رانديون
شهري حياتيءَ ۾ راندين کي وڏي اهميت حاصل آهي. راندين جي لاءِ
نه صرف ماڻهو پاڻمرادو ڪوششون ڪندا آهن. پر حڪومت
۽ شهر جي انتظام سنڀالڻ وارا کاتا، راندين لاءِ
وڏا وڏا راندين جا ميدان ٺهرائيندا آهن.
شهرن ۾ جن راندين کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، ۽ عام توڙي خاص
ماڻهو انهن کي پسند ڪندا آهن سي آهن: ڪرڪيٽ، هاڪي،
والي بال ۽ فٽ بال – هي رانديون وڏن ميدانن تي
کيڏيون وينديون آهن.
ڪرڪيٽ، فُٽ بال ۽ هاڪي ۾ يارهن – يارهن رانديگرن جون ٽوليون هڪ
ئي وقت راند ڪري سگهنديون آهن.
هن راندين مان ڪرڪيٽ: سڄيءَ دنيا ۾ مقبول راند آهي. ان کي ڏسڻ
لاءِ ماڻهو ميلن جا ميل پنڌ ڪري اچي پهچندا آهن.
ڪرڪيٽ مئچون نه رڳو ملڪ ۾، پر ملڪ کان ٻاهر به
کيڏيون وينديون آهن. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي
ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي سُٺين ٽيمن ۾ شمار ٿيندي آهي.
انهيءَ ٽيم ملڪ خواهه ڏيساور ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي.
اسان جا اهي رانديگر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
جن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ مئچ کيڏي ويندي آهي، انهن ڏينهن ۾ ريڊيو ۽
ٽيليويزن تان خاص طور ان کي ڏيکاريو ويندو آهي ۽
ماڻهو وڏي شوق سان ڏسندا آهن.
هاڪي: به ڏاڍي سٺي ۽ وڻندڙ راند آهي. اسان جي ملڪ جي هاڪي ٽيم
به سڄي دنيا ۾ نالو ڪڍايو آهي. جڏهن به اسان جي
هاڪي ٽيم ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ
مقابلي لاءِ ويندي آهي ته اسان جو عوام هنن جي سوڀ
لاءِ دعائون گهرندو آهي.
والي بال ۽ فٽ بال رانديون: نه رڳو شهرن ۾ پر ڳوٺن ۾ به
ڏاڍيون مقبول آهن. ماڻهو نه صرف اهي رانديون
کيڏندا آهن پر ڏسڻ مان به مزو وٺندا آهن.
جتي هنن راندين کي عام طور پسند ڪيو ويندو آهي، اتي وري
اسڪوائش، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس ۽ بلئرڊ کي به ڏاڍو
پسند ڪيو ويندو آهي. هي رانديون کليل ميدانن جي
بدران ننڍن يا وڏن ڪمرن ۾ کيڏيون وينديون آهن. هي
رانديون ڦُڙتي ۽ مهارت جو وڻندڙ نمونو هونديون
آهن. انهن کان سواءِ مَلهه، ڪُشتي ۽ فري اسٽائيل –
ڪُشتيءَ ۾ به ماڻهو ڏاڍو شوق مان حصو وٺندا آهن.
انهن جي لاءِ وري خاص قسم جا اکاڙا ۽ ميدان ٺاهيا
ويندا آهن. جن ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي پهلوان اچي حصو
وٺندا آهن.
شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن نيون رانديون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. انهن ۾
باسڪيٽ بال ۽ بيس بال وغيره شامل آهن. هي رانديون
نه صرف طبيعت کي خوش ڪن ٿيون، بلڪ جسماني طور به
انهن جو ڏاڍو سٺو اثر ٿئي ٿو. رانديون جسم کي
مضبوط بنائين ٿيون ۽ اهي ماڻهو، جيڪي سڄو ڏينهن
پنهنجي آفيسن جي ڪرسين تي يا وري ڪم ڪار ۾ رُڌل
رهن ٿا، تن جي ذهن کي به تراوت ڏين ٿيون ته سندن
جسماني ٿڪ جو به خاتمو ڪن ٿيون.
تعليم ۽ سکيا
شهرن ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ان لاءِ ڪيترائي
ادارا هوندا آهن، جهڙوڪ: پرائمري اسڪول، هاءِ
اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي، هنن سڀني ادارن جو ڪم
اهو هوندو آهي ته ماڻهن کي سٺي ۾ سٺي تعليم ڏين ۽
هنن کي زندگيءَ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي لائق بنائين.
