سيڪشن؛ مضمون

شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي

باب: --

صفحو :3

ريتون ۽ رسمون

ڳوٺن جي هڪ خاص خوبي اها آهي جو اُتي جا رهاڪو، ٻار جي ڄمڻ کان وٺي شاديءَ تائين، هر رسم نهايت تفصيل سان پوري ڪندا آهن. هنن وٽ هر وقت ۽ هر رسم لاءِ مخصوص لوڪ گيت آهن، جي تاڙين جي ڦهڪي ۽ دهل جي تال تي ڳائيندا آهن. شادي ڪنهن جي هوندي پر سڄي ڳوٺ جون عورتون اُتي گڏ ٿي پيون، سَهرا ڳائينديون. شاديءَ جي هر رسم لاءِ مختلف ڳِيچ پيون ڳائينديون. جيڏيون سرتيون خوشيءَ وچان پيون ٺينگ ٽپا ڏينديون.

هوڏانهن وري گهوٽ جا دوست ۽ يار خوشيءَ ۾ نه پيا ماپندا. هو پنهنجن چرچن ۾ لڳا پيا هوندا ۽ ڪنهن به هڪ کي نشانو بنائي اهڙو ته اچي وٺندس، جو اصل روئڻهارڪو ڪري ڇڏيندس. گهوٽ مٿي تي موڙ ٻڌيو پيو مُرڪندو ۽ دوستن جي چرچن مان لطف وٺندو.

هي ماڻهو دل جا سادا، طبيعت جا شريف، ٻئي جي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ ٻئي جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ڪري سمجهن. بي نيازي ۽ بي مروتيءَ جو هنن وٽ ڪهڙو ڪم. ڀلي آڌي هجي يا مانجهي، سڏ جو جواب سڏ سان ڏيندا. وقت پئي لنوائيندا ڪونه. جهڙا رهڻ ڪرڻ جا صاف ۽ سادا، تهڙا چال چلت جا اُجرا. دوست ٿيندا ته دوستيءَ جو حق نباهيندا، پر دشمن سان به وڙ ڪونه وڃائيندا.

اهو سڀ اثر ڳوٺن جي انهيءَ پاڪ ۽ صاف فضا جو آهي. جنهن ۾ هو ساهه کڻن ٿا. پنهنجي هٿ سان پوکيل اَنُ جنهن کي پاڻيءَ سان گڏ پنهنجو پگهر به ڏين ٿا، اهو کائين ۽ پنهنجي پاليل مال جو صاف ۽ نج کير پيئن. هنن نه ٻيائي ڏٺي آهي نه ڪندا آهن. رازق طرفان جيڪا روزي کين ملي تنهن تي شڪرانا بجا آڻين. کين اها پڪ آهي ته مولا جي مهر هميشہ مٿن رهندي. هنن کي يقين آهي ته:

”جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنهنجو آسرو،

پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انهن کي.“ –شاهه رحه

جهڙا ڳوٺ سادا، تهڙا ڳوٺاڻا سادا ۽ سندن ضمير به صاف ۽ سندن دليون سدائين ايمان سان ڀريل هونديون آهن. هنن جون دلچسپيون محدود هونديون آهن، پر تڏهن به هنن جي دلين ۾ زندگيءَ لاءِ اُتساهه هوندو آهي.

رانديون رونديون

ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۾ راندين جي وڏي اهميت آهي. هو پنهنجي واندڪائيءَ جو وقت راندين ۾ گذاريندا آهن. هنن جون رانديون اهڙي قسم جون آهن، جو کين وندرائڻ کان سواءِ صحمتند به رکن ٿيون. ڳوٺاڻن جي راندين ۾ ملهه، ٻلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهوٽي، اِٽي ڏڪر، لاٽون ۽ بلورن راند، خاص رانديون آهن. انهن مان ملهه کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اها هڪ قسم جي ثقافتي اهميت رکي ٿي. ميلن ملاکڙن توڙي وڏن ڏينهن تي ملهه جا نظارا عام نظر پيا ايندا.

ملهه

ملهه نه صرف راند، پر هڪ فن به آهي. هن ۾ رڳو طاقت جو مظاهرو ڪونه ٿو ڪرڻو پوي، بلڪه اٽڪل جي به گهڻي ضرورت ٿي محسوس ٿئي. ڪڏهن ڏسبو ته وڏو پهلوان به ڪنهن اڌوگابري کان دسيو پيو هوندو. همراهه کا جانٺو لڳو ئي ناهي ته وڃي سنئين چوٽيءَ ڀر ڦهڪو ڪيائين.

ملهه ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا آهن. هنن جون نظرون پهلوانن جي جوڙن ۾ کتل هونديون آهن. پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا ملهه پنهنجي پنهنجي فتح جي نشي ۾ نچندا نظر ايندا آهن. ماڻهو سندن ملهه جي انگن کان خوش ٿي هنن کي انعام اڪرام ڏيندا آهن. ملهه جي ڏيکاءَ کي ملاکڙو ڪوٺيندا آهن