ايڪٽ چوٿون
پروروروف جي گهر جو پراڻو باغ، رستي جي ٻنهي پاسن کان
صنوبر جي وڻن جي قطار آهي ۽ ان کان پريان درياهه
ٿو نظر اچي. درياهه جي پرئين ڪناري تي ٻيلو آهي.
اسٽيج جي ساڄي پاسي ورانڊي ۾ ٽيبل رکيل آهي ۽ ان
تي شيمپئين جون بچيل بوتلون ۽ گلاس رکيا آهن.
منجهند جي مهل آهي، ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ماڻهو
باغ مان لنگهي درياهه ڏانهن وڃن ٿا. پنج ڇهه فوجي
مارچ ڪندا لنگهن ٿا. چيبوٽڪن اڄ سٺي موڊ ۾ آهي ۽
هن ائڪٽ ۾ سارو وقت هن جو موڊ سٺو رهندو. هو فوجي
ٽوپي پائي باغ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. هن جي هٿ ۾
گهمڻ واري سوٽي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو آفيس
جي سڏ لاءِ تيار ويٺو آهي.
ڪوليگن جي ڳچيءَ ۾ ٻلو آهي ۽ هن جون مڇون ڪوڙيل آهن،
ٽوزن بيچ ۽ ارينا ورانڊي ۾ بيٺا آهن فيڊوٽڪ ۽
روڊي کي، جيڪي ڏاڪڻ تان پيا لهن، الوداع ٿا چون،
ٻئي مارچ ڪرڻ واري ڊريس ۾ آهن.)
ٽوزينيبيچ: (فيڊورٽڪ کي ڀاڪر پائيندي) فيڊوٽڪ، تون ڏاڍو سٺو
آهين، پاڻ سٺا دوست هئاسين . (روڊي کي ڀاڪر پائي
ٿو)، هڪ دفعو وري خدا حافظ، دوست.
ارينا: خوش هجو.
فيڊوٽڪ: خوش هجو چوڻ جي ڳالهه نه آهي. خدا حافظ چوڻ جي
ڳالهه آهي، جو پاڻ وري نه ملنداسين.
ڪوليگن: ڪهڙي خبر. (اکيون اُگهي مرڪي ٿو) اوهان مون کي
روئاڙي ڇڏيو.
ارينا: پاڻ وري ڪڏهن ملنداسين؟
فيڊوٽڪ: شايد ڏهن پنڌرنهن سالن ۾، ان وقت پاڻ لاءِ هڪ ٻئي
کي سڃاڻڻ به ڏکيو هوندو. پاڻ ملنداسين ته وڌ ۾ وڌ
هڪ ٻئي کي ايترو چئي سگهنداسين ته ڪيئن آهين (فوٽو
ڪڍي ٿو) هڪڙو منٽ، بس آخري دفعو، هڪڙو ٻيو فوٽو
ڪڍي وٺان.
روڊي: (ٽوزينيبيچ کي ڀاڪر پائي ٿو) پاڻ شايد وري ملي نه سگهون
(ارينا جو هٿ چمي ٿو) اوهان جي هر ڳالهه لاءِ
مهرباني.
فيڊوٽڪ: (هلڪي ڪاوڙ سان) رڳو ٻه منٽ بيهو.
ٽوزينيبيچ: قسمت هوندي ته ضرور ملنداسين، خط لکندو رهجانءِ.
روڊي: (باغ تي نظر ڦيرائيندي) وڻؤ! اوهان کي خدا حافظ (زور سان
رڙ ڪري ٿو ته پڙاڏو ٿئي ٿو) خدا حافظ اي پڙاڏا!!
ڪوليگن: ڪهڙي خبر ته پولينڊ ۾ تون شادي ڪرين، پولش زال
تنهنجي چيلهه جي چوڌاري ٻانهن ورائي چوي ته اي
منهنجا پيارا! (کلي ٿو).
فيڊروٽڪ: اسان جي وڃڻ ۾ رڳو ڪلاڪ بچيو آهي، اسان جي توپ
خاني ۾ رڳو سوليئونو درياهه رستي پيو وڃي، ٻيا سڀ
پيل مارچ ڪندا وينداسين. توپ خاني وارا اَڄ ٿا
وڃن، ٻيا سڀاڻي ويندا، پوءِ سارو شهر خالي ٿي
ويندو.
ٽوزينيبيچ: اصل ويران ٿي ويندو.
روڊي: ماريا ڪٿي آهي؟
فيڊوٽڪ: اسين هن کان موڪلايون ته سهي.
روڊي: موڪلايون ته سهي پر اسان کي هلڻ گهرجي، نه ته روئي ڏيندس
(تڙتڪڙ ۾ ٽوزينيبيچ ۽ ڪوليگن کي ڀاڪر پائي ارينا
جو هٿ چمي ٿو) هتي وقت ڏاڍو سٺو گذريو.
هيڊوٽڪ: (ڪوليگن کي) هيءَ پينسل ۽ نوٽ بڪ تنهنجو تحفو آهي،
اسين هتان درياهه ڏانهن وينداسين (هو وڃن ٿا ۽
پٺتي نهارين ٿا).
روڊي: (رڙ ڪري) خدا حافظ.
ڪوليگن: (رڙ ڪري) خدا حافظ.
(اسٽيج جي ڇيڙي وٽ فيڊوٽڪ ۽ روڊي ماشا سان ملن ٿا، هن
کي خدا حافظ چون ٿا، هوءَ هنن سان گڏ هلي ٿي).
ارينا: هو هليا ويا. (ورانڊي ۾ مٿاهين جاءِ تي ويهي ٿي).
چيبوٽڪن: مون کان هنن کي خدا حافظ چوڻ وسري ويو.
ارينا: تو به ڪونه موڪلايو.
چيبوٽڪن: سچ ٿي چئين، مون کان هنن کان موڪلائڻ وسري ويو، ڪا
ڳالهه ڪانهي، مان جلد هنن سان ملندس، مان سڀاڻي
ويندس، باقي رڳو هڪ ڏينهن آهي، سال کان پوءِ مان
رٽائر ٿيندس، هتي موٽي ايندس ۽ باقي زندگي اوهان
جي ڀرسان گذاريندس. باقي هڪ سال ۽ پوءِ پينشن (هڪ
اخبار کيسي ۾ وجهي ٻي ڪڍي ٿو) مان هتي موٽي ايندس
۽ اصول واري زندگي گذاريندس، سٺو ٿيندس، ماٺ رهندس
۽ سٺي هلت هلندس.
ارينا: هاڻي وقت اچي ويو آهي ته تون پاڻ کي ٺيڪ ڪرين، توکي ٻي
نموني جي زندگي گذارڻ گهرجي.
چيبوٽڪن: مان به ائين ٿو سمجهان (ٿڌو ساهه کڻي جهونگاري ٿو)
تارايوم..... ڊي..... مان قبي تي ويٺو آهيان.
ڪوليگن: هي ٺيڪ ٿيڻو ئي نه آهي.
چيبوٽڪن: مون کي سڌارڻ تنهنجو ڪم هو.
ارينا: هن مڇون ڪوڙيون آهن ۽ مان هن ڏانهن نهاري به نٿي
سگهان.
ڪوليگن: ڇو نٿي نهاري سگهين.
ارينا: ٻڌائي نٿي سگهان ته ڪيئن ٿو لڳين.
