سک جي وستي
ڪردار:
خيرالدين: چالاڪ ۽ لالچي پوڙهو، سراءِ جو مالڪ، عمر 54 سال
زيبو: سهڻي شڪل صورت، ڪاوڙيل، چيڙاڪ ۽ چالاڪ، عمر 26 سال.
نسرين: سهڻي، منهن ۾ سٻاجهائي، عمر 20 سال.
ابراهيم: سنهو سڪو. هڙٻاٽيون نڪتل، مڇون وٽيل، پوليس جو
جمعدار.خيرالدين جو ڀاءُ، عمر 50 سال
پنهون: سهڻي شڪل صورت، منهن ۾ زخمن جا نشان، عمر 28 سال.
نوري: سلهه جي مريض، جلال جي زال، عمر 30 سال.
جلال: کهرو، ڪاوڙيل واڍو، عمر 40 سال.
قاسم: ڀڳل ۽ ڏنگي چٻي عينڪ پاتل، ٽوپيون ٺاهڻ وارو، عمر 45 سال.
نواب: منهن ۾ نرمي، سڃو رئيس، ٻين جي ٽڪرن تي پلجڻ وارو، عمر 33
سال.
گلاب: ناڪام ايڪٽر، نرم دل، عمر 40 سال.
سيلاني: پر اُميد پوڙهو، عمر 60 سال.
(مئڪسيم گورڪيءَ جي ڊرامي تان ورتل)
سک جي وستي
ڏيک پهريون
(سراءِ جي وڏي، ويڪري، اَڌ اونداهي ڪوٺي، جنهن جي ڇت ۽ ڀتيون
دونهاٽيل آهن ۽ ڀتين جو پلستر هنڌ هنڌ تان لٿل
آهي. کاٻي پاسي واريءَ ڀت ۾ ڇت وٽ، چوڪنڊو روشندان
آهي جنهن مان روشني ٿي اچي. کاٻيءَ ڀت ۾ در آهي
جنهن تي ٽپڙي ٽنگي ان کي پنهون لاءِ ڪمرو بنايو
ويو آهي، در جي ڀرسان صندل رکيل آهي، صندل تي قاسم
ويٺو آهي ۽ ٽوپيءَ کي ٽوپا ٿو ڏي، هن جي آسپاس ٻه
چار اڻ سبيل ٽوپيون، قئنچي ۽ ٽوپي جو ٻيو سامان
رکيل آهي. ساڄي پاسي واريءَ ڀت ۾ بورچيخاني جو در
آهي، جنهن ۾ طاق ڪونهن. بورچيخاني جي در جي ڀرسان
کٽ رکيل آهي. کٽ جي مٿان، ٻن ڀتين ۾ ڪليون هڻي،
رسي ٻڌي، رسيءَ مٿان چادر لڙڪائي، ننڍڙي ڪوٺڙي
ٺاهي وئي آهي. کٽ جي پيراندي چادر مان نظر ٿي اچي
۽ کٽ تي ستل نوريءَ جا پير ٿا ڏسجن. قاسم جي صندل
جي ڀرسان جلال ويٺو آهي. هن جي چوڌاري گهڙيل ۽ اڻ
گهڙيل ڪاٺين جا ٽڪرا ۽ واڍڪا اوزار رکيا آهن. هو
ماٺ ڪيو ڪاٺيءَ کي رندو ٿو هڻي ۽ ڪنهن ڏانهن ڌيان
نٿو ڏي. ڪوٺيءَ جي وچ ۾ گلاب ستل آهي. بورچيخاني
جي اورئين پاسي ٽپائيءَ تي گاسليٽ جو چلهو ٿو ٻري
۽ جنت تئيءَ ۾ پڪوڙا ٿي تري. نواب، جنت جي ڀر ۾
بيٺل آهي ۽ بيسڻ ۾ مصالحا ٿو ملائي.)
نواب: اڄ ابراهيم سان ڪهڙيون خلاصيون ڳالهيون ٿي ڪيئي.
جنت: ان مئي ماري سان ڳالهيون وري ڪهڙيون ڪندس. مئي کي نه شرم
نه حياءُ. چيائين ٿي مون سان شادي ڪر.
نواب: (اتساهه سان) پوءِ تو ڇا چيس؟
جنت: چيومانس، مئا شرم ڪر، منهنجي عمر آ شادي ڪرڻ جي.
قاسم: (ٽوپيءَ کي ٽوپو ڏيندي) تنهنجي عمر ڪا وڏي ته ڪانهي.
جلال: (ڪاٺيءَ کي رندو هڻندي) هڏ ڪاٺ مان ته جوان ٿي لڳين.
جنت: (منهنجي عمر ڪا ايڏي وڏي ته ڪانهي، پر شادي نه ڪنديس.
چيومانس: قارون جو خزانو آڻي منهنجي پيرن ۾ رکين
ته به شادي نه ڪيان.
نواب: ڇو ڀلا، شاديءَ کان ايڏو بيزار ڇو آهين؟
جنت: جن شاديون ڪيون آهن تن کان پڇ ته شادي ڇا آهي، زال ذات
لاءِ جيئرو دوزخ آهي.
جلال: شادي ڪندينءَ ۽ ڪندينءَ به ابراهيم سان.
جنت: اڙي تون ته ماٺ ڪر، تو ته نوريءَ کي وڏا سک ڏنا آهن.
ويچاريءَ کي عذاب ڏيئي قبر جي ڪنڌيءَ تي پهچايو
اٿيئي. مان به شادي ڪريان ۽ مئي ابراهيم هٿان
مارون کائي قبر داخل ٿيان. ابراهيم ته جمعدار آهي،
پر جي لاٽ هجي ته به شادي نه ڪريانس.
نواب: بيشڪ.
(جلال رندو رکي اٿي ٿو ۽ بورچيخاني جي ڀرسان فرش تي ستل ايڪٽر
کي جاڳائي ٿو)
جلال: گلاب، او گلاب!
گلاب: ڇا آهي؟ ڇو کڻي ننڊ ڦٽائي اٿيئي.
جلال: اٿ صفائي ڪر.
گلاب: (ننڊ مان اٿي ويهي ٿو ۽ اکيون مهٽي اوٻاسي ڏي ٿو)
اڄ صفائيءَ جو وارو منهنجو نه آهي. نواب جو آهي.
نواب: اڄ مان صفائي نه ڪندس. مان جنت سان پڪوڙا وڪڻڻ ويندس.
گلاب: تون صفائي نه ڪندين. باقي اسين تنهنجا نوڪر آهيون جو
تنهنجي واري جي صفائي به اسين ڪريون.
نواب: اڙي ڪڏهن ته اسان تو جهڙن کي نوڪر به نه رکندا هئاسين،
هاڻي غريب ٿي ويا آهيون ته بس.
گلاب: تو جهڙا سڃا نواب ٽڪي ٽيهه ٿا وڪامن. وڏو آيو آهي نواب جو
پٽ.
نواب: اڙي شجري وارا آهيون. شاهي خاندان جا آهيون، احمد شاهه
ابدالي جون سندون آهن.
نوري: (چادر جو پردو هٽائي کٽ تي اٿي ويهي ٿي) ڪيڏو نه کڻي گوڙ
لاتو اٿو.
جلال: تو به ٽريڪو شروع ڪيو. ماٺ ڪري سمهي رهه.
نوري: (کنگهندي) اوهين ته مون کي سک سان مرڻ به نه ڏيندؤ.
جلال: عزرائيل کي اچڻو هوندو ته پاڻهي ايندو، گوڙ ٻڌي ڀڄي نه
ويندو.
جنت: ڇو ٿو ويچاريءَ کي ڏاڙهين، ڏسي نٿو ته ويچاري اڄ سڀاڻ تي
آهي.
جلال: مري ته جند ڇٽي.
جنت: (نوريءَ جي ويجهو اچي) ڌيءُ تو ههڙي ڏائڻ سان حياتي ڪيئن
گذاري.
نوري: (بيزاريءَ مان) مون کي ڇڏيو. مون کي منهنجي حال تي ڇڏيو.
جنت: دل ماندي نه ڪر. ڌڻي تندرستي ڏيندئي، نواب.
نواب: جيءُ.........
جنت: ٻه ٽي پڪوڙا ته کڻي آءُ.
(نواب ڪاغذ ۾ پڪوڙا کڻي جنت ڏانهن وڃي ٿو)
جنت: اچي ڌيءُ، ڪوسا ڪوسا پڪوڙا کاءُ.
نوري: مان پڪوڙا کائي ڇا ڪنديس.
