خواب جو سورج
جيڪڏهن اڄ اُهي رستا نظر نٿا اچن
جيڪي مقدس سچائيءَ ڏانهن وٺي ٿا وڃن
ته پوءِ مبارڪ آهن اُهي ذهن،
جيڪي سون ورنا خواب ٿا ڏيکارين،
جيڪڏهن سڀاڻي سج نه نڪري
۽ پنهنجن ڪرڻن سان ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ وساري ڇڏي
ته پوءِ سڀاڻي ڪنهن ديواني جو خواب
ساري ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيندو.
(گورڪيءَ جي ڊرامي ”پاتال“ تان ورتل)
خواب جو سورج
ڏيک پهريون
(ٻه ماڙ جي مٿاهين منزل، وڏو هال جنهن جو اڌ حصو ڊائننگ ۽ اڌ
حصو ڊرائنگ روم جي طور استعمال ٿيندو آهي. هال جي
کاٻي ۽ ساڄي طرف ٻه دروازا آهن. کاٻو دروازو ڏاڪڻ
جو آهي جيڪو ڏکڻ طرف کلي ٿو. ساڄو دروازو اندرئين
طرف کلي ٿو. سامهون واريءَ ڀت ۾ دري آهي جنهن ۾
لوهه جون شيخون لڳل آهن. دريءَ کان ٻاهر نيري
آسمان جي پس منظر ۾ نم جون ڪجهه ٽاريون نظر اچن
ٿيون. ساڄي پاسي واري ڀت ۾ بخاري آهي. جنهن جي
ڪارنس تي ڊاڪٽرن وارو چمڙي جو ٿيلهو، ڊاڪٽر مجيد
جو فريم ٿيل فوٽو ۽ گلن کان خالي گلدستو رکيل آهي.
کاٻي ديوار جي ڀر ۾ ڊائننگ ٽيبل پئي آهي. ٻنهي
دروازن جي وچ واري حصي ۾ غاليچو وڇايل آهي ۽ آرام
ڪرسيون، صوفا پيس ۽ سينٽر ٽيبل بي ترتيبيءَ سان
پيا آهن. دريءَ جي مٿان ڀت تي گهڙيال ٽنگيل آهي،
جنهن ۾ ٻه وڄڻ وارا آهن. ڪمري جي وچ ۾ ڇت جي پکي
جي هيٺان ڊاڪٽر مجيد آرام ڪرسيءَ تي ويٺو ڊاڪٽريءَ
جو ٿلهو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. ڪمري کان ٻاهر رکي
رکي لُڪَ ٿي لڳي ۽ لُڪَ جي جهوٽن جو آواز ڪمري جي
ماحول کي اداس ڪري ٿو ڇڏي. هوا جي جهوٽن ۾ نم جون
ٽاريون لڏن ۽ لمن ٿيون. گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هڻي
ٿو. مجيد ڪتاب مان نظرون هٽائي گهڙيال ڏانهن ڏسي
ٿو ۽ پوءِ ڏاڪڻ واري در ڏانهن منتظر نظرن سان
نهاريندي چئي ٿو.
مجيد: ٻه ٿي ويا. سڪينه کي اچڻ گهرجي.
(هو وري ڪنڌ جهڪائي نظرون ڪتاب ۾ کپائي ٿو ڇڏي، ساڄي دروازي کان
نوڪرياڻي اندر اچي ٿي.)
نوڪرياڻي: سائين، ماني لڳايان؟
مجيد: (ڪتاب تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ) نه مائي، حالي بيهه،
سڪينه اچي ته پوءِ لڳائجانءِ.
(نوڪرياڻي ساڳي دروازي کان نڪري وڃي ٿي، ايتري ۾ ڏاڪڻ واري
دروازي مان سڪينه داخل ٿئي ٿي ۽ برقعو لاهيندي ڄڻ
پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چوي ٿي .....)
سڪينه: الا، اڄ ڪيڏي نه گرمي آهي.
مجيد: (ڪتاب تان نظرون هٽائي سڪينه ڏانهن ڏسندي، هلڪي خوشيءَ
وچان) اچين وئينءَ.
(سڪينه هن کي جواب نه ٿي ڏي، هوءَ برقعو لاهي ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي
اڇلائي ٿي ۽ پاڻ ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ڪرسيءَ
جي ٽيڪ تي رکي ٿي.)
سڪينه: گرميءَ ۾ ساهه ٿو ٻوساٽجي، پکي جي هوا ته اثر ئي نه ٿي
ڪري.
مجيد: اس مان آئي آهين انڪري پکي جي هوا اثر نه ٿي ڪري. مون
توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته نوڪري ڇڏي ڏي.
ماسترياڻي جو پگهار گهڻو! توکي پگهار جي ڪهڙي
ضرورت آهي. مان ڊاڪٽر آهيان، گهڻي ئي پئسا ٿو
ڪمايان، منهنجا پئسا به ته تنهنجا ئي آهن، پر تون
پنهنجي ڳالهه تان لهين ئي نه ٿي.
سڪينه: (مجيد جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري شوڪارو ڀري ٿي)
اف، الا اڄ گرمي مون کي ماري ڇڏيندي.
مجيد: (اٿندي) بيهه ته تنهنجي لاءِ گلوڪوس ٺاهي اچان. هڪڙو گلاس
پيئندينءَ ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندءِ.
(مجيد ساڄي پاسي واري دروازي مان نڪري وڃي ٿو. سڪينه ڪرسي جي
ٽيڪ تان مٿو کڻي ٿي ۽ رئي جي پلاند سان پيشاني تان
پگهر اگهندي چئي ٿي.)
سڪينه: پکي جي هوا مان به ڄڻ باهه پئي وسي (ٻاهران لڪ جي جهوٽن
جو آواز اچي ٿو) لڪ ته ڪيڏي ٿي لڳي. نسوري باهه ٿي
وسي.
(ساڄي دروازي مان نوڪرياڻي اندر اچي ٿي)
نوڪرياڻي: بي بي. ماني لڳايان.
سڪينه: مان ماني نه کائيندس. گرميءَ ۾ ڪجهه نٿو وڻي.