ڪوليگن: اهائي زندگيءَ جي هلت آهي، اسان جي ڊائريڪٽر مڇون
ڪوڙايون، مون کي انسپيڪٽر ٻڌايو ته مون به ڪوڙائي
ڇڏيون. منهنجون ڪوڙيل مڇون ڪنهن کي نه ٿيون وڻن ته
ان جي مون کي پرواهه نه آهي. مون لاءِ ڪو فرق نٿو
پئي ته مڇون آهن يا نه آهن. مڇن جو هجڻ نه هجڻ مون
لاءِ ساڳئي ڳالهه آهي (ويهي ٿو).
(اينڊري اسٽيج جي ڇيڙي وٽان هڪ ٻاراڻي گاڏيءَ کي ڌڪيندو
ٿو وڃي جنهن ۾ ٻار سُتل آهي).
ارينا: پيارا دوستو! مون کي هڪ ڳالهه جي سخت پريشاني آهي،
ڪالهه رات اوهان شهر ۾ هئا، ٻڌايو ته ڇا ٿيو.
چيبوٽڪن: ڪجهه ڪونه ٿيو. معمولي ڳالهه ٿي (اخبار پڙهي ٿو)
بنهه معمولي.
ارينا: چون ٿا ته ڪالهه رات سوليئوني ۽ بيرن ٿيٽر کان ٻاهر
شهر جي باغ ۾ مليا ۽........
ٽوزينيبيچ: ڇڏ ان ڳالهه کي، ان مان فائدو ڪهڙو (اڻ وڻندڙ
انداز سان هٿ لوڏائي ٻاهر وڃي ٿو.)
ڪوليگن: اهو واقعو ٿيٽر جي ٻاهران ٿيو. سرليوئني بيرن کي
چيڙائڻ لڳو، هن کان سٺو نه ٿيو، هن به ڪجهه چيو
جنهن تان سوليئوني ڪاوڙجي پيو.
چيبوٽڪن: مون کي وڌيڪ خبر ڪانهي، ٻنهي جي بيوقوفي هئي.
ڪوليگن: هڪ دفعي هڪڙي ماستر شاگرد جي امتحان ۾ لکيل مضمون
تي روسي زبان ۾ ”بيوقوفي“ اکر لکيو. شاگرد سمجهيو
ته ماستر شايد ته اطالوي زبان ۾ تعريف جو ڪو اکر
لکيو آهي (کلي ٿو) وڏي بيوقوفيءَ جي ڳالهه آهي.
چون ٿا ته سوليئونيءَ کي ارينا سان پيار آهي، ان
ڪري بيرن کان نفرت ٿو ڪري. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي
ٿي جو ارينا ڏاڍي سٺي آهي. هوءَ ٿوري ماشا جهڙي
آهي ۽ ماشا وانگر خيالن ۾ رهندي آهي (ارينا کي) پر
تون جلد ڳالهين ۾ اچي ويندي آهين، ماشا جي طبيعت
ڏاڍي سٺي آهي، هوءَ مون کي پياري آهي.
(اسٽيج جي ڇيڙي کان ڏاڍيان آواز اچي ٿو...... او)
ارينا: اڄ هر شئي مون کي ڇرڪائي ٿي (وقفو). مون سامان تيار
ڪري ڇڏيو آهي، منجهند جي مانيءَ کان پوءِ مان
پنهنجو سامان موڪلي ڏيندس، مان ۽ بيرن سڀاڻي شادي
ٿا ڪيون، پوءِ جلد اسان ٻئي بٺي ڏانهن وينداسين،
شاديءَ جي ٻئي ڏينهن کان مان اسڪول ۾ ڪم شروع
ڪندس، جي خدا چاهيو ته اسان جي نئين زندگي شروع
ٿيندي، مون جڏهن ماستريءَ جي ڊپلوما جو انتظار ٿي
ڪيو ته اوچتو مون کي روئڻ اچي ويو، اهو خوشيءَ جو
۽ ڌڻيءَ جي ڪرم جي احساس جو روئڻ هو. (وقفو)،
سامان کڻڻ لاءِ ڄاڻ ريڙهو آيو.
ڪوليگن: سٺي ڳالهه آهي، پر الائجي ڇو مون کي ائين ٿو لڳي
ته معاملو سنجيدو نه آهي، سڀ خيالي ڳالهيون آهن جن
۾ سنجيدگي ڪانهي، بهرحال مان دل سان توکي دعا ٿو
ڪيان.
چيبوٽڪن: (جذباتي لهجي ۾) منهنجي پياري ڇوڪري، منهنجي پياري
ٻارڙي، تون مون کان گهڻو اڳتي هلي وئي آهين، مان
اُن پوڙهي پکيءَ وانگر پٺتي رهجي ويو آهيان، جيڪو
ڪراڙپ جي ڪري ولر سان اڏامي نه سگهندو آهي. اُڏامي
وڃ منهنجي پياري، اڏامي وڃ، خدا تنهنجو مددگار
ٿيندو (وقفو) يار، افسوس آهي جو تو پنهنجون مڇون
ڪوڙي ڇڏيون.
ڪوليگن: هاڻي ان ڳالهه کي ڇڏ (ٿڌو ساهه کڻي ٿو) اڄ فوجي
هليا ويندا ۽ پوءِ سڀ اڳ جهڙو ٿي ويندو. خير،
ماڻهن کي جيڪي وڻين چون، ماشا ڏاڍي سٺي ۽ وفادار
آهي، مون کي ڏاڍي پياري آهي. ڌڻيءَ جا مون تي وڏا
احسان آهن جو مون کي اهڙي زال ملي آهي. قدرت ماڻهن
تي ڏاڍي نامهربان به هوندي آهي، مثال هتي ڪوزبريف
نالي ايڪسائيز جو هڪڙو ڪلارڪ آهي، مون سان گڏ
اسڪول ۾ پڙهندو هو، پنجين سال ۾ هن کي اسڪول مان
ڪڍي ڇڏيائون جو هو اطالوي ٻوليءَ جا ڪي اکر سمجهي
نه سگهندو هو، هو ڏاڍا ڏکيا ڏينهن پيو گذاري ۽ هن
جي صحت به ٺيڪ ڪانه ٿي رهي، مان جڏهن به هن سان
ملندو آهيان هو اهي اطالوي اکر ڳالهائيندو آهي...
۽ چوندو آهي ته ’ها يار، اهي اکر مون لاءِ مصيبت
بڻيا‘، پوءِ هو کنگهندو آهي، جڏهن ته مان وڏو خوش
قسمت آهيان، مون کي سينٽ سٽينس لين جو سيڪنڊ ڪلاس
مليو هو ۽ مان شاگردن کي ساڳيو
U.t Caponsecutivam
ٿو پڙهايان. مان ذهين آهيان، گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ
ذهين آهيان، پر خوشي ماڻڻ لاءِ ذهين هجڻ ضروري نه
آهي (اندر ڪو ماڻهو ”ڪنواريءَ جي دعا“ ٿو وڄائي.)
ارينا: سڀاڻي رات مون کي اها دعا ٻڌڻي نه پوندي، مون کي
پروٽوپوپوف سان ملڻو نه پوندو (وقفو) ”هو ڊرائينگ
روم آهي. هو وري موٽي آيو آ“.
ڪوليگن: اسان جي هيڊماسترياڻي اڃا نه آئي آهي.