پرائمري تعليم ۾ سٺا سٺا اسڪول آهن، جن ۾ بهترين استاد مقرر
ڪيا ويندا آهن. شاگردن لاءِ هڪ جهڙي پوشاڪ مقرر
ڪئي ويندي آهي. ٻارن کي عمر جي ٽئين سال کان وٺي
تعليم ڏني ويندي آهي. اهڙا اسڪول جن ۾ پنجن سالن
کان گهٽ عمر وارا ٻار پڙهندا آهن، تن کي نرسري ۽
ڪنڊر گارٽن ڪري ڪوٺيندا آهن. هن تعليم جو بنيادي
مقصد اهو هوندو آهي ته باقاعدي اسڪول جي تعليم ڏيڻ
کان اڳ، ٻار جي ذهني قوتن کي ظاهر ٿيڻ ڏنو وڃي ته
هن جو لاڙو علم جي ڪهڙيءَ شاخن ڏانهن آهي.
پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ سٺا سٺا
اسڪول هوندا آهن، جن کي پنهنجا باغيچا ۽ راندين جا
ميدان به هوندا آهن. هن عرصي ۾ ٻارن کي اسڪائوٽ به
بنايو ويندو آهي.
اسڪائوٽ تحريڪ ۾ شامل شاگرد ملڪ جي جدا جدا حصن جا گشت ڪندا آهن
۽ هنن ۾ عام ماڻهن لاءِ خدمت ۽ همدردي جا جذبا
جاڳايا ويندا آهن. کين اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته
اتفاق سان جيڪڏهن ڪابه هنگامي حالت پيدا ٿي پوي ته
ان کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي.
انٽر کان پوءِ آرٽس جا شاگرد عام ڪاليجن ۾ ۽ سائنس جا شاگرد
طبي، انجنيئرنگ ۽ زرعي ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا آهن،
جتان تعليم حاصل ڪري، هو پنهنجي پنهنجي ڌنڌي کي
اچي لڳندا آهن. هي ڪاليج انهن کي فني تربيت ڏيڻ
کان سواءِ هنن ۾ حب الوطني ۽ انسان ذات سان پيار
جو جذبو پيدا ڪندا آهن.
ڪاليجي شاگردن کي ڪلاس ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ تجربا به ڪرايا ويندا
آهن ۽ منجهن سير ۽ سفر جو چاهه به پيدا ڪيو ويندو
آهي. سير ۽ سفر جي ذريعي شاگردن کي تفريحي جڳهيون
۽ ملڪ جا ٻيا حصا به ڏيکاريا ويندا آهن.
شهرن جي ڪاليجن ۾ شاگردن لاءِ رهائشي جايون هونديون آهن، جن کي
هاسٽلون يا بورڊنگ هائوس چوندا آهن. شهرن کي
ٻاهرين علائقن ۾ ڳوٺن جا رهندڙ شاگرد جڏهن تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ ايندا آهن ته هنن کي ٿورن
پئسن سان هاسٽلن ۾ رهائش جون سهولتون ملنديون آهن.
هتي نه رڳو سندن رهڻ بلڪ هنن جي کاڌي پيتي جو
انتظام به هوندو آهي. اڳوڻي زماني ۾ گهڻو ڪري
ماڻهو پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هاسٽلن
۾ رهائيندا هئا، ڇو جو اتي هو عام شهري ماحول کان
پري علم حاصل ڪرڻ ۾ وقت گذاريندا هئا.
شهرن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ جدا جدا ڪاليج ٿيندا آهن، جيئن هرڪو
آزاديءَ سان تعليم حاصل ڪري سگهي. عورتن لاءِ به
سندن ڪاليجن ۾ هاسٽلون آهن، جتي هنن کي پنهنجي گهر
وارو ماحول مهيا ڪري ڏنو ويندو آهي.
عورتن جي لاءِ هوم اڪنامڪس جا ڪاليج به آهن، جن ۾ هنن کي عام
تعليم سان گڏ گهريلو معاملن جي سکيا به ڏني ويندي
آهي، جنهن ۾ رڌڻ پچائڻ کان وٺي سبڻ ڀرڻ تائين هر
ڳالهه جي تعليم هوندي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ
گهريلو دستڪاري ۽ هنرن جا اسڪول به هوندا آهن.