نوڪرياڻي: ڊاڪٽر صاحب به ماني نه کاڌي آهي چيائين ٿي، سڪينه بي
بي اچي ته گڏجي کائينداسين.
سڪينه: مجيد کي کارائي ڇڏ، مون کي نٿي وڻي.
(نوڪرياڻي وڃي ٿي. ساڳي دروازي مان مجيد اندر اچي ٿو. هن جي هڪ
هٿ ۾ شيشي جو گلاس آهي ۽ ٻئي هٿ سان هو ان ۾ چمچو
گهمائيندو سڪينه جي ويجهو اچي ٿو.)
مجيد: (گلاس سڪينه ڏانهن وڌائيندي) هان وٺ، هڪڙو گلاس پيئندينءَ
ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندءِ.
سڪينه: حالي رک پوءِ پيئان ٿي.
مجيد: دوا پيئڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ڪجي، اهو ڊاڪٽريءَ جو اصول
آهي.
سڪينه: (بيزاريءَ مان) چيم نه ته حالي رک، پوءِ پيئان ٿي.
مجيد: جيڪا تنهنجي مرضي. (گلاس ميز تي رکي ٿو) هيل ڏاڍي سخت
گرمي پئي آهي. ههڙي گرميءَ ۾ احتياط ضروري آهي.
ماڻهو ٿوري به بي پرواهي ڪندو ته جهٽ ۾ سن اسٽروڪ
ٿي پوندس. شهر ۾ روز ٿا سن اسٽروڪ جا ڪيس ٿين.
هيڏي ساري شهر ۾ مان ئي هڪڙو ڪئاليفائيڊ ڊاڪٽر
آهيان، مريضن سان کٿو نه ٿو پڄان. ڊاڪٽر جي به
ڪهڙي زندگي آهي. نه راتن جو ننڊ، نه ڏينهن جو
آرام.
(مجيد جي ڳالهين جي دوران سڪينه جي چهري تي بيزاريءَ جا تاثرات
اڀرن ٿا ۽ هوءَ ڪرسيءَ تان اٿندي چئي ٿي.)
سڪينه: مان ته هتي زندگيءَ کان بيزار ٿي پيئي آهيان. ڇا هن
ڌرتيءَ تي ڪا اهڙي جاءِ ڪانهي جتي گرمي گهُٽ ۽
ٻوسٽ نه هجي، جتي ماڻهو ماڻهوءَ کان بيزار نه هجي،
ماڻهن جون ڳالهيون اهڙيون ته وڻندڙ هجن جو هنن جون
ڳالهيون ٻڌي زنده رهڻ جي خواهش وڌي وڃي.
مجيد: مون کي احساس آهي ته منهنجون ڳالهيون اڻ وڻندڙ ۽ بيزار
ڪندڙ آهن پر مان ڇا ڪريان؟ مون ڪڏهن به ڊاڪٽريءَ
جي ڪتابن کانسواءِ اجايا سجايا ڪتاب نه پڙهيا آهن.
ان ڪري مون کي ڳالهيون ٺاهڻ نه اينديون آهن.
سڪينه: تو پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي ڪتابن ۾ بيزاريءَ لاءِ ڪو علاج
پڙهيو آهي. بيزاري......! هر شيءِ کان بيزاري، هن
گهر، هن شهر کان بيزاري، ان احساس کان بيزاري ته
مان زندهه آهيان، اها بيزاري مون کي ماري ڇڏيندي.
(سڪينه پنهنجو پاڻ کي آرام ڪرسيءَ تي اڇلائي ٿي ۽ مٿو ڪرسيءَ جي
ٽيڪ تي رکي ڇڏي ٿي.)
مجيد: بيزاري ڪا بيماري ڪانهي گرميءَ جي ڪري ڊپريشن ٿئي ٿو.
پگهر سان جسم مان سارو سوڊيئم ۽ پوٽيشم خارج ٿي
وڃي ٿو ان ڪري طبيعت ۾ بيزاري پيدا ٿئي ٿي. ٻه
ڏينهن لوڻ پاڻي ۽ فروٽ جوس پيئندينءَ ته بيزاري
پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.
(ايتري ۾ پاسي واري ڪمري مان کنگهه جو نٻل ۽ ڪمزور آواز اچي ٿو.
کنگهه جو آواز ٻڌي سڪينه جو منهن هارجي وڃي ٿو.
هوءَ آهستي آهستي ڪرسيءَ تان مٿو کڻي ٿي ۽ ڪن لائي
کنگهه جو آواز ٻڌي ٿي. آواز هلڪو ٿي ختم ٿي وڃي
ٿو.)
سڪينه: ماسي هاڻي ڪيئن آهي؟
مجيد: موت ۽ زندگيءَ جي جنگ هلي پئي.
سڪينه: (ڪرسيءَ تان اٿندي) موت ۽ زندگي! ٻئي ڪيڏا نه خوفناڪ لفظ
آهن.
مجيد: هن سائنسي دور ۾ اهڙيون ايجادون به ٿيون آهن جن سان ماڻهو
موت سان مقابلو ڪري سگهي ٿو.
سڪينه: ڇا ڪا اهڙي به سائنسي ايجاد ٿي آهي جنهن سان ماڻهو
زندگيءَ سان مقابلو ڪري سگهي. زندگيءَ مان ساري
ڪڙاڻ کي ڪڍي ڇڏي، جيئن نانگ مان زهر ڪڍبو آهي ۽
زندگي ماکيءَ جهڙي مٺي ٿي پوي. هن دنيا ۾ ڪي ته
اهڙا انسان به هوندا جن لاءِ زندگي ماکيءَ جهڙي
مٺي هوندي! جيڪي مون وانگر زندگيءَ کان بيزار نه
هوندا، جن لاءِ هر نئون صبح نت نين خوشين جا پيغام
آڻيندو هوندو. منهنجي لاءِ ته زندگي زهر آهي. روز
صبح جو اٿندي آهيان ته ساڳيو گهر، ساڳيا ماڻهو، هر
شيءِ ساڳي هوندي آهي. روز هن دريءَ مان سج ليئو
پائي چوندو آهي: هاڻي اسڪول وڃڻ جو وقت ٿي ويو.