جنت: ڏاڍا چهرا ٺاهيان اٿم. ڪوسا ڪوسا ڀُرڪڻا.
نواب: جنت، هل ته بازار هلون، دير ٿي ٿئي.
جنت: هلون ٿا. ڌيءُ پڪوڙا هتي رکي ٿي وڃانءِ. پوءِ کائجانءِ.
(کٽ تان اٿي ٿي) نواب صاحب کڻ ڇٻو ته هلون.
نواب: (ڇٻو کڻندي چنگهي ٿو) مان ته ڇٻو به کڻي نٿو سگهان.
گلاب: شاهي خاندان مان آهين، تو کان ڇٻا ڪيئن کڄندا.
نواب: اڙي انهيءَ ۾ ڪوڙ آهي ڇا، آهيون به نواب.
جنت: هاڻي هل نواب صاحب، دير ٿي ٿئي.
(نواب ۽ جنت وڃن ٿا، گلاب به ٻاهر نڪري وڃي ٿو.)
نوري: جلال!
جلال: ڇا آهي؟
نوري: اچي، هي پڪوڙا تون کاءُ.
جلال: تون ڇو نٿي کائين.
نوري: مان کائي ڇا ڪنديس. تون سارو ڏينهن ڪم ٿو ڪرين تون کاءُ.
جلال: (اُٿي هن جي ڀرسان کٽ جي پاٽي تي ويهي ٿو) نوري، ڌڻي ڪندو
تون تندرست ٿيندين، چڱي ڀلي ٿيندين.
نوري: هاڻي ڇا ٺيڪ ٿيندس. هاڻي ته ٻه ٽي پساهه بچيا آهن، اُهي
به پورا ٿيڻ وارا آهن.
گلاب: (اندر ايندي) مان ٻهاري نه ڏيندس. مون کي ڊاڪٽر جهليو
آهي. ڊاڪٽر چيو ته منهنجي نسن ۾ شراب جو زهر ڀرجي
ويو آهي.
قاسم: نسن ۾ يا دماغ ۾.
گلاب: بڪ نه ڪر.
جلال: (کٽ تان اٿندي بيزاريءَ مان) اجايا لفظ! بي معنيٰ
ڳالهيون، مان ته اجايا ۽ بي معنيٰ لفظ ٻڌي ٻڌي
بيزار ٿي پيو آهيان.
گلاب: لفظ! مون کي، خون جو بدلو خون، ڊرامي جو ڊائلاگ ٿو ياد
اچي، لفظ! لفظ! لفظّ! ڇا ته ڊرامو هو. مون ان
ڊرامي ۾ قبر کوٽڻ واري جو پارٽ ڪيو هو.
جلال: هاڻي ٻهاري کڻ ۽ پنهنجو اصلي پارٽ ادا ڪر.
گلاب: (جلال جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري) ان ڊرامي جو هڪڙو ڊائلاگ مون
کي اڃا توڻي ياد آهي، او منهنجي اوفليا! منهنجي
حور! دعائون گهرڻ مهل منهنجا گناهه ياد ڪجانءِ.؛
(نوريءَ تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. جلال هن ڏانهن نهاري ٿو. قاسم
جي منهن مان بيزاري ٿي بکي. گلاب جي منهن مان
همدري ٿي ظاهر ٿئي. جلال نوريءَ تان نظرون هٽائي
پنهنجي ڪم کي لڳي وڃي ٿو. گلاب ننڍيون ننڍيون وکون
کڻندو نوري ڏانهن وڃي ٿو)
گلاب: ادي، اڄ ته ڏاڍي کنگهه ٿي ٿيئي.
نوري: ساهه ٿو ٻوساٽجي.
گلاب: ادي هل، ٻاهر وائک ۾ هلي ويهه، وائک ۾ ساهه کڻندينءَ ته
آرام ايندئي.
نوري: آرام ته هاڻي قبر ۾ ايندو.
گلاب: ڌڻي حياتي ڏيندئي ڀيڻ، هل ٻاهر وائک ۾ هلي ويهه.
(گلاب نوريءَ کي سهارو ڏيئي اٿاري ٿو ۽ کيس ٻاهر وٺي وڃي ٿو.
نوري چنگهندي، کنگهندي گلاب جي سهاري سان هلندي
ٻاهر وڃي ٿي. جلال هنن ٻنهي کي ويندو ڏسندو رهي
ٿو.)
گلاب: ادي، خيال سان وک کڻجانءِ، مان پاڻ بيمار آهيان، منهنجي
نس نس ۾ شراب جو زهر...... (اوچتو هن جي نظر
خيرالدين تي پوي ٿي ۽ هو جملو اڻپورو ڇڏي ٿو.
خيرالدين عينڪ کي نڪ جي چهنب تي رکي، عينڪ جي مٿان
هنن کي ڏسي ٿو.)
خيرالدين: (ڇرڪي پري ٿئي ٿو) ڪهڙو نه زمانو آهي، ٻڪري ۽ شينهن
هڪ ئي تلاءَ تي پاڻي ٿا پيئن!
(جلال هن کي ڏسي تکو تکو رندو هڻڻ لڳي ٿو.)
(خيرالدين ساڄيءَ ديوار جي در تي ٽنگيل ٽپڙي ڏانهن نهاري ٿو ۽
ٽپڙيءَ جي پٺيان ڪنهن آواز ٻڌڻ لاءِ ڪن سرلا ڪري
ٿو. پوءِ جلال ڏانهن ڏسي ٿو.)
خيرالدين: اندر جي باهه رندي سان ٿو مارين.
جلال: ڇا؟
خيرالدين: پڇيو ٿي مانءِ...... الائجي ڇا ٿي پڇيو مانءِ......
ها ڳالهه ياد آئي (رازداريءَ سان) منهنجي زال ته
هتي نه ڏٺئي.
جلال: مان تنهنجي زال جو رکوالو آهيان ڇا؟
خيرالدين: آهستي ڇو نٿو ڳالهائين، رڙيون ڪري هنيانءُ ڇو ٿو
ڪڍين. خبر نه ٿئي، مان دل جو مريض آهيان. (اڳتي
وڌي) ڪيڏي ته کڻي جاءِ والاري اَٿوَ. ڏيو سؤ رپيا
۽ جاءِ والاريو هزارن جي. هاڻي مان مسواڙ
وڌائيندس. ٻڌو ٿا.
قاسم: هٻڇي پوڙها، قبر جي ڪنڌيءَ تي آهين، ته به هٻڇ نٿو ڇڏين.
خيرالدين: قبر جي ڪنڌيءَ تي آهيان تڏهن ته چوان ٿو ته ڪجهه پئسا
ٿين ته خير جو ڪم ڪريان ۽ پنهنجو اڳيون جهان
سنواريان.
جلال: پنهنجو اڳيون جهان سنوارين ۽ اسان لاءِ هي جهان جهنم
ڪرين.
خيرالدين: تنهنجا ته ٻئي جهان ويا، تون ڪاسائي آهين، عذاب ڏيئي
زال کي ٿو مارين. ڪوبه تو سان پيار نٿو ڪري، ڪوبه
تنهنجي عزت نٿو ڪري، وس پڄيئي ته ڪاٺيءَ تي نه پر
زال جي هڏ ماس تي رندو هلائين.
جلال: پوڙها، مٿو نه کاءُ.
(خارن مان اٿي ٻاهر هليو وڃي ٿو)
خيرالدين: سچي ڳالهه ٻڌي ڀڄي وڃي ٿو. مان ته هن کي ڏٺي ڪونه ٿو
وڻان.
گلاب: شيطان کانسواءِ ٻيو تون وڻين ڪنهن کي ٿو.
(قاسم اندر اچي ٿو)
قاسم: نوريءَ کي ڪيڏانهن ڪيئه.
گلاب: مان هن کي ٻاهر وائک ۾ ليٽائي آيو آهيان.
خيرالدين: گلاب، تون ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهين، توکي ان نيڪيءَ جو ڦل
ضرور ملندو.
گلاب: ڪڏهن ملندو؟
خيرالدين: اڳئين جهان ۾.
گلاب: هن جهان ۾ تون ئي ڦل ڏيئي ڇڏ.
خيرالدين: ڪهڙو ڦل ڏيانءِ.
گلاب: مون ڏانهن جيڪو حساب اٿيئي، اهو اَڌ.......
خيرالدين: چه چه چه....... اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. نيڪيءَ کي
پئسن ۾ توري نٿو سگهجي. نيڪي، نيڪي آهي، اوڌر اوڌر
آهي.
گلاب: ڏاڍو چالاڪ آهين.
