريل زهر کي ڇو ٿي ڪوري ڪڍڻ گهريو؟ مون کي موٽي وڃڻ گهرجي..... پر پروهت مون کي هاسيڪار سڏايو آهي!

        ]قدمن جو آواز تيز ٿئي ٿو[

پروهت: اچ راڄ_ نرتڪي! مون تنهنجي ئي واٽ پئي نهاري.

نرتڪي:       مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي، پروهت!

پروهت: راڄڌانيءَ جي خوشقسمت ۽ خوشنصيب نرتڪي، ديوتا توتي گهڻو مهربان آهي.

نرتڪي:       ديوتا مون تي مهربان آهن!......

پروهت: اها ڳالهه ديوتائن مون تي رات ظاهر ڪئي هئي. آءٌ جڏهن اڪيلو هوس، تڏهن بيل ديوتا پنهنجي مهربانيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي قرباني جي گهرج آهي.

نرتڪي:       ديوتائن جي خوشي حاصل ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو مُول آهي. پر، پروهت، ديوتا ڪنهن جي ٿا قرباني چاهين؟ منهنجي؟

پروهت: نه، نه، نرتڪي!

نرتڪي:       پوءِ ڪنهن جي ٿا ديوتا قرباني گهرن؟

پروهت: آءٌ رات تائين توکان رازداري جي ساک وٺان ٿو.

نرتڪي:       تنهنجي خيال ۾ ديوتائن ٻليدان لاءِ غلط ماڻهو چونڊيو آهي ڇا؟

پروهت: غلط يا صحيح، اِهو ديوتائن جو فيصلو آهي. هو پنهنجي هر ڳالهه پاڻ سمجهندا آهن.

نرتڪي:       آءٌ رازداري جي ساک ڏيان ٿي.

پورهت:        ته ٻڌ .... ديوتائن جو حڪم آهي ته تون اڄ رات، وڏي تلاءُ تي نچ کان پوءِ چندر جي قرباني جو اعلان ڪرين.

نرتڪي:       (اُٻهرائيءَ سان): چندر جي قرباني! .... پر ديوتائن هن کي ڇو پسند ڪيو آهي، جڏهن ته هو هن شهر ۾ بنهه نئون آيو آهي؟

پروهت: اِهو ديوتائن جو حڪم آهي!

نرتڪي:       ديوتائن جو حڪم؟ ديوتائن جي سينن ۾ شايد دل ڪانهي!

پروهت: (ڪاوڙ ۾): نرتڪي!

نرتڪي:       پروهت مهاراج، ... ديوتائن جي حڪم جي پوئواري ڪئي ويندي.

پروهت: (خشڪ لهجي ۾): تون وڃي سگهين ٿي.

        ]قدمن جا آواز[

شهريار:        (فيڊ اِن): نرتڪي هاڻي پنهنجي پيار جو وير وٺندي آهي. هوءَ چندر کي مارائيندي! هيءَ حياتي به عجب اسرار آهي_ پيار ۽ ڌڪار! مون کي نرتڪيءَ جي پويان وڃڻ گهرجي؛ ڏسان ته هوءَ ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري.

        ...      ....             .....    ....     ....             ...

        ] قدمن جا آواز، تيز موسيقي. بازار جو گوڙ[

جوتشي:       (پريان): اڄ، نرتڪي، پروهت تنهنجيءَ دل ۾ عجيب آنڌ مانڌ مچائي ڏني آهي!.... ڳالهه جي سنگهر تو لاءِ ٽٽل آهي. جيڪڏهن تون ڳنڍڻ چاهين ته اچ، آءُ توکي اها سنگهر ڳنڍي ٺاهي ڏيان.

نرتڪي:       جوتشي بابا، مون کي ڏس، ديوتائن چندر کي ٻليدان لاءِ ڇو چونڊيو آهي؟

جوتشي:       آءٌ توکي ضرور ٻڌائيندس_ ڇاڪاڻ ته مون کي اميد آهي ته تون سچ جو ساٿ ڏيندين..... اڄ رات هر ڳالهه جو فيصلو ٿيڻو آهي. ڪن کي اڳ خبر ملندي، ۽ ڪي تڏهن سجاڳ ٿيندا، جڏهن سڀڪجهه ختم ٿي ويندو.

نرتڪي:       مون کي ڳجهارتن ۾ نه سمجهاءِ، جوتشي بابا! ٻڌاءِ!

جوتشي:       اوري اچ، نرتڪي!..... اچ ٿورو اوري اچ.... هي ڳالهيون فقط تنهنجي سمجهڻ جون آهن _ ڪجهه زمانو اڳ، هڪ نوجوان مسافر پوڄا ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي آيو. مها پروهت، سوريه، هن کي پنهنجو مهمان ڪري ترسايو؛ ڇاڪاڻ ته اسان جي نيتي اهائي آهي ته تڏي تي آيل هر مهمان کي مان ڏيون. پوءِ اهو دشمن هجي يا دوست.

نرتڪي:       جوتشي بابا، تنهنجي ڳالهه سچي آهي. پر آخر ائين ڇو آهي؟

جوتشي:       راڻي، هي سچائي جي سرزمين آهي. هن زمين جي مٽيءَ ۾ پيار ۽ پريت جا گل ٽڙندا آهن. هتي جو پاڻي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي سمورن خيالن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

نرتڪي:       مون کي خبر آهي. پر ٻڌاءِ، اهو نوجوان مسافر ڪير هو؟

جوتشي:       توهان جو هاڻوڪو پروهت!

