سيڪشن؛ مضمون

شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي

باب: --

صفحو :4

 

ڳوٺاڻيون ڪچهريون

ڳوٺ جي رهاڪن ۾ ميل ميلاپ به گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هو هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. ڀلي کڻي ڪهڙو به موقعو هجي، ضرور وڃي حاضري ڀريندا. هونئن به سج لٿي کان پوءِ ڳوٺاڻن جون اوطاقون ڀرجي وينديون آهن، جتي هو سڄي ڏينهن جون ڪار گذاريون هڪٻئي کي اچي ٻڌائيندا آهن ۽ کل ڀوڳ ۾ وقت گذاريندا آهن. اهڙين محفلن کي ڪچهري ڪوٺيو ويندو آهي.

ڳوٺاڻيون ڪچهريون حقيقت ۾ ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي هونديون آهن. هنن ۾ ڳوٺن جا شوقيه فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. سگهڙ سينگار جا بيت، ڏور، ڳجارتون ۽ نڙ بيت ٻڌائيندا آهن ته ڳائڻا وري ڪَن تي هٿ رکي الوميان... چئي، شاهه، سچل، بيدل ۽ بيڪس جون ڪافيون چوندا آهن ۽ ساڻس گڏ دِلو يا گهاگهر يا گَهڙو پهلودار وڄائيندا آهن. هنن جي آواز جو ميٺاج سڄيءَ ڪچهريءَ کي واسي ڇڏيندو آهي. هڪ کان پوءِ ٻي ڪافي يا ڪلام ڳائيندي هو ڪڏهن به ڪونه ٿڪبا آهن. هنن جي سريلي آواز تي، اتي موجود ٻيا ماڻهو ’واهه واهه!‘ ڪندا رهندا آهن.

ڳالهيون ٻڌائيندڙ وري گهڙي تي دودي-چنيسر جو مشهور قصو ٻڌائيندا آهن، جيڪو روزانو ٻڌندي به نت نئون لڳندو آهي ۽ ٻڌندڙ حيراني کان ڏندين آڱريون ڏئي، ان قصي ۾ گم ٿي ويندا آهن. جڏهن ڳالهه چوندڙ علاو الدين جي لشڪر جو ذڪر ڪندو آهي ته ماڻهن جا ساهه رڪجي ويندا آهن، پر وري دودي جي دليريءَ جو ذڪر ايندو آهي ته هنن جا منهن سَرها ٿي ويندا آهن.

        ڪي سگهڙ وري نبين ۽ ولين جون ڪرامتون ۽ معجزا ٻڌائيندا آهن ۽ ان ڏس ۾ پنهنجا ذاتي تجربا بيان ڪندا آهن. هو هڪٻئي کي چرچا به هڻندا ويندا آهن ته ڳجهارتون به ڏيندا ويندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري اڳلو ڀڃي وجهندو آهي.

        اتي ڪي ماڻهو وري وڻج واپار جون ڳالهيون ڪندا آهن، ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي مَٿن وهيو واپريو هوندو، تنهن جو تفصيل سان ذڪر ڪندا آهن. نه صرف اهو ته هو پنهنجي تڪليفن جو ذڪر ڪندا آهن، بلڪ ٻڌندڙ به پوري غور ۽ همدرديءَ سان هنن جي تڪليفن کي ٻڌندو ۽ صلاح ڏيندو آهي.

        هو اهڙن موقعن تي هوريان هوريان سڱابندين جون ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ هڪٻئي کي صلاحون ڏيندا ۽ وٺندا  آهن. اهڙيءَ طرح شام جو شروع ٿيل هي ڪچهريون سُمهڻيءَ جي نماز تي پنهنجو پويون حصو پورو ڪنديون آهن. نماز کان پوءِ وري به ڪيترا ماڻهو اوطاقن ۾ اچي ويهندا آهن.

ڳوٺاڻيون ڪچهريون گهڻو ڪري چِلم ۽ حُقي تي مچنديون آهن. هاڻي ته چانهه جو واهپو به گهڻو ٿي ويو آهي. سياري ۾ ڪچهريءَ جي وچ ۾ باهه جو مَچ ٻاريو ويندو آهي ته جيئن سيءَ کان بچاءُ ٿئي. هن مند ۾ هر طرف اجرڪن ۾ ويڙهيل ماڻهو نظر ايندا آهن. هي ڪچهريون سنڌ جي ثقافت جو قديم اهڃان آهن ۽ اڃا تائين قائم آهن.

 

جانور پالڻ جو شوق

ڳوٺن ۾ جانور پالڻ جو ڌنڌو عام آهي. هر گهر ۾ مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون يا رڍون ضرور نظر اينديون. مِٽي ڍوئڻ وارا وري گڏهه ڌاريندا آهن. بار کڻڻ وارا اُٺ ڌاريندا آهن. مينهين، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن مان هو نه صرف کير، مکڻ، گيهه ۽ ڏُڌ حاصل ڪن، بلڪه انهن کي روزگار جو وسيلو به بنايو اٿن. مالوند ماڻهو ڍڳين، مينهن ۽ ٻڪرين جو کير به وڪڻن  ڏُڌ ولوڙي مکڻ به ڪڍن. اهو وڪڻي هو انهن جانورن لاءِ کَڙ ۽ ڪُتر جو انتظام به ڪندا آهن ته پنهنجو پيٽ به پاليندا آهن. هو ڪڪڙيون به پاليندا آهن ۽ انهن جا آنا وڪڻندا آهن- ڪي ڳوٺاڻا وري کؤنر ۽ ماکي وڻن تان لاهيندا آهن ۽ پوءِ اها شهر ۾ اچي وڪڻندا آهن. ماکي صحت جي لاءِ تمام فائدي واري شيءِ آهي. اها سٺو کاڌو آهي، جيڪا ٻار توڙي پوڙهي لاءِ هڪ جهڙي ضروري آهي. کؤنر به ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. هو پَني چنبڙائڻ جي ڪم ۾ به اچي ٿو ته وري حلوي ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن جي کائڻ سان هَڏن ۾ سُور ڪونه پوندو آهي.

ٻيا جانور جهڙوڪ: گڏهه، خچر، اُٺ ۽ گهوڙا ڌارڻ وارا انهن کي پنهنجي ڪمائيءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هو انهن تي مِٽي به ڍوئيندا آهن ته ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا به انهن تي کڻي ويندا آهن. اُٺ بار ڍوئڻ ۽ مسافريءَ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. گهوڙا به مسافريءَ لاءِ ڪم ايندا آهن. حقيقت ۾ اِهي ئي جانور اتي سؤلائيءَ سان ملي سگهن ٿا، جتي نه ڪو پڪو رستو آهي نه ڪا ٻي سهولت.

ڳوٺاڻن جون ڄڃون به اُٺ ۽ ڍڳي گاڏين ۾ وينديون آهن. انهيءَ کان سواءِ ڳوٺاڻا انهن ئي گاڏين ۾ اناج جون ٻوريون، ڀاڻ ۽ ٻيو سامان به کڻندا آهن.

اسان جي ڳوٺن ۾ هر هنڌ هڪ جهڙا جانور به پاليا ويندا آهن. مثال طور، ڪوهستان واري علائقي ۾ اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون عام طرح سان پاليون وينديون آهن. اتي رڍن جي اُن به حاصل ڪئي ويندي آهي، جيڪا نهايت قيمتي ٿيندي آهي. رڍ جو کير توڙي گوشت به عام جام استعمال ٿيندو آهي. ڪوهستاني هوٽلن ۾ وڃبو ته اتي رڍ جو گوشت ملندو. هو رڍ جو کير وڏي شوق سان پيئندا آهن.

 

ٿر ۾ به وڃبو ته اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڍڳيون به عام طرح سان پاليون وينديون آهن، ليڪن مينهن اتي ڪا ورلي ملندي. ڇو ته مينهن پاڻيءَ کان سواءِ نٿي رهي سگهي ۽ ٿر ۾ پاڻي آهي ئي ڪونه! رڳو مِينهن جي موسم ۾ ڪو چڱو وسڪارو ٿيو ته تل ۽ ترايون ڀرجي وينديون نه ته هر طرف سوڪڙ پئي نظر ايندي. اتي اُٺ عام آهن، ڇو جو اُٺ اهڙو جانور آهي جيڪو هڪ دفعو پاڻي پيئڻ کان پوءِ ڪافي ڏينهن پاڻيءَ کان سواءِ به گذاري سگهي ٿو. اُٺن کي خشڪي جو ٻيڙو ڪوٺيندا آهن. ڇو جو هو واريءَ جي ڀِٽن ۽ ور – وڪر وارن رستن تي تمام آرام ۽ تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندا آهن ۽ ساندهه ٻه – چار ڏينهن هلندي به ڪونه ٿڪبا آهن. ٿر جا ماڻهو اُٺن جو گوشت به کائيندا آهن.

        اُتر سنڌ، وچولي ۽ لاڙ ۾ مينهون ۽ ڍڳيون جام ٿينديون آهن. عام طرح سان انهن جو کير ئي پسند ڪيو ويندو آهي. گوشت وري ٻڪريءَ جو پسند ڪيو ويندو آهي. جانور قدرت جي وڏي ڏات آهن، جن جي ڪري انسان کاڌ خوراڪ ۽ سواريءَ جهڙين تڪليفن کان به ڇٽيو پوي.

        ڳوٺن ۾ جيئن ته گاهه عام جام ٿيندو آهي، تنهنڪري جانورن جي کاڌي خوراڪ تي ڪو خاص خرچ ڪونه ٿو ڪرڻو پوي. صرف هڪ ڌراڙ مينهن، ڍڳين يا ٻڪرين جو ڌڻ وٺي وڃي ڪنهن ميدان تي ويهندو آهي، ۽ مال پاڻمرادو هيڏانهن هوڏانهن سائي گاهه ۾ چَرڻ شروع ڪندو آهي. ڌراڙ وري ڪنهن وڻ جي ڇانولي ۾ ويهي يا ته شاهه جي ڪا ڪافي جهونگارڻ لڳندو آهي يا وري پريان ڪنهن ٻئي ڌڻ سان بيٺل ڌراڙ سان زور سان ڳالهيون ڪندو آهي. اهو هنن جو ڌنڌو به آهي ته وندر به. هنن جي روز مرهه جي زندگي اهڙين تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀري پئي هوندي آهي.

جن کي پنهنجو مال هوندو آهي، اُهي خود انهيءَ جي رکوالي به ڪندا آهن، نه صرف اهو پر مال جي چوريءَ چڪاريءَ کان به حفاظت ڪندا آهن. پر ڏهائي – واڙي  به پاڻ ڪندا آهن. اَسور ويل اڃا تارن جي جهرمٽ آسمان جهنجهيو بيٺا هوندا آهن ته هو اُٿندا ۽ جست جون چؤنريون، لوٽا ۽ بالٽيون کڻي وڃي مال ڏُهندا آهن ۽ فجر وقت کير اچي گهر ڌڃاڻين جي حوالي ڪندا آهن، جيڪي پنهنجيءَ ڪِرت ۾ مشغول ٿي وينديون آهن.

 

سير سفر ۽ زيارتون

ڳوٺن جا ماڻهو سير سفر جا به ڪوڏيا هوندا آهن. اوري – پري جيڪي به ميلا ملاکڙا لڳندا آهن، اتي ضرور ويندا آهن. پوءِ وڏا پٽڪا ٻڌي، اجرڪون ڪلهن تي ڪري، دوست يار گڏجي، پنڌ ئي پنڌ شاخن جا ڪنارا وٺي هڪٻئي جي ڳوٺن ۾ ويندا آهن ۽ ميلن ملاکڙن جو لطف وٺي راڳ جي محفلن ۾ سڄيون سڄيون راتيون گذاري واپس ورندا آهن.

هو زيارتن جا به شوقين ٿيندا آهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت لال شهباز قلندر رح جي مزارن تي ته پري پري کان ڪهي اچي حاضريون ڀريندا آهن. هنن جو بزرگن ۽ ولين تي ڏاڍو اعتقاد هوندو آهي.

 

مسجدون ۽ مذهبي تعليم

ڳوٺاڻا مذهبي لحاظ کان به ڏاڍي پختي عقيدي وارا ٿيندا آهن. هنن جو خدا ۽ سندس رسول حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات ۾ ڏاڍو پختو اعتقاد آهي. هو نماز جا عادي هوندا آهن. انهيءَ ڪري ڳوٺن جون مسجدون نماز جي وقت ڀريون پيون هونديون آهن. ايتري قدر جو عورتون جيڪي پردي جي سبب گهر مان ٻاهر ڪونه نڪرن، سي به نماز پڙهڻ لاءِ گهرن جي اڱڻ ۾ ننڍيون ننڍيون مسجدون ٺاهرائين، جن کي کروتِ ڪري ڪوٺين. نماز ۽ روزي کان سواءِ حضرت نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حاضري ڀرڻ لاءِ پيا واجهائيندا آهن. وڏي ۾ وڏي دعا ڏيندا ته چوندا، ”الله حج ڪرائيندءِ.“

مذهبي ڏينهن هو پوري عقيدي ۽ دل جي سچائيءَ سان ملهائيندا آهن. عيد-برات تي اصلي خوشيون پيون هنن جي چهرن مان بکنديون. صبح جو سيون چاڙهي، نبار گيهه ۾ ڦوٽن جو داڳ ڏئي، کير کارڪن سان پاڻ به کائيندا ته اوڙي پاڙي کي به موڪليندا. لاڙ ۾ وري پيهون کائڻ جو عام شوق آهي. پيهون ساريءَ کي ڪُٽي ٺاهبو آهي ۽ ان جي شڪل چپيل چانورن جهڙي ٿيندي آهي.

هي سادا سودا ڳوٺاڻا آهن، جن جي ڪري اسان جي ثقافت زنده آهي. هو اڃا تائين پراڻين ريتن رسمن جي نگراني ڪندا ٿا اچن. مذهبي ڏينهن کي ئي کڻي وٺجي: رمضان جو مهينو ايندو ته هر ڪو ڳوٺاڻو روزو رکندو. پوءِ کڻي روزا اونهاري جا هجن يا سياري جا، هو روزو به رکندا ته پنهنجو ڪم به جاري رکيو ايندا. ڳوٺن ۾ مُلن ۽ مولوين کي وڏي اهميت حاصل آهي، هر طرف هو مسجدن ۾ نمازون پڙهائين ۽ مدرسن ۾ ٻارن کي اسلامي تعليم ڏين ته ٻئي طرف ڪنهن مذهبي معاملي يا مسئلي ۾ هنن جي راءِ اهم سمجهي ويندي آهي. جيڪڏهن مٽن مائٽن ۾ ورهاست يا ڪنهن ڏيتي-ليتيءَ تي جهيڙو ٿي پوندو ته اهي مولوي صاحب اسلامي شرعيت مطابق فتويٰ ڏيندا، جيڪا ٻيئي ڌريون قبول ڪنديون. نڪاح کان وٺي قبر ۾ لهڻ تائين، جيڪي به مذهبي رسمون ٿين، تن کي اهي مُلان سڳورا منهن ڏيندا آهن.

        گهرن ۾ نياڻين کي وري عورتون پڙهائينديون آهن. انهن کي اُستاد يا آخوندياڻي ڪري ڪوٺبو آهي. اهي ڳوٺ جي نياڻين کي قرآن شريف جي تعليم ڏينديون آهن، ۽ ان جو ڪوبه اُجورو ڪونه وٺن. البته حافظيءَ جي موقعي تي ٻارن جا مائٽ هنن کي اناج، ڪپڙا يا ٻي ڪا شيءِ تحفي طور ڏيندا آهن، جيڪا هو قبول ڪنديون آهن.

        ڳوٺاڻا مولوين، مُلن يا پيش امامن کي ڪوبه ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهن. سندن کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو پاڻ بندوبست ڪندا آهن.

 

صحت ۽ علاج

ننڍن ڳوٺن ۾ جتي اسپتالون ڪونه آهن، اتي وري حڪيم هوندا آهن. حڪيم يوناني طريقي سان علاج ڪندا آهن ۽ جَڙي ٻوٽين مان دوائون ٺاهيندا آهن. هنن جي علاج جو دارومدار سندن حياتيءَ جي تجربن تي ٻڌل هوندو آهي. بخار هجي يا سرسام، پيٽ جو سور هجي يا مٿي جو سور، هر قسم جو علاج تمام ڪاميابيءَ سان ڪندا آهن. ڪن حڪيمن جي هاڪ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين پکڙجي ويندي آهي ته پوءِ ان جي طلب به وڌي ويندي آهي.

اهي حڪيم گرمين جي موسم ۾ مختلف گلن ٻوٽن مان شربت به ٺاهيندا آهن. هنن جا ٺاهيل شربت قيمت ۾ سستا پر تمام سٺي اثر وارا ٿيندا آهن. عام ڳوٺاڻا ٿاڌل سان گڏ اهڙو شربت به استعمال ڪندا آهن.

حڪيمن کان سواءِ جراح به هوندا آهن، جيڪي ڦَٽن ڦُرڙين جو علاج ڪندا آهن. هو جهڙيءَ ريت خطرناڪ کان خطرناڪ ڦَٽ کي چهڪ ڏئي علاج ڪندا آهن، تنهن کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي. هو نڪي مريضن کي بيهوش ڪندا آهن نڪو سندن ڪنهن عضوي کي نِستو ڪندا آهن. تنهنڪري هنن جي علاج ۾ تڪليف ته ڏاڍي ٿيندي آهي، البته فائدو ترت ٿي ويندو آهي.

ڳوٺن ۾ هَڏين جي ڀڳ-ٽوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀر رهندا آهن، جيڪي ڀڳل هڏيءَ کي ڪاميابيءَ سان جوڙي ڇڏيندا آهن. هنن جي علاج جو طريقو هونئن ته ڏاڍو سستو ٿئي ٿو، پر آهي ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ. ويچارا ڳوٺاڻا مسافريءَ جي مصيبت ۽ شهر جي ڳاٽي ڀڳي خرچ کان بچڻ لاءِ اها تڪليف به سهي ويندا آهن.

البت ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جتي طبي سهولتون ته پهچي ويون آهن، پر اتي وري سرڪاري ڊاڪٽر جي اسپتال تي رش لڳي پئي هوندي آهي. ويچارا پري پري جا ڳوٺاڻا ٻار ڪُلهن تي کنيو، بيمارن ۽ پوڙهن کي ڍڳي گاڏين ۾ وجهيو، اسپتال ۾ پهچندا آهن.

ڳوٺن ۾ اها تڪليف سڀني تڪليفن کان وڏي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيترا ماڻهو وقت سر دوا نه ملڻ جي ڪري موت جو بَکُ ٿي ويندا آهن. خاص ڪري ننڍڙا ٻار ۽ پوڙها ته بيماريءَ جي تاءُ سهي ڪونه سگهندا آهن. جڏهن ڳوٺ جا ڏاها ۽ حڪيم بيماريءَ کي نه سمجهي سگهندا آهن ته هو ويچارا مايوس ٿي ويندا آهن، پر جي پڄي سگهندا آهن ته ڪنهن ڀرپاسي واري شهر ڏانهن روانا ٿيندا آهن، نه ته انهيءَ مايوسيءَ جي حالت ۾ ئي مري ويندا آهن.

ڳوٺن ۾ وڏيءَ عمر جون عورتون اهڙيون سُتيون ڦڪيون ڄاڻنديون آهن، جو ترت علاج ڪرڻ لاءِ اهي ڪارائتيون هونديون آهن. مثال طور، سياري ۾ سيءَ ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ ”ماکي ۽ نَر ڦوٽو“ چٽائينديون آهن يا ”سُنڍ کنڊ“ ٺاهي رکنديون. خارش کان بچڻ لاءِ ڊاماهو ڪاڙهي ان ۾ پاڻيءَ سان وهنجارينديون، لُک ۽ جهولي جي موسم ۾ بچاءَ خاطر، تيل ۽ ميٽ ۾ بصر مهٽي ان سان وهنجڻ جو ڏس ڏينديون آهن، يا وري هٿن پيرن ۽ مٿي تي ميندي جون پِنيون ٻڌنديون آهن.

        هي ٽوٽڪا ترت علاج طور ڪم ڏيندا آهن ۽ عام طرح سان هر ڳوٺاڻي ماءُ کي برزبان ياد هوندا آهن. ٻار کي ڪن ۾ سور پيو ته ماءُ جي ٿڃ جا گوها هڻائيندس. ڪلين ۾ سور ٿي پيس ته ڇار ۽ لوڻ جو ساٺ ڪرائينديس. پيٽ ۾ سور پيس ته موچڙي تي ڪوئلي سان ليڪا ڪڍي پيٽ تي رکنديون آهن

........

................ ٿيڻ تي وري چوندا ته نظر لڳي .... کان سڳو وٽائي ٻڌندس. ڪو ٻار ۾ بگهڙ جي کل جو ٽڪرو ٻڌوس. ندا آهن.

 

تعليم

ڳوٺن ۾ تعليم عام نه آهي، هر ڪو وڏو ۽ ننڍو پنهنجو قوت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ٿو محنت ڪري، تنهنڪري هنن جو لاڙو تعليم ڏانهن گهٽ آهي. هونئن ته ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به پرائمري اسڪول آهن ۽ اهي ٻارن سان سٿيا پيا هوندا آهن.

 

اهي ٻار جڏهن پڙهي نڪرندا آهن ته وري ٿورو پرڀرو وڏن ڳوٺن جي مڊل اسڪولن يا هاءِ اسڪولن ۾ وڃي پڙهندا آهن ۽ اتان تعليم حاصل ڪري ماستري، تپيداري يا ڪلارڪي ۽ ان قسم جون نوڪريون حاصل ڪندا آهن يا وري اڳتي وڌي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهچي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هو تعليم جي بهاني ڳوٺن کان شهرن تائين پهچي ويندا آهن.

اهڙا ٻار جن کي سندن والدين نه پڙهائي سگهندا آهن، تن کي حڪومت اسڪالرشپون ڏيندي آهي. حڪومت نه صرف اسڪولن ۾ ماستر مقرر ڪندي آهي، پر انهن جي رهائش جي جاءِ، اسڪول جي عمارت، فرنيچر ۽ ٻيو سامان به موجود ڪري ڏيندي آهي. پوءِ والدين جو ڪم هوندو آهي ته اهڙي صورتحال مان فائدو حاصل ڪري، پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين.

        اڳين جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڳوٺن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو چاهه نظر اچي ٿو. ڪيترن ننڍن ڳوٺن ۾ زنانا پرائمري اسڪول به کلي ويا آهن، جتي ماڻهو پنهنجون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين ٿا. هنن کي اهو محسوس ٿي ويو آهي ته علم حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

        ڳوٺاڻا اسڪول به هڪ طرح سان ڳوٺ ۾ سماجي زندگي پيدا ڪن ٿا. انهن اسڪولن جي ميدان ۾ شام جو ڄاري هڻي والي بال راند به ڪئي ويندي آهي ته هَلڪي سَلڪي ادبي مجلس به قائم ڪئي ويندي آهي. اسڪول جو هيڊ ماستر شهر جي عزت وارن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ڪن حالتن ۾ شهر جي ٽپال جو بندوبست به سندن هٿن ۾ هوندو آهي.

        جيئن ته ڳوٺن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جون پوريءَ طرح سان سهولتون ڪونهن، تنهنڪري ڪيترا سَرنديءَ وارا ماڻهو پنهنجي اولاد کي ڀرپاسي وارن شهرن يا وڏن شهرن ۾ هاسٽلن ۾ رهائيندا آهن ته جيئن هو تعليم حاصل ڪري سگهن.

        ڳوٺن جا اسڪول ڳوٺن لاءِ معلومات ۽ تفريح جا مرڪز به هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسڪولي ٻار ناٽڪ ۽ راڳ جون محفلون منعقد ڪندا آهن. اهڙن وقتن تي ننڍڙا ننڍڙا ٻار جدا جدا روپ اختيار ڪري؛ ناٽڪ پيش ڪندا آهن ۽ ڳوٺاڻا ڏاڍي چاهه ۽ شوق سان اهي ڏسندا آهن.

اتان ئي وري وڏا وڏا فنڪار اُڀري نڪرندا آهن؛ جيڪي اڳتي هلي قومي سطح تي وڏي اهميت حاصل ڪندا آهن. خاص ڪري ڳائڻا، الغوزي نواز، بينون وڄائيندڙ پهرين پهرين ڳوٺن ۾ ئي پنهنجي فون جو مظاهرو ڪندا آهن. اتان مقبوليت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي هو شهرن ۾ ايندا آهن، جتي وڌيڪ مشهور ٿيندا آهن.

        اسڪولن ۾ جلسا به ٿيندا آهن جن ۾ شهر جي معززين کي دعوت ڏني ويندي آهي. انهن جلسن ۾ مباحثا ۽ تقريرون ڪيون وينديون آهن. انهن موقعن تي وڏا توڙي ننڍا گڏجي اچي ويهندا آهن ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڄڻ ڳوٺ ۾ جان پئجي ويندي آهي.

 

ثقافت جا مرڪز

ڳوٺ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جي ورثي کي سنڀاليو پيا اچن. ڳوٺن ۾ اڃا سوڌو جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيندو آهي. اڃا تائين ڪوري ڳوٺن ۾ پنهنجن پراڻن آڏاڻن تي ڪم ڪندا، سوسيون ۽ گربيون اُڻيندا نظر ايندا آهن. پورگر وري بافتي يا لَٺي تي ڇُر ڪندا نظر ايندا ۽ سندن ڇَريل اجرڪون ڏيهان ڏيهه مشهور ٿينديون آهن.

عورتون گهرن ۾ گج تي ٽِڪون (ڪاوا) ٽاڪينديون يا وري رلي ٺاهينديون نظر اينديون آهن ۽ شهري ماڻهو اهو يقين نه ڪري سگهندا آهن ته ڪو هي ڪپڙن جي رنگين ٽڪرن کي ڳنڍي خوبصورت رلي بنائڻ وارا هٿ ڪنهن ڳوٺاڻيءَ عورت جا آهن.

        اسان جي ڳوٺن ۾ اسان جي تهذيب جا قديم نشان دفن ٿيل آهن. پر ڳوٺاڻن پنهنجي انهيءَ تواريخي ورثي کي وساريو ڪونهي. هنن وٽ اڃا به نڙ، بين، سرندو ۽ يڪتارو آهي، جنهن کي وڄائي ڪچهريون ڪندا آهن. پنهنجن عظيم شاعرن جو ڪلام جهونگاريندا آهن.

ڳوٺ اڃا به انهيءَ سادگي، صفائي ۽ سچائيءَ جا نشان آهن. جيڪا شاعرن پنهنجي شعرن ۽ فنڪارن پنهنجي فن-پارن ۾ ٻڌائي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org