(گلاب بورچيخاني ۾ وڃي ٿو. خيرالدين پنهونءَ جي ڪوٺڙي ڏانهن وڃي
ٿو. گلاب بورچيخاني مان ڪا شئي چٻاڙيندو نڪري ٿو ۽
قاسم جي ويجهو اچي پڇي ٿو.)
گلاب: ڇا لاءِ ٿو نوس نوس ڪندو وتي؟
قاسم: پنهنجي زال کي ٿو ڳولي.
گلاب: ڀايان ٿو، خبر پئجي وئي اٿس ته زالهنس جو پنهونءَ سان پيچ
پيل آهي.
خيرالدين: پنهون........ او پنهون.
پنهون: (اندران) ڇا آهي؟
خيرالدين: پنهون، ڳالهه ته ٻڌ.
پنهون: ڇا جو گوڙ لاتو ٿئي، آرام ڪرڻ به نٿو ڏين.
(پنهون اکيون مهٽيندو ڪمري مان نڪري ٿو.)
ڇا آهي؟
خيرالدين: ڪجهه نه آهي.........
(هو ٽپڙي هٽائي ڪمري ۾ اندر نهاري ٿو)
پنهون: اندر ڇا ٿو ڏسين؟
خيرالدين: ڏسان ٿو ته چوريءَ جو ڪهڙو سامان آندو اٿيئي.
پنهون: آڻيندس ته پهرين تو وٽ پهچائيندس.
خيرالدين: (قاسم ۽ گلاب ڏانهن نهاري) مان....... مان وري ڪو
چوريءَ جو سامان وٺندو آهيان ڇا؟
پنهون: نه سائين، تون ته ڌڻيءَ جو نيڪ ٻانهو آهين، تون اهڙن ڪمن
مان ڇا ڄاڻين، ڀلا ڪالهوڪي گهڙيءَ جا پئسا آندا
اٿيئي؟
خيرالدين: ڇا جي گهڙي، ڇا جا پئسا، خبردار جو وري اهڙي ڳالهه
ڪئي اٿيئي.
پنهون: وڃ پئسا کڻي اچ.
خيرالدين: ڇا.........
پنهون: مان چوانءِ ٿو وڃ پئسا کڻي اچ.
خيرالدين: پر ڳالهه.......
پنهون: وڃين ٿو يا نه؟
خيرالدين: وڃان ٿو، وڃان ٿو، وڙهين ڇو ٿو؟
(قاسم ۽ جلال کلن ٿا)
خيرالدين: (هنن جي اهل ڪندي) هي....... هي........ هي. ڏند ڪڍي
ٿا کلو. سڀاڻي سڀني جا ٽپڙ سڙڪ تي نه اڇلايان ته
خيرالدين نالو نه آهي.
(در وٽ پهچي ٿو ته جلال اندر اچي ٿو، جلال کي ڏسي خيرالدين هن
جي منهن ۾؛ هي هي ڪري ٿو. جلال حيرت ۽ ڪاوڙ مان هن
ڏانهن نهاري ٿو. قاسم، گلاب ۽ پنهون کلن ٿا.)
گلاب: جلال، نوريءَ کي اندر ڇو نه وٺي آئين.
جلال: نوريءَ کي نسرين پنهنجي گهر وٺي وئي آهي.
قاسم: خيرالدين وڃڻ سان هن کي گهران تڙي ڪڍندو.
جلال: تڙي ڪڍندس ته ڪڏانهن ڪانه ويندي. هتي ئي اچي مرندي
(پنهون سگريٽ جا سوٽا هڻندو جلال جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو.)
پنهون: يار ادي نوريءَ جو ڪهڙو حال آهي؟
جلال: (بي نيازيءَ سان) ٻن چئن ڏينهن جي مهمان آهي.
(جلال واهولي سان ڪاٺي وڍڻ لڳي ٿو)
پنهون: يار، تون سارو ڏينهن ٺڪ ٺڪ ڇا جي ٿو ڪندو رهين؟
جلال: ٺڪ ٺڪ نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟
پنهون: دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ڪجهه نٿا ڪن پوءِ به پيٽ
ڀري ٿا کائين؟
جلال: اهي ماڻهو ڪهڙا آهن؟ اوهين نه؟ اوهين ماڻهو آهيو؟ اوهين
ڪني نالي جا ڪيئان آهيو، مان مزدور آهيان، پورهيت
آهيان، اوهان وانگر هڏ حرام نه آهيان. جڏهن کان
مون هوش سنڀاليو آهي محنت مزدوري ڪري کائيندو رهيو
آهيان.
قاسم: مزدور صاحب، اهڙو چڱو مڙس آهين ته هتي ڪني ناليءَ جي ڪيئي
سان ڪيئن ٿو رهين.
جلال: تون سمجهين ٿو ته مان هميشه هتي رهندس! منهنجي رڳو زال
مري پوءِ هڪ گهڙي به هتي رهان ته لعنت آهي، اوهين
سڀ بي عزت ۽ بي ضمير آهيو.
پنهون: بي عزت ۽ بي ضمير! (کلي ٿو) دوست. اسان مان ڪنهن کي به
عزت ۽ ضمير جي ضرورت نه آهي، ضمير ۽ عزت جُتي ته
نه آهي جنهن کي اگهاڙن پيرن ۾ پائي سگهجي. ضمير ۽
عزت نيلامي ڪوٽ ته نه آهي جنهن کي سيءَ کان بچاءُ
لاءِ پراڻن ڪوٽن جي گاڏن تان خريد ڪري سگهجي.
دوست، ضمير ۽ عزت جي ضرورت انهن کي آهي جن وٽ طاقت
آهي، قاسم، تون ٻڌائي تو وٽ ضمير آهي.
قاسم: ڇا؟ ضمير!
پنهون: ها ها ضمير.
قاسم: پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري، مان پاڻ پالي نٿو سگهان، ضمير کي
ڪٿان پاليندس.
پنهون: ها يار، اسان مسڪينن وٽ ڪٿان آيو ضمير، اسان جو يار جلال
اسان کي ميار ٿو ڏي ته اسان وٽ ضمير ڪونهي.
گلاب: ڀايان ٿو ته پاڻ ضمير ڪٿان اڌارو وٺي آيو آهي.
قاسم: نه يار، اڌارو ڇو وٺندو، ڌڻي جو ڏنو گهڻيي اٿس.
گلاب: اڌارو نه ورتو هوندئين ته پوءِ وڪڻندو هوندو.
پنهون: پاڻ وٽ ضمير جو ڪو خريدار به ڪونهي.
قاسم: يار ضمير پراڻي ٽوپي هجي ته مان خريد ڪريان ۽ ان کي ٽوپا
ڏيئي نئون بڻائي بازار ۾ وڪڻان.
پنهون: يار جلال، هر ڪو ماڻهو ٻئي ضمير جي ضرورت ٻڌائيندو آهي ۽
پاڻ ضمير کانسواءِ ئي گذارو ڪندو آهي. اهائي سچائي
آهي.
(نسرين هڪڙي پوڙهي سان گڏ اندر اچي ٿي، پوڙهي جي هٿ ۾ ننڍي بيگ
۽ بسترو آهي.)
پنهون: نسرين!
سيلاني: سنگت جو سلام.
قاسم: پريان مڙس ڪير آهين؟
سيلاني: اوهان جو دوست، دوستن جو دوست، سڀني جو دوست.
گلاب: ڏسڻ ۾ اشراف ٿو لڳين.
سيلاني: اوهين به ته اشراف ٿا ڏسڻ ۾ اچو.
قاسم: اسين اشراف هئاسين، پر اها پرسال جي ڳالهه آهي.
سيلاني: اشراف، لچ لوفر سڀ منهنجا دوست آهن، سڀ سٺا ماکي کان
مٺا آهن.
پنهون: (نسرين کان پڇي ٿو) هي ڪير آهي؟
نسرين( بي نيازيءَ سان) نئون مسواڙي آهي چاچا. تون هوءَ خالي
جاءِ والار.
سيلاني: مهرباني ڌيءُ.
پنهون: هن مسخري کي ڪٿان جهلي آئي آهين؟
نسرين: تو کان ته چڱو آهي (اڳتي وڌي جلال جي ويجهو اچي ٿي)
جلال، نوري کي مان مٿي ويهاري آئي آهيان. ٿوري دير
رکي هن کي وٺي اچجانءِ.
(جلال ڪم ۾ رڌل رهي ٿو ۽ هن کي ڪو جواب نٿو ڏي.)