ارينا: نه، اڃا ناهي آئي، نياپو ويو اٿس، اوهان کي اندازو نه
آهي ته اولينا کان سواءِ هتي اڪيلو رهڻ مون لاءِ
ڪيڏو نه ڏکيو آهي، هوءَ هاڻي هيڊماسترياڻي ٿي آهي
۽ اسڪول ۾ ٿي رهي ۽ ڏاڍي مصروف ٿي رهي، مان هتي
اڪيلي هوندي آهيان، ڪو ڪم ڪار ڪونه هوندو آهي،
اڪيلي بيزار پئي ٿيندي آهيان. مون کي ته ان ڪمري
کان ئي نفرت ٿي وئي آهي جنهن ۾ رهان ٿي. مون فيصلو
ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان ماسڪو ۾ رهي نٿي سگهان ته
خير آهي، اها منهنجي قسمت آهي، جنهن لاءِ ڪجهه به
ڪري نٿو سگهجي. حقيقت اها آهي ته جيڪي به ٿئي ٿو
سو خدا جي مرضيءَ سان ٿو ٿئي، نڪو لائي لِوو وچ
مون سان شاديءَ جي ڳالهه چوري آهي. مون ان تي گهڻو
سوچيو ۽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هو سٺو ماڻهو آهي،
ڏاڍو سٺو آهي، ان فيصلي کان پوءِ مون کي لڳو، ڄڻ
منهنجي روح کي پر لڳي ويا آهن، مان ڏاڍي خوش هيس ۽
مون کي ائين لڳو ڄڻ مون کي ڇوٽڪارو ملي ويو هو.
اهو سڀ ڪالهه ٿيو. ڪالهه کان پوءِ مون کي محسوس ٿو
ٿئي ته مون ۾ ڪا پراسراريت اچي وئي آهي.
چيبوٽڪن: اجايون ۽ بيڪار ڳالهيون.
نتاشا: (دريءَ مان ٿي ڳالهائي) اسان جي هيڊماسترياڻي ٿي اچي.
ڪوليگن: اسان جي هيڊماسترياڻي اچي وئي. هلو ته اندر هلون.
(ارينا سان گڏ اندر وڃي ٿو).
چيبوٽڪن: (اخبار پڙهي ٿو ۽ پنهنجي ليکي جهونگاري ٿو)
تارارا..... يوم.... ڊائي.... مان قبي تي ويٺو
آهيان.... ڊائي.
ماشا هن ڏانهن اچي ٿي. اسٽيج جي ڇيڙي وٽ اينڊري ٻار
گاڏي ڌڪيندو لنگهي ٿو).
ماشا: هتي ڏاڍي آرام سان ويٺو آهين.
چيبوٽڪن: ها، ڇو نه آرام سان ويهان، ڀلا ڪا خاص ڳالهه آهي
ڇا؟
ماشا: (ويهي ٿي) نه، ڪا خاص ڳالهه ته ڪانهي (خاموشي) ڇا واقعي
توکي منهنجي ماءُ سان پيار هو؟
چيبوٽڪن: ها، مون کي هن سان ڏاڍو پيار هو.
ماشا: امان کي به توسان پيار هو؟
چيبوٽڪن: (ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ) هاڻي مون کي ياد نه آهي.
ماشا: ڀلا ”مون وارو ماڻهو؟“ اسان جي بورچاڻي مارفا هن کي
سدائين ”پوليس وارو، اسان جو ماڻهو“ سڏيندي هئي.
چيبوٽڪن: نه ڪونهي. (ماٺ).
ماشا: ماڻهوءَ کي جڏهن خوشي ڏکيائيءَ سان ملي ۽ اها به ٿوري
ٿوري وقت کانپوءِ جيئن مون کي ملي آهي ۽ پوءِ جلد
ئي ماڻهوءَ کان خوشي کسجي وڃي، جيئن مون کان ٿي
کسجي وڃي ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو ڏاڍو سخت دل
ٿي ويندو آهي (پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪري)، هتي
منهنجي سيني ۾ ڪا شئي اُٻري ٿي (اينڊري ڏانهن ڏسي
ٿي جيڪو ٻار گاڏيءَ کي ڌڪيندو لنگهي ٿو) اسان جي
ڀاءُ اينڊري اسان جي سمورين اميدن تي پاڻي ڦيري
ڇڏيو، جيئن هزارين ماڻهو گڏجي ڪنهن وڏي گهنڊ کي
مٿي ٽاور تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪن، ان ڪوشش ۾ هن کي
ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پوندي ۽ سندن پئسا خرچ ٿيندا،
پر پوءِ اوچتو بنان ڪنهن سبب جي اهو گهنڊ هنن جي
هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري ۽ پرزا پرزا ٿي وڃي.
اينڊري سان به ائين ٿيو.
اينڊري: هي الائجي ڪڏهن گوڙ ختم ڪندا، گهر ۾ ڪيڏو نه شور
لڳايو ويٺا آهن.
چيبوٽڪن: ٿوريءَ دير ۾ سارو گوڙ ختم ٿي ويندو (گهڙي ڏسي ٿو)
هيءَ پراڻي وقت جي گهڙي آهي، وقت ٻڌائڻ مهل گهڙيال
وانگر ٺڪاءُ ڪندي آهي (گهڙيءَ کي چاٻي ڏي ٿو ۽ ان
مان هلڪا هلڪا ٺڪاون جهڙا آواز نڪرن ٿا). پهريون،
ٻيو ۽ پنجون. توبخانو پوري هڪ لڳي روانو ٿي ويندو
(ماٺ) ۽ مان سڀاڻي روانو ٿيندس.
اينڊري: هميشه لاءِ ويندين ڇا؟
چيبوٽڪن: چئي نٿو سگهان، ٿي سگهي ٿو ته سال ۾ موٽي اچان، وري
به جيڪا خدا جي مرضي، سڀ ساڳئي ڳالهه آهي.
(سازن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا).
اينڊري: پوءِ ته سارو شهر خالي ٿي ويندو، جيئن ميڻ بتي
وسامي ويندي آهي ائين شهر مان زندگي وسامي ويندي
(ماٺ) ڪالهه ٿيٽر جي ٻاهران ڪجهه ٿيو هو ڇا. هر
ڪو ٿو ان جي باري ۾ ڳالهائي؟ لڳي ٿو رڳو مان آهيان
جنهن کي ان جي خبر ڪانهي.
چيبوٽڪن: ڪجهه ڪونه هو بيوقوفي هئي، سوليئوني بيرن کي چيڙائڻ
لڳو. بيرن چڙي پيو ۽ سوليئونيءَ جي بيعزتي ڪيائين.
سوليئوني هن کي ڊيوئل لاءِ چئلينج ڪيو (گهڙي ڏانهن
ڏسي ٿو) منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي..... ساڍي
يارهين کان پوءِ، درياءَ جي پرينءَ ڀِڪ، ٻيلي ۾
ٺاٺاٺا. (کلي ٿو) سوليئوني پاڻ کي هولمبونوٽوف
جهڙو نشاني باز ٿو سمجهي، اصل ۾ هو شاعر
آهي........ مشڪري پنهنجي جاءِ تي، هي هن جو ٽيون
ڊيوٽل آهي.
ماشا: ڪنهن جو ٽيون ڊيوٽل آهي.
چيبوٽڪن: سوليئونيءَ جو.
