سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 4

گل ڇنو گرنار جو

 

ڏيک پهريون

 

(راءِ ڏياچ جو محل، سورٺ ڇپر کٽ تي ريشمي ويهاڻن تي ڪنڌ رکي ستي پئي آهي، ڏياچ سندس ڀر ۾ ويٺو آهي ۽ ستار تي راڳ پرڀاتي ڇيڙي رهيو آهي. سورٺ اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي پوي.)

سورٺ: مهاراج! مهاراج!!

ڏياچ: ڇا ٿيو سورٺ؟

سورٺ: توهين..... توهين ڪيئن آهيو، مهاراج؟ توهان.... توهان کي ڪجهه ٿيو ته نه آهي؟

ڏياچ: اسان ته ٺيڪ آهيون، پر تون ايتري پريشان ڇو آهين؟

سورٺ: مهاراج، شل اوهين جُڙيا جيئرا هجو. اوهان ئي منهنجي ۽ منهنجي سنگيت جي سينڌ جا سندور آهيو.

ڏياچ: اسان ان پريشانيءَ جي ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهيون.

سورٺ: مهاراج، مون هڪڙو ڏاڍو ڀوائتو سپنو ڏٺو. مون ڏٺو ته گرنار ۾ هڪڙو پرڏيهي چارڻ آيو آهي جيڪو پنهنجي سرندي جو گز سرندي جي بجاءِ ماڻهن جي ڳچين تي ٿو هلائي. سندس گز مان موت جو سنگيت ٿو اسري. ڪيئي ڪنڌ ڪرندا ٿا وڃن، گرنار جي ڀوري ڀونءِ رتوڇاڻ ٿي وئي آهي، سارو آڪاش ٽامڻي هڻي ويو آهي ۽ منهنجي سينڌ.... منهنجي سينڌ (ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٿي ڏي.)

ڏياچ: (کلندي) سپنن کان ايترو پريشان ٿيڻ نه گهرجي راڻي. اسان ستار وڄائي توکي ننڊ مان جاڳائڻ ٿي چاهيو جو هينئر ڪتين ڪر موڙيا آهن. ٽيڙن جو ٽمڪو جهڪو ٿيو آهي ۽ پرڀاتي راڳڻيءَ جي ويل ٿي وئي آهي.

سورٺ: پرڀاتيءَ جي ويل ٿي وئي آهي ۽ مان.... ۽ مان ساز سيراندي ڪري ستي پيئي هيس (سورٺ ستار تي پرڀاتي ڇيڙي ڳائي ٿي.)

ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪيا،

سٻوجهن سِئا، اٻوجهن آسرو.

***

صبح جو سهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو.

ڏنائون ڏاتار کي، وڏيءَ ويل وهاڳ،

وس منهنجي ناهه ڪا، سيڻن هٿ سُهاڳ،

پرين سين پهاڳ، مان نماڻيءَ نصيب ٿئي.

 

ڏياچ: (ننڊاکڙي آواز ۾، پس منظر ۾ ستار وڄندي ٿي رهي) سورٺ، تون جڏهن ڳائيندي آهين ته هي سارو جنسار تنهنجي راڳ جو روپ بڻجي اسان جي آتما ۾ گونجندو آهي ۽ اسان کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هي جنسار ڀڳوان جي ڳاتل راڳ جو روپ آهي،. پهرئين ڀيري جڏهن اسان توکي ڏٺو هو، تڏهن تنهنجي سرير جي سونهن پسي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪنهن چانڊوڪيءَ رات ۾، ڀيڄ ڀنيءَ ويل، ڀڳوان ولهه ۾ ويهي، چنڊ جي ڪرڻن جون تندون ڇيڙي هڪڙو راڳ ڳاتو ۽ ان راڳ جا سُرَ تنهنجو سرير، سونهن ۽ ساهه بڻجي پيا.

سورٺ: مهاراج، مان ته اوهان جي پيرن جي پڻي آهيان، اوهان سنگيت جا ديوتا آهيو ۽ مان اوهان جي داسي آهيان.

ڏياچ: پاڻ کي اسان جي پيرن جي پڻي چئي تون سنگيت ۽ سونهن جي گهٽتائي ڪري رهي آهين راڻي. ڀڳوان پاڻ نسوري سونهن ۽ نسورو سنگيت آهي ۽ تون ڀڳوان جو روپ آهين، مون کي هڪڙي چارڻ ٻڌايو هو ته جڏهن دنيا مان سنگيت، سونهن ۽ پيار ختم ٿي ويندو آهي تڏهن ماڻهن جي آتمائن کي انياءَ، ڪروڌ ۽ ڌڪار جو ڪوڙهه لڳي ويندو آهي. پوءِ ڌڻي پاڻ ڪنهن چارڻ جي روپ ۾ ڏکايل ڌرتيءَ تي پير ڌريندو آهي ۽ پنهنجي سنگيت سان ماڻهن جي آتمائن کي ان ڪوڙهه مان ڇوٽڪارو ڏيندو آهي. هينئر ڀڳوان تنهنجي روپ ۾ اسان وٽ آيو آهي.