اسڪول ۾ ساڳيون ڇوڪريون، ماسترياڻين جون ساڳيون
بيزار ڪندڙ ڳالهيون، ڍڳي وانگر زنگيءَ جي گهاڻي ۾
پئي ٿي وَهان، پر ڍڳي جي اکين تي ته کوپا چڙهيل
هوندا آهن ۽ هن کي خبر ئي ڪانه هوندي آهي ته گهاڻي
کان ٻاهر زندگي ڪيتري نه حسين آهي.....! وڏا ۽
وائکا ميدان آهن جن ۾ سونهن جا پِيلا گل ٿا جهولن.
سج ڌرتيءَ جي هنج ۾ منهن لڪائي ٿو ۽ افق وٽ گلاب
جا هزارين گل ٽڙي ٿا پون.
مجيد: اوهان اديبن ۽ فنڪارن سان ٽريجڊي اها آهي جو اوهين
احساسات جي سطح تي زندگي گذاريندا آهيو. اوهان جو
ذهن اوهان جي احساسن جي تابع هوندو آهي. اڄ جو دور
احساسن جو نه ذهن جو دور آهي. هن دور کي اوهان جون
ڪهاڻيون ۽ اوهان جا بيت نه گهرجن، پر اهڙا هٿ
گهرجن جيڪي آپريشن ڪري سگهن، جيڪي نت نيون ايجادون
ڪري سگهن.
(ڪال بيل وڄي ٿي، نوڪرياڻي ساڄي دروازي مان نڪري کاٻي دروازي
ڏانهن وڃي ٿي.)
سڪينه: شايد ٽپالي آيو آهي.
مجيد: ٽپالي ته ٿي ويو.
(نوڪرياڻي اندر اچي ٿي.)
نوڪرياڻي: سائين اوهان کي هڪڙو ماڻهو پيو سڏي.
مجيد: چئينس ته اچي ٿو. مون کي هڪڙي مريض کي ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو.
(ڪارنس تان ڊاڪٽريءَ جو ٿيلهو کڻندي) ڳالهين ۾ ياد
ئي نه رهيو. تون امان جو خيال رکجانءِ، مان مريض
کي ڏسي ٿو اچان.
(مجيد وڃي ٿو. اسٽيج تي سڪينه ۽ نوڪرياڻي اڪيليون رهجي وڃن
ٿيون.)
سڪينه: مائي خط نه آيو؟
نوڪرياڻي: نه بيبي.
سڪينه: اڄ هن جي خط اچڻ جو ڏينهن هو. الائي ڇونه آيو؟
نوڪرياڻي: بيبي تون جمال جي خط جو ڪيڏو نه انتظار ڪندي آهن.
سڪينه: جمال جا خط ئي منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهن.
(وري ڪال بيل وڄي ٿي. نوڪرياڻي ٻاهر وڃي ٿي. سڪينه آرام سان
ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي ٿي. پاسي
واري ڪمري مان ماسي جي کنگهه جو نٻل ڪمزور آواز
اچي ٿو. کنگهه جو آواز ٻڌي سڪينه جو منهن هارجي
وڃي ٿو. هوءَ آهستي آهستي مٿو مٿي ڪري آواز ٻڌي
ٿي. نوڪرياڻي اندر اچي ٿي. هن جي هٿ ۾ ڪاغذ جو
لفافو آهي.
نوڪرياڻي: بيبي تار آئي آهي.
سڪينه: (ڇرڪي) تار.....!
نوڪرياڻي: بيبي، پڙهه ته ڇا جي تار آهي، شل خير جي هجي.
(سڪينه تار وٺي جلدي جلدي کولي پڙهي ٿي. هن جو چهرو خوشيءَ مان
ٽڙي پوي ٿو.)
سڪينه: (پنهنجي منهن) جمال ٿو اچي!
نوڪرياڻي: بيبي خير جي تار آهي ني.....؟
سڪينه: (خوشيءَ مان ٽڙندي) مائي جمال ٿو اچيئي.
نوڪرياڻي: جمال!
سڪينه: ها ها، جمال، اڄ ڏهين واري گاڏي ۾ ايندو. هينئر ٽائيم
الائي گهڻو ٿيو آهي؟ (گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسي ٿي)
اڍائي ٿيا آهن. ڏهن ۾ اڃا گهڻي دير آهي. مائي
تيسين تون هي ڪمرو ٺيڪ ڪري وٺ. هي صوفا ڀت سان ڪري
رک. ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، انهن کي ڇنڊي ڦوڪي
ميز تي سجائي رک. موتئي جا گل گهرائي ۽ گلدستي ۾
سجائي، جمال کي گل ڏاڍا وڻندا آهن. هڪ دفعي هن خط
۾ لکيو هو ته هو هميشه ڪتاب پڙهڻ يا ڪهاڻي لکڻ مهل
سامهون گل سجائي رکندو آهي. مائي، جمال تمام وڏو
ليکڪ اٿيئي. پر مائي تون ائين وائڙن وانگر منهنجو
منهن ڇو ٿي ڏسين، ڪجهه ڪرين ڇو نه ٿي، ڄاڻ ڏهه
ٿيا، اڃا سارو گهر ٺاهڻو آهي.
نوڪرياڻي: بيبي، تون يڪ ساهيءَ ايتريون ڳالهيون چئي ويئي آهين،
جو مون کي ته هڪ ڳالهه به ياد نه رهي.
سڪينه: اوءِ مائي! چڱو هل ته پهرين توکي سمجهايان ته رات جي
ماني ۾ ڇا ڇا تيار ڪرڻو اٿيئي.
(سڪينه نوڪرياڻيءَ سان گڏ ڪمري مان وڃي ٿي.)