ماشا: ۽ بيرن؟
چيبوٽڪن: بيرن؟ (ماٺ)
ماشا: مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، مان چوان ٿي ته هنن کي
ڊيوئل جي اجازت نه هئڻ گهرجي، هو بيرن کي زخمي
ڪندو يا ماڳهين ماري ڇڏيندو.
چيبوٽڪن: بيرن ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، دنيا ۾ هڪ بيرن گهٽجي يا
وڌي ته ان سان ڇا ٿي پوندو، جيڪي ٿيڻو آهي ٿئي، ان
سان ڪو فرق نٿو پوي.
(باغ جي پٺيان هاهو..... آهاهو جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا).
هي اسڪوورٽسوف جو آواز آهي، ٻيڙيءَ مان پيو سڏي. هو
انتظار ڪري سگهي ٿو.
اينڊري: منهنجي خيال ۾ ڊيوئل نهايت غير اخلاقي آهي، ان
مقابلي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان موجود هجڻ به خراب
آهي.
چيبوٽڪن: اسان کي ائين رڳو محسوس ٿو ٿئي، نه ته هونئن اسان
جو ڪو وجود ڪونهي، ڪنهن شئي جو وجود ڪونهي، اسان
کي لڳي ٿو ته اسين آهيون وڏي ڳالهه ته ڪنهن به شئي
سان ڪو فرق نٿو پوي.
ماشا: ڳالهيون! رڳو ڳالهيون، سارو ڏينهن ڳالهيون (وڃڻ ٿي لڳي)
هڪ هتي رهڻ مصيبت آهي، ڪنهن به وقت برف پئجي سگهي
ٿي ۽ ٻي وڏي مصيبت ته ههڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون
پون (بيهي ٿي) مان گهر ۾ اندر نه ويندس، وڃي نه
سگهندس، توهان ٻڌائي سگهندا ته ورشينن ڪڏهن ايندو
(ورانڊي ۾ اچ وڃ ٿي ڪري) ڏسو، پکي اڏامي وڃڻ جا
سانباها پيا ڪن، اي هنج يا بدڪ! پيارا پکي، خوش
رهڻ وارا پکي!
اينڊري: اسان جو گهر ويران ٿي ويندو، آفيسر هليا ويندا،
تون هليو ويندين، منهنجون ڀينر به شادي ڪري هليون
وينديون ۽ مان هن گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندس.
چيبوٽڪن: تنهنجي زال جو هوندي.
(فيراپانٽ ڪجهه ڪاغذ کڻي اچي ٿو).
اينڊري: منهنجي زال به ڪا زال آهي؟ هوءَ سٺي مهذب آهي.
رحمدل آهي، پر هن ۾ الائجي ڇا آهي جو هوءَ حيوانن
جي سطح تي اچي ويندي آهي. انڌي ۽ نرڄي حيوان جي
سطح تي، هوءَ بهرحال انسان نه هوندي آهي، مان توکي
دوست سمجهي ٿو ڳالهه ڪيا ۽ کُلي ڳالهايان، مون کي
سچ پچ ته هن سان پيار آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهڙي
واهيات ٿي پوندي آهي جو مان پريشان ٿي ويندو
آهيان، ان وقت مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مان
هن سان ڇو ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري پيار ٿو ڪيان يا مون
هن سان ڇو پيار ڪيو.
چيبوٽڪن: (اُٿي ٿو) چڱو نوجوان، مان سڀاڻي وڃان ٿو، پاڻ شايد
وري ملي نه سگهون مان توکي هڪڙي ننڍڙي نصيحت ڪرڻ
ٿو گهران، تون ٽوپلو پاءِ، هٿ ۾ گهمڻ واري سوٽي کڻ
۽ هليو وڃ... ۽ ڪڏهن به ڪنڌ ڦيري پٺتي نه نهار.
جيترو اڳتي ويندين اوترو سٺو.
(سوليئوني اسٽيج جي ڇيڙي وٽ ٻن آفيسرن سان گڏ لنگهي ٿو.
چيبوٽڪن کي ڏسي هن ڏانهن اچي ٿو، هو مڙي ٿو ۽
آفيسر اڳتي وڌي ٿا وڃن).
سوليئوني: ڊاڪٽر، ساڍا ٻارنهن ٿي ويا آهن.
چيبوٽڪن: هڪڙو منٽ، مان اوهان سڀني کان بيزار ٿي پيو آهيان
(اينڊري کي) ڪير منهنجو پڇي ته ٻڌائجانس ته مان
ڄاڻ آيس (وڏو ساهه کڻي ٿو) او هو...... اوهو.
سوليئوني: (شعر پڙهي ٿو) رڇ جي حملي کان اڳ.
هن کي ”او“ چوڻ جو وقت به نه مليو.
ڇاجو گوڙ لايو ويٺو هئين؟
چيبوٽڪن: مڙئي.
سوليئوني: ڪيئن آهين؟
چيبوٽڪن: (خوش نه هجڻ واري انداز ۾) پکيءَ جي پراڻي آکيري
جهڙو.
سوليئوني: پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي، مان هن کي ڪو گهڻو
نقصان نه رسائيندس. مون کي پکيءَ جا رڳو پَرَ
ڪترڻا آهن. (سينٽ جي شيشي ڪڍي پاڻ کي سينٽ هڻي
ٿو)، مون اڄ سينٽ جي ساري بوتل لڳائي آهي، پر پوءِ
به هٿن مان ڌپ نٿي وڃي، هن مان ڪنهن لاش جي ڌپ ٿي
اچ، توکي لرمون لوف جو اهو بند ياد آهي جنهن جو
هڪڙو شعر آهي ته،
هو باغي طوفانن کي ٿو ڳولهي،
طوفانن ۾ هن لاءِ سڪون آهي.
چيبوٽڪن: ها...... مون کي هي شعر ياد آهي.
رڇ جڏهن هن تي حملو ڪيو،
ته هن کي ”او“ چوڻ جو وقت به نه مليو.
(سوليئونيءَ سان گڏ نڪري وڃي ٿو).
(ٻاهران، ها ها هو.... جا آواز اچن ٿا، اينڊري ۽
فيراپانٽ داخل ٿين ٿا)
فيراپانٽ: سائين، مهرباني ڪري هنن ڪاغذن تي صحيح ڪيو.
اينڊري: (خار مان) منهنجي جان ڇڏ، ڌڻيءَ جي واسطي منهنجي
جان ڇڏ، (ٻار گاڏي هلائيندو وڃي ٿو).
فيراپانٽ: هاڻي مان هنن ڪاغذن کي ڇا ڪيان، هنن تي صحيح ٿيڻ
گهرجي (اسٽيج جي پٺيان وڃي ٿو).
(ارينا ۽ ٽوزينيبيچ اچن ٿا. هن کي ڪکاؤن ٽوپلو پاتل
آهي، ڪوليگن اسٽيج ٽپي سڏ ٿو ڪري).
ڪوليگن: ماشا..... او ماشا!
ٽوزينيبيچ: منهنجي خيال ۾ سڄي شهر ۾ فوج جي اڃڻ ۾ رڳو هي
خوش آهي.
ارينا: هن جي خوشيءَ جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو. (ماٺ) فوج جي وڃڻ
ڪري سارو شهر خالي لڳندو.
ٽوزينيبيچ: مان هڪ منٽ ۾ اچان ٿو.
ارينا: ڪيڏانهن ٿو وڃين.
ٽوزينيبيچ: شهر ٿو وڃان، ٻن چئن دوستن کان موڪلائي اچان.