سورٺ: مان جڏهن ننڍي هيس مهاراج، تڏهن هڪڙو جٽائن وارو انگ ڀڀوت جوڳي اسان وٽ اچي مهمان ٿيو هو. هن مون کي راڳ جي سکيا ڏني هئي ۽ هڪڙي اونداهي رات جو ڳالهه ٻڌائي هئائين ته سهسين صديون اڳ جڏهن ديوتائن هي جڳ بڻايو هو، تڏهن هن جڳ ۾ هر طرف اوندهه انڌوڪار هو. ماڻهن جون آتمائون پاپ ۾ ڪاريون ٿي ويون هيون. پوءِ هڪڙو چارڻ پيدا ٿيو. هن پنهنجون رڳون ڪپي رباب بڻايو ۽ هڪڙي اونداهي رات جو رباب وڄائي هن اهڙو ته راڳ ڳاتو جو ماڻهن جون آتمائون اجريون ٿي ويون. اونداهي آڪاش ۾ ستارن جا ڪنول ٽڙي پيا، چنڊ جي چهري تان رات جون جٽائون هٽي ويون ۽ پهريون ڀيرو هن ڌرتيءَ تي پرهه ڦٽي ۽ سج جي ڪنوارن ڪرڻن ان چارڻ جي پيرن کي ڇهيو، هن اهو به ٻڌايو ته (ستار يڪدم بند ٿي وڃي ٿي.)

ڏياچ: چپ ڇو ٿي وئينءَ، سورٺ راڻي؟

سورٺ: هن اهو به ٻڌايو ته جڏهن به هن ڌرتيءَ تي انساني رت وهندو ته هيءَ ڌرتي سنڍ ٿي ويندي ۽ ڌرتيءَ جي ڪک مان سنگن جو سونو سنگيت نه اسرندو. ملڪ ۾ ڏڪار پئجي ويندو، ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. تيستائين اهو ڏڪار ختم نه ٿيندو، جيستائين ڪو وڏو چارڻ پيدا نه ٿيندو ۽ پنهنجي چنگ سان ڌرتيءَ تان انساني رت کي نه ڌوئيندو. ان ڏينهن اوهان ۽ انيراءِ جي جنگ ۾ انساني رت کي وهندو ڏسي، مون کي ان جوڳيءَ جا اکر ياد اچي ويا ۽ منهنجو سارو سرير ڪنبي ويو.

ڏياچ: انيراءِ سان اسان جنگ نه جوٽي هئي راڻي ۽ نه ئي اسان انساني رت وهايو هو. پر اسان کي جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. تون سنگيت جي ديوي آهين ۽ ديويءَ کي ويريءَ کان بچائڻ هر هڪ پوڄاريءَ جو وڙ آهي. انيراءِ انياءُ جو راءِ آهي. هن تنهنجي پيءُ رتڻي کي مجبور ڪري توکي هٿ ڪرڻ ٿي چاهيو. اسان سمجهيو ٿي ته هن جي محلن ۾ تنهنجي سنگيت جو گلو گهٽجي ويندو ۽ سورٺ جي سنگيت جو گلو گهٽجي ويندو ته پوءِ ساري ڌرتيءَ تان سونهن جو نالو مٽجي ويندو، ان ڪري جو سنگيت سونهن آهي ۽ سونهن سنگيت. اسان سونهن ۽ سنگيت جي رکواليءَ لاءِ ئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو.

سورٺ: پر مهاراج، انيراءِ هار کانپوءِ ماٺ نه ويهندو، هو ضرور بدلو وٺندو.

ڏياچ: اسان انيراءِ سان هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جا هٿ ساز وڄائي ڄاڻن ٿا ته تلوار به هلائي ڄاڻن ٿا، اسان جي هٿ ۾ جڏهن تلوار وڄ وانگر وراڪا ڏيندي آهي. تڏهن ڪائنات ڪنبي ويندي آهي، آسمان ٽڙِڪي پوندو آهي ۽ ڌرتيءَ جي دل رتو ڇاڻ ٿي ويندي آهي.