پردو ڪِري ٿو
ڏيک ٻيو
(ساڳيو ڪمرو، ڪمري جو سامان ترتيب سان رکيل آهي. دروازي ۽ دريءَ
تي پردا ٽنگيل آهن، دريءَ جو پردو هٽايل آهي ۽
دريءَ کان ٻاهر نم جي ٽارين جي پٺيان اونداهون خال
نظر ٿو اچي جنهن ۾ ستارا ٽمڪي رهيا آهن. سينٽر
ٽيبل تي گلدستي ۾ موتئي جا کير جهڙا اڇا گل سجايل
آهن. گهڙيال سوا ڏهه ٿو وڄائي ساڄي دروازي جو پردو
هٽائي سڪينه اندر اچي ٿي، هن جي پٺيان نوڪرياڻي
آهي)
سڪينه: (ڪمري جو جائزو وٺندي.) هاڻي ڪمرو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. هر
شئي ترتيب ۽ سليقي سان رکيل آهي. (هن جي نظر ميز
تي رکيل گلدستي تي پوي ٿي. هوءَ گلدستي ڏانهن وڌي
ٿي) اڄ پهريون دفعو هن گهر ۾ گل ٿا نظر اچن.
(گلدستي تي جهڪي، اونهون ساهه کڻي گل سنگهي ٿي.)
الائي گهڻن ڏينهن کان پوءِ مون گل سنگهيا آهن. هن
گهر ۾ ته رڳو مجيد جي دوائن جي ڌپ پئي ايندي آهي
گهر ته نه آهي، ڄڻ اسپتال آهي، مائي چانهه جو پاڻي
ته چاڙهي ڇڏيو اٿيئي ني، جمال چانهه جو ڏاڍو شوقين
آهي. پنهنجي هر خط ۾ چانهه جو ذڪر ڪندو آهي. چانهه
جي ڪوپ مان نڪرندڙ هلڪي ٻاڦ، گرمي ۽ ميٺاڄ
ڄڻ......
(ايتري ۾ ماسي جي کنگهه جو آواز اچي ٿو ۽ سڪينه جي چهري تان
يڪدم خوشي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ هوءَ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي
ڏي ٿي.)
نوڪرياڻي: وڏي بيبيءَ تي وري کنگهه جو دورو پيو آهي. مان ڏسي
اچانس ٿي.
(نوڪرياڻي وڃي ٿي، کنگهه جو آواز ايندو رهي ٿو. سڪينه ماٺ ڪري،
بُت بڻجي آواز ٻڌندي رهي ٿي. کنگهه جو آواز هلڪو
ٿئي ٿو. ٻاهران گهوڙن جي گهنگهرن جو آواز اچي ٿو،
گهنگهرن جو آواز ٻڌي سڪينه جو چهرو خوشيءَ ۾ ٽڙي
پوي ٿو. هوءَ يڪدم ڊوڙي وڃي دريءَ وٽ بيهي ٿي ۽
دريءَ جي سيخن مان هيٺ نهاري ٿي. ٿوريءَ دير تائين
هوءَ هيٺ نهاريندي رهي ۽ پوءِ دريءَ وٽان هٽي
ڪارنس وٽ اچي ٿي ۽ ڪارنس تي رکيل آئيني ۾ ليئو
پائي ڏسي ٿي. تڙ تڪڙ ۾ وار ٺيڪ ڪري ٿي ۽ پوءِ رئو
مٿي تي رکي منتظر نظرن سان ڏاڪڻ واري دروازي ڏانهن
نهاري ٿي. دروازي مان جمال اندر اچي ٿو. مجيد هن
جي پٺيان اندر داخل ٿئي ٿو. مجيد جي هٿ ۾ جمال جي
بيگ آهي. جمال جي عمر پنجيتاليهه ورهيه آهي. هن
جون پيشانيءَ وٽان وارن جون چڳون ۽ ڪنن وٽان نوڪون
اڇيون آهن. هن کي نظر جي عينڪ پيل آهي، وات ۾
پائيپ اٿس جنهن سان هن جي شخصيت گنڀير ٿي لڳي. هو
پائيپ وات مان ڪڍي گهر جي ديوارن ۽ ڇت کي اهڙيءَ
طرح ڏسي ٿو جو هن جي نظر سڪينه تي نٿي پوي.)
جمال: اڄ ڪيترن سالن کانپوءِ مون هن گهر ۾ پير پاتو آهي، مون
پنهنجو سارو ننڍپڻ هن گهر ۾ گذاريو، پر اڄ هي گهر
.... هن گهر جا در ۽ ديوارون مون کي اوپرا ٿا لڳن.
ڄڻ هر شيءِ بدلجي وئي آهي، پر شايد ڪجهه به نه
بدليو آهي. مان بدلجي ويو آهيان. منهنجا جذبا ۽
احساس بدلجي ويا آهن، مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اڳ
هن هنڌ (ٿورو مڙي هٿ ۾ جهليل پائيپ سان ان طرف
اشارو ڪري ٿو، جتي سڪينه بيٺي آهي. هن جي نظر
سڪينه تي پوي ٿي ۽ هن کان پنهنجي ڳالهه وسري وڃي
ٿي. هو پائيپ سان سڪينه ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو.)
جمال: تون سڪينه آهين ني.....!؟
سڪينه: اوهين ته پنهنجن کي به نٿا سڃاڻو.......
مجيد: پروفيسر مون کي به نه سڃاتو.
جمال: پر تون ايڏي وڏي ڪيئن ٿي ويئينءَ؟ تون ته هيترڙي هوندي
هئينءَ!
سڪينه: اوهان جي مرضي آهي ته اڃا اوتري ئي هجان.
جمال: ڪمال آهي...... (صوفي تي ويهي ٿو) ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو
اوهين ٻئي هيترڙا هوندا هئا. سارو ڏينهن پيا
شرارتون ڪندا هئا. سڪينه ته ڏاڍي شرير هوندي هئي.
رات ٿيندي هئي ته ٻئي اچي منهنجو پاسو وٺندا هئا
ته آکاڻي ٻڌاءِ. مان اوهان کي پرين ۽ ديوين جون
ڪهاڻيون ٻڌائيندو هوس. وقت گذرندي دير ئي نٿو ڪري،
اڄ هڪڙو ڊاڪٽر آهي ۽ ٻي مشهور اديبا.....!
مجيد: اوهين به ته بدلجي ويا آهيو. وار ئي اڇا ٿي ويا اَٿو.