نسرين: (ٿڌو ساهه ڀري) نوريءَ سان چڱيءَ طرح هلندو ڪر، ويچاري
ٿورن ڏينهن جي مهمان آهي. الا موت ڪيڏو نه خوفناڪ
آهي.
پنهون: بيشڪ موت خوفناڪ آهي، پر جي پرينءَ هٿان ٿئي ته پوءِ
راحت آهي.
نسرين: (ٽوڪ زنيءَ سان) ها ها. تون ته وڏو سورمو آهين موت کان
نٿو ڊڄين.
پنهون: يقين نٿو اچيئي ته هينئر ئي هنن سهڻن هٿن سان ماري ڏس.
ڪڇان ته ڪافر ٿيان.
نسرين: مان اهڙين ڳالهين ۾ اچڻ واري ناهيان (ويندي) جلال نوريءَ
کي ياد ڪري مٿان وٺي اچجانءِ.
جلال: (بيزاريءَ مان) ها ها، ٻڌم.
(نسرين وڃي ٿي، پنهون هن کي حسرت سان ويندي ڏسي ٿو ۽ پوءِ قاسم
جي ڀرسان صندل تي اچي ويهي ٿو.)
پنهون: يار واهه جي ڇوڪري آهي، هتي رهندي ته تباهه ٿي ويندي.
قاسم: تباهه اڳي پوءِ تنهنجي هٿان ٿيندي.
پنهون: ائين نه چئه يار مون کي هن تي ترس ٿو اچي.
قاسم: جيئن ڪاسائي ٻڪريءَ تي ترس کائيندو آهي، پٽ! زيبو هن سان
ڳالهائيندي ڏٺئه ته پوءِ خير نه اٿيئي.
پنهون: (قاسم جي ڳالهه ٻڌي ڪري) حياتي ڏائڻ وانگر ڏند ڪرٽي کائڻ
ٿي اچي...... ساهه ڇو ٿو ٻوساٽجي؟ هونءَ ته حياتي
مزي سان گذري پر ته به ائين ٿو لڳي ڄڻ حياتيءَ جي
ٻوٽي کي لَڪ لوساٽي ڇڏيو آهي........ زندگي بار
آهي........ ٿَڪُ آهي.
سيلاني: (پنهنجو سامان رکي صفائي ڪندي جهونگاري ٿو)
رات اونداهي، منزل دور.
(پنهون اداسيءَ سان ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو ٻاهر نڪري وڃي
ٿو.)
جلال: (بيزاريءَ سان) هن به اچڻ سان مغز کائڻ شروع ڪيو.
نواب: (پگهر اگهندو اندر اچي ٿو) پڪوڙا وڪڻڻ به وڏي مصيبت آهي.
اُس ساڙي وڌو.
سيلاني: (صفائي ڪندي اٿي بيهي ٿو ۽ هٿ ڇنڊيندي چوي ٿو) پيارا
ڀائرو!اوهان هن گندگيءَ ۾ ڪيئن ٿا جيئو؟
نواب: ڪو وقت هو جو اسين به انسانن وانگر جيئندا هئاسين، اسان
جا به اڇا اجرا گهر هئا.
گلاب: ٻٽاڪ هڻڻ ۾ هڙان ڇا ٿو وڃي؟
نواب: مان ٻٽاڪ ٿو هڻان؟
سيلاني: ادا، اسين ٻٽاڪي آهيون، لُچَ، لوفر آهيون، ته به انسان
آهيون ۽ انسان عظيم آهي. انسان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ
سٺو ۽ وڌيڪ سياڻو ٿيندو ٿو وڃي. ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا نت
نوان جادو ٿو جاڳائي. جيئن جيئن هن جي حالت خراب
ٿيندي ٿي وڃي. تيئن تيئن هن ۾ چڱي زندگيءَ لاءِ
وڌيڪ تڙپ پيدا ٿيندي ٿي وڃي. جيئن جيئن هن کي
دٻايو ٿو وڃي تيئن تيئن هو وڌيڪ ٿو اُڀري ۽ الري.
نواب: (هن جي ڳالهين کان متاثر ٿي) پوڙها تون ڪير آهين؟
سيلاني: سيلاني آهيان، اسين سڀ سيلاني آهيون. چون ٿا ته هيءَ
ڌرتيءَ به هن ڪائنات ۾ سيلاني آهي.
(اوچتو زيبو زور سان در کولي اندر اچي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن
نهاري ٿي. زيبوءَ کي ڏسي سڀ ماٺ ٿي وڃن ٿا.)
زيبو: قاسم!
قاسم: (رکائيءَ مان) ڇا آهي؟
زيبو: نسرين هتي آئي هئي؟ (سيلاني کي ڏسي) تون ڪير آهين؟
سيلاني: هن سراءِ جو نئون مسافر، جهان گشتو، سيلاني.
زيبو: ڏسڻ ۾ ته پئدا گير ٿو لڳين. هڪ رات رهندي يا ٻه ٽي ڏينهن
رهندين؟
سيلاني: ڏسان ڪيترو وقت ٿو رهان.
(زيبو اڳتي وڌي ٿي. هن جو سارو ڌيان پنهونءَ جي ڪوٺيءَ ڏانهن
آهي.)
گلاب: جنهن کي ڳولين ٿي اهو هتي ڪونهي.
زيبو: ڪنهن کي ٿي ڳوليان؟
گلاب: پنهونءَ کي ٻيو ڪنهن کي.
زيبو: پنهونءَ کي ڳوليان يا ڪاري چور کي، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟
قاسم: هيڏانهن هوڏانهن نوس نوس ٿي ڪيئي، تنهن مان سمجهائين ته
پنهونءَ کي ٿي ڳولين.
زيبو: مان ته جاءِ جي حالت ٿي ڏسان ته جاءِ جو ڪهڙو حال ڪري
ڇڏيو اٿو.
ڪيڏو گند پيو آهي، صفائي ڇو نه ڪئي اٿَو.
جلال: اڄ صفائيءَ جو وارو گلاب جو هو.
زيبو: ڪنهن جو وارو هجي مون کي صفائي گهرجي! ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو.
ائين گندگي رهي ته سڀني کي ڪڍي ڇڏيندس. قاسم!
قاسم: ڇا آهي؟
زيبو: منهنجي ڀيڻ آئي هئي.
قاسم: ها، آئي هئي، هن ئي هن پوڙهي کي آندو هو.
زيبو: نسرين آئي ته پنهون هتي هو؟
قاسم: هو ته سهي، پر نسرين سان ڳالهايائين ڪونه.
زيبو: مان اهو نٿي پڇان ته ڪنهن سان ڳالهايائين ۽ ڪنهن سان نه
ڳالهايائين. مان رڳو ايترو ٿي پڇان ته جهڙيءَ مهل
نسرين آئي هئي اهڙي مهل پنهون هتي هو يا نه؟
سيلاني: توبهه........ ڪيڏي نه بدبوءِ ۽ گندگي آهي. جيڏانهن وڃ
اوڏانهن بدبوءِ ۽ گندگي پکڙي پئي آهي.
(ڪاوڙ ۾ تکيون تکيون وکون کڻندي، دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي.)
قاسم: زائفان ته نه آهي، وڄ آهي وڄ!
سيلاني: هميشه ائينءَ گجندي وسندي آهي يا اڄ ڪا خاص ڳالهه آهي.
قاسم: پنهونءَ سان ملڻ آئي هئي، پنهون نه مليس ته اسان تي ڇوهه
ڇنڊي وئي.
گلاب: ڀايان ٿو خبر پئجي وئي اٿس ته پنهون هاڻي سندس ڀيڻ نسرين
سان پيو اک اَڙائي.
سيلاني: دنيا ۾ ڏاڍي گندگي آهي، ٻهاري ته ڏيڻي پوندي. ٻهاري ڪٿي
آهي؟ مان ئي ٿوري ٻهاري ڏيئي وٺان.
نواب: هوڏانهن ڪنڊ ۾ پئي اٿيئي.
(سيلاني ڪنڊ مان ٻهاري کڻي ٿو. جنت ڇٻو مٿي تي رکي ٻاهران
ڳالهائيندي ٿي اچي.)
جنت: اهو مئو ماريو. مون کي آرام سان مرڻ به نه ڏيندو. جيڏانهن
ٿي وڃان تيڏانهن ڪتي وانگر لور لور ڪندو ڪڍ ڪڍ ٿو
اچي.
قاسم: ڪنهن جي ٿي ڳالهه ڪرين.
جنت: مئي ابراهيم جي، ٻئي ڪنهن جي.