نرتڪي:       ته پروهت اصل هتي جو ڪونهي؟

جوتشي:       هو اصل ندبن واري ديس کان آيو هو، جتي سياري ۾ پهاڙن تي برف وسندي آهي، اونهاري ۾ هنن کي پنهنجي قوت گذر لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو آهي.

نرتڪي:       پوءِ ... پوءِ هو هن حد تائين ڪيئن رسيو؟

جوتشي:       نرتڪي راڻي! ... (آهستي) هن پروهت، مها پروهت کي وِهه ڏيئي ماريو، ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي مها پروهت ٿي ويٺو!

نرتڪي:       (رڙ ڪري) وِهه ڏئي ماريو!

جوتشي:       ها، وِهه..... پر انهي کان اڳي جو سچ سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي، آءُ مها پروهت سوريه جو پٽ کڻي هن را‎ڃڌانيءَ مان هليو ويس.

شهريار:        ]فيڊان[ هي ڪهڙو اسرار آهي!.... آءٌ ڇا پيو ڏسان ۽ ٻڌايان!... ڇا، ڪڏهن گذريل زمانو به موٽيو آهي؟ هي حقيقت ڪيتري نه دل ڏاريندڙ آهي! آخر هي ڪهڙو مانڊاڻ آهي؟

        ] بازار جو تاثر[

نرتڪي:       (ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿي) هون .. ته اها آهي پروهت جي اصليت!

جوتشي:       ها، نرتڪي. اسان کان ڪوبه راز ڳجهو ڪونهي.

نرتڪي:       مها پروهت سوريه جي پٽ جو ڇا ٿيو؟

جوتشي:       اهو ويهن ورهين تائين پنهنجي ڌرتيءَ کان پري، پراين زمينن تي گهمندو رهيو.... ۽ .... هاڻي_

نرتڪي:       چپ ڇو ٿي وئين، جوتشي بابا؟

جوتشي:       ۽ .... هاڻي هو هن راڄڌانيءَ ۾ موٽي آيو آهي.

نرتڪي:       موٽي آيو آهي؟..... پوءِ تون ڇو نٿو پروهت جي ڏاڍائي جو راز ظاهر ڪرين؟

جوتشي:       اهو وقت اچي ويو آهي. نرتڪي! هاڻي ته حساب ڏيڻ جو وقت گهڻو ويجهو اچي پهتو آهي.

نرتڪي:       سوريه جو پٽ ڪير آهي؟ مون کي ٻڌاءِ.... آءٌ هن جي اصليت اڄ ئي ظاهر ڪري، پروهت جي ڏاڍائي جو ڀرم ڀڃنديس! مون کي ٻڌاءِ ته اهو ڪير آهي؟

جوتشي:       (معنيٰ خيرانداز ۾) شايد تون به هن کي سڃاڻندي هجين... هن جو نالو ’چندر‘ آهي!

نرتڪي:       (رڙ ڪري) چندر! ]تيز موسيقيءَ جي لهر[ چندر، مها پروهت سوريه جو پٽ آهي!

جوتشي:       (ٽهڪ ڏيئي) ڇو پريشان ٿي وئين؟ تنهنجي چهري جا ورن ڇو پيا مٽجن؟

نرتڪي:       آءٌ هن جي ڪابه مدد نٿي ڪري سگهان..... آءٌ هن جي ڪابه مدد نه ڪري سگهنديس!

جوتشي:       ڇو؟ تون هن جي مدد فقط انهي ڪري نٿي ڪري سگهين جو هو سچ جي واٽ تي آهي؟

نرتڪي:       نه نه، ائين نه آهي، جوتشي مهاراج.

جوتشي:       ته پوءِ ڇا آهي؟

نرتڪي:       آءٌ ڪجهه به نه ٻڌائينديس..... آءٌ ڪجهه نه ٻڌائينديس!

        ]قدمن جو آواز[

جوتشي:       (ٽهڪ ڏيندي) وڃين پئي؟ ..... مون توکي سچائي ۽ امر حياتيءَ جي واٽ ڏسي آهي. نرتڪي! اهو گس نه وسارج!...... ڪوڙ، ڪوڙ آهي. ڪروڌ ۽ نفرت موت آهي نرتڪي، سچ وارن جا ڳاٽ سدائين اوچا رهيا آهن!

جوتشي:       (پريان، وڏي واڪي) ڏوهه ڪنهن جو آهي ..... ڏوهاري ڪير آهي... سزا ڪنهن کي ملي! ڪير ڄاڻي، ايندڙ وقت ڇا آڻي_ حياتي يا موت! ]فيڊ آئوٽ[

        ] تيز موسيقي[

جوتشي:       (پڙاڏو) مون توکي سچائيءَ ۽ امر حياتيءَ جي واٽ ڏسي آهي، نرتڪي! سوڀ سدائين سچ جي ٿيندي آهي!