جمال: ياد اٿيئي، ننڍپڻ ۾ اوهان ٻنهي کي شعر پڙهائيندو هوس.....
پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن هيءُ اڇا وار ۽
گهنج وقت جا پيرا آهن.
سڪينه: اوهين ايترا پوڙها ته نٿا لڳو.
جمال: مان به پاڻ کي ائين چوندو آهيان، پر آرسيون ڏاڍيون بي رحم
ٿينديون آهن. منهن تي سچ چئي ڏينديون آهن ته مان
پوڙهو ٿي ويو آهيان. مان به ڪهڙيون ڳالهيون کڻي
ويٺس. اوهان نوجوانن سان پوڙهائپ جون ڳالهيون شروع
ڪري ڏنم.
ها..... مجيد ڪر خبر، ڊاڪٽري ڪيئن ٿي هلي؟
مجيد: ڏاڍي سٺي ٿي هلي، هن ساري شهر ۾ مان ئي هڪڙو ڪواليفائيڊ
ڊاڪٽر آهيان، انڪري مٿي کنڻ جي فرصت به ڪانه ٿي
ملي، پر ته به مان خوش آهيان. منهنجي زندگيءَ جو
ڪو مقصد ته آهي. بنا مقصد جي ڪهڙي زندگي.
سڪينه: ڊاڪٽريءَ جي موضوع تي مجيد ساري رات ڳالهائي سگهي ٿو. پر
خدا جي واسطي مجيد سان ادب ۽ آرٽ جي ڳالهه نه ڪجو،
مجيد کي ادب ۽ آرٽ سان خدا ڪارڻ وير آهي.
جمال: ڇا واقعي؟
مجيد: (ڏک ۽ ناراضگيءَ سان) مون کي ادب ۽ آرٽ سان وير ته ڪونهي،
پر مان ادب ۽ آرٽ کي زندگيءَ جو مقصد نٿو سمجهان،
اهي سڀ واندڪائيءَ جون ڳالهيون آهن، انهن مان
سوسائٽي کي ڪو فائدو نٿو پهچي.
سڪينه: ان ڪري ئي مجيد کي گل نه وڻندا آهن جو گلن مان سوسائٽيءَ
کي ڪو فائدو نٿو پهچي. مجيد جي خيال ۾ سڀني گلن
مان سٺو گل گوبيءَ جو گل آهي. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ
پيٽ ته ڀري سگهجي ٿو.
(جمال کلي ٿو. مجيد جي چهري مان رنج ظاهر ٿئي ٿو.)
جمال: ڏاڍي شرارتي آهين.
(ماسيءَ جي کنگهه جو آواز اچي ٿو. سڪينه جي چهري تان يڪدم خوشي
غائب ٿي وڃي ٿي.)
جمال: چاچيءَ سان ته مليو ئي نه آهيان، چاچي ڪٿي آهي؟
مجيد: امان جي طبيعت خراب آهي. پاسي واري ڪمري ۾ ستي پئي آهي.
جمال: مان چاچيءَ سان ملي اچان ٿو.
مجيد: امان کي هينئر آرام جي ضرورت آهي، اوهين سڀاڻي ملجوس.
(وري کنگهه جو آواز اچي ٿو.)
مجيد: مان امان کي ڏسي ٿو اچان.
(مجيد وڃي ٿو، جمال پائيپ دکائيندي چئي ٿو.)
جمال: مجيد ڪيترو نه بدلجي ويو آهي، ننڍو هوندو هو ته مان هن کي
هڪڙو غير جوابدار ۽ بيوقوف ڇوڪرو سمجهندو هوس، پر
هينئر هو ڪيڏو نه جوابدار ۽ سمجهو ٿي پيو آهي.
سڪينه: مجيد اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو اوهان هن کي ننڍپڻ ۾ ڏٺو
هو. هو ڊاڪٽر آهي، پر هن ۾ ڪامياب ڊاڪٽر ٿيڻ جي ڪا
صلاحيت ڪانهي. ماسيءَ جي بيماريءَ جو وڏو سبب به
مجيد ئي آهي.
جمال: (اٿندي) اسان ۾ ڇا جي صلاحيت آهي ۽ ڇا جي ڪانهي سو ته
اسان مان ڪوبه سمجهي نٿو سگهي. مون ساري زندگي
ڪهاڻيون لکيون، پر هينئر مون کي احساس ٿيو آهي ته
مون ۾ ڪهاڻين لکڻ جي صلاحيت ڪانهي. مان پروفيسر
آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ ڇوڪرن کي پڙهائيندي
سوچيندو آهيان ته مون ۾ پروفيسر ٿيڻ جي به صلاحيت
ڪانهي، مان پنهنجو پاڻ کي ۽ هنن ڇوڪرن کي دوکو
ڏيئي رهيو آهيان، اسين زندگيءَ ۾ جيڪو به پيشو
اختيار ڪندا آهيون تنهنجو دارومدار اسان جي
صلاحيتن تي نه، پر حادثاتي هوندو آهي، اسين سڀئي
زندگيءَ جي ڊرامي ۾ غلط پارٽ پيا ادا ڪريون.
سڪينه: سچ ٿا چئو. اسين سڀئي زندگيءَ جي بي معنيٰ ڊرامي ۾ غلط
پارٽ پيا ادا ڪيون، اسين پنهنجن صلاحيتن جون قبرون
آهيون.
جمال: تو ۾ ته وڏيون صلاحيتون آهن، تون تمام وڏي اديبا آهين.
ايڏي وڏي، جو ڪڏهن ڪڏهن مون کي تو کان ڊپ ٿيندو
آهي.
سڪينه: مون کان ڊپ ٿيندو اٿو؟
جمال: ها، توکان ڊپ ٿيندو آهي، تنهنجي ڏاتِ کان ڊپ ٿيندو آهي.
هر پراڻو نسل نئين نسل کان ڊڄندو آهي، تو ابسن جو
ڊرامو، عظيم معمار پڙهيو آهي، مان به ابسن جي عظيم
معمار وانگر محسوس ڪندو آهيان ته تون منهنجو در
کڙڪائي رهي آهين ته اها ڪرسي خالي ڪر جو هاڻي مان
ڪرسيءَ تي ويهندس.