(ابراهيم پوليس ڊريس ۾ آڪڙ سان سگريٽ جا سوٽا هڻندو اندر اچي
ٿو.)
ابراهيم: جمعدار جي زال ٿيندينءَ، عيش ڪندينءَ.
جنت: پهرين مڙس به ڏاڍا عيش ڪرايا. الله انهن عيشن جو اجرو
ڏيندس ۽ قيامت تائين دوزخ ۾ پيو جلندو.
(بورچي خاني ۾ هلي وڃي ٿي.)
ابراهيم: (قاسم جي ويجهو اچي) قاسم ڪهڙا حال آهن.
قاسم: ٺيڪ آهيان.
ابراهيم: تنهنجي يار پنهونءَ جو ڪهڙو حال آهي.
قاسم: اهو به ٺيڪ آهي.
ابراهيم: هڪڙي ڳالهه ته ٻڌ....... ٻڌو آهي ته پنهون جو منهنجي
ڀاڄائي.......
قاسم: الائجي مون کي خبر ڪانهي.
ابراهيم: تون به ڏسندو وائسندو ته هوندين.
قاسم: مون کي خبر ڪانهي.
ابراهيم: چڱو پٽ نه ڏَس، وجهه مليو ته لاڪپ ۾ هڻندو سانءِ
تنهنجي يار پنهونءَ کي مان پاڻيهي ڏسندس.
(انهيءَ وچ ۾ سيلاني باٽلي کڻي ٻاهر وڃي ٿو ۽ پوءِ نوريءَ کي
سهارو ڏيئي اندر وٺي اچي ٿو.)
سيلاني: ڌيءُ، تنهنجا ته پير ٿا ٿڙن.
نوري: چاچا دعا ڪر ته موت اچي ته جند ڇٽي.
(جلال ڪم مان ڪنڌ کڻي نوري ۽ سيلانيءَ ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ
ڪنڌ جهڪائي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. اوچتو ٻاهران
گوڙ ٿئي ٿو. هڪ عورت جي مارڻ ۽ ٻيءَ جي روئڻ ۽
دانهن جا آواز ٿا اچن. زور سان در کلي ٿو ۽
خيرالدين سهڪندو اندر اچي ٿو.)
خيرالدين: ابراهيم، او ابراهيم.
ابراهيم: ڇا آهي؟
خيرالدين: وارو ڪر نسرين کي بچاءِ نه ته زيبو هڻي ماري وجهندس.
(ابراهيم ڊوڙندو ٻاهر وڃي ٿو، جنت بورچي خاني جي در وٽ اچي بيهي
ٿي، قاسم ٽوپيون پاسيريون رکي صندل تان اٿي ٻاهر
وڃي ٿو. ايڪٽر ۽ نواب به وڃن ٿا. جنت به وڃي ٿي،
سيلاني ۽ نوري ڪنڌ ڦيري آواز ٻڌن ٿا.)
(پردو ڪِري ٿو.)
****
ڏيک ٻيو
(قاسم، گلاب ۽ نواب تاس ٿا کيڏن، جلال پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. جنت
پنهنجو پڪوڙن جو ڇٻو تيار ڪرڻ ۾ لڳل آهي. نوري کٽ
تي ليٽيل آهي ۽ رکي رکي مٿس کنگهه جو دورو ٿو پوي.
کنگهه مهل جلال ڪنڌ کڻي نوريءَ ڏانهن نهاري ٿو. هن
جي منهن مان همدردي ظاهر نٿي ٿئي. سيلاني نوريءَ
جي ڀر ۾ کٽ تي ويٺو آهي.)
گلاب: پتا وراهه.
نواب: (تاس ٺپيندي) ڪهڙو پتو گهرجيئي؟
گلاب: پان جي راڻي.
نواب: پان جي راڻي ته منهنجي دل جي راڻي آهي. ڏس ته ڪيئن ٿي مون
ڏانهن اچي. پڙ رک.
گلاب: اچي هي رپيو پڙ جو.
نواب: (پتا وراهيندي) آءٌ پان جي راڻي. او هيءَ ٿئي پان جي
راڻي......
جنت: (ڇٻو کڻندي) نواب صاحب پڪوڙا وڪڻڻ نه هلندين ڇا؟
نواب: نه، مان نه هلندس، اجها هي ٿئي پان جي راڻي.
نوري: چاچا، تنهنجي شڪل صفا منهنجي پيءُ جهڙي آهي. هاڻي مان
توکي بابا چوندس.
سيلاني: تون منهنجي ڌيءُ آهين.
نوري: بابا تون ڪيڏو نه نرم دل آهين.
سيلاني: ڌيءُ، مون حياتي ۾ ڏاڍا ڌڪا کاڌا آهن. حياتيءَ ميڻ
وانگر پگهاري ڇڏيو آهي.
نوري: مون ته ڏاڍي ذلت جي زندگي گذاري آهي. هر وقت جي ڦٽ، لعنت،
مار موچڙو، اهائي منهنجي زندگي آهي.
سيلاني: جيڪا گذري وئي تنهن کي ياد نه ڪر ڌيءُ.
نوري: مون ساري زندگي پيٽ ڀري ماني نه کاڌي، گرهه گرهه لاءِ
سڪندي رهيس، ساري حياتي بک ۽ مار موچڙي ۾ گذري
وئي.
(جلال هنن ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڪم کي لڳي وڃي ٿو.
سيلاني جلال ڏانهن ڏسي ٿو)
سيلاني: تنهنجو مڙس ڏسڻ ۾ ئي ڏاڍو کهرو ٿو لڳي، هو توکي ماريندو
هو.
نوري: ڏاڍو ماريندو هو، مارن کان اڄ به منهنجو هڏ هڏ ٿو ڏکي.
سيلاني: سمهي پئه ڌيءُ، تون ڏاڍي ٿڪجي پئي آهين، تو ڏاڍو پنڌ
ڪيو آهي.
نوري: ساري حياتي سور سهندي گذري وئي، جهٽ پلڪ لاءِ به سک جو
ساهه نه پٽيم ۽ هاڻي موت اچي سيرانديءَ کان بيٺو
آهي، بابا ڇا اڳئين جهان ۾ به ائين ڏسندس، ائين
سور سهندس.
سيلاني: نه ڌيءُ، اڳئين جهان ۾ سک ئي سک آهي، ڏک جون باقي
ٿوريون گهڙيون آهن رڳو ٿوري دير صبر ڪر، سڀ کي صبر
ڪرڻو ٿو پوي، سڀڪو پنهنجي ڍنگ سا زندگي جو بار ٿو
ڍوئي. ڌيءُ مان تنهنجي لاءِ چانهه کڻي ٿو اچان.
(سيلاني کٽ تان اٿي بورچيخاني ڏانهن وڃي ٿو، گلاب پتا اڇلائي
اٿي بيهي ٿو.)
گلاب: اوهين بي ايمان آهيو، ڪُپتيا آهي، ڪپت سان مون کان پئسا
کٽي ويؤ.
نواب: اڙي هل، کٽين ها ته ڪپت نه هئي، هاڻي ڪپت ياد پئي اٿيئي.
گلاب: مان هاڻي ڪڏهن به اوهان سان جوئا نه کيڏندس.
(ڪاوڙ ۾ اچي ٿو ۽ سيلانيءَ وٽ وڃي ٿو.) چاچا، تاڙيءَ لاءِ پئسا
بچايا هئم، اهي به هارائي ويٺس. مون ته پنهنجي
زندگي ئي هارائي ڇڏي آهي، اهو هڪڙي ڊرامي جو
ڊائيلاگ آهي، اچ نه مان توکي ان ڊرامي جا ٻيا
ڊائلاگ ٻڌايان. (ڊرامائي انداز سان) جيڪڏهن اهي
رستا نظر نٿا اچن، جيڪي مقدس سچائيءَ ڏانهن ٿا
وڃن.
ته پوءِ عظيم آهن اهي ذهن جيڪي ماڻهن کي سنهري خواب ٿا ڏيکارين!
جيڪي....... جيڪي....... وسري ويو. سڀ ڪجهه وسري
ويو. دل ۽ دماغ ۾ اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
چاچا، ڪو زمانو هو جو مان تماشائين ڏانهن (ناٽڪي
انداز سان بيهندي) هيئن منهن ڪري بيهندو هئس ته
سارو هال تاڙين سان پڙاڏجي ويندو هو. پر سڀ ڪجهه
ختم ٿي ويو. انڪري ....... جو مون کي پنهنجو پاڻ
تي اعتماد نه هو، پنهنجي ڏات تي ويساهه نه هو،
چاچا، تاڙين ۾ به تاڙي شراب وارو مزو اٿيئي.