نرتڪي:       (پريشانيءَ وچان) ڪوڙ ڇا آهي؟..... ۽ سچ ڇا آهي...؟ مون کي ڪهڙي راه اختيار ڪرڻ گهرجي؟ .... چندر_ چندر منهنجي حياتيءَ جو سرچشمو هو. هن منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. منهنجي دل ۾ پهرين جيڪا نفرت هئي، اها هن ئي ڪوري ڪڍي..... ۽ وري هن ئي منهنجي دل ۾ نفرت ۽ ڌڪار جو ٻج ڇٽيو..... هن مون کان حياتيءَ جون سموريون خوشيون کسي ورتيون! (روئندي) پر .... پر آءٌ هن کي مرندي به نه ڏسي سگهنديس! هن سان مون کي ڏاڍو پريم آهي. پوءِ کڻي هو مون کي ڌڪاريندو هجي.... آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ ڪنهن کي ڏسيان ته منهنجي دل ۾ ڪهڙي باه پيئي ڀڙڪي!

جوتشي:       (پڙاڏو) نرتڪي! چندر سچ جي واٽ تي آهي! نرتڪي! چندر سچ جي واٽ تي آهي!_

نرتڪي:       (رڙ ڪري) سچ جي واٽ؟..... آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان_ سچ جي، يا ...؟ نه نه، آءٌ ائين ئي ڪنديس جيئن منهنجي دل چاهيندي. پر آخر ڀيرو آءٌ هن کي ڏسڻ گهران ٿي! هڪ دفعو چندر سان ملي، آءٌ پنهنجي دل جي پيار کي سدائين لاءِ سمهاري ڇڏينديس.... ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها پيار ۽ پريت جي دونهي، ڀڙڪو کائي ڀيڙ نه ٿي وڃي!

        ]قدمن جو آواز[

شهريار:        (فيڊ اِن) ڪهڙيون حالتون پيدا ٿيون؟ ... نرتڪي شايد پروهت سان ساٿ ڏيندي. هوءَ هاڻي پنهنجي پيار کي آخري ڀيرو ڏسي، وسارڻ جي ڪوشش ڪندي. مون کي هن راند جي انهيءَ مکيه مُهري پٺيان وڃڻ گهرجي.

        ]قدمن جو آواز ۽ موسيقي[

نرتڪي:       (ايندي) چندر!

چندر:  (ڇرڪ ڀري) تون؟ نرتڪي! ..... هتي!

نرتڪي:       عجب نه ڪر. آءٌ رڳو توسان ملڻ لاءِ آئي آهيان (وقفو) .... ته هيءَ آهي سوڀيا وان، جنهن جي من موهڻي مورت تو پنهنجي دل جي گهر ۾ سينگاري رکي آهي.

شوڀا:  راڄ_ نرتڪي، تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟

نرتڪي:       خوابن جي دنيا ۾ رهڻ وارا ڇا ٿا چئي سگهن. راڻي، آءٌ به هڪ خواب ۾ ستل هئس. هڪ اهڙو خواب، جنهن منهنجي روح کي پيار ڀريل جذبن سان رڱيو هو. منهنجي دل ۾ به ڪي خواهشون ۽ تمنائون هيون. هڪ اهڙي گهڙي آئي هئي، جنهن ۾ مون پاڻ کي آسمان تي تاري وانگر ٻهڪندي ڏٺو. پر جڏهن اک کليم، تڏهن ڪجهه به نه هو! (کلي) خواب ته خواب ئي هوندا آهن، راڻي!

چندر:  پر نرتڪي، تون هتي ڇو آئي آهين؟

نرتڪي:       آءٌ هتي ڇو آئي آهيان؟ ڪو خاص مقصد ته ڪونه هو، ائين ئي، توهان کي ڏٺم ته لنگهي آيس. رات پورنماشيءَ جو ميلو آهي نه چندر!

چندر:  ها، مون کي خبر آهي، سالن کان پوءِ آءٌ هيءَ رات ڏسندس. پنهنجي گهر ۽ وطن کان پري به، مون هر گهڙيءَ هنن ڏينهن کي ياد رکيو. آءٌ سوچيندو هوس ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن آءٌ پنهنجن سان گڏ انهن خوشين ۾ شامل ٿيندس.

نرتڪي:       (پراڻمرادو) تون چئي ڏي! ... سچ چئه ته اهو ميلو چندر لاءِ ۽ سندس پيار لاءِ آخري ثابت ٿيندو!.... آه، ڇو ٿي ڪنهن جي پياري جي دنيا کي تباه ڪري پنهنجي خوشيءَ جو محل اڏين! .... نه نه. آءٌ .... آءٌ به نفرت جي لائق نه آهيان! مون به پيار ڪيو هو... مون کي_

چندر:  ڇا پئي سوچين نرتڪي؟

نرتڪي:       (ڇرڪ ڀري) هون؟ ڪجهه به نه .... ڪجهه به نه، مون اهو پئي سوچيو ته بي وطن ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏو نه آزار هوندو.

چندر:  اهو تون نٿي سمجهين سگهين، نرتڪي!

نرتڪي:       تون ميلي تي ضرور ايندين؟

چندر:  ها، اهائي منهنجي دلي تمنا آهي ته هڪ ڀيرو آءٌ پنهنجن سان گڏجي خوشيون ڪريان.

نرتڪي:       خوشيون! (کلي) توکي مبارڪ هجن تنهنجون خوشيون. ديوتا توهان ٻنهي جو پيار سلامت رکن! منهنجي دل مان تولاءِ فقط هي دعائون نڪري سگهن ٿيون.