سڪينه: (لڪل خوشيءَ سان) اوهين هميشه منهنجي همت افزائي ڪندا
آهيو. سچ پچ ته جي اوهين منهنجي همت افزائي نه
ڪريو ها ته مان ڪڏهن به اديبا ٿي نه سگهان ها.
جمال: تنهنجي ڏات سان پيار ڪري مون پنهنجو پاڻ سان پيار ڪيو
آهي. انڪري جو مان تنهنجو پيشرو آهيان ۽ تون
منهنجو آئيندو آهين. مون جڏهن هي گهر ڇڏيو هو،
تڏهن تون ننڍڙي هئينءَ تڏهن مان سوچي به نٿي سگهيس
ته اها ننڍڙي ڇوڪري اڳتي هلي منهنجو آدرش ۽ منهنجو
خواب ٿيندي.
سڪينه: مان اوهان جون ڪهاڻيون پڙهندي هيس ته مون کي اوهان جي
ڪهاڻين ۾ پنهنجن ئي احساسن جا پاڇولا نظر ايندا
هئا، پوءِ مون اوهان سان خط و ڪتابت شروع ڪئي ۽
اسان جي دوستي گهري ٿي وئي.
جمال: ايتري گهري جو جيڪڏهن اڄ ڪو منهنجي زندگيءَ مان ان
دوستيءَ کي ڪڍي ڇڏي ته منهنجي زندگي بي معنيٰ ٿي
پوندي.
(نوڪرياڻي چانهه کڻي اندر اچي ٿي، ٻئي ماٺ ٿي وڃن ٿا، نوڪرياڻي
چانهه ميز تي رکي ٿي، سڪينه ڪرسيءَ تي ويهي چانهه
ٺاهڻ لڳي ٿي ۽ جمال دريءَ کان ٻاهر نهاري ٿو.)
جمال: هتي ڪيتري نه سانت ۽ ڪيترو نه سڪون آهي، رات ڪيتري تاريڪ
۽ تارا ڪيترا روشن آهن. وڏن شهرن ۾ ته ماڻهن ۾ به
انفراديت ڪانهي پر هتي ته بي جان شين کي به پنهنجي
شخصيت آهي.
سڪينه: (چانهه جو ڪوپ هن کي ڏيندي) اوهان کي هتان جي سانت مان
سڪون ٿو ملي، پر مون کي ان سانت کان وحشت ٿيندي
آهي. هن ننڍڙي شهر ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ڪونهي، جنهن
سان ريهاڻ ڪري پنهنجي شخصيت جو اظهار ڪري سگهجي.
اوهان جو خط ايندو آهي ته سمجهندي آهيان ڪو مهربان
دوست ملي ويو.
جمال: تنهنجي ۽ منهنجي دوستي به عجيب آهي، تون اڀرندڙ صبح آهين
۽ مان ميرانجهي سانجهي!
سڪينه: دوستي وقت جا ويڇا اورانگي سگهندي آهي پر ڪڏهن به ذهني
ويڇا اورانگي نه سگهندي آهي. مجيد ۽ منهنجو ئي
مثال وٺو. اسين ٻئي ذري گهٽ هم عمر آهيون، هو
منهنجو ڏاڍو خيال رکندو آهي، پر اسان ۾ ايڏا ته
ذهني ويڇا آهن جو اسين ڪڏهن به دوست ٿي نٿا سگهون.
جمال: مون کي توسان ملڻ جي ڪيڏي نه تمنا هئي، يقين ئي نٿو اچي
ته اڄ منهنجي اها تمنا پوري ٿي آهي، مون جڏهن هي
گهر ڇڏيو هو تڏهن وعدو ڪيو هيم ته وري هن گهر ۾
پير نه پائيندس. اڄ پنجويهن سالن کانپوءِ هن گهر ۾
موٽي آيو آهيان ۽ اڄ هن گهر جون بي زبانون ڀتيون
مون کي منهنجي ننڍپڻ جو داستان ٻڌائي رهيون آهن.
مان ننڍو ئي هوس جو منهنجا پيءُ ماءُ مري ويا.
مجيد جي پيءُ ۽ ماءُ مون کي پاليو، چاچي ۽ چاچيءَ
کي مون کان نفرت هئي، مان هنن کي ڏٺي ڪين وڻندو
هوس. هي بي زبان ڀتيون شاهد آهن ته منهنجو ننڍپڻ
ڪيئن نه نفرت جي جهنم ۾ جلندي گذريو.
سڪينه: مان به يتيم هيس، مون به توهان وانگر ماسي ۽ ماسڙ جا
عذاب سهي ننڍپڻ گذاريو. مون کي ياد آهي، جڏهن ماسي
مجيد کي هنج ۾ ويهاري پيار ڪندي هئي، تڏهن منهنجي
سيني مان سور جي سَٽَ نڪرندي هئي ۽ مان سوچيندي
هيس: جيڪر منهنجي به ماءُ هجي ۽ مون کي هنج ۾
ويهاري پيار ڪري.
جمال: انسان ڪيترو نه دکي آهي، گلڙن جهڙا ٻارڙا ڪيئن نه نفرت جي
ٽانڊن ۾ پڄرندا، وڏا ٿا ٿين ۽ پوءِ ڪيئن نه ان
نفرت جو سوسائٽي کان انتقام ٿا وٺن.
(اوچتو پاسيءَ واري دروازي مان مجيد اندر اچي ٿو، هن جي چهري
مان پريشاني ٿي بَکي، هو بدحواسيءَ ۾ هيڏانهن
هوڏانهن نهاري ٿو.)
مجيد: منهنجو ٿيلهو ڪٿي آهي؟
(هن جي پريشاني ڏسي سڪينه هراسجي وڃي ٿي، جمال به پريشان ٿئي
ٿو. مجيد هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ هن جي
نظر ڪارنس تي رکيل ٿيلهي تي پوي ٿي، هو سَٽ ڏيئي
ٿيلهو کڻي وڃڻ لڳي ٿو.)