سورٺ: بيشڪ مهاراج، اوهين سنگيت جا ديوتا آهيو ته تلوار جا به ڌڻي آهيو. انيراءِ پورا ٻه مهينا گرنار کي گهيرو ڪري ويٺو رهيو، پر تڏهن به اوهان تلوار مياڻ مان نه ڪڍي، ڇاڪاڻ جو اوهان انساني رت وهائڻ نٿي چاهيو. اوهان جا ڪن سنگيت جي مٺڙن ۽ ڪومل سرن تي هريل آهن. اوهان ڦٽيل ۽ مرڻينگ ماڻهن جون رت ورنيون رڙيون نٿي ٻڌڻ چاهيون. پر انيراءِ سمجهيو ته اوهين ڪانئر آهيو. تڏهن ساڻس وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ نٿا نڪرو، پوءِ جڏهن اوهان ڪروڌ ۾ اچي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو ته سنگيت جي ديوتا جي هٿن ۾ تلوار ڏسي سج ڪڪرن جو ڪارو وڳو کڻي ڍڪيو. (پس منظر ۾ گهوڙن جي هڻڪارن ۽ ماڻهن جي رڙين جو هلڪو تاثر) اوهان جو لشڪر ڪڪرن جيان گجندو، ڳڙي جيان وسندو. انيراءِ جي لشڪر تي وڃي ٽٽو، پوءِ ته تلوارن جا چمڪاٽ ٿيا. گهوڙن جي سنبن سان سينا ساڻا ٿيا، ڳچيون ڳچُ ٿيون ۽ رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. (گهوڙن ۽ ماڻهن جي رڙين جو تاثر پوريءَ طرح اڀري ختم ٿي وڃي ٿو.) مان ۽ مهاراڻي محل جي دريءَ کان جنگ ڏسي رهيون هيون سين. اڄ به جنگ جو ڏيک اکين آڏو اچي ٿو ته ساهه سڪي ٿو وڃيم.

ڏياچ: جنگ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، پر سورٺ راڻي، جنگ ۽ رت جي ڳالهين کي وساري اسان کي سنگيت ٻڌاءِ.

(سورٺ ستار ڇيڙي بيت ڳائي ٿي.)

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،

مينهن مُندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان.

(ڏياچ جون اکيون ٻوٽبيون ٿيون وڃن ۽ پردو ڪِري ٿو.)

 

ڏيک ٻيو

(راءِ ڏياچ جو راڄ محل سورٺ ڇپر کٽ تي ريشمي ويهاڻن جي آڌار تي ليٽي پئي آهي. ڏياچ ستار وڄائي رهيو آهي. اوچتو ستار جي تار ٽٽي ٿي پوي. سورٺ دانهن ٿي ڪري.)

سورٺ: ڇا ٿيو مهاراج؟

ڏياچ: ڪجهه نه ٿيو راڻي. ستار جي تند ٽٽي پئي.

سورٺ: تند ٽٽي پئي! تند ٽٽي ته پوءِ ڇا رهيو.

ڏياچ: تون هي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سورٺ راڻي. ستار جي تند ٽٽي پئي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اسان ٻي ستار گهرائي ٿا وٺون. (سڏ ڪري ٿو).داسي.

داسي: جي مهاراج.

ڏياچ: هيءَ ستار کڻي وڃ ۽ اسان کي ٻي ستار آڻي ڏي.

(داسي ستار کڻي وڃي ٿي.)

سورٺ: مهاراج، هڪڙي ستار جي تند ٽٽي پئي ته اوهان ٻي گهرائي ورتي جي هن بيماريءَ ۾ منهنجي ساهن جي تند ٽٽي.......

ڏياچ: (سندس ڳالهه ڪپيندي) تنهنجا ويڻ اسان کي ڏکوئي رهيا آهن.

سورٺ: مهاراج، الائي ڇو مون کي ائين ٿو لڳي ته مان هن بيماريءَ مان ڪانه اٿندس. ان رات واري سپني کانپوءِ مون کان ننڊ رُسي وئي آهي. شايد هينئر اهڙي ننڊ ايندم جنهن مان وري نه جاڳندس.

(پريان کان راڳ جي صدا اڀري ٿي، ٻئي ڄڻا ڪن لائي ٻڌن ٿا.)

پرديسيان پنڌ ڪري، سڻي آيس شان.

مڱان ڪهڙيءَ مت سين؟ نسورو نادان.

سو ڪو ڏيارين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.

سورٺ: ڪهڙو نه سريلو آواز آهي. هي آواز ته منهنجو سونهون ٿو لڳي. مون هيءُ آواز پهرين به ڪٿي ٻڌو آهي.

ڏياچ: هي ته ڪو اڻ سونهون آواز آهي. داسي، هيءُ ڪنهن جو آواز آهي؟

داسي: مهاراج، ڪالهوڪون گرنار ۾ هڪڙو پرديسي چارڻ آيو آهي. جنهن جي چنگ ماڻهن جا چتَ چريا ڪري ڇڏيا آهن. هن جي سُر جي ڄَر لوڪ کي لهسائي ڇڏيو آهي. جڏهن هو تند ٿو تنواري ته ماڻهن جي هانءَ مان: هاءِ هاءِ؛ جا هڳاءَ ٿا اٿن. ماڻهو مينهن وانگر مٿس ماڻڪ ٿا وسائين پر هو ماڻڪ ڇهي به نٿو.

ڏياچ: اسين اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍا سرها ٿيا آهيون ته گرنار ۾ هڪڙو نئون چارڻ آيو آهي. اسان کي گرنار جي ماڻهن مان اهائي اميد هئي ته هو گهر ۾ آيل چارڻ جو ائين ئي آڌرڀا ڪندا، پر اسان کي افسوس آهي ته هڪڙو نئون چارڻ ڪالهوڪون گرنار ۾ آيو آهي ۽ اسان کي سندس اچڻ جي ڄاڻ ئي ڪانهي. داسي، مهمان چارڻ کي هڪدم چوڏول ۾ چاڙهي اسان وٽ آندو وڃي ۽ اسان جي پاران هن کان معافي ورتي وڃي جو سورٺ راڻيءَ جي ناچاڪيءَ جي ڪري اسان وٽس وڃي سندس آجيان ڪرڻ کان لاچار آهيون.