چندر:  تون پيار ۽ پريت جي ديوي آهين نرتڪي!

نرتڪي:       (کلي) اها ديوي، جنهن جي مٿي تي ڪنڊن جو تاج آهي! ...... خير چندر آءٌ وڃان ٿي.

شهريار:        ] فيڊ اِن[ ته نرتڪي پنهنجي پيار جي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو! هوءَ هنن ٻن محبت ڪندڙ معصومن کي سهي نه سگهي.

] موسيقي[

....     ....                     ....

]بازار جو تاثر[

جوتشي:       دل جي چئي تي هلي، سچ جو گس ڇڏڻ به مناسب نه آهي. اچو، دلين جا حال، ستارن جي رفتار ... آءٌ توهان کي ٻڌايان، حياتي ڪيئن ٿي وک وڌائي!.... اڄ خوشيون ملهايو، جو اُتر کان وري ڪارونڀار ڪڪر اُڀريو آهي... هن لشڪر مان ڪوبه باقي نه بچندو!

نرتڪي:       (پريشانيءَ وچان) هن جوتشيءَ ته مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي!

جوتشي:       (پريان) ڊڄڻ جي گهڙي نه آهي. اڄ وقت آهي. اڃان مهل آهي. تير ڇٽو ڪونهي، تير ڇٽڻ کان اڳ تون زندگيءَ جي راهه اختياري ڪري سگهين ٿي!

]موسيقي[

نرتڪي:       (ٿڌو ساهه ڀري) آءٌ ڪهڙي امتحان ۾ اچي ڦاٿي آهيان!..... اڃان تائين منهنجي دل ۾ چند رجي محبت ڇو آهي؟ هن ته منهنجي محبت عدولي آهي_ منهنجي محبت، جنهن لاءِ هتي جا هزارين حسنوَند حيران آهن..... پر آءٌ ايتري لاچار ڇو آهيان؟ ... مون زندگيءَ جا ڪيترا سال مرد سان نفرت ڪئي آهي، پر هن جي وجود منهنجي ڪايا بدلي ڇڏي. مون سوچيو هو ته آءٌ هن جي محبت ۾ آسمان ۾ چمڪندڙ ستارو ٿينديس. پر هن مون کي واپس انهن ئي گهراين ۾ اُڇلايو، جتي نفرت ۽ ڪروڌ جا اونداها غار آهن! .... آءٌ هن لاءِ ڇا ڪنديس؟.... (سڏڪا ڀري ٿي).

شهريار:        ]فيڊ اِن[ ويچاري نرتڪي! حياتيءَ جو متاع، دل جي دولت هارائي، پاڻ کي نفرت ۽ ڪروڌ جي هنج ۾ کڻي ڇڏيو اٿس.

        ] سڏڪا اُڀرن ٿا. موسيقي جي لهر ۽ بازار جو تاثر[

جوتشي:       ستارن جي گردش ٻڌائي ٿي ته اها گهڙي اچي ويئي، جنهن جو خوف دلين تي قبضو ڪري ويو آهي. شينهن پنهنجي چُر مان نڪري ميدان تي اچڻ وارو آهي! ڪير ڪنهن جو رفيق ۽ ساٿي نه رهندو، سڀ هليا ويندا.... چؤطرف ماٺ هوندي_ مايوسي_ خاموشي، تاريڪي! (ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو). حياتي ۽ موت جي ڇڪتاڻ .... ڪير ايندو، ڪير ويندو؟...... ڪو ڦٽائيندو، ڪو ٺاهيندو! (کلي) اچ، شوڀا راڻي، اچ!

شوڀا:  جوتشي مهاراج، ديوتائن جي توتي سلامتي سدائين قائم رهي!

جوتشي:       تنهنجي دل ۾ آنڌ مانڌ ڇو آهي راڻي؟

شوڀا:  جوتشي مهاراج، منهنجي دل ڪنهن اڻڄاڻ خطري کان پيئي ڏڪي! ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

جوتشي:       تنهنجي دل ڏاڍي نرم ۽ نازڪ آهي، شوڀا راڻي!

شوڀا:  بابا، هن اڄ ئي پروهت جي مقابلي جو فيصلو ڪيو آهي..... منهنجي دل چئي ٿي ته ڪٿي سچ جي واٽ ۾ ٻاريل ڏياٽي اُجهامي نه وڃي!

جوتشي:       راڻي، روشني هميشه روشن رهندي. دنيا ۾ هر شيءِ لاءِ هڪ گهڙي، هڪ ساعت مقرر ٿيل آهي. ڪابه ڳالهه پنهنجي مقرر ٿيل وقت کان اڳي ظاهر نه ٿيندي.

شوڀا:  مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو، جوتشي بابا!

جوتشي:       (نهايت افسردگيءَ سان کلندي) راڻي، اڃان زندگيءَ جون ڪي گهڙيون باقي آهن. تون کلندڙ ۽ ٽڙندڙ مکڙي آهين. تون اهو نه ويچار ته اڳتي ڇا ٿيندو، ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي.

شوڀا:  منهنجي دل ۾ هڪ اڻڄاتو ڊپ آهي. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته وقت تمام جلدي منهنجا ۽ چندر جا ناتا ٽوڙي ڇڏيندو!