(سيلاني بورچيخاني ۾ وڃي ٿو ۽ چانهن جو ڪوپ کڻي موٽي ٿو.)
سيلاني: ها ابا، جيڪا شيءِ دل کي وڻي ويندي آهي، اها روحَ ۾ رچي
ويندي آهي.
گلاب: مان ته پنهنجو روح به تاڙيءَ ۾ ملائي پي ويو آهيان، هاڻي
مون ۾ ڪجهه نه آهي، ڪجهه نه آهي.
(انهيءَ وچ ۾ قاسم ۽ نواب ٻاهر هليا وڃن ٿا، گلاب ٻاهر نڪري وڃي
ٿو. سيلاني نوري وٽ اچي هن کي سهارو ڏيئي ويهاري
کيس چانهه پياري ٿو)
نوري: مان چانهه نه پيئندس، مون سان ڳالهيون ڪر، ٻڌاءِ اڳئين
جهان ۾ ڇا هوندو؟
سيلاني: سک ئي سک هوندو، هر طرف سهڻا سهڻا گل هوندا. کير ۽
ماکيءَ جون نهرون هونديون. تون مرندينءَ ته فرشتا
توکي پنهنجي پرن تي کڻي خدا جي درٻار ۾ وٺي ويندا
۽ خدا کي چوندا ته رب العالمين هن ڇوڪريءَ زندگيءَ
۾ ڏاڍا ڏک سٺا آهن. هيءَ ڏاڍي ڏکويل آهي ۽ پوءِ
الله جو نور توکي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺندو.
نوري: بابا، جي اڳئين جهان ۾ سک آهي ته پوءِ مان جلد مرڻ ٿي
چاهيان. اڳئين جهان جا سک ماڻڻ ٿي چاهيان. پر
بابا........ (پُراميد آواز ۾) ڪهڙي خبر مان هن
بيماريءَ مان بچي پوان، ٻه چار ڏينهن اڃان جي
وٺان.
سيلاني: تو ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن ڌيءُ، هاڻي هميشه لاءِ سک جي ننڊ
ڪر.
نوري: (هن جي منهن تي اميد جي روشني اچي وڃي ٿي) بابا، رڳو ٻه
چار ڏينهن ٻيا جي وٺان، تون چئين ٿو ته اڳئين جهان
۾ سک ئي سک آهي. مان اهي سک ماڻڻ لاءِ ٻه چار
ڏينهن ڏک سهڻ لاءِ تيار آهيان. مان جيئڻ ٿي
چاهيان.
سيلاني: هاڻي آرام ڪر ڌيءُ، هاڻي تنهنجي لاءِ سک ئي سک آهي.
(سيلاني هن کي کٽ تي ليٽائي ٿو. هنن جي گفتگو جي دوران پنهون
اندر اچي ٿو.)
پنهون: سک ئي سک! (کلي ٿو) چاچا، تنهنجون ڳالهيون تمام سٺيون
آهن.
ڏاڍيون مهربان، ڄڻ ڦٽن تي پها.
(نوريءَ تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. سڀ ماٺ ڪري هن کي ڏسن ٿا.
سڀني جي منهن مان بيزاري ٿي ظاهر ٿئي.)
قاسم: مري به نٿي!
جلال: مري ته جان ڇٽي.
(نوري کنگهي کنگهي ساڻي ٿي پوي ٿي ۽ بيهوشيءَ جهڙي حالت ۾ ڪنڌ
ويهاڻي تي رکي سمهي ٿي پوي. سيلاني پريشانيءَ مان
هن جي نبض ڏسي ٿو.)
جلال: مري وئي.
سيلاني: نه، ساڻي ٿي پئي آهي.
(زيبو اندر اچي ٿي، پنهونءَ ڏانهن نهاري ٿي، پنهون به هن ڏانهن
نهاري ٿو، زيبو نوريءَ جي کٽ ويجهو اچي ٿي.)
زيبو: مري وئي؟
سيلاني: نه ساڻي ٿي پئي آهي.
زيبو: پنهون، مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي.
پنهون: ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي اٿيئي؟
زيبو: اچ ته ٻڌايانءِ.
(اسٽيج جي آڳر وٽ کاٻي ونگ جي ڀرسان اچي بيهي ٿي، پنهون به هن
جي ڀرسان اچي بيهي ٿو. سيلاني بورچيخاني ۾ وڃي ٿو.
جلال نوري ڏانهن نهاري ٿو. پوءِ ڪم ڇڏي اٿي ٿو،
نوري جي مٿان اچي بيهي ٿو. هو نوريءَ ڏانهن هٿ
وڌائي ٿو. سندس هٿ ڏڪن ٿا. هو يڪدم پٺتي مڙي ٿو ۽
تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.)
زيبو: پنهون!
پنهون: ڇا آهي؟
پنهون: جيڪا ڳالهه چوڻي اٿيئي جلدي چئه.
زيبو: اڄ ته ڏاڍو بيزار ٿو لڳين.
پنهون: ها، مان پنهنجو پاڻ کان بيزار آهيان، زندگيءَ کان بيزار
آهيان.
زيبو: (نخري سان) مون کان به بيزار آهين؟
پنهون: ها، توکان به بيزار آهيان.
زيبو: (ڏکويل انداز سان) سچ ڳالهائڻ لاءِ مهرباني.
پنهون: سچ ٻڌڻ ٿي چاهين ته ٻڌ، مان توکان هميشه بيزار رهيو
آهيان، تو ۽ مون ڪيتريون گهڙيون گڏ گهاريون آهن،
پر سچ پڇين ته هڪ گهڙيءَ لاءِ به مون توسان دل سان
پيار نه ڪيو آهي، ڪڏهن به منهنجي دل تو ڏانهن نه
وري آهي. تون پيار جي لائق ئي نه آهين.
زيبو: (ٽوڪزنيءَ سان) مون کي خبر آهي ته تو پيار لائق ڇوڪري
ڳولي لڌي آهي.
پنهون: ڳولي لڌي اٿم يا نه، تَنهن ۾ تنهنجو ڇا؟
زيبو: شايد مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان....... مون سمجهيو هو
ته توکي مون سان پيار آهي، تون منهنجي مڙس مان
منهنجي جان ڇڏائيندين، پر شايد مون کي به توسان
پيار نه هو، پر پنهنجي ان اميد سان پيار هو ته
تنهنجي مدد سان مون کي هن زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ملي
ويندو........ خير .......... گذريل ڳالهين کي
وسار، هاڻي اچ ته ٻئي هڪٻئي جي مدد ڪريون.
پنهون: ڇا مطلب؟
زيبو: اسين ٻئي هڪٻئي جي ضرورت آهيون، اچ ته هڪٻئي جي ڪم اچون،
توکي منهنجي ڀيڻ نسرين جي ضرورت آهي. (پنهون ڇرڪي
هن ڏانهن نهاري ٿو) مون کي خبر آهي. تون نسرين سان
پيار ڪرين ٿو، منهنجي مرضي آهي ته تون هن سان شادي
ڪر، مان هن کي ايڏو ڏاج ڏيندس جو اوهين ٻئي ڏاڍي
آرام سان زندگي گذاريندؤ، پر ان لاءِ توکي منهنجي
ضرورت پوري ڪرڻي پوندي.
پنهون: ڪهڙي ضرورت؟
زيبو: توکي خيرالدين مان منهنجي جان ڇڏائڻي پوندي.
پنهون: ڏاڍي چالاڪ آهين، وڏي افلاطون آهين، هڪ تير سان ٻه شڪار
ڪرڻ ٿي چاهين، مان خيرالدين جو خون ڪريان ۽ ڦاهي
تي چڙهان، توکي پنهنجي مڙس مان به نجات ملي وڃي ۽
مون مان به، ائين نه؟
زيبو: نه، ائين نه آهي، تون مون کي غلط ٿو سمجهين، تون اهو ڪم
پاڻ ڇو ٿو ڪرين، ٻئي کان ڇو نٿو ڪرائين، پر جي تون
پاڻ به هن جو خون ڪندين ته تو کان ۽ مون کان سواءِ
ٻئي ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي. (هن جي ويجهو اچي)
پنهون، جي تو منهنجو چيو مڃيو ته نسرين تنهنجي
ڪنوار هوندي، تو وٽ دولت هوندي ۽ مان هميشه لاءِ
آزاد ٿي ويندس.
(پنهون سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو، پنهونءَ جي سوچ کي هو نيم رضامندي
سمجهي ٿي.)