ارينا: تون سچ نٿو چئين، اڄ تنهنجو دماغ جاءِ تي ناهي، ٻڌاءِ،
ڪالهه رات ٿيٽر جي ٻاهر ڇا ٿيو هو؟
ٽوزينيبيچ: (بي چينيءَ مان) مان ڪلاڪ ۾ موٽي ٿو اچان، توسان
اچي ملان ٿو (هن جا هٿ ٿو چمي) تون منهنجو خزانو
آهين (هن جي اکين ۾ نهاري ٿو) مان پنجن سالن کان
توسان پيار ٿو ڪيان، مان پنهنجي پيار کي پاڻ سمجهي
نه سگهيو آهيان، تون هر روز مون کي پهرين کان وڌيڪ
سهڻي لڳندي آهين. ڪيڏا نه سهڻا وار، پياريون
اکيون، سڀاڻي مان توکي هتان ڪڍي ويندس، گڏجي ڪم
ڪنداسين، امير ٿينداسين، منهنجي خوابن کي وري
زندگي ملندي..... تون ڏاڍي خوش هوندينءَ، پر......
ان ۾ رڳو هڪڙي ”پر“ آهي ته تون مون سان پيار نٿي
ڪرين.
ارينا: مان بيوس آهيان ۽ توسان پيار ڪري نٿي سگهان، مان
تنهنجي وفادار زال ته ٿي سگهان ٿي پر توسان پيار
ڪري نٿي سگهان. ڇا ٿو ڪري سگهجي. (روئي ٿي)، مون
زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به پيار نه ڪيو، مان محبت جا
خواب ڏسندي رهي آهيان، گهڻي وقت کان صبح شام ڏسندي
رهي آهيان، پر شايد ته منهنجو روح اهڙي پياني جهڙو
آهي جنهن کي ڪنهن تالو هڻي ڇڏيو هجي ۽ تالي جي
چاٻي وڃائجي وئي هجي. (ماٺ)، تنهنجي اکين ۾ ڏاڍي
بيچيني آهي.
ٽوزينيبيچ: مان ساري رات جاڳيو آهيان، ڪنهن ڊپ يا خطري جي
ڪري نه پر ان وڃايل چاٻيءَ جي ڪري..... ڪجهه ته
چئه، ڪجهه ته ڳالهاءِ.
ارينا: ڇا چوان.
ٽوزينيبيچ: ڪجهه نه ڪجهه.
ارينا: ان ڳالهه کي ڇڏ.
ٽوزينيبيچ: ڪڏهن اوچتو ئي اوچتو، بنا ڪنهن ظاهري سبب جي
معمولي ڳالهيون ڏاڍيون اهم ٿي پونديون آهن، پهريان
اسين انهن تي کلندا آهيون، انهن کي نهايت معمولي
سمجهندا آهيون، پر پوءِ خبر پوندي آهي ته اسين
انهن جي قبضي ۾ آهيون ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ جي
اسان ۾ طاقت نه آهي. خير اسان کي رڳو انهن جي باري
۾ ناهي ڳالهائڻو..... مان اڄ ڏاڍو خوش آهيان، ائين
ٿو لڳيم ته صنوبر ۽ هيپل جا جي هي وڻ مان زندگيءَ
۾ پهريون دفعو ٿو ڏسان. اهي سڀ ڄڻ ته سوال بڻجي
مون ڏانهن ٿا نهارن ۽ ڪنهن ڳالهه جو انتظار ٿا
ڪن...... هي وڻ ڪيڏا نه سهڻا آهن، انهن جي باري ۾
سوچڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي.... زندگي هنن وڻن ۾ گذرڻ
گهرجي.
(ٻاهران ها.... ها..... هو جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا).
هاڻي مون کي هلڻ گهرجي، وقت ٿي ويو آهي...... هن سُڪل
وڻ ڏانهن ڏس، هي سڪي ويو آهي، پر پوءِ به واءُ جي
جهوٽن سان ٻين وڻن سان جهولي پيو. ائين مون کي به
لڳندوآهي ته مرڻ کانپوءِ ڪنهن طرح منهنجو زندگيءَ
۾ حصو هوندو، خدا حافظ نه ڪنهن منهنجي مٺي، (هن جا
هٿ چمي ٿو) تو مون کي جيڪي ڪاغذ ڏنا هئا، اهي
ڪئلينڊر جي هيٺان ميز تي رکيا آهن.
ارينا: مان به توسان هلان ٿي.
ٽوزينيبيچ: نه...... نه (تکو تکو وڃي ٿو، پر دروازي ۾ بيهي
ٿو رهي) ارينا!
ارينا: جي!
ٽوزينيبيچ: (سمجهه ۾ نٿو اچيس ته ڇا چوي) اڄ صبح مون ڪافي
نه پيتي هئي، هنن کي چئه ته مون لاءِ ڪافي ٺاهي
رکن (تکو تکو وڃي ٿو).
(ارينا اُٿي ٿي، هوءَ اونهي سوچ ۾ آهي، آهستي قدم کڻندي
اسٽيج جي ڇيڙي وٽ وڃي ٿي ۽ پينگهي ۾ ويهي ٿي،
اينڊري ٻار گاڏي ڌڪيندو اچي ٿو، فيراپانٽ به داخل
ٿئي ٿو).
فيراپانٽ: سائين، هي منهنجا ذاتي ڪاغذ نه آهن، سرڪاري آهن،
مون ناهن ٺاهيا.
اينڊري: الا، منهنجي ماضيءَ واري زندگي ڪيڏانهن وئي، اها
زندگي جڏهن مان جوان هيس، هشيار هيس ۽ خوش رهندو
هيس، جڏهن سهڻا خواب ڏسندو هيس ۽ منهنجا خيال
اعليٰ هوندا هئا، منهنجو حال ۽ آئيندو اميد سان
روشن هو، اسان اڃا چڱيءَ طرح جيئڻ شروع ئي نٿا
ڪيون ته ڏڏ، عام رواجي ماڻهو ۽ بيزار ڪندڙ ٿا ٿي
پئون. سُست، دلچسپيءَ کان خالي بيڪار ۽ خوشي کان
وانجهيل ٿا ٿي وڃون. هي شهر سالن کان آباد آهي، هن
۾ هزارين ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ ڪو هڪ ماڻهو به
اهڙو ڪونهي جيڪو ٻين کان مختلف هجي. هتي ڪڏهن به
ڪو فنڪار، عالم يا ولي پيدا نه ٿيو. ڪو هڪ به اهڙو
غير معمويل انسان ڪونهي، جنهن سان ملڻ لاءِ دل سٽ
کائي. هتان جا ماڻهو کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه نٿا ڪن ۽ پوءِ مري ٿا وڃن ۽ هنن کان پوءِ
هنن جهڙا ئي ٻيا ڪيترا سندن جاءِ ٿا والارين، جيڪي
به هنن وانگر رڳو کائن پيئن ۽ سمهن ٿا ۽ ان ڊپ کان
ته ڪٿي بيزاري کين صفا بيوقوف نه بڻائي ڇڏي، هو
پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اجايون ڪچهريون
ٿا ڪن، ووڊڪا ٿا پيئن ۽ جوا ٿا کيڏن. زالون مڙسن
سان بيوفائيون ٿيون ڪن ۽ مڙس زالن سان ڪوڙ ٿا
ڳالهائن ۽ ڏيکاءُ ٿا ڪن ته پنهنجي زالن جي باري ۾
نه ڪجهه ڏسن ٿا ۽ نه ٻڌن هو ٿا. اهو سارو واهيات
پڻو ۽ ڇسائپ ٻارن جي ذهنن کي چيڀاٽي ٿي ڇڏي. هنن ۾
جي ڪا چڻنگ آهي ته ان کي وسائي ٿي ڇڏي ۽ هو به
افسوسناڪ، اڌ_ مئا، هڪ ٻئي ۽ پنهنجن وڏن هڙا ٿا
ٿين (فيراپانٽ کي خار مان) ڇا گهرجئي.