جوتشي:       (پراسرار لهجي ۾) نيٺ ته هڪ ڏينهن ائين به ٿيندو.... زندگيءَ جو ڪچي سٽ جهڙو ڌاڳو ٿوريءَ ڇڪ سان ڇڄي پوندو. اهي پسڻ ڪنهن کي اڳ پون، ڪنهن کي پوءِ.....

شوڀا:  مون ٻڌو آهي ته جوتشي بابا، ته اڄ ديوتا ٻليدان گهرندا.

جوتشي:       (کلي) ٻليدان! اها به شطرنج جي بازي آهي، شوڀا راڻي! بادشاهه جي آڏو پيادا پيا اچن.... پيادا ائين پيا وڌن جو بادشاه کي شهه اچڻ جو امڪان آهي. اها به هڪ بازي آهي_ ڪير ڄاڻي، ڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو؟...... (يڪدم لهجو بدلائي) تون وڃ!.... تنهنجي عمر اها نه آهي جو ڳڻتيون ڪرين. تولاءِ وک وک تي خوشيون آهن. هرڪو پنهنجي ڏوهه ثواب جو پاڻ ذميوار آهي.

شوڀا:  (آهستي آهستي مائڪرو فون کان پري ٿيندي) ڪير ڄاڻي ته هاڻي ڇا ٿيندو؟..... ڇا ٿيندو!

        ]ماڻهن جو گوڙ شوڀا جي آواز تي غالب ٿيندو وڃي، ڄڻ ته شوڀا ماڻهن جي انبوه ۾ گم ٿي ويئي[

شهريار:        (فيڊ اِن) عجيب ڪردار آهي هن جوتشيءَ جو! سڀڪجه ڄاڻندي به خاموش آهي. سڀ وقت ۽ حالت تي ڇڏي ڏنو اٿس. هو خود پاڻ ڇو نٿو ڳالهيون ظاهر ڪري؟

]فيڊ آئوٽ[

جوتشي:       ]فيڊ اِن[ وقت هر ناسور جو مرهم آهي. آءٌ ڇا ڪندس؟ هو ڇا ڪندا؟ سچ ۾ زهر آهي.... جنهن سچ جو زهر پيتو، سو امر ٿي ويو!

]ماڻهن جو گوڙ اُڀري ٿو[

        راڄ_ نرتڪي!  هي زرق برق لباس... مٿي تي شاهي مڪٽ.... قدمن ۾ شان، پر دل ۾ درد، من ۾ مونجهه...... فيصلي جي گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي. تو اڃان تائين فيصلو نه ڪيو؟

نرتڪي:       (ڪاوڙجي) ڇا جو فيصلو؟ ڪنهن جو فيصلو؟

جوتشي:       وهلور نه ٿي. اڄ ته اقرار ۽ قبوليت جو ڏينهن آهي. توکي وسري ويو ته مون توکي سچ جي راه ڏسي هئي! پر تو دل جي چئي تي عقل ۽ سچ جي رسي ڇڏي ڏني آهي.... تو امر حياتيءَ جي راه ڇڏي، تاريڪي ۽ موت جو گس ورتو آهي! اچ آءٌ توکي ٻڌايان_

نرتڪي:       (ڪاڙوجي) مون کي ڪجهه به نه ٻڌاءِ، آءٌ سڀڪجهه ڄاڻان ٿي.

جوتشي:       تون ڪجهه به نٿي ڄاڻين، نرتڪي! ديوتائن توکي فيصلي ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي. سچ ۾ جيتوڻيڪ ڪنڊا آهن، پر انهن ڪنڊن جا زخم گل بنجي ويندا آهن. هيءَ ساعت، هي گهڙي وري نه ايندي. نرتڪي! فيصلي جو وقت اچي ويو آهي!

نرتڪي:       (ويندي) تو مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي جوتشي! آءٌ هي فيصلو ئي نٿي ڪري سگهان ته ڇا ڪريان؟

]فيڊ آئوٽ[

جوتشي:       (ٽهڪ ڏيئي) آءٌ رستي جو وچ وٺيو ويٺو آهيان. انهيءَ ڪري ته پوريل اکيون پٺيان، جيڪي ستا پيا آهن، انهن کي سجاڳ ڪريان.... حياتيءَ جي هر گذرندڙ گهڙي زندگيءَ جي گهڙي کٽائي ٿي. نيڪي ۽ بديءَ ڏانهن آءٌ هر وقت اشارا ڪندو رهندس!.... (ٿڌو ساهه ڀري) ويچارو نوجوان چندر!

چندر:  ]فيڊ اِن[ جوتشي بابا!

جوتشي:       اچ، چندر! اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جو مون کي ويهن سالن کان انتظار هو. انهيءَ ئي ڏينهن لاءِ مون توکي پاليو ۽ جوان ڪيو هو ته تون سچ جي راه وٺندين، ۽ پروهت کان .... ها، پروهت کان پنهنجو حق حاصل ڪندين!.... تو پنهنجي سر جو سانگو لاهي موت جي ميدان ۾ ٽپو ڏنو آهي. اهائي تنهنجي فتح آهي. پر .... پر_

چندر:  جوتشي بابا! توهين ماٺ ڇو ٿي ويا؟ چئو، اهو ڪهڙو ڊپ آهي، جنهن توهان کي ماٺ ڪرايو آهي؟

جوتشي:       چندر، منهنجيون اکيون باه ۽ رت پيون ڏسن! اتر کان اڄ ڪارونڀار ڪڪر اُڀريو آهي، جنهن ۾ انسان جي گوشت جي سڙڻ جي بوءِ آهي. ڳجهن جون دانهون آهن! .... اڄ وري رت جو مينهن وسندو!....