داسي: جيڪو حڪم، مهاراج.

سورٺ: مهاراج، اوهان ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي محل ۾ ڪيئن ٿا سڏايو.

ڏياچ: اسان جو محل سنگيت جو مندر آهي ۽ مندر لاءِ ڪو به پوڄاري اوپرو نه هوندو آهي.

سورٺ: پر مهاراج، منهنجي دل الائي ڇو ٿي ڏڪي. مون کي پنهنجي سپني کان ڊپ ٿو ٿئي.

ڏياچ: جڏهن ماڻهوءَ جا لڱ لڱا هوندا آهن تڏهن کيس اهڙا هول ٿيندا آهن. تنهنجي ڀَوَ جو ڪارڻ تنهنجي بيماري ۽ اوجاڳو آهي.

سورٺ: مهاراج، اڄ منهنجو من ڏاڍو ماندو آهي. دل ٿي چوي ته اڄ اوهان سان اڪيلي ويٺي رهان. اوهين ستار وڄائيندا رهو ۽ مان ٻڌندي رهان.

ڏياچ: هن جي صدا مان اسان کي سچي سنگيت جي سڳنڌ آئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته هن جو سنگيت تنهنجي آتما ۽ سرير کي سک پهچائيندو ۽ تون چڱي ڀلي ٿي ويندينءَ، سورٺ راڻي. اسان ترت انهن ڏينهن کي واپس ورائڻ ٿا چاهيون جڏهن تنهنجو سنگيت ٻڌي اسان جو من پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائي نيري آڪاش ۾ اڏامندو هو. جڏهن کان تون ناچاڪ ٿي آهين تڏهن کان راڳن ويراڳ ورتو آهي، سُرَ ساڻا ٿي ويا آهن ۽ اسان جو من موڳو ٿي پيو آهي. اسان جون اکيون توکي سرهو ڏسڻ لاءِ آتيون آهن ۽ اسان جو من تنهنجي سنگيت ٻڌڻ لاءِ ماندو آهي.

(داسي داخل ٿئي ٿي.)

داسي: مهاراج، مهمان چارڻ اوهان جا پير ڇهڻ جو آسائتو آهي.

ڏياچ: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي.

(وقفو)

(ٻيجل اندر داخل ٿئي ٿو.)

ٻيجل: شل مڱڻهارن تي مهاراج ڏياچ جي ڇٽَ جي ڇانوَ قائم رهي.

ڏياچ: ڀلي آئين مڱڻهار، سنگيت جو ٻانهون ڏياچ ڏهه ڀيرا توکي آجيان ڪندي ٿو چوي، اسان پنهنجي مهمان جو نالو پڇڻ گهرون ٿا.

ٻيجل: مون مڱتي جو نالو ٻيجل آهي، مهاراج.

ڏياچ: اسان جو مهمان ڪهڙي ڏيهه مان پير ڀري اسان وٽ آيو آهي.

ٻيجل: هي رمتو مڱڻهار ڏاڍ جي ڏيهه مان ڀڄي اوهان جي پيرن ۾ پناهه ڳولڻ آيو آهي.

ڏياچ: اسان پنهنجي مهمان جي ڳالهه نه سمجهي.

ٻيجل: مان ان ڏيهه مان آيو آهيان مهاراج، جتي سونهن سڀ کان وڏو ڏوهه ۽ سنگيت سڀ کان وڏو پاپ آهي.

ڏياچ: اهو ڪهڙو ڏيهه آهي، جتي سنگيت ۽ سونهن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي؟

ٻيجل: اهو ڏيهه انيراءِ جو ڏيهه آهي. مهاراج.

سورٺ: (دانهن ڪري) انيراءِ!

ٻيجل: مون کي اتان ان ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني وئي آهي جو مان چارڻ آهيان ۽ مان مهاراج جي پيرن ۾ پناهه وٺڻ جي آس کڻي گرنار ۾ آيو آهيان.

ڏياچ: تنهنجي آس پوري ڪئي ويندي ٻيجل، اسان توکي پناهه ڏيڻ جو وچن ٿا ڪريون. اڄ کان تون اسان جو شاهي مهمان آهين. اسان پنهنجي مهمان جي سُرَ جي صدا ٻڌي آهي ۽ هينئر اسين سندس ڏات جي سونهن پسڻ ٿا چاهيون، ٻيجل. اسان جي سورٺ راڻي گهڻي وقت کان بيمار آهي.

ٻيجل: (پنهنجي منهن)سورٺ راڻي بيمار آهي.