فيراپانٽ: هي صبح جا ڪاغذ آهن.
اينڊري: تون ته وڏي مصيبت آهين.
فيراپانٽ: (هن کي ڪاغذ ڏي ٿو) فنانس کاتي جي پورٽر ڳالهه
ٿي ڪئي ته پوئين سال پيٽرسبرگ ۾ ٻه سؤ ڊگرين تائين
ڪوهيڙو هو.
اينڊري: مون کي پنهنجي هاڻوڪي زندگيءَ کان نفرت آهي، پر
جڏهن آئيندي لاءِ سوچان ٿو ته فخر ٿو محسوس ٿئي،
دل هلڪي ٿي ٿئي ۽ عجيب طرح جي ڇوٽڪاري جو احساس ٿو
ٿئي، مون کي اڳيان روشني ٿي نظر اچي، روشني ۽
آزادي، مان پاڻ کي، پنهنجن ٻارن کي آزاد ٿو ڏسان،
سستيءَ کان آزاد، بدڪن جي گوشت جي خوراڪ کان آزاد،
مانيءَ کان پوءِ ٿوري دير واري ننڊ کان آزاد ۽ ٻين
جي پورهئي تي پلجڻ واري عادت کان آزاد.
فيراپانٽ: چون ٿا ته ان ڪوهيڙي ۾ ٻه هزار ماڻهو آڪڙجي مري
ويا، هر ڪو ڊپ ۾ آڪڙيل هو، اهو يا ته پيٽرسبرگ ۾
ٿيو هو يا ماسڪو ۾، مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي.
اينڊري: (هن جي دل ۾ ڄڻ ته اوچتو محبت جاڳي ٿي پوي)
منهنجون پياريون ڀينر، منهنجون سٺيون پياريون ڀينر
(لڙڪ ڀريل اکين سان) منهنجي پياري ڀيڻ ماشا.
نتاشا: (دريءَ مان) اِتي ڪير ٿو ايڏي زور سان ڳالهائي، اينڊري!
تون ٿو ڳالهائين؟ سوفوچڪا کي جاڳائي ڇڏيندين.
ڳالهائڻو اٿئي ته گاڏي ڪنهن ٻئي کي ڏي. فيراپانٽ!
صاحب کان گاڏي وٺ.
فيراپانٽ: حاضر سانئڻ. (گاڏي وٺي ٿو.)
اينڊري: (ڦڪائيءَ مان) مون ته هوريان ٿي ڳالهايو.
نتاشا: (پنهنجي ننڍي پٽ کي پيار ڪندي) بوبڪ، شرارتي بوبڪ، تون
ڏاڍو ڏنگو آهين.
اينڊري: (ڪاغذن تي نظر ڦيرائي ٿو) مان ڪاغذ ڏسان ٿو ۽
ضروري سمجهيم ته صحيح ڪري ڇڏيندس، تون پوءِ اچي
کڻي وڃجانءِ (ڪاغذ پڙهندو اندر وڃي ٿو).
نتاشا: (دريءَ مان) بوبڪ پيارا، امان جو نالو ڇا آهي، هوءَ
عورت ڪير آهي، هوءَ اولگا آنٽي آهي. اولگا آنٽيءَ
کي هيلو چَئَه (گهٽي ۾ ساز وڄائيندڙ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ
ڇوڪري فنڪار اندر اچن ٿا ۽ وائلن ۽ هارپ وڄائين
ٿا، ورشينن، اولگا ۽ آنفسا اندران اچن ٿا، ٻه ٽي
منٽ ماٺ ڪري ساز ٻڌن ٿا. ارينا هنن ڏانهن اچي ٿي).
اولگا: اسان جو باغ ته ڄڻ سڙڪ آهي، هر ڪو ٿو اتان لنگهي، مائي!
سازندن کي ڪجهه ڏيئي ڇڏ.
آنفسا: (هنن کي پئسا ڏي ٿي) هاڻي هلو، ڌڻيءَ جي چڱائي ٿيوَ.
(سازندا جهڪي سلام ڪري وڃن ٿا).
ويچارا بي گهر ۽ نادار، ماڻهوءَ وٽ کائڻ لاءِ هجي ته ڇو
گهٽين ۾ ساز وڄائي (ارينا کي) ڪيئن آهين ارينا (هن
کي چمي ٿي ڏي) منهنجي پياري ڌيءَ، ڏاڍي سٺي زندگي
ٿي گذاريان، وڏو آرام آهي، اسڪول جو وڏي فليٽ آهي،
جنهن ۾ اوليئوشڪا سان ٿي رهان. مسواڙ به ڏيڻي نٿي
پوي. هن عمر ۾ ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن، ههڙو آرام
مون جهڙي پراڻي پاپڻ کي ياعُمر نه مليو. وڏي فليٽ،
ڪرايو ڪونه، مون لاءِ وڏو ڪمرو جنهن ۾ منهنجو
پنهنجو پلنگ، سڀ مفت! ڪڏهن اڌ رات جو اک کلندي آهي
ته شڪرانا ڪندي آهيان ته او منهنجا رب، او مقدس
ماءُ، او خدا، هن دنيا ۾ مون جهڙو ڪو خوش قسمت
ڪونهي.
ورشينن: (گهڙي ڏسي ٿو) ٿوري دير کان پوءِ اسان جو سفر
شروع ٿيندو، منهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي (ماٺ)
مان اوهان سڀني جي خوشين لاءِ دعاگو آهيان، هر قسم
جي خوشي..... ماريا ڪٿي آهي؟
ارينا: باغ ۾ آهي، مان ڏسي ٿي اچانس.
ورشينن: تنهنجي وڏي مهرباني...... مون کي دير ڪرڻ نه
گهرجي.
آنفسا: مان به توسان ٿي هلان (هن کي سڏ ٿي ڪري) ماريا!
(ارينا سان باغ جي ڇيڙي تائين وڃي ٿي).
ورشينن: هر شئي جي نيٺ پڇاڻي ٿي ٿئي، اسين پاڻ ۾ گڏ
هئاسين ۽ اڄ خدا حافظ چوڻ وارا آهيون. (گهڙي ڏسي
ٿو) شهر وارن اڄ اسان کي مانجهاندو ڏنو هو،
شيمپئين هو ۽ ميئر تقرير ڪئي. مون ماني کاڌي ۽
تقرير به ٻڌي، پر منهنجي دل اوهان ڏانهن ٽنگيل
هئي. (باغ تي نظر ڦيرائي ٿو) مون کي اوهان جي ساٿ
جي عادت پئجي وئي آهي.
اولگا: اوهان سان وري ٻيهر ڪڏهن ملاقات ٿي سگهندي؟
ورشينن: مشڪل آهي، مان پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئن کي ٻن مهينن
لاءِ هتي ڇڏي ٿو وڃان، هنن کي ڪا ضرورت پوي ته
مهرباني ڪري........