چندر:  بابا، هي توهين ڇا پيا چئو؟

جوتشي:       اها ڳالهيون تنهنجي لاءِ نيون آهن، پر ديوتائن جي مرضي اهائي آهي. آءٌ هاڻي اهو ٿو ويچاريان ته اڄ تون جيڪر هتي نه هجين ها.... ديوتا اسان کان ڪهڙا امتحان وٺڻ ٿا چاهين! وڃ .... وڃ ... تنهنجي جاءِ هيءَ ڪانهي. تون پنهنجي مقرر ٿيل جاءِ تي وڃ.

چندر:  جوتشي بابا! مون کي سنئين واٽ ڏسيو!

جوتشي:       تنهنجي واٽ، سچائيءَ جي واٽ آهي! تون پنهنجي گس تي هلندو رهه ... وڃ!

....     .....                    .....

]ماڻهن جو گوڙ اُڀري ٿو

        پروهت جي سواريءَ جو اچڻ. دهل ۽ نغيريون. ’پري ٿيو! ’هٽو! پروهت جي سواريءَ جا آواز[

جوتشي:       ها! هي سواري اسان جي پروهت جي آهي، جنهن جي زندگيءَ جو مول متو پوڄا ڪرڻ هو. پر ديوتائن جي خوشيءَ سان گڏوگڏ هن هتي جي هرڪا شيءِ حاصل ڪئي.

پروهت: هي ڪير آهي؟

ملازم: هي ڪو جوتشي آهي، پورهت مهاراج!

پروهت: (ڇرڪ ڀري) جوتشي!..... اوه، ته هي سڀ هتي اچي گڏ ٿيا آهن! ديوتائن جو قسم، آءٌ هنن مان هڪ کي به جيئرو نه ڇڏيندس!

جوتشي:       ]فيڊ اِن[  ڪير جيئرو رهندو؟ ڪير بچندو؟ ..... رت جي مينهن ۽ سڙيل گوشت جي بوءِ ۾ ڪير بچندو؟...... سڀ فنا آهي، هر شيءَ جو انت اچي ويندو!

پروهت: (پريشانيءَ وچان) هتان جلد هلو! تيز هلو!

جوتشي:       (پريان) ها، ڀڄڻ جي ويل اچي ويئي آهي! سڀني کي پنهنجو پنهنجو پلؤ ڇڏائڻو پوندو.

شهريار:        ]فيڊ اِن[  مون کي به تلاءُ ڏي وڃڻ گهرجي. هاڻي ته سڄي بازاري اتي آهي.

]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو. موسيقي[

پروهت: اچ. راڄ_ نرتڪي! ديوتائن کي خوش ڪري، کانئن اسان جي سلامتي ۽ سَرهائي لاءِ ٻليدان جو حڪم حاصل ڪر.

        ]ماڻهن جو گوڙ، نرتڪي جي نچڻ جو تاثر. ناچ فيڊ آئوٽ[

پروهت: راڃ_ نرتڪي! راڄڌانيءَ جي رهواسين کي ٻڌاءِ ته ديوتا ڪنهن جو ٻليدان ٿا گهرن!

جوتشي:       (ايندي) هرڪو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي. هيءَ دنيا نيڪيءَ ۽ بديءَ جو ميدان آهي. انهي ميدان جا سوين گس ۽ پنڌ آهن. اوهان ڇا ڪيو آهي؟_ ٻڌاءِ، نرتڪي راڻي! تنهنجي سيني ۾ پيار ڪندڙ ۽ معصوم دل آهي.... سچ جو ساٿ نه ڇڏ!

پروهت: اهو گستاخ ڪير آهي؟

جوتشي:       آءٌ ڪير آهيان؟ توکي انهيءَ جي ڄاڻ آهي. پروهت! وقت اڃان به هٿان نه ويو آهي قبول ڪر! سدائين جيئرو نه رهندين! ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿيندو، انهيءَ جي توکي ڄاڻ نه آهي.

پروهت: (ڪاوڙ ۾) اجايون ڳالهيون نه ڪر، پوڙها! هيءَ ديوتائن جي گهڙي آهي. هو اسان ڏانهن پيا نهارين..... ٻڌاءِ، نرتڪي، ديوتائن توکي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟

نرتڪي:       ديوتائن مون کي هي مانَ ۽ مرتبو فقط انهيءَ لاءِ ڏنو آهي ته آءٌ سچ ڳالهيان.

پروهت: جلدي ٻڌاءِ! ٻليدان جي گهڙي گذرڻ کان پوءِ اسان جي قرباني اجائي ٿيندي.

جوتشي:       توهان سڀني جا دماغ ڦري ويا آهن. توهان مان ڪير نٿو سمجهي.... ڪوڙ ڳالهائيندڙن جي مٿان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌل ڪهاڙو پيو لڙڪي! ڌاڳي تي ڪهڙو ڀروسو؟ ڪنهن به وقت ٽٽي پوندو! .... چئه، نرتڪي، چئه!

نرتڪي:       بيل ديوتا جا پوڄاريو! ڪن لائي ٻڌو ته ڏوهاري ڪير آهي... ۽ ان جو ڏوهه ڪهڙو آهي!