ڏياچ: هن جي نيڻن کان ننڊ رسي وئي آهي. اسين چاهيون ٿا ته اسان جو مهمان چارڻ پنهنجي سرندي کي سوري ۽ ڪا اهڙي تند تنواري جو سورٺ راڻيءَ جي رٺل ننڊ ريجهي وڃي.

ٻيجل: اوهين وڏا سنگيت ڪار ۽ سنگيت جا پارکو آهيو مهاراج، منهنجي تند کي اوهان جي آڏو تنواريندي لڄ ٿي اچي.

ڏياچ: تنهنجي نهٺائي ئي تنهنجي وڏائي آهي ٻيجل. هاڻي تند تنوار، اسان تنهنجي سنگيت ٻڌڻ لاءِ آتا آهيون.

(ٻيجل ڪينرو ڪڍي وڄائي ٿو. سورٺ جي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهندا ٿا وڃن ۽ ڏياچ تي بي خودي ڇانئجي ٿي وڃي. ٻيجل ساز بند ڪري ٿو. داسي خوشي وچان چوي ٿي.)

داسي: مهاراج، سورٺ راڻيءَ کي ننڊ کڻي وئي.

ڏياچ: (ڄڻ ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳندي) هو، ڇا؟

داسي: مهاراج، سورٺ راڻي کي ننڊ کڻي وئي.

ڏياچ: (داسيءَ جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، ٻيجل ڏانهن وڌي ٿو) ٻيجل، گرنار جي مٽي تنهنجي ٿورائتي آهي جو تو مٿس پنهنجا پير گهمايا آهن. هن محل جون ڀتيون تنهنجون ٿورائتيون آهن جو هنن کي تنهنجي ساز جي ساهن ڇهيو آهي. تنهنجي سنگيت ۾ اهڙو منڊ آهي جو ماڻهو منڊجي پهڻ ٿي وڃن ۽ پهڻ پساهه کڻڻ لڳن. اسين توکي وري به آجيان ٿا چئون ۽ پنهنجو هي نؤ لکو هار توکي ڀيٽ ٿا ڏيون.

ٻيجل: جي ٻاجهه ٿئي هي مڱڻهار هڪڙوعرض ڪري.

ڏياچ: چئه، ٻيجل تنهنجو هڪ هڪ اکر اسان لاءِ ڀڳوان جي حڪم جيان آهي.

ٻيجل: مهاراج، مون جڏهن سنگيت جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي هئي، تڏهن سائين جو سوڳند کنيو هيم ته ڪڏهن به پنهنجي سنگيت لاءِ دان نه وٺندس. اوهان جو نؤ لکو هار مان اکين تي رکي، موٽائڻ جي گستاخي ٿو ڪريان. منهنجي سنگيت جي ساراهه ۾ چيل اوهان جا ٻول ئي منهنجو سڀ کان وڏو دان آهي.

(ڏياچ نؤ لکو هار موٽائي وٺي ٿو، پردو ڪِري ٿو.)

 

ڏيک ٽيون

 

(ساڳيو منظر)

ڏياچ: ٻيجل، اسان ڪيترين راتين کان تنهنجو سنگيت پيا ٻڌون هر رات تون سرندو سوري، سورٺ راڻي جي رٺل ننڊ کي ريجهائيندو آهين ۽ جڏهن سورٺ راڻي سپنن جي سنسار ۾ پهچي ويندي آهي تڏهن اسان جي اوجاڳن کي جاڳائيندو آهين. ٻيجل، تنهنجي سر جي سڳنڌ، تنهنجي تند جي تنوار سورٺ راڻيءَ جي ننڊ کي ته ريجهايو، پر اسان کي اوجاڳا ڏيئي ڇڏيا. اسان جي ننڊ ۽ سپنا تنهنجي ساز جي سرن ۾ ٿا سڏڪن.

ٻيجل: مان اوهان جو ٿورائتو آهيان مهاراج، جو اوهان مون معمولي مڱڻي جو مان ڪيو آهي.

ڏياچ: مانُ ته تو اسان جو ڪيو آهي ٻيجل، جو پنهنجي راڳ سان اسان جي آتما کي پرماتما تائين پهچايو اٿئي. اسان جا ڪن تنهنجا ٿورائتا آهن جن ۾ تو پنهنجي راڳ جو امرت اوتيو آهي. اسان جو انگ انگ تنهنجو ٿورائتو آهي جنهن کي تنهنجي راڳ جي آڳ لهسايو آهي. اسان جو اندر تنهنجو ٿورائتو آهي جنهن ۾ تنهنجي آلاپ جا الا ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيا آهن. ٻيجل! تنهنجو راڳ اسان جي آتما جي آڪاس تي انڊلٺ جيان کڙيو آهي. جنهن ۾ تنهنجا ست ئي سر ستن رنگن جيان ٽڙي بيٺا آهن.

ٻيجل: مهاراج، اوهان جي ساراهه جي ساهميءَ ۾ جڏهن پنهنجيءَ تند کي توريان ٿو ته لڄ ٿي اچيم.