اولگا: اوهان دلجاءِ ڪيو، هنن کي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي. (ماٺ)،
جيڪو اسين چاهيندا آهيون اهو ڪڏهن ڪونه ٿيندو آهي،
مون ڪڏهن به هيڊماسترياڻي بڻجڻ نٿي گهريو، پر مان
هيڊماسترياڻي آهيان، ان جي معنيٰ ته اسان ماسڪو ۾
وڃي رهي نه سگهنداسين.
ورشينن: چڱو، سڀ ڳالهه لاءِ اوهان جي مهرباني، مون کان
ڪجهه ٿي ويو هجي ته ان لاءِ معافي، مون گهڻو.....
تمام گهڻو ڳالهايو تنهن لاءِ به معافي، منهنجي
باري ۾ خراب نه سوچجو.
اولگا: (اکيون اُگهي ٿي) ماشا اچڻ ۾ ايڏي دير الائي ڇو لاٿي
آهي؟
ورشينن: خدا حافظ چوڻ کان سواءِ هن مهل ٻيو ڇا ٿو چئي
سگهجي. هن وقت ڇا جي باري ۾ فلسفياڻيون ڳالهيون
ڪيون . (کلي ٿو)، ها، زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
اسان مان گهڻن لاءِ زندگي بي معنيٰ آهي، بند
گهٽيءَ جهڙي آهي، پر اسان کي مڃڻو پوندو ته زندگي
وڌيڪ سولي ۽ روشن ٿيندي ٿي وڃي، ان مان ظاهر آهي
ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اها روشني هر طرف پکڙجي
ويندي. (گهڙي ڏسي ٿو) وقت ٿي ويو آهي، مون کي وڃڻ
گهرجي...... اڳوڻي زماني ۾ انسان رڳو جنگيون ڪندو
هو، سندس زندگي، اڳرائي، هار جيت ۾ گذرندي هئي.
انسانيت ڪجهه ڳولهي پئي جيڪو جنگين جي جاءِ ولاري
۽ هڪ نه هڪ ڏينهن انسانيت اها شئي ضرور ڳولهي
لهندي، جيڪر اهو جلد ٿئي. (ماٺ)، جيڪر اسين پنهنجن
ماڻهن کي تعليم ڏيئي سگهون ۽ پڙهيل ماڻهن کي محنت
ڪرڻ سيکاري سگهون. (گهڙي ڏسي ٿو) هاڻي مون کي وڃڻ
گهرجي.
(ماشا اچي ٿي).
ورشينن: مان موڪلائڻ آيو آهيان.
(اولگا وڃي ٿي ۽ پاسيري ٿي بيهي ٿي ته جيئن هو
نويڪلائيءَ ۾ موڪلائين).
ماشا: (هن جي منهن ۾ نهاريندي) خدا حافظ.
(ڊگهي چمي).
اولگا: اهو ڪافي آهي.
ماشا: (سڏڪا ڀري روئي ٿي).
ورشينن: خط لکندي رهجانءِ، مون کي نه وسارجانءِ...... مون
کي وڃڻ ڏي، مون کي وڃڻ گهرجي، اڳ ۾ ئي گهڻي دير ٿي
وئي آهي (جذباتي انداز ۾ اولگا جا هٿ چمي ٿو ۽ هڪ
دفعو وري ماشا کي ڀاڪر پائي ٿو).
اولگا: هاڻي بس ڪر منهنجي پياري.
(ڪوليگن اچي ٿو).
ڪوليگن: (پريشان ٿي وڃي ٿو) خيال نه ڪر، هن کي روئڻ ڏي،
ڇڏيس ته روئي، منهنجي پياري ماشا، مٺڙي، تون
منهنجي زال آهين، پر پوءِ به مان توکان ناخوش نه
آهيان، ڪا شڪايت نٿو ڪيان، ڪا ميار نه ٿو ڏيان،
اولگا ان جي شاهدي ڏيندي، اسان وري ان ساڳي پراڻي
زندگيءَ جي شروعات ڪنداسين، هِن باري ۾ تون منهنجي
واتان اکر به نه ٻڌندين.
ماشا: (سڏڪا روڪيندي) وڪڙ کائيندڙ سامونڊي ڪناري سان اڪ جو
سائو ٻوٽو آهي.
جنهن ۾ سوني زنجير ٿي لڙڪي.
اڪ ۾ سوني زنجير ٿي لڙڪي...... سائي ٻلي..... سائو
اڪ...... شيون هڪ ٻئي ۾ منجهنديون ٿيون وڃن.....
زندگي ئي منجهي پئي آهي، في الحال مون کي ڪجهه نٿو
گهرجي..... ٿوري دير ۾ مان ٺيڪ ٿي ويندس......
ڪنهن شئي جي اهميت نه آهي...... ڪا ڳالهه نه
آهي..... وڪڙ کائيندڙ ڪنارو ڇا آهي..... ان جو
خيال هر وقت منهنجي دماغ ۾ ڇو ٿو اچي...... منهنجا
خيال هڪ ٻئي ۾ وچڙي ويا آهن.
اولگا: صبر ڪر..... سڀ ٺيڪ آهي پياري، هل ته اندر هلون.
ماشا: مان اندر نه هلندس (سڏڪو ٿي ڀري ۽ سڏڪو بند ڪرڻ جي ڪوشش
ٿي ڪري) مان هن گهر ۾ اندر نه هلندس.... ڪڏهن نه
هلندس.
ارينا: اڄ ته ٿوريءَ دير لاءِ ماٺ ڪري ويهون ۽ ڪنهن جي به
باري ۾ نه ڳالهايون..... توکي خبر آهي ته مان
سڀاڻي وڃان ٿي.
ڪوليگن: ڪالهه مون شاگردن کان ڪوڙيون ڏاڙهي مڇون ورتيون،
اهي مان کڻي آيو آهيان. (هڻي ٿو) مان پنهنجي جرمن
ماستر جهڙو ٿو لڳان نه، (کلي ٿو)، لڳان ٿو يا نه؟
ٻار به عجيب ٿيندا آهن.
ماشا: سچ ٿو چئين، تون واقعي جرمن ماستر جهڙو ٿو لڳين.
نتاشا: (نوڪرياڻيءَ کي) الائجي ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪيم، هاڻي مسٽر
پروٽوپوپوف سوفوچڪا جو خيال رکندو ۽ اينڊري بوبڪ
کي گاڏي ۾ وٺي ويندو. هي ٻار ڪم ڪيڏو نه وڌائي ٿا
ڇڏين. (ارينا کي) ڇا تون سڀاڻي وڃين ٿي؟ ڏک جهڙي
ڳالهه آهي. هڪ هفتو ٻيو رهه. (ڪوليگن کي ڏسي هن
کان ڇرڪ ٿو نڪري وڃي، ڪوليگن کلي ٿو ۽ ڏاڙهي مڇون
لاهي ٿو) پري ٿي..... تو مون کي ڊيڄائي ڇڏيو.
(ارينا کي) مان تنهنجي هتي موجودگيءَ سان ڏاڍي هري
وئي آهيان، متان ائين سمجهين ته تنهنجي غير
موجودگي منهنجي لاءِ معمولي ڳالهه هوندي، مان
اينڊريءَ کي چوندس ته هو پنهنجو وائلن کڻي تنهنجي
ڪمري ۾ وڃي رهي ۽ اتي بيشڪ پيو وڄائي......