جڏهن کان مون کي خبر پئي آهي ته تون نسرين سان پيار ڪرين ٿو
تڏهن کان منهنجي دل ۾ ساڙ جا اوڙاهه ٻري پيا آهن،
نسرين کي ڏسندي آهيان ته دل چوندي آهي ته هن جو
ساهه ڪڍي ڇڏيان جو هن مون کان منهنجو پنهون کسيو
آهي. مان هن کي ماريندي آهيان، ڏنڀ ڏيندي آهيان ۽
پوءِ رئندي آهيان. آخر ته هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي!
(اوچتو خيرالدين اندر اچي ٿو، پنهنجي زال ۽ پنهون کي ڏسي ٿو.)
خيرالدين: وفادار زال پنهنجي مڙس سان وفاداري پئي نڀائي، مون
توکي ٽڪي جي فقيرياڻي مان سيٺياڻي بڻايو ۽ تون مون
کي اهو ڦل ٿي ڏين؟ (پنهون کي) چور، بدمعاش، ڪميڻا،
هتان ......... هتان نڪري وڃ.
پنهون: (اعتماد سان) خيرو، هتان نڪري وڃ.
خيرالدين: مون کي ...... مون کي ٿو چئين ته هتان ..........
پنهون: (رڙ ڪري) نڪري وڃ.
(خيرالدين هن جي رڙ کان ڊڄي ٿو ۽ سٽ ڏيئي زيبوءَ کي ٻانهن کان
جهلي، هن کي گهليندو پنهونءَ ڏانهن نهاريندو، ڪمري
مان هليو وڃي ٿو. پنهونءَ جي رڙ تي نوري جاڳي پوي
ٿي.)
نوري: ڪير ٿو مون کي سڏي بابا، ڪير ٿو مون کي سڏي. اڳئين جهان ۾
سک ئي سک هوندو نه، پر بابا، مان ٻه چار ڏينهن
وڌيڪ جيئڻ ٿي چاهيان......... صرف ٻه چار ڏينهن.
(هن تي کنگهه جو دورو پوي ٿو. هوءَ کٽ جي پاٽيءَ کي زور سان
جهلي ٿي. پوڙهو سيلاني پريشانيءَ مان هن جي مٿان
جهڪي ٿو. نوري کنگهندي رهي ٿي. هن جو ساهه ٻوساٽجي
ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ هڪ طرف لڙي پوي ٿو. گلاب نشي جي
حالت ۾ اندر اچي ٿو.)
گلاب: چاچا، مون کي اهو ڊائيلاگ ياد اچي ويو.
(ڊرامائي انداز)
جيڪڏهن سڀاڻي سج نه نڪري ۽ پنهنجي ڪرڻن سان هن ڌرتيءَ کي روشن
ڪرڻ وساري ڇڏي.
ته پوءِ ڪنهن ديواني جو خواب هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري
ڇڏيندو........ ديواني جو خواب........ ٻڌءِ چاچا.
ڇا ٿيو، نوري کي ڇا ٿيو؟ نوري مري وئي. ڪٿي آهي ديواني جو خواب،
ڪٿي آهي روشني.
(پردو ڪِري ٿو)
ڏيک ٽيون
(سڀ اداس ويٺا آهن، جنت پڪوڙا ٿي تري، نواب بيسڻ ۾ مصالحا ٿو
ملائي، قاسم ٽوپيون ٿو سبي، گلاب قاسم جي ڀرسان
صندل تي ويٺو آهي، جلال ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو آهي،
پنهون ٽپڙي هٽائي پنهنجي ڪوٺڙيءَ مان نڪري ٿو ۽
گلاب جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو.)
گلاب: نوري مري وئي، هن سراءِ مان هڪڙو مسافر لڏي ويو، اهو هڪڙي
ڊرامي جو ڊائيلاگ آهي، زندگي پاڻ ڊرامو آهي.
ٽريجڊي آهي، (ڳالهائيندو صندل تان اٿي ٿو ۽ جلال
جي ڀر ۾ فرش تي ويهي ٿو.) دوست ڏک نه ڪر، ڏک مان
ڪجهه ڪونه ورندو. ڏک ڪرڻ سان وڇڙيل واپس نه ورندا
آهن.
جلال: تون سمجهين ٿو مون کي نوري جو ڏک آهي، مون کي ته ان ڳالهه
جو ڏک آهي ته نوريءَ جي ڪفن دفن لاءِ مون سڀ اوزار
وڪڻي ڇڏيا، هاڻي مان ڪم ڇا سان ڪندس. مان به اوهان
وانگر ڪِن جو ڪينئون ٿي جيئندس. نه مان هتي نه
رهندس. مون کي ڪم گهرجي. محنت مزدوريءَ جو عيوضو
گهرجي. مان وڃان ٿو. مان هڪ منٽ لاءِ به هتي نه
رهندس.
(تکو تکو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. سڀ هن کي ويندو ڏسن ٿا. نسرين اندر
اچي ٿي.)
پنهون: نسرين!
(پنهونءَ کي نظر انداز ڪري سيلاني وٽ اچي ٿي.)
پنهون: توکي اسان وٽ اچڻ جي موڪل ڪيئن ملي؟
نسرين: ادا خيرالدين ۽ ادي زيبو بازار ويل آهن.
سيلاني: (پنهنجي منهن) دنيا ۾ ڪيترا ڏک آهن، ويچاري انسان لاءِ
ڪيترا نه اهنج ايذاءَ آهن.
نسرين: چاچا ڇا هن دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو شهر، اهڙو ڳوٺ يا وستي
ڪانهي جتي ماڻهو سک سان جي سگهي.
سيلاني: هر هڪ انسان کي سک جي وستيءَ جي ڳولا آهي. هڪڙو ماڻهو
هو، ڏاڍو ڏکويل ۽ ڏاڍو ستايل. هڪ ڏينهن زندگيءَ جي
ڏکن ڏولان کان ڀڄي، سک جي وستي جي ڳولا لاءِ نڪتو.
شهر شهر ڀٽڪي ڳوٺ ڳوٺ رليو پر هن کي سک جي وستي
ڪٿي نه ملي.
نسرين: پوءِ؟
سيلاني: پر هو نااميد نه ٿيو، هن کي پڪ هئي ته هن ڌرتيءَ تي ڪٿي
نه ڪٿي اهڙي وستي ضرور هوندي، جنهن ۾ حق ۽ انصاف
جو راڄ هوندو، جتان جا رهواسي مٺا ۽ محبتي هوندا.
هڪ ڏينهن هن هڪڙي ڏاهي کان ان وستيءَ جو ڏس پڇيو،
ڏاهي پنهنجا ڪتاب پٽيا، نقشا ڏٺا، پوءِ دنيا جو
نقشو کولي هن جي اڳيان رکيائين ۽ کيس ٻڌايائين ته
هنن ڪتابن ۽ هُن نقشي تي اهڙي وستيءَ جو ڪو نالو
نشان ڪونهي، هر هنڌ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو راڄ آهي. هر
هنڌ ڏک ئي ڏک آهي ۽ ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي.
نسرين: پوءِ؟
سيلاني: پوءِ ان ماڻهو خودڪشي ڪري ڇڏي.
قاسم: سچ سهي نه سگهيو.
سيلاني: دوست ڪڏهن ڪڏهن سچ جا پَها زندگيءَ جا زخم ڇٽائي نه
سگهندا آهن.
نسرين: چاچا هل ته اسان به سک جي وستي ڳوليون، هن ماڻهوءَ کي سک
جي وستي نه ملي، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ملي وڃي.
پنهون: نسرين، اچ ته اسان ٻئي گڏجي سک جي وستي آباد ڪريون، مون
سان هل نسرين.
نسرين: ڪيڏانهن هلان؟ جيل ۾!
پنهون: مان وعدو ٿو ڪريان ته چوري ڇڏي ڏيندس. محبت مزدوري ڪندس
۽ عزت جي زندگي گذاريندس. تون سمجهين ٿي ته مون کي
هن زندگيءَ کان نفرت ڪانهي، مان به انسان آهيان،
منهنجي دل ۾ عزت ڀري زندگي گذارڻ جي خواهش آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي ائين ڌُتاريندو آهيان
ته مان چور آهيان ته ڇا ٿي پيو، ٻيا به ته چور
آهن. وڏا وڏا ايماندار ۽ چڱا مڙس مون کان به وڏا
چور آهن. پر ائين سوچڻ پنهنجو پاڻ سان دوکو آهي.