سڪينه: (چانهن جو ڪوپ ميز تي رکندي پريشانيءَ وچان) مجيد خيريت
ته آهي؟
مجيد: ها، بلڪل خيريت آهي.
سڪينه: ماسي ڪيئن آهي؟
مجيد: امان بلڪل ٺيڪ آهي، فڪر جي ڪا ڳالهه ڪانهي.
(مجيد ڪمري مان نڪري وڃي ٿو، ٻاهران چوڪيدار جو آواز ٿو اچي،
هوشيار.....؛ جيڪو ماحول کي خوفناڪ بڻائي ٿو ڇڏي،
پريان کان ٻيو چوڪيدار وراڻي ٿو ڏي؛ هوشيار......؛
ڪتا ڀؤنڪن ٿا.)
سڪينه: چوڪيدار جو آواز ڪيڏو نه خوفناڪ آهي، ڪتن جي ڀؤنڪاٽ
ڪيتري نه ڀوائتي آهي، مان ته هتي چري ٿي پوندس.
مان هن ماحول مان نڪري ڪنهن اهڙي هنڌ وڃڻ ٿي
چاهيان، جتي گرمي ۽ ٻوسٽ نه هجي. ڊاڪٽريءَ جون
بيزار ڪندڙ ڳالهيون نه هجن. بيماري نه هجي، جتي
سدا ٿڌڙي هير گهلندي هجي. روشني هجي. آواز هجن.
جمال: تون هتان نڪرڻ ٿي چاهين ۽ مان پنهنجي ماحول مان نڪري هتي
اچڻ ٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو ته مان زندگيءَ جي
بي معنيٰ گوڙ ۽ شور کان ڀڄي هتي اچي رهان. ساري
ساري رات تو سان ريهاڻيون ڪريان، هن دريءَ مان
پرهه کي ڦٽندو ۽ شفق کي ٽڙندو ڏسان. رات جي سانت ۾
ٻئي ويهي خواب ڏسون. پنهنجين ايندڙ خوشين جا خواب،
انسان جي روشن آئيندي جا خواب، ڪيئي سج اُڀرڻ ۽
لهي وڃن، پر اسين خواب ڏسندا رهون. اهڙا خواب جو
جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سج نه نڪري ۽ پنهنجن ڪرڻن سان
ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ وساري ڇڏي ته اسان جا خواب
ساري ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏين.
(ماسيءَ جي کنگهه جو آواز اچي ٿو. سڪينه جو منهن پيلو ٿي وڃي
ٿو. کنگهه جو آواز وڌي ۽ پوءِ يڪدم بند ٿي وڃي ٿو.
سڪينه ڊنل نظرن سان جمال ڏانهن نهاري ٿي. مجيد
اندر اچي ٿو.)
مجيد: (روئڻهارڪي آواز ۾) سڪينه، سڪينه، امان......
(هو اڳتي چئي نٿو سگهي ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي اوڇنگار ڏيئي روئي
ٿو، سڪينه دانهن ڪري ٿي.)
سڪينه: ماسي......
(۽ پوءِ ڊوڙي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي، جمال اڳتي وڌي مجيد کي
ڳراٽڙي پائي ٿو، مجيد هن جي سيني ۾ منهن لڪائي
روئي ٿو.)
ڏيک ٽيون
(ساڳيو ڪمرو، جمال جي بيگ ميز تي رکي آهي. جمال دريءَ وٽ بيٺو
دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو آهي. سڪينه ڪرسيءَ تي
ويٺي آهي. هن جو چهرو اداس آهي. هوءَ آرام ڪرسيءَ
جي ٽيڪ تي مٿو رکي خالي خالي نظرن سان ڇت ۾ گهوري
رهي آهي. ميز تي رکيل گل ڪومائجي ويا آهن. گهڙيال
۾ پنج وڄڻ وارا آهن. دريءَ کان ٻاهر افق وٽ پرهه
ڦٽڻ واري آهي.)
سڪينه: ماسيءَ جو ٽيجهو به ختم ٿي ويو، پر مون کي اڃا تائين
يقين نه ٿو اچي ته ڪو ماسي اسان کان وڇڙي وئي آهي.
ائين ٿو لڳيم ڄڻ ڄاڻ ڀر واري ڪمري مان ماسيءَ جي
کنگهه جو آواز آيو.
جمال: هن زندگيءَ جي سراءِ ۾ اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان کي هي
سراءِ ڇڏي هلڻو آهي، پر اسان کي گهرجي ته جيتري
دير به هن سراءِ ۾ رهون هن کي سينگاريون ۽
سنواريون ته جيئن ٻيا مسافر اچي سک ماڻين. ڪا اهڙي
ياد، ڪو اهڙو آدرش ۽ ڪو اهڙو خواب ڇڏي وڃون جيڪو
هن سراءِ جي سونهن ۾ واڌارو ڪري.
سڪينه: اوهين ايترو جلد ڇو ٿا وڃو؟
جمال: مون کي منهنجا زنجير ٿا سڏن.
سڪينه: جڏهن اسين ٻئي پنهنجا پنهنجا زنجير ٽوڙي نٿا سگهون ته
پوءِ اسان جي هڪٻئي سان ڏيٺ ويٺ ۽ دوستي ڇو ٿي؟
جمال: انڪري ته جيئن اسين ان دوستيءَ جي سهاري زندگيءَ جو قيد
ڪاٽي سگهون ۽ اسان مان زنده رهڻ جي خواهش ڪڏهن به
ختم نه ٿئي. مان جڏهن به زندگيءَ کان ٿڪجي پوندو
آهيان. پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کان بيزار ٿي
پوندو آهيان، تڏهن مون کي تنهنجي دوستي ياد پوندي
آهي ۽ مان سوچيندو آهيان ته زندگي هرڀرو ايتري
خراب ڪانهي. زندگيءَ ۾ اڃا سونهن آهي، پيار آهي،
منهنجي چوڌاري رهندڙ انسان خراب نه آهن. سڀ دکي پر
ڏاڍا نيڪ دل آهن. مون کي انهن جي دکن کي دور ڪرڻ
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ پوءِ مان هڪ نئين
جذبي سان زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪندو آهيان.