ڏياچ: لڄ ته اسان کي ٿي اچي ٻيجل، جو اسان جي راڄڌانيءَ ۾ ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي جيڪا تنهنجي سرندي تي مٽ هجي ۽ جيڪا اسان توکي دان ۾ ڏيئي سگهون. اسان سمجهندا هئاسين ته اسان هن هيڏي وڏي راڄڌانيءَ جا راجا آهيون، پر اڄ خبر پئي ته اسان پاڻ پينار آهيون ۽ اسان جي پالهي پاند ۾ ڪجهه ڪونهي جو اسان توکي ڏيئي سگهون.

ٻيجل: منهنجي سرندي جي ساراهه ئي مون لاءِ سڀ کان وڏو دان آهي مهاراج.

ڏياچ: ٻيجل، تون اسان کان ڪو دان نٿو گهرين، پر تنهنجو سرندو اسان کان ڪجهه گهري ٿو. تنهنجي ساز ۾ ڪو راز، تنهنجي من ۾ ڪا مام آهي جيڪا اسان پروڙي نٿا سگهون. ٻڌاءِ ٻيجل، تنهنجو سرندو اسان کان ڇا ٿو گهري؟

ٻيجل: اوهان جي پيرن ۾ پناهه ٿو گهري، مهاراج.

ڏياچ: نه، ٻيجل، تنهنجو سرندو پنهنجي الستي آواز سان اسان کان ڪجهه گهري رهيو آهي. تنهنجي ساز ۾ ڪو راز لڪل آهي، جيڪو اسان سمجهي نٿا سگهون، ٻڌاءِ، ٻيجل، تنهنجي سرندي جي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟

ٻيجل: منهنجي سرندي جي من ۾ اوهان جي ڇٽ جي ڇانوَ ۾ رهڻ جي مڱ آهي.

ڏياچ: اسان جو ڇٽ، اسان جو سر ۽ ساهه تنهنجي تند آڏو تڇ آهن، تنهنجي تند اسان جي جند کي ڌو‎ڻي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو سارو سرير ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙن جيان آڪاش ۾ ٿو اڏامي، تنهنجي آواز اسان جي اندر ۾ اهڙي اڃ اٿاري آهي جو تنهنجي آواز کانسواءِ هي سارو سنسار رڃ ٿو لڳي. وري تند تنوار، ٻيجل، وري آتما جي اُڃ اٿار.

(ٻيجل سرندو سوري ڳائي ٿو)

تو در آيس راڄيا، ههڙو وٺي حال،

اونائيج عليل جو، سٻاجها! سوال،

آڱڻ مٿي آن جي، ڪَهي ڪي قوال،

ڀلا! ڪري ڀال، امن ڏيو اُن کي.

ڏياچ: ٻڌاءِ، ٻيجل، تون اسان جي اڱڻ ڪهڙو سوال کڻي آيو آهين؟

ٻيجل:        

ٻيا در ڏيئي ٻن، آيس تنهنجي در،

سونهارا سورٺ وَر، ڪا منهنجي ڪر،

ڀلا، ڀير ڀر، پالهو پاند پينار جو،

ڏياچ: (بي چين ٿي) اسان تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون، ٻيجل؟ اسان آڪاس مان سج ۽ چنڊ آڻي تنهنجي جهول ۾ وجهون پر انهن جي جوت تنهنجي راڳ جي روشني اڳيان جهڪي ٿي ويندي. اسان انڊلٺ جو هار تنهنجي ڳچيءَ پايون پر انڊلٺ جا ست ئي رنگ تنهنجن ستن سرن آڏو بي رنگ ٿي ويندا. اسان توکي ستن آڪاسن جي اوچاين تي ويهاريون پر ڀڳوان پاڻ آڪاسن جي اوچاين تان لهي تنهنجي سرندي ۾ ساهه ٿو کڻي. ٻڌاءِ ٻيجل، اسان تنهنجو پالهو پلاند ڇا سان ڀريون؟

ٻيجل: مهاراج هڪڙي معمولي مڱ من ۾ آهي، جيڪا......

ڏياچ: (هن جي ڳالهه ڪٽيندي ۽ اتساهه سان) ٻڌاءِ ٻيجل،تنهنجي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟ اسان تنهنجي مڱ پوري ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون. اسان تو سان وچن ٿا ڪريون ته هن جنسار مان جيڪي گهرندي تنهن سان تنهنجو پالهو پاند ڀرينداسين.

ٻيجل: وچن ٿا ڏيو، مهاراج؟

ڏياچ: ها ٻيجل، اسان توکي مهاراجن وارو وچن ٿا ڏيون.

ٻيجل: مهاراج، مون کي...... مون کي.......

ڏياچ: هٻڪين ڇو ٿو ٻيجل؟ گهر جيڪي گهرڻو اٿئي.

ٻيجل: (يڪدم چئي ٿو) مون کي اوهان جو سر گهرجي.