موفوچڪا اينڊري جي ڪمري ۾ رهندي، هوءَ ڏاڍي پياري
ٻارڙي آهي..... پياري ننڍڙي ٻارڙي! اڄ صبح هن مون
ڏانهن ڏاڍي پيار مان نهاريو ۽ چيائين ”امان“.
ڪوليگن: واقعي ڏاڍي پياري ٻارڙي آهي.
نتاشا: سڀاڻي مان هتي اڪيلي هوندس. (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) سڀ کان
پهرين صنوبر جا وڻ وڍائيندس ۽ ميپل جا وڻ به
وڍائيندس. شام جو اهي ڏاڍا خراب نظر ايندا آهن
(ارينا کي) پياري، توکي هي چيلهه ۾ پٽو سٺو نٿو
لڳي، ان ڊريس مان هلڪي رنگ جو پٽو هئڻ گهرجي، مان
هنن کي چوان ٿي ته هتي گل رکن، تمام گهڻا گل رکن
ته جيئن تمام گهڻي خوشبو ٿئي (سخت لهجي ۾) کائڻ
وارو ڪانٽو ڪوچ تي پيو آهي (نوڪرياڻيءَ ڏانهن وڃي
ٿي) ڪانٽو صوفي تي ڇو پيو آهي، (رڙ ڪري) مون کي
جواب ڏي.
ڪوليگن: وري شروع ٿي وئي.
(ٻاهران فوجي بينڊ جي مارچ جو آواز اچي ٿو، سڀ ماٺ ڪري
ٻڌن ٿا).
اولگا: هو وڃن پيا.
(چيبوٽڪن داخل ٿئي ٿو).
ماشا: فوجي وڃن پيا، شل کل خوشيءَ سان سفر پورو ڪن (مڙس کي)
اسان کي گهر هلڻ گهرجي، منهنجي ٽوپي ۽ هيٽ ڪٿي
آهن.
ڪوليگن: مان اندر رکي آهيو آهيان، کڻي ٿو اچان.
اولگا: هاڻي اسان کي گهر وڃڻ گهرجي، وقت ٿي ويو آهي.
چيبوٽڪن: اولگا.
اولگا: (هلڪي ماٺ کان پوءِ) چئه.
چيبوٽڪن: ڪجهه نه آهي........ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن
ٻڌايان (هن جي ڪن ۾ چئي ٿو).
اولگا: (ڊڄي ٿي وڃي) اهو سچ ٿي نٿو سگهي.
چيبوٽڪن: ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي آهي، مان ٿڪجي پيو آهيان، صفا
ساڻو ٿي پيو آهيان، هڪ اکر به وڌيڪ چئي نٿو سگهان
(چڙ مان)، بهرحال، ڪا ڳالهه نه آهي.
ماشا: ڇا ٿيو؟
اولگا: (ارينا جي چيلهه ۾ ٻانهن ورائي) اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو
خوفناڪ آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي پياري، ته
توکي ڪيئن ٻڌايان؟
ارينا: ڳالهه ڇا آهي؟ جلدي ٻڌاءِ...... خدا جي واسطي (روئي
ٿي).
چيبوٽڪن: ٿوري دير اڳ ڊيوئل ۾ بيرن مارجي ويو.
ارينا: (روئي ٿي) مون کي خبر هئي..... خبر هئي.
چيبوٽڪن: (اسٽيج جي ڇيڙي تي وڃي بيهي ٿو) مان ٿڪجي پيو
آهيان. (کيسي مان اخبار ڪڍي پڙهي ٿو) ٿوري دير هن
کي ڇڏيو ته روئي. (آهستي جهونگاري ٿو)
تارارايوم...... ڊائي..... مان قبي تي ويٺو
آهيان.... ڊاءِ..... ڪهڙو فرق ٿو پئي.
(ٽي ڀينر پاڻ ۾ ڳراٽڙي ٿيون پائن).
ماشا: بينڊ ٻڌو. هو اسان کي ڇڏي پيا وڃن، انهن مان هڪڙو هميشه
لاءِ هليو ويو. اسان اڪيلون رهجي ويون آهيون ته
جيئن نئين سر زندگيءَ جي شروعات ڪيون. اسان کي
جيئڻ گهرجي..... زندگي گذارڻ......
ارينا: (اولگا جي سيني تي مٿو رکي) ڪو ڏينهن ايندو جو ماڻهن
کي ڄاڻ ٿيندي ته ائين ڇو ٿو ٿئي ۽ سورن ۽ ايذائن
جو مقصد ڇا آهي، پوءِ پراسراريت نه رهندي.
تيستائين اسان کي جيئڻو آهي ۽ محنت ڪرڻي آهي. محنت
ڪرڻي آهي..... سڀاڻي مان اڪيلي ويندس، ڪٿي نه ڪٿي
ڪنهن اسڪول ۾ ماستري ڪندس، پنهنجي زندگي انهن
ماڻهن کي ارپيندس جن کي ان جي ضرورت آهي، اڄ خزان
آهي ڄاڻ سيارو آيو ۽ پوءِ هر طرف برف هوندي، پر
مان ڪم ڪندس..... ڪندي رهندس.
اولگا: (ٻنهي ڀينرن جي چوڌاري ٻانهن ورائي) بينڊ ڪيڏو نه
خوشيءَ جو نغمو پئي وڄائي، جنهن کي ٻڌي جيئڻ لاءِ
اتساهه ٿو پيدا ٿئي.... او الله. سال گذرندا
ويندا، اسان هميشه لاءِ هليا وينداسين ۽ ماڻهو
اسان کي وساري ڇڏيندا. اسان جون شڪليون ۽ اسان جا
آواز ماڻهن کي ياد نه هوندا. ڪنهن کي اها ڳالهه
ياد ئي نه رهندي، ته ڪنهن وقت اسين هتي رهنديون
هيونسين، پر شايد اسان جا ڏک ۽ سور اسان کان پوءِ
اچڻ وارن جي سکن جو سبب ٿين. ڪو وقت ايندو جو دنيا
۾ امن ۽ خوشيءَ جو راڄ هوندو، ان وقت شايد ماڻهو
اسان کي ٻاجهه مان ياد ڪن..... نه. منهنجون
پياريون ڀينرو، اسان لاءِ حياتيءَ جي پڄاڻي ڪانه
ٿي آهي، اسين جيئنديوسين، بينڊ خوشيءَ جو نغمو پئي
وڄائي..... ٿي سگهي ٿو ته اسين ٿورو به انتظار
ڪيون ته اسان کي خبر پئجي وڃي ته اسين ڇو ٿا جيئون
۽ ڇو ٿا سورِ سهون..... جيڪر اسان کي خبر پئي.....
جيڪر خبر پئي.
(بينڊ جي موسيقي آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي ٿي. ڪوليگن
اندران هيٽ ۽ ٽوپي کڻي خوشيءَ مان اچي ٿو، اينڊري
بوبڪ جي ٻار گاڏي ڌڪيندو داخل ٿئي ٿو).
چيبوٽڪن: (جهونگاري ٿو) تارايوم ڊائي، مان قبي تي ويٺو آهيان
ڊائي (اخبار پڙهي ٿو) ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي، ڪو
فرق نٿو پئي.
اولگا: جيڪر اسان کي خبر پئجي سگهي... جيڪر خبر پئجي سگهي.
پردو ڪِري ٿو. |