جوتشي:       نرتڪي! ...... سچ سدائين جيئرو رهندو! روشني وارو گس امر حياتي بخشيندڙ آهي!

نرتڪي:       (پاڻمرادو) اوندهه ۽ روشنيءَ جو هڪ ٻئي ۾ ڪهڙو لاڳاپو ٿي سگهي ٿو؟ ... چندر، آءٌ توکي وساري نٿي سگهان! منهنجيءَ دل ۾ اڃان به تولاءِ پيار آهي.... تنهنجي زندگي هينئر منهنجن ٻن ٻولن جي وس آهي... آءٌ، آءٌ فيصلو نٿي ڪري سگهان!

پروهت: (يڪدم) ڏوهاري توهان جي آڏو آهي.... نرتڪيءَ انهيءَ جو نالو_ ’چندر‘ ٻڌايو آهي!

شوڀا:  (رڙيون ڪندي) نه نه، اهو نٿو ٿي سگهي! ديوتائن چندر جي قرباني ڪانه گهري آهي!

پروهت: (ڪاوڙ ۾) هيءَ ڪير پاڳل ڇوڪري آهي، جيڪا ديوتائن جي مرضيءَ کي صحيح نٿي سمجهي؟

شوڀا:  آءٌ .... آءٌ شوڀا آهيان. راڄڌانيءَ جا رهواسيو! هي سڀ مانڊيءَ جو منڊ آهي. چندر جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. توهان کي ديوتائن جو قسم، چندر کي بچايو! چندر ئي هن راڄڌانيءَ جي زندگي آهي!.... تون ئي چئه، نرتڪي! تون ئي ٻڌاءِ ته چندر کي ديوتائن ٻليدان لاءِ ڪونه چونڊيو آهي!

پروهت: (ڪاوڙ ۾) هن ڇوڪريءَ جو دماغ ٿي خراب ويو آهي!

شوڀا:  چئه، نرتڪي! تنهنجن چپن تي سچارن واري مرڪ آهي... چئه!

نرتڪي:       (نهايت اطمينان سان) ديوتائن جو حڪم هيءُ آهي..... ته پروهت جو ٻليدان ڏنو وڃي!

]ماڻهن جو گوڙ ”پروهت جو ٻليدان“[

پروهت: چپ ڪر، نرتڪي! تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين!

نرتڪي:       ديوتائن جو قسم، ديوتائن مون کي اهوئي چيو آهي!.... آءٌ سچ ڳالهائيندي خوشي پئي محسوس ڪريان. منهنجي سيني تي سوين مڻ بار هو، سو لهي ويو! راڄڌانيءَ جا رهواسيو! پروهت، مها پروهت جو قاتل آهي!

]گوڙ وڌي ٿو[

پروهت: ڪوڙي! دغاباز! تو ديوتائن جي مرضيءَ جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي! توکي انهي جي سزا ملندي!.... (رڙ ڪري) قتل ڪريو انهيءَ ڪوڙيءَ کي!

جوتشي:       نرتڪي ڪوڙي نه آهي_ تنهنجي پيشانيءَ تي ڪوڙ ۽ مڪر جو چٽو نشان آهي!

پروهت: اوه _ ڪوبه منهنجو حڪم نٿو مڃي! .... آءٌ پروهت آهيان! قتل ڪريو هنن مڪارن کي، ڪوڙن کي

]جوتشيءَ جو ٽهڪ اُڀري ٿو[

جوتشي:       (افسردگيءَ سان) بس، اها گهڙي اچي ويئي.... ديوتائن اسان تي پنهنجو قهر نازل ڪيو!

        ]ماڻهن جو گوڙ_ ’حملو! اڇن وهٽن تي سوار لشڪر شهر ڏي ڌوڪيندو پيو اچي!‘ جا آواز[

نرتڪي:       (افسردگيءَ وچان) اڇن وهٽن تي سوار لشڪر، اڄ ئي راڄڌانيءَ تي حملو ڪيو!..... اڄ ئي ڏک کي سڪون مليو ۽ ڦرجي ويو! ڪيڏو نه عجيب سلسلو آهي.... هڪ ڪوٽ کي ڊاٺوسين، ته ٻيو انهيءَ کان سخت قلعو قائم ٿي ويو!

آواز:    پروهت مهاراج! ڀڄو، ساه بچايو! حملو ڏاڍو سخت آهي!

پروهت: اوه، هن پاسي ڀڄو! هن پاسي ڀڄو!

جوتشي:       ها، انهي پاسي ئي ڀڄ، پروهت!..... تنهنجو انت انهيءَ پاسي آهي! ۽ تون، چندر، هن پاسي وڃ.... انهيءَ پاسي حياتي آهي، زندگي آهي!

چندر:  نرتڪي! هل، هتي حياتيءَ جو خطرو آهي. تنهنجي جان نهايت قيمتي آهي، هتان نڪري هل!

نرتڪي:       چندر مهاراج وڃ، تون پنهنجي حياتي بچاءِ. آءٌ پنهنجي خون سان هن سرزمين تي هڪ نئون ٻج ڇٽينديس_ جنهن مان زندگيءَ ۽ سچ جو سلو ڦٽندو، جيڪو سدائين قائم رهندو!... وڃ، تون وڃ!