ڏياچ: ٻيجل.....!(ڏياچ جي دانهن سان سرندي ۽ ستار جي گڏيل موسيقيءَ جو ڇمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ پوءِ سرندو هلڪن سرن ۾ پس منظر ۾ وڄندو رهي ٿو) تو هي ڇا گهريو، ٻيجل.....؟ تو هي ڇا گهريو! تون منهنجو سر وڍيندي ته پوءِ تنهنجو سنگيت ڪير ٻڌندو؟ هي مٺڙا مٺڙا ماڻهو، من موهڻيون مورتون، هي سڀ ڀڳوان جا ڳاتل راڳ آهن، مان اهي راڳ ڪيئن ٻڌي سگهندس ٻيجل.

ٻيجل: مهاراج، اوهان منهنجو پالهي پلاند ڀرڻ جو وچن ڪيو آهي.

ڏياچ: ڏس ٻيجل، هي سنسار ڪهڙو نه سونهن ڀريو آهي ۽ جيون جو راڳ ڪهڙو نه مٺڙو ۽ مڌر آهي، ٻيجل. تو ڪڏهن شرناءِ جي سرن ۾ سهاڳ کي ڏاڙهونءَ گل جيان ٽڙندو ڏٺو آهي؟ تو ڪڏهن بدن مان بسنت بهار، ڪارين، ڪجلين اکڙين مان سارنگ جا سانورا سر، مرڪ مان ملهار ۽ چپڙن مان چڙن جا آواز ٻڌا آهن؟

ٻيجل: مهاراج، اوهان مون کي وچن ڏنو آهي.

ڏياچ: ٻيجل، تو ڪڏهن ڳورن ڳلن تي ڳاڙهاڻ جي ڏياٽين کي جرڪندو، اَبهم ٻار کي ننڊ ۾ مرڪندو، ڪنواريءَ جي ڇرڪ سان ڪنولن کي ڇلندو ڏسي پنهنجي جذبن جو جلترنگ ٻڌو آهي؟ جي زندگيءَ جي سونهن جا اهي سنگيت ٻڌا اٿيئي ته پوءِ تون ايترو پٿر دل ڇو آهين ٻيجل، جو منهنجو ساهه ٿو ڪڍين؟

(ٻيجل سرندو وڄائي ڳائي ٿو)

پرديسيان پنڌ ڪري، هلي آيو هون،

اونچو تون عرش تي، آن ڀورو مٿي ڀون،

ڪيئن تُسندين تون؟ هي سر سوالي مڱڻو.

ڏياچ: سر جا سوالي مڱڻا! ڏس ته منهنجي ديس جي ڌرتي ڪهڙي نه سهڻي آهي. ديس جا جوان ديپڪ راڳ جا آلاپ ۽ جوانڙيون ملهار راڳ جا ڀنل روپ آهن. تون مون کان منهنجو ديس ڇو ٿو کسين ٻيجل؟ مان پنهنجي ماءُ جي لولي، سورٺ جي سينڌ جو سينگار آهيان..... مان......

ٻيجل: (ڏياچ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپي سر ۾ بيت چوي ٿو)

محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو،

سِر جي صدا سُر ۾، گهور هڻي گهرندو،

مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو،

جهونا ڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

(ٻيجل بيت ختم ڪرڻ سان سرندي جي لئه کي تيز ڪري ٿو. سرندي جا سُر ڏياچ جي ساهه کي وڪوڙي ٿا وڃن ۽ هن جي وات مان بي اختيار لفظ نڪرن ٿا)

ڏياچ: اسان تنهنجي ساز جو راز سمجهيو، مڱڻهار، اسان تنهنجي من جي مام پروڙي، تنهنجي مڱ ضرور پوري ٿيندي، ٻيجل تنهنجي......مڱ ....... ضرور پوري...... ٿيندي.

(پردو ڪِري ٿو.)

 

ڏيک چوٿون

ڏياچ: آءُ ٻيجل، اڄ وري ڏياچ توکي ڏهه ڀيرا آجيان ٿو چوي، جيئن تون پنهنجي راڳ کي سينگاريندو سنواريندو آهين تيئن اڄ اسان پنهنجي سنڌ سنڌ کي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. اسان پنهنجن هٿن ۽ پيرن تي مينديءَ جون لاٽون جرڪايون آهن. پنهنجو تن بدن سرهاڻ سان ڌوتو آهي ۽ مٿي کي موتيئي ۽ مگري جون مالهائون پارايون آهن. اڄ اسان جي آتما تنهنجي سرندي سان لائون لهندي.

ٻيجل: اڄ کانپوءِ هن جڳ ۾ سنگيت جي سهائي ٿيندي، جنهن ۾ ڏياچ جو نالو چوڏس چمڪندو.

ڏياچ: اڄ کانپوءِ ڏياج ۽ ڪماچ هڪ ٿي ويندا.

ٻيجل: اڄ کانپوءِ مڱڻهار تنهنجي ملڪ جي مٽيءَ تي مٿو ٽيڪيندا.

ڏياچ: اڄ کانپوءِ اسان جا ساهه تنهنجي سرندي جو سر بڻجي ٻُرندا. اڄ کانپوءِ تنهنجو سرندو ڪڏهن سک جو ساهه نه کڻندو. تنهنجي سرندي ۾ سورٺ جو سهاڳ پيو سڏڪندو.