سڪينه: مجيد به ڪيترو نه دکي آهي، جيڪڏهن هن جي ڊاڪٽري کانسواءِ
ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي ڪانهي يا هن ۾ ڪامياب
ڊاڪٽر ٿيڻ جي صلاحيت ڪانهي ته ان ۾ هن جو ڪهڙو
ڏوهه؟ هو به زندگيءَ جي بي معنيٰ ڊرامي ۾ غلط پارٽ
پيو ادا ڪري.
جمال: ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڇو نه اسين سڀ گڏجي زندگيءَ
جي بي معنيٰ ڊرامي کي معنيٰ ڏيون.
سڪينه: مان به سوچيندي آهيان ته اسين ڪيترا نه دکي آهيون، پر جي
اسين سڀ دکي انسان گڏجي زندگيءَ جا دک دور ڪرڻ
شروع ڪيون ته زندگي ڪيتري نه حسين ٿي پوي؟
جمال: ها، جيڪڏهن اسين سڀ زندگيءَ جا پيشانيءَ تان دکن جي ڌوڙ
کي ڌوئون ته زندگي ڪيتري نه حسين ٿي پوي. هن پرهه
جي پيشانيءَ جهڙي حسين، جنهن تان رات جي تاريڪي
ڌوپبي پئي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي
زندگيءَ جي آڏو مجرم محسوس ڪندو آهيان. ائين محسوس
ڪندو آهيان ڄڻ مان مجرمن جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهيان ۽
حسين پر ڏکويل زندگي مون کان پڇي ٿي، تو منهنجي
ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ ڇا ڪيو ۽ مان شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي
ڇڏيندو آهيان.
سڪينه: ها، اسين سڀ زندگيءَ آڏو شرمسار آهيون جو اسين پنهنجيءَ
۾ پورا آهيون ۽ زندگيءَ جي دکن کي دور ڪرڻ لاءِ
ڪجهه نٿا ڪريون.
جمال: تو سان دوستي ٿي ته مان پنهنجا زنجير وساري ويٺس، مون
خواب ڏٺو ته اسين ٻئي هميشه لاءِ گڏ رهنداسين. مان
زندگيءَ جي هڻ هڻان کان ٿڪجي گهر ۾ پير پائيندس ۽
تون مرڪ سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪندينءَ، پوءِ اسين
چانهن جي گرم هٻڪار ۾ ڳالهيون ڪنداسين ۽ ان وقت جا
خواب ڏسنداسين، جڏهن زندگي ايتري دکي نه هوندي
جڏهن گلڙن جهڙا ٻارڙا نفرت جي ٽانڊن ۾ نه پڄرندا.
سڪينه: جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار نه هوندو، گرمي گهٽ ۽ ٻوسٽ
نه هوندا ۽ سدا ٿڌڙي هير گهلندي.
جمال: جڏهن ڪو به جمال پنهنجي خواب ۽ پنهنجي آدرشن کان وڇڙڻ
لاءِ مجبور نه هوندو.
سڪينه: ڇا اسان جا خواب ڪڏهن پورا نه ٿيندا؟
جمال: اسان جا خواب ضرور پورا ٿيندا ۽ زندگيءَ جي پيشاني تان
دکن جي ڌوڙ ضرور ڌوپبي.
سڪينه: تيسين ته اسين مري کپي وينداسين.
جمال: ها، اسين مري کپي وينداسين، پر اسان جو ڪونه ڪو نسل
زندگيءَ جا سک ضرور ماڻيندو. اسين ٻج آهيون اسان
کي ڳرڻو ۽ مرڻو آهي پر اسان جي دکن مان ئي سکن جا
گلاب ٽڙندا ۽ اگهاڙي ڌرتي سائي شال اڍيندي.
(سڪينه جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا.)
جمال: سڪينه تون روئين ٿي؟
سڪينه: نه، مان روئان ته نٿي، مان ته ٻج جي آبياري ٿي ڪريان،
لڙڪن سان زندگيءَ جي دکن کي ٿي ڌئان.
(هنن جي گفتگو جي دوران مجيد اندر اچي ٿو. ماٺ ڪري هنن جي گفتگو
ٻڌي ٿو، هن جي چهري تي ڏک جا تاثرات اڀري ٿا اچن،
هو ٿڪل قدم کڻي ڪمري مان هليو وڃي ٿو، هيٺان گهوڙي
جي گهنگهرن جو آواز اچي ٿو.)
جمال: ٽانگو اچي ويو، منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو، مون کي اداس
ٿيڻ نه گهرجي. اسان ٻنهي کي اداس ٿيڻ نه گهرجي،
اسان سڀني کي گڏجي زندگيءَ جا دک دور ڪرڻا آهن.
مان اداس نه آهيان.... صفا ..... اداس..... نه
آهيان.
(هن جو آواز ڀرجي ٿو اچي، اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچنس ۽ هو سٽ ڏيئي
ميز تان بيگ کڻي تکو تکو ٻاهر نڪري ٿو وڃي، سڪينه
اڪيلي رهجي ٿي وڃي. هو صوفي تان اٿي ٿي ۽ ٿڪل وکون
کڻندي دريءَ وٽ اچي بيهي ٿي ۽ دريءَ کان هيٺ نهاري
ٿي. مجيد اندر اچي ٿو ۽ پٺيري بيٺل سڪينه کي ڏسندو
رهي ٿو. هيٺان گهوڙي جي گهنگهرن جو آواز اڀري ٿو ۽
آهستي آهستي دور ٿيندو وڃي ٿو. سڪينه پٺتي مڙي
نهاري ٿي. هٽڪي ٿي ۽ پوءِ ڊوڙي اچي مجيد جي سيني ۾
منهن لڪائي روئي ٿي. دريءَ کان ٻاهر افق مان سج
ڪني ڪڍي ٿو ۽ سج جا ڪنوارا ڪرڻا دريءَ جي لوهي
سيخن مان اسٽيج تي پون ٿا.)
پردو ڪِري ٿو. |