مان ضمير کي نه سڃاڻان. مان پڇتائي به نه ڄاڻان پر
مون کي خبر آهي ته هيءَ زندگي زندگي نه آهي، ماڻهو
اهڙيءَ ريت زندگي گذاري جيئن هو پاڻ پنهنجي عزت
ڪري سگهي.
سيلاني: سچ ٿو چئين پٽ، ماڻهوءَ کي اهڙي ريت زندگي گذارڻ گهرجي،
جيئن هو پاڻ پنهنجي عزت ڪري سگهي.
پنهون: مان ننڍي لاءِ کان چور آهيان، منهنجو پيءُ به چور هو،
ننڍو هوندو هيس ته ماڻهو مون کي چور جو پٽ سڏيندا
هئا، ٿي سگهي ٿو ته مان ماڻهن کان بدلو وٺڻ لاءِ
چور ٿي پيو هجان، مون کي چور جي بدران ڪنهن ٻئي
عزت ڀرئي نالي سان سڏيو وڃي ها ته شايد مان چور نه
ٿيان ها، نسرين، تون مون کي ڪنهن عزت واري نالي
سان سڏي ته ڏس.
نسرين: مان توکي ڪهڙي نالي سان سڏيان؟ پرين...... پيارا......
پرين ۽ پيارا ته بي داغ ٿيندا آهن ۽ تو ۾ مون کي
داغ تي داغ ٿا نظر اچن.
پنهون: پيار سان سڀ داغ ڌوپجي سگهن ٿا. مان توکي پيار ڪرڻ
سيکاريندس.
نسرين: جيئن منهنجي ڀيڻ کي پيار ڪرڻ سيکاريو اٿيئي.
سيلاني: ڌيءُ اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، انسان کي انسان سمجهه، بک ۾
انسان سٺي ۽ خراب جي ساڃهه وڃائي ويهندو آهي.
پنهون: منهنجي پيار کي نه ٺڪرائي نسرين، مون کي سهارو ڏي ته مان
هن گندگيءَ مان ٻاهر نڪران، مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان
۽ جيئن ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير ٿو هڻان تيئن
وڌيڪ ڦاسندو ٿو وڃان. مون ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ
تنهنجي ڀيڻ زيبوءَ ڏانهن هٿ وڌايو پر هوءَ پاڻ
لالچ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. مون کي سهارو ڏي نسرين.
سيلاني: پنهونءَ جو پيار نه ٺڪرائي ڌيءُ، پنهون اهڙو خراب نه
آهي جهڙو تون کيس سمجهين ٿي، خراب ماڻهوءَ کي به
سٺو چئي، سٺو ٿيڻ جو موقعو ڏجي ته هو سٺو ٿي
پوندو.
نسرين: چاچا، مون ته اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان پنهونءَ
سان گڏ ڪيڏانهن هلي ويندس.
پنهون: ڇا تون....... تون مون سان هلندينءَ؟
نسرين: ها، اسان ٻئي هن گندگيءَ مان نڪري هلنداسين.
پنهون: ٻئي گڏجي ننڍڙو گهر اڏينداسين.
(اوچتو خيرالدين، زيبو ۽ ابراهيم اندر اچن ٿا.)
خيرالدين: (رڙ ڪري) پنهون! پهرين تون منهنجي عزت سان کيڏندو
رهين ۽ هينئر معصوم ڇوڪريءَ کي ٿو برغلائين.
پنهون: مان نسرين کي برغلايان نٿو، اسان ٻئي شادي پيا ڪريون.
زيبو: (ٽوڪ زنيءَ سان) ايڏو وڏو ڪوڙ، ايڏو وڏو دوکو.
خيرالدين: ڪوڙا، دوکيباز، چور، چور جا پٽ، (هن ڏانهن اُلر ڪري
وڌي ٿو ۽ هن جي نڙيءَ ڏانهن هٿ وڌائي ٿو.) مان
تنهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندس.
پنهون: (هن جي ٻنهي هٿن کي جهلي ڌڪو ڏئي ٿو) پري مر پوڙها.
(خيرالدين زمين تي ڪري ٿو، هن جي ڀر ۾ لٺ پئي آهي، هو لٺ کڻي
اٿي ٿو ۽ پنهونءَ کي هڻي ٿو، پنهون لٺ کسي
خيرالدين کي وهائي ٿو ڪڍي، لٺ خيرالدين جي مٿي ۾
لڳي ٿي ۽ هو زمين تي ڪري ٿو، زيبو هن ڏانهن وڌي
ٿي. هن کي اٿارڻ جي ڪري ٿي پر خيرالدين مري چڪو
آهي، پنهون ۽ خيرالدين جي جهيڙي دوران ابراهيم
ٻاهر وڃي ٿو ۽ زور زور سان سيٽي وڄائي ٿو.)
زيبو: خيرالدين مري ويو .......... خون ......... خون..........
(چوٻول: خون .......؛ پنهونءَ خيرالدين جو خون ڪيو.........؛
ڀڄو......... ڀڄو پوليس ٿي اچي؛ اجايو شاهدين ۾
اچي وينداسين؛ ........ ڀڄو..........ڀڄو خون
.......... خون..........؛ سڀ ٻاهر نِڪري وڃن ٿا.)
پنهون: خيرالدين مري ويو!
زيبو: ها، تو خيرالدين جو خون ڪيو آهي.
پنهون: نه نه، مون خون نه ڪيو آهي، نسرين مان خوني نه آهيان،
چاچا، خدا جو قسم، مون هن جو خون ڪرڻ نٿي گهريو.
زيبو: تو پاڻ مون کي چيو هو ته تون خيرالدين جو خون ڪندين ۽
خيرالدين جي دولت جو مالڪ ٿيندين.
پنهون: ذليل، ڪميڻي، تو مون کي چيو هو ته خيرالدين جو خون ڪر ته
جيئن هن پوڙهي لالچيءَ مان تنهنجي جند ڇٽي.
نسرين: تو اديءَ جي چوڻ تي ادا خيرالدين جو خون ڪيو! اوهان ٻنهي
سازش سٽي هئي؟ هاڻي مون کي خبر پئي ته تو مون سان
دوکو ٿي ڪيو. تو ادا خيرالدين کي ماري منهنجي ڀيڻ
سان شادي ڪري دولت حاصل ڪرڻ ٿي چاهي، چور .......
خوني.
پنهون: نسرين!
نسرين: چاچا، هي دوکيباز آهي، چور آهي، خوني آهي.
(پوليس اندر اچي ٿي)
پنهون: مان اهڙو نه آهيان جهڙو تون مون کي سمجهين ٿي.
نسرين: تون دوکيباز خوني آهين.
پنهون: نسرين، مان اهڙو نه آهيان، مون کي تنهنجي پيار جو قسم،
مان اهڙو نه آهيان.
(ابراهيم هن کي ڌڪا ڏيندو گهليندو ٻاهر وٺي وڃي ٿو، زيبو
فاتحانه انداز سان وکون کڻندي ٻاهر نڪري وڃي ٿي.)
نسرين: مان هاڻي ڪيڏانهن وڃان چاچا، منهنجو ته هاڻي ڪو ڪونهي.
سيلاني: تون مون سان هل ڌيءُ، هل ته ٻئي گڏجي سک جي وستي ڳوليون
جتي حق ۽ انصاف جو راڄ هجي، جتي ماڻهو مٺا ۽ محبتي
هجن ۽ جتي ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ نه پر چپن تي مرڪ
هجي.
نسرين: چاچا توئي ته چيو هو ته دنيا ۾ اهڙي وستي ڪٿي ڪانهي، هر
هنڌ ڏک ۽ ڏاڍ جو راڄ آهي.
سيلاني: اهڙي وستي ڪانهي ته ڇا ٿي پيو، اسان سڀ ڏکويل انسان
گڏجي سک جي اهڙي وستي اڏينداسين جتي ڪو ڏک نه
هوندو، ڪو اهنج ايذاءُ نه هوندو، جتي ماڻهو
ماڻهوءَ کي نه کائيندو، ماڻهو ۽ ماڻهپي جو مان
هوندو ....... اها وستي اسان ڏکويل، ڌڪاريل ۽ سماج
تڙيل انسانن کي اڏڻي آهي، هل منهنجي ڌيءُ ته سک جي
وستي اڏيون.
(پوڙهو سيلاني، نسرين کي سهارو ڏيئي ٿو، ٻئي ننڍيون ننڍيون وکون
کڻندا ٻاهر نڪري وڃن ٿا، اسٽيج ويران ٿي وڃي ٿي.)
(پردو ڪِري ٿو) |