ٻيجل: اڄ کانپوءِ منهنجي راڳڻيءَ جو نالو سورٺ پئجي ويندو ۽ جڏهن به ڪو مڱڻهار اها راڳڻي ڳائيندو يا وڄائيندو ته ماڻهو سورٺ ور کي ياد ڪندا جنهن سُرَ تي سرِ ڏنو.

ڏياچ: اڄ کانپوءِ ماڻهن کي خبر پوندي ته جنهن سِر  کي ويريءَ جي تلوار نمائي نه سگهي تنهن کي تند ڪپي ڇڏيو.

ٻيجل: اڄ کانپوءِ هن جڳ مان تلوار جي راڄ جو خاتمو ٿيندو ۽ سنگيت جو راڄ شروع ٿيندو.

ڏياچ: هاڻي سرندو سنڀال، ٻيجل، اسان جي آتما پرديس پلاڻن کان اڳ تنهنجي سرن جي سرهاڻ سان سرهو ٿيڻ ٿي چاهي.

(ٻيجل سرندو وڄائي ڳائي ٿو)

تو در آيس راڄيا! ٻيا در دور ڪري،

دولهه! تو درٻار ۾، آيس پير ڀري،

مڱڻو آءٌ نه مال جو، منهنجو پنڌ پري،

وري ڪين وري، مٿي ڌاران مڱڻو.

ڏياچ: مٿو تنهنجي مِلڪِ آهي، ٻيجل، پر تنهنجي سُرَ کي هي سِر آڇيندي لڄ ٿي اچيم.

(ٻيجل جواب ۾ بيت ڳائي ٿو)

پرديسان پنڌ ڪري آيس آڳاهيئنءَ ماءِ،

جي وهاڻيءَ ويرم ٿئي، ته مون هير ئي هلاءِ،

سونهارا سورٺ ور، ڳالهه هنئين سين لاءِ،

سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وچان ويرين آئيو.

ڏياچ: تون ويرين جو وير پاڙڻ آيو آهين ٻيجل، پر تنهنجي تند ويريءَ جي به واهرو آهي. تنهنجي سرن موت جو به مان ڪيو آهي. اڄ اسان وٽ موت تنهنجي راڳن جو ويس پائي آيو آهي ۽ اسان کي اڄ خبر پئي آهي ته موت تنهنجي سرن جهڙو سهڻو آهي. اسان ههڙي موت کي مرڪندڙ من سان آجيان ٿا چئون ۽ هڪ وار مري وري جيئڻ ٿا چاهيون ۽ جي وري تنهنجي تند سان ڪنڌ ڪپائڻ ٿا چاهيون.

(ٻيجل جواب ۾ بيت سر سان ڳائي ٿو)

محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سري،

لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري،

هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل! دانهن ٻري،

جهونا ڳڙهه جُهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

ڏياچ: هن ساري سنسار جي سونهن، سورٺ جي محبت، تنهنجي سرن ۾ سمائي وئي آهي ٻيجل، اسان تنهنجي سرندي جي سونهن کي پنهنجو ست ساهه ۽ سر آڇيندي لڄ ٿا مرون. جي تنهنجي سرندي کي اسان جو ڪين جهڙو سر قبول آهي ته پوءِ ويرم نه ڪر. پنهنجي تند کي تکو ڪري اسان جي ڪنڌ تي وهاءِ ٻيجل.

(ٻيجل سرندو وڄائي ٿو ۽ ڏياچ تي بي خودي ڇانئجي ٿي)

ڏياچ: اسان تنهنجي تند تان جند گهوري ٻيجل، اسان تنهنجي سُر تان سِر گهوريو. تنهنجي راڳ جي آڳ اسان جي انگ انگ کي وڪوڙي وئي آهي، اسان جو سارو سرير جلي سڙي راک ٿي ويو آهي. هي مٽيءَ جهڙو مٿو، هي ڌوڙ جهڙو ڌڙ تنهنجو آهي، ٻيجل.

(سرندي جي تيز لئه سان گڏ ٻيا به ساز وڄڻ لڳن ٿا. اسٽيج تي آهستي آهستي بتيون وسامنديون وڃن ٿيون ۽ مڪمل اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. اوچتو سورٺ دانهون ڪندي اندر گهڙي ٿي اچي)

سورٺ: (پريان کان) مهاراج ..... مهاراج، مون وري اڄ اهو سپنو ڏٺو. اهو چارڻ آيو آهي....... (اسٽيج تي روشني ٿئي ٿي. سورٺ جي نظر ڏياچ جي وڍيل سر تي پوي ٿي هوءَ دانهن ڪري بيهوش ٿي ڪري پوي ٿي.)

(پس منظر ۾ پڙاڏي سان آواز ٿو اُڀري)

گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،

سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيو.

 

 

15 مارچ 1967ع تي ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان نشر ٿيڻ کانپوءِ اپريل 1967ع ۾ روح رهاڻ جي سالنامي ۾ شايع ٿيو.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com