        ]گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ. جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

نرتڪي:       ديوتائن کي اهوئي منظور هو (سُڏڪندي) سڀڪجهه تباه ٿي ويو!_ منهنجو شهر، منهنجي زندگي، منهنجي محبت! هاڻي جيئڻ ڪهڙو؟ وڃ، چندر، پنهنجي محبت سميت ڪنهن پاسي هليو وڃ... ۽ ڪنهن ڏينهن وري اچي هن اُجڙيل شهر کي آباد ڪج. تون ئي هن شهر جي زندگي ٿي سگهين ٿو!

شوڀا:  پر، نرتڪي،... تون؟

نرتڪي:       آءٌ هنن ئي ڪکن ۾ پلي آهيان ۽ هتي ئي ديوتائن جي قدمن ۾ ساهه ڏينديس. راڻي، منهنجي اهائي خواهش آهي، اهائي آخري تمنا آهي!

جوتشي:       (پراسرار لهجو) هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو؟..... چندر! تون شوڀا کي وٺي هتان نڪري وڃ_ اهو تولاءِ منهنجو آخري حڪم آهي... زندگيءَ لاءِ جدوجهد جاري رکجان! هڪ ڏينهن توکي هتي وري اچڻو آهي، حملي آور جيستائين هتي اچن، انهيءَ کان اڳ تون هتان هليو وڃ.... آءٌ تنهنجو وري به هتي ئي انتظار ڪندو رهندس!

چندر:  پر، جوتشي بابا، حملو نهايت سخت آهي. متان....

نرتڪي:       (کلندي) هيءُ جوتشي ڪڏهن ڪونه مرندو_ هي سدائين جيئرو رهندو!

جوتشي:       بيشڪ، آءٌ ڪڏهن به نه مرندس! آءٌ سدائين هن راڄڌاني جو محافظ رهيو آهيان. وسندڙ شهر هجي يا اُجڙيل ۽ ويران کنڊر. آءٌ هيءَ سرزمين ڇڏي نٿو سگهان!.... ۽ نرتڪي، تون؟

نرتڪي:       آءٌ به ڪيڏانهن ڪانه وينديس..... آءٌ ته هتي ئي موت سان ملاقات ڪنديس!

جوتشي:       تو زندگيءَ جي راه ورتي آهي!

]گوڙ ۽ جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

شهريار:        ]فيڊان[ (ڊڄندي) هي سڀڪجهه ڇا پئو ٿئي؟..... هي ڪير حملو ڪندڙ آهن؟ سڄو شهر باه ۾ وڪوڙجي ويو آهي!.... تباهي، موت! .... مون کي هتان ڀڄڻ گهرجي.

جوتشي:       (پريان) سڀڪجهه تباه ٿي ويو. سڄو مانڊاڻ ختم ٿي ويو. پر آءٌ جيئرو آهيان ۽ جيئرو رهندس مون کي ڪير به ماري نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته آءٌ ئي هن راڄڌانيءَ جو مالڪ آهيان. آءٌ جيئرو آهيان ته شهر جيئرو آهي!

(ٽهڪ ڏئي ٿو).

]آهستي آهستي جنگ جو تاثر گهٽجي ٿو[

....     ...              ...      ..      ....    

شهريار:        ]فيڊان[ (سهڪندي) سلو!..... سلو!.... سلو، ڇو سرڪار! خير ته آهي، اوهين پگهريا آهيو!

شهريار:        هڪ گهڙيءَ ۾ سڀڪجهه تباه ٿي ويو!.... اڇن گهوڙن تي سوار سپاهي، ظلم سان شهر پيا ڦٽائين ۽ تباه ڪن!... جوتشي .... جوتشيءَ جي ڳالهه سچي نڪتي!

سلو:   سرڪار، هوش ۾ اچو! اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي!... ڪٿان آيا هتي ماڻهو!.... ڪٿي آهي هتي شهر! هتي ته رڳو ويران ۽ اُجڙيل ڀڙا آهن، ۽ اسان جو ننڍڙو تنبو!

شهريار:        جوتشي! _ اهو اڃان جيئرو آهي_ ڀڙن ۽ کنڊرن جو محافظ! ڪاڪا سلو، تو هتي ڪو پيرسن شخص هلندي ڏٺو آهي؟

سلو:   پيرسن شخص! (کلي) سرڪار، ستن ڏينهن ۾ توهان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي شڪل به ڪانه ڏٺي اٿم.

شهريار:        سلو ڪاڪا، جوتشي واقعي اڃان جيئرو آهي! هو ڪڏهن به نه مرندو، هو سدائين جيئرو رهندو.....! ها، جوتشي اهوئي پوڙهو آهي، جنهن مونکي روڪيو هو! جوتشي ۽ پوڙهو صدين کان هنن ڀڙن جو محافظ آهي.

سلو:   خدايا سرڪإر کي ڇا ٿي ويو آهي!

شهريار:        تون، سلو، سامان سڙو ٻڌڻ شروع ڪري ڏي. پاڻ سڀاڻي هتان واپس هلنداسين.

شهريار:        ها، سلو، مون کي جيڪي ڪي گهربو هو سو ملي ويو!... مون هتي جيڪي ڏٺو آهي، سو سدائين ياد رهندو. پاڻ هاڻي اڳتي هلنداسين.

]پڄاڻيءَ جي موسيقي[

_

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com