انهن اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري ڇوڪريون پنهنجن
گهرن ۾ ئي سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم ڪري پيٽ گذران ڪنديون
آهن.
ڪاليجن کان پوءِ يونيورسٽيون هونديون آهن، جن ۾ اعليٰ
تعليم جو بندوبست هوندو آهي، يونيورسٽيون رڳو آرٽس
۽ سائنس جا مضمون پڙهائڻ لاءِ نه هونديون آهن، بلڪ
زرعي ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيون پڻ هونديون آهن، جن
۾ اعليٰ انجنيئرنگ ۽ اعلى زراعتي ڪورس پڙهايا
ويندا آهن.
يونيورسٽين ۾ به هاسٽلون هونديون آهن، جن ۾ کاڌي پيتي جو جوڳو
انتظام هوندو آهي ۽ شاگرد خود انهن جو انتظام
هلائيندا آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ ڪشادا ڪمرا،
کليل باغيچا ۽ تمام سٺيون لائبريريون هونديون آهن،
جن ۾ ويهي هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهي سگهندا آهن.
هي ادارا جيئن ته وڏن وڏن شهرن ۾ هوندا آهن، تنهنڪري پري پري
کان شاگرد ڪَهي اتي ايندا آهن ۽ علم جي حاصل ڪرڻ ۾
لڳا پيا هوندا آهن. هتي شاگردن کي علم جي حاصلات
سان گڏوگڏ تفريح جا موقعا به ڏنا ويندا آهن. کين
سڄي ملڪ جا گشت ڪرايا ويندا آهن ۽ راندين روندين
لاءِ وڏا ميدان ۽ سامان مهيا ڪري ڏنا ويندا آهن.
انهن کان سواءِ شهرن ۾ مدرسا به هوندا آهن، جن ۾ مذهبي تعليم
ڏني ويندي آهي. اتان شاگرد دين اسلام جي باري ۾
مڪمل سکيا وٺي نڪرندا آهن ۽ ملڪن ۾ ٻين هنڌ ديني
معلومات جي روشني پکيڙڻ ۾ لڳي ويندا آهن.
بالغن جي تعليم
شهرن ۾ بالغن جي تعليم جو به جوڳو بندوبست ڪيل هوندو آهي. انهن
لاءِ شام جو ڪلاس کوليا ويندا آهن ته جيئن ماڻهو
پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ختم ڪري شام جو واندڪائي ۾ اچي
علم حاصل ڪن.
شهرن ۾ انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جي تعليم لاءِ پڻ بندوبست ڪيل آهي.
انڌن جي لاءِ لکيل ڪتابت جا اکر پني تان اُڀريل
هوندا آهن. جن کي اکين کان معذور شخص آڱرين جي
ذريعي پڙهندا آهن.
هن دؤر ۾ شهرن ۾ جيڪي تعليمي سهولتون حاصل آهن، انهن جي
ڪري تعليمي معيار ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. نه صرف
شهرن وارا بلڪ ڳوٺن وارا به شهرن جي انهي سهولت
مان پورو پورو فائدو حاصل ڪندا آهن.
اهي تعليمي ادارا ئي آهن جن جي مٿان ملڪ جي مستقبل جو بار هوندو
آهي. هنن ادارن مان نڪري هر شخص سٺو شهري بنجي وڃي
ٿو ۽ ملڪ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏي ٿو.
اسان جي وطن پاڪستان جي شهرن ۾ ان قسم جون شهري سهولتون تمام
گهڻيون آهن، جن مان ملڪ جي سڀڪنهن رهاڪوءَ کي
فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. نه صرف ايترو پر انهن
سهولتن کي وڌائڻ م به هٿي ڏيڻ گهرجي. والدين کي
گهرجي ته هو پنهنجي اولاد جي تعليم تي ڌيان ڏين ۽
شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجو سڄو ڌيان تعليم حاصل
ڪرڻ ۾ لڳائين ۽ بهترين شهري بنجي وطن جو مانُ
مٿانهون ڪن.
صحت ۽ صفائي
شهرن ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي. شهرن جي
فضا ڳوٺن وانگر کليل ۽ صاف هوا واري ڪونه ٿئي. ڪٿي
ڪٿي ته اهڙا گهر ۽ آفيسون ٿينديون آهن جتي صاف ۽
تازي هوا توڙي روشني ڪانه اچي. اتي بجليءَ جا پکا،
ايئرڪنڊيشنر ۽ ايئر ڪولر استعمال ٿيندا آهن ۽
روشنيءَ لاءِ وري بلب ۽ ٽيوب لائيٽ وغيره استعمال
ٿيندا آهن. ظاهرآهي ته اهڙن هنڌن تي گهُٽيل آبهوا
جي ڪري ڪي بيماريون جنم وٺن ٿيون. انهيءَ کان
سواءِ رستن تي لارين، موٽرن، رڪشائن ۽ ڪارخانن جي
چِمنين مان نڪرندڙ دونهين جا ڪارا ڪڪر فضا کي گندو
ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي اثر کي ختم ڪرڻ پڻ ضروري
ٿي پوندو آهي. اهو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ هنڌ گڏ ٿي
گندي پاڻيءَ جو تلاءُ بڻجي ويندو آهي. عام طرح
شهرن ۾ زمين جي اندران ئي اندران گندي پاڻي جا
نالا جن کي گٽر چوندا آهن ٺاهيا ويندا آهن ته جيئن
اهو پاڻي مٿي اچي رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي پيدا نه
ڪري. انهن گٽرن جو ڇوڙ شهرن کان ٻاهر ڪيو ويندو
آهي.
ٻئي طرف هر وڏي رستي توڙي گهٽين جي منهن تي گند ڪچري ڇڏڻ لاءِ
ڪچرا-گهر ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ ماڻهو روزانو گڏ
ٿيندڙ ڪچرو اُڇلائي ڦِٽو ڪندا آهن ۽ شهرن جي صفائي
رکندڙ کاتي وارا، جن کي ميونسپالٽي چئبو آهي. اهو
گند گاڏين ۾ کڻائي شهر کان ٻاهر ڦٽو ڪندا آهن.
جيڪڏهن اهي گاڏيون گند ڪچرو نه کڻن ته هوند سڄا
شهر ڍونڍ بنجي وڃن.
صفائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ميونسپالٽيءَ وارا جوڳا اُپاءَ
وٺندا آهن. اڄڪلهه ته ڳوٺن ۾ به ٽائون ڪميٽيون آهن
پر انهن جو ڪم محدود آهي. ڪو وقت هوندو هو جڏهن
شهرن ۾ به بجلي نه هوندي هئي ته ميونسپالٽيءَ وارا
رستن جي چونڪن ۽ گهٽين ۾ گاسليٽ سان ٻرندڙ شمعدان
هوندا آهن.
پر اڄڪلهه رستن ۽ چوراهن تي بجليءَ جا بلب ٻاريا ويندا آهن. هاڻ
اهو ڪم بجلي کاتي وارن جو آهي. ميونسپالٽيون صحت
صفائي ۽ رستن وغيره کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ جو ڪم ڪنديون
آهن.
علاج جون سهولتون
بيماري سيماري ته انسان تي ايندي ئي رهندي آهي، پر انهن مان ڪي
وچڙندڙ بيماريون ٿينديون آهن. جهڙوڪ: سلهه، ڪوڙهه،
ماتا، وڏي کنگهه، دم ڪشي. مُدي جو بخار وغيره ۽ ڪي
موسمي بيماريون ٿينديون آهن، مثال طور مليريا،
گردن-ٽوڙ بخار وغيره. انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به
وڏا جَتن ڪيا ويندا آهن. سلهه جي پاڙ پٽڻ لاءِ نه
صرف هر اسپتال ۾ ان جي علاج جون دوائون موجود
هونديون آهن، پر خاص سينيٽوريم به جوڙيا ويا آهن،
جن ۾ رڳو سِلهه جا مريض ئي رهندا آهن ۽ اتي سندن
علاج ڪيو ويندو آهي.
هي سينيٽوريم هميشہ شهر کان پري کليل ۽ صاف هوا وارن هنڌن تي
ٺاهيا ويندا آهن. خاص ڪري جابلو علائقن ۾، جتي فضا
۾ ڪنهن به قسم جي گندگي نه هوندي آهي. هنن شفاخانن
۾ علاج گهڻو ڪري مفت ڪيو ويندو آهي ۽ هر سال
هزارين ماڻهو انهن مان شفاياب ٿي نڪرندا آهن.
ڪوڙهه جي لاءِ به جدا اسپتالون هونديون آهن، جتي جذامي مريضن جو
علاج ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙا اپاءَ ورتا ويندا آهن
جو اهو موذي مرض ٻاهر پکڙجي نه سگهي. حيدرآباد جي
ويجهو گِدوءَ وٽ درياءَ جي ڪناري تي اهڙي هڪ
اسپتال آهي.
دماغي مرضن جي علاج لاءِ پڻ اهڙيون اسپتالون جن ۾ چرين توڙي
دماغي بيمار ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو آهي. هنن جي
علاج ۾ نفسياتي طريقا توڙي نئين قسم جون مشينون به
استعمال ڪيو وينديون آهن ۽ اهي انسان جيڪي پنهنجي
ڪمزور ذهن جي ڪري ٻين تي بار بنجيو وڃن، سي به سٺا
شهري ٿيو پون ۽ سندن خدمت جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿئي
ٿو. دماغ جون بيماريون وچڙندڙ ڪونهن، پر هن دؤر ۾
اهي بيماريون تمام عام ٿي ويون آهن. تنهنڪري دماغي
مرضن جي اسپتالن کان سواءِ ڪيترائي نفسيات جا ماهر
ڊاڪٽر پڻ اهڙن مريضن جي علاج ۾ رڌل هوندا آهن.
هن دؤر جي خطرناڪ بيماري دل جو مرض آهي. شهرن ۾ دل جي مرضن جا
ڪيترائي ماهر ڊاڪٽر هوندا آهن انهن نه صرف دل جي
مرضن جو علاج ڪيو آهي، بلڪ هڪ انسان جي دل ڪڍي،
انهيءَ ۾ ٻي دل هڻڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا اٿن. هي
دل جا دورا ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڍا خطرناڪ ثابت ٿيندا
آهن، پر هاڻي جيڪڏهن احتياط ڪجي ته انهن کي به
ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.
هن وقت ۾ سائنس ايڏي ته ترقي ڪئي آهي، جو سرطان جهڙي لاعلاج مرض
جو به هڪ حد تائين علاج ممڪن ٿي پيو آهي. انهيءَ
تي تجربا به ٿي رهيا آهن ۽ سرطان جي مريضن تي خاص
قسم جو ڌيان ڏنو ويندو آهي.
عام مرضن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ سول اسپتالون هونديون آهن،
جن ۾ تمام ٿوري خرچ سان علاج ڪيو ويندو آهي، انهن
اسپتالن ۾ جراحت پڻ ڪئي ويندي آهي ۽ ٻهراڙين مان
ايندڙ مريضن کي ڪمرا يا بسترا به ڏنا ويندا آهن.
هنن اسپتالن ۾ سرڪاري ڊاڪٽر ۽ نرسون ڏينهن رات
بيمارن جي صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن.
انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽرن جون خانگي اسپتالون هونديون آهن، جتي
هو صبح توڙي شام جو مريضن کي ڏسندا آهن، هنن کي
اسپتال جون دوائون ڏيندا آهن ۽ هنن کي صحت جي
اصولن کان واقف ڪندا آهن. هو وقت جي پرواهه ڪرڻ
کان سواءِ ئي ڏينهن يا رات جي ڪنهن به حصي ۾ مريضن
کي گهر ۾ ڏسڻ ويندا آهن.
شهرن ۾ صحت جي سارسنڀال لاءِ جيڪي انتظام ڪيل آهن تن جي ڪري
شهرين کي پنهنجي صحت متعلق ڪوبه فڪر ڪرڻو ڪونه ٿو
پوي. انهيءَ ڪري شهرن ۾ جڏهن به ڪا بيماري منهن
ڪڍندي آهي ته ان جو ترت علاج ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهن
کي وڏو نقصان کڻڻو ڪونه پوندو آهي. مگر ڳوٺن ۾ اڃا
اهي سهولتون عام ڪونه ٿيون آهن ۽ ڳوٺاڻن کي به
علاج لاءِ شهرن ڏانهن اچڻو پوي ٿو.
مسجدون ۽ عبادتگاهون
شهرن ۾ ٿوري مفاصلي تي مسجدون نظر اينديون، جن ۾ نماز جي وقتن
تي شهري باجماعت نماز پڙهندا نظر ايندا آهن. عقيدي
جي لحاظ کان شهري به ڳوٺاڻن وانگر تمام مذهبي قسم
جا ٿيندا آهن. واپاري توڙي صنعتڪار، مزدور توڙي
شاهوڪار، ٻانگ آئي ته مسجد ۾ پهچي ويندو. جيڪڏهن
مسجد ۾ نه ويو ته پنهنجي پنهنجي جڳهه تي نماز ادا
ڪندو.
شهرن ۾ جامع مسجدون به ٿينديون آهن، جن ۾ جمع جي ڏينهن پري پري
کان ماڻهو اچي گڏ ٿي جمع نماز پڙهندا آهن. اهو
منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
هر طرف اهڙا ماڻهو نظر ايندا آهن، جيڪي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جي
آڏو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ نظر ايندا آهن. هي وقت اهو
هوندو آهي جڏهن بندو مالڪ جي حضور ۾ پيش ٿيندو
آهي.
جمع تي ته وڏا وڏا اجتماع نظر ايندا آهن، پر اڃا به وڏا اجتماع
عيد الفطر ۽ عيد الضحيٰ جي موقعن تي، عيدگاهن ۾
نظر ايندا آهن. اهڙن موقعن تي هر طرف ماڻهن جا
هجوم هوندا آهن، جيڪي بارگاهه الاهيءَ ۾ سجدو ڪرڻ
کان پوءِ بنا ڪنهن امير يا غريب جي فرق جي، هڪٻئي
کي ڀاڪر پائي مبارڪون پيا پيش ڪندا آهن. اهي ٻه
ڏينهن شهري زندگيءَ لاءِ تمام وڏي اهميت رکندا
آهن. انهن ڏينهن تي مسلمانن ۾ مثالي جوش ۽ خوشي
نظر ايندي آهي. خوشي جو اظهار نه صرف سندن مُنهن
مان پر هنن جي عمل مان به پيو بکندو آهي.
ڳوٺاڻي حياتي
ڳوٺ، جن کي عام طرح اسين ٻهراڙي به ڪري ڪوٺيندا آهيون، پنهنجي
رهڻي ڪهڻي، قدرتي مناظر ۽ سادگيءَ جي ڪري شهرن کان
بلڪل ٻئي قسم جا ٿيندا آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان
جو به وڏو حصو ڳوٺن تي ٻڌل آهي ۽ ڳوٺ جيئن ته
زراعت جا مرڪز ٿيندا آهن، تنهنڪري اسان جي ملڪ کي
زرعي ملڪ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي.
زراعت
اسان جي ڳوٺن جي آبادي گهڻو تڻو پوک جو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن يعني
هارين ۽ ڪڙمين تي ٻڌل آهي. هو صبح جو سج اُڀرڻ کان
اڳي، ڀنڀرڪي مهل ئي پنهنجا ڍڳا ڪاهي، ٻاجهر يا
جوئر جي ماني ۽ لسيءَ لپ يا ڳڙ کڻي، ڌرتي جي سيني
مان اَنُ اُپائڻ لاءِ روانو ٿي ويندو آهي ۽ سڄو
ڏينهن پنهنجو پگهر وهائي شام جو سج لٿي مهل واپس
پنهنجن
ڪکن ڏانهن ورندو آهي. هو نه رڳو گرمين جي ساڙيندڙ ڏينهن ۾
هر هلائيندو آهي، پر سياري جي سَرد راتين ۾ پاڻيءَ
جي واري وهڻ لاءِ به ويندو آهي، جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
واٽر ڪورس جي وچ ۾ بيهي پنهنجين ٻنين کي پاڻي
ڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح هو ٻارهن ئي مهينا، ڏينهن
رات ۽ اَٺ ئي پهر هن ڀُوري ڌرتيءَ کي سائو ڪرڻ ۾
رُڌل هوندو آهي.
رهڻي ڪهڻي
ڳوٺن جي حياتي پنهنجي اندر هڪ عجيب قسم جي سادگي، صفائي ۽ سونهن
رکي ٿي. هتي انسان پنهنجو پاڻ کي قدرت جي وڌيڪ
ويجهو ٿو محسوس ڪري. جيڪڏهن ڏينهن جو گرم سج ڪانگ
جي اک ٿو ڪڍي ته رات جو تارن سان جهنجهيل آسمان
روح کي راحت ٿو بخشي. رات جي وقت جڏهن چؤطرف سانت
ڇانيل هوندي آهي ۽ پکي پکڻ توڙي انسان پنهنجن
پنهنجن ماڳن تي آرامي هوندا آهن، تڏهن ائين لڳندو
آهي ڄڻ ته هن وقت فطرت به آرام ڪندي هجي. اهو آرام
۽ خاموشي اوستائين رهندي آهي، جيستائين اُسر جي
ويل ايندي آهي. ان مهل هاري ۽ مالوَند ماڻهو اُٿي
کڙا ٿيندا آهن. انهن مان هڪڙا هر سنڀاليندا ته ٻيا
وري مال کي چاري ڏيڻ ۽ ڏُهڻ ۾ لڳي ويندا آهن.
زالون ماٽيون ۽ منڌيئڙا سنڀالي، ڏڌ ولوڙڻ ۽ جنڊ تي
اَن پيهڻ لڳنديون. ننڍيون نيٽيون ڪاٺين کي تيلون
ڏئي ڦوڪن سان باهه ٻاري، اَدل ۽ اَبل جي لاءِ
ٻاجهر يا جوئر جا ڍوڍا ٿڦڻ شروع ڪنديون ۽ ائين
ڪڪڙن جي دَس هڻڻ سان ڄڻ ته زندگيءَ جي شروعات ٿي
ويندي.
ڳوٺن ۾ سج اڀرڻ وقت جيڪا ٿڌي ٿڌي هير لڳندي آهي، اها پاڻ سان
سائي گاهه ۽ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ کنيو ايندي
آهي. خاص ڪري اونهاري ۾، ڀنڀرڪي مهل گاهه تي ڪِريل
ماڪ جا ڦڙا ائين لڳندا آهن، ڄڻ ڪنهن سائي بخمل جي
چادر تي موتي مڙهي ڇڏيا هجن. اهڙيءَ ويل وري جو
مالوند ماڻهو پنهنجو چوپايو مال چارڻ لاءِ وٺي وڃڻ
لڳندا آهن ته اهو نظارو به ڏاڍو عجيب ۽ وڻندڙ
لڳندو آهي. مال جي هلڻ سان ڪچيءَ زمين مان اُٿندڙ
هلڪي هلڪي دز، مال جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽَلين، گهنڊڙين
۽ چَڙن جا آواز ۽ مينهن جي پاڏن ۽ گابن جون ڍڪون ۽
رنڀون—مطلب ته اهو هڪ نهايت عجيب ۽ دل کي وڻندڙ
نظارو هوندو آهي.
انهيءَ مهل ئي جڏهن مرد ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار جي سانگي سان گهرن
مان روانا ٿي ويندا آهن، تڏهن گهرن جون گهر
ڌڃاڻيون وري پنهنجي ڪرت سان لڳي وينديون آهن. هنن
مان ڪي جنڊ کڻي اَن پيهڻ کي لڳي وينديون آهن ۽
واري واري سان هٿ هٿ سان جنڊ ۾ هلائينديون وينديون
آهن ۽ پنهنجي اَدل يا لاڏل جا گيت به آلاپينديون
آهن. ڪي وري ڇيڻا ميڙڻ ٿڦڻ ۾ لڳي وينديون آهن، ڇو
جو اهي ڇيڻا کين ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ طور يا ٻاهر ٻارڻ
لاءِ ڪم ايندا آهن. هو ڇيڻا پهرين ته ميڙي هڪ هنڌ
گڏ ڪنديون آهن ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه ڇيڻا گول گول،
مُٺيا يا ٿاڦون ٺاهي زور سان ڀت يا پٽ تي ٿڦينديون
وينديون آهن ۽ جڏهن اهي سڪي ويندا آهن، تڏهن اهي
ميڙي گهر جي اڱڻ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٿڦيرو ڪري رکنديون
آهن. پوءِ اهي سڪل ڇيڻا ٻارڻ لاءِ استعمال ڪنديون
آهن.
گهر جي ضرورت جو اناج پيهڻ کان پوءِ هو راتوڪو ڄمايل ڌؤنرو کڻي
ماٽيءَ ۾ وجهي ولوڙي، ان مان مکڻ ڪڍي باقي جهڻ
مانيءَ سان کائڻ لاءِ رکنديون آهن. ان کان پوءِ
گهر جي صفائي ڪري پاڙي اوڙي جي عورتن سان ڪچهري
ڪنديون آهن، ته ڪي وري ڪارچوب کڻي ويهي اڳٺ
اُڻنديون آهن. اڳٺن جو تاڃي – پيٽو ٺاهيندي هو
ڳالهيون به ڪنديون وينديون آهن ته هٿن سان پنهنجو
ڪم به ڪنديون وينديون آهن ۽ ڪي وري رَليون سبڻ ۾
لڳي وينديون آهن.
اهڙيءَ ريت سج جڏهن مٿڀرو ٿيندو آهي ته وري منجهند لاءِ مانيءَ
جي تياريءَ ڪرڻ ۾ جُنبي وينديون آهن. ٻاجهريءَ جا
ڍوڍا ٺاهي، سرنهن جو يا ڪو ٻيو ساڳ جو چڻن يا مٽرن
جي پليءَ کي مکڻ جو داڳ ڏئي، اها ماني پنهنجن ٻنين
تي ڪم ڪندڙ عزيزن ڏانهن يا ته پاڻ کڻي وينديون آهن
يا وري ڪنهن ٻار کي اهو ڪم چئي ڇڏينديون آهن. هنن
جو ڪانڌ، ڀائر ۽ پٽ صبح کان منجهند تائين هر
هلائي، ٻج ڇٽي، ڪنهن وڻ يا ڇني جي ڇانو ۾ ويهي
ماني کائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان کِل کينڪار ڪندا
آهن. هنن جو رڪ جهڙو جسم پگهر ۾ چِلڪندو رهندو
آهي. هاري جيڪو هن ٺوٺ ڌرتيءَ جي سيني مان پنهنجي
محنت سان قسمين قسمين رنگ ٿو پيدا ڪري، اهو ايڏي
ته محنت ڪري ٿو جو ان لاءِ سوچڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي.
هو پنهنجا ڏينهن رات هڪ ڪري اناج، ميوا، ڀاڄيون ۽
ڪپهه اپائي ٿو. اهي شيون، جن تي اسان جي زندگيءَ
جو دارومدار آهي، سي رڳو هن جي محنت سان ئي اسان
کي حاصل ٿين ٿيون.
شام جو جڏهن سج پنهنجو سفر پورو ڪري اولهه طرف لهڻ لڳندو آهي ۽
پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ڏانهن وڃڻ لڳندا آهن، تڏهن
هاري، پنهنجا ڏاند ۽ ڍور ڍڳا وٺي، پنهنجي نرڙ تان
پگهر اگهندو ڪکن ڏانهن ورندو آهي، جتي هن جو
انتظار ٿيندو آهي.
وندر ورونهن
ڳوٺن جون شامون به عجيب قسم جون ٿينديون آهن. هتي سئنيما، پارڪ،
هوٽل يا ان قسم جون تفريحي جايون ڪونه ٿين. هتي
ماڻهو شام ٿيڻ سان يا ته ڪنهن شاخ جي ڪَپ تي وڃي
ويهندا يا ڪنهن اوطاق ۾ ڪچهري مَچي ويندي يا وري
پنهنجي روايتي راندين سان دل وندرائڻ لڳندا.
سادگي
ڳوٺ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تمام سادي سودي ٿيندي آهي. هتي جا
ماڻهو نه اجايو ڏيک ويک پسند ڪن ۽ نه وري ٺاهه
ٺوهه ۾ يقين رکن. هو جهڙا اندر جا تهڙا ٻاهر جا.
هو مَن جا اُجرا ٿيندا آهن، پوءِ کين تن تي بيشڪ
اُوچا ڪپڙا نه هجن. هو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙا
هوندا آهن. هڪٻئي جي ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو
فرض سمجهن. واٽ ويندي ڪنهن سان ملندا ته تفصيلي
خوش خير عافيت پڇندا. ڪو تَڏي تي لنگهي ايندن ته
دل جي گَهراين مان پيا کينڪارون ڪندا. شل نه ڪو
مهمان اچي، خوشيءَ ۾ ئي نه ماپندا. پنهنجي جوئر،
ٻاجهر جي ڍوڍي ۽ لَسيءَ جي وَٽي ۾ ڀائيوار ڪندس.
گهر عام طرح ڪکائين جهوپڙين جا هوندا اٿن، پر جيڪڏهن ڪو ٿوري
پئسي وارو هوندو ته ڪَچ- سِري يا اوڏڪي ڀِت ٺهرائي
وجهندو. ننڍڙن ڳوٺن ۾ ته ماڻهو لوڙها ٺاهي انهن ۾
رهن. لوڙها هنن لاءِ حفاظتي ڀِت جي حيثيت رکندا
آهن. پر جي ڪَچ – سِري ڀِتين وارا گهر هوندا ته به
ويجها ويجها ٺاهي، اهڙيءَ طرح رهندا جو پاڙو يا
محلو بنجي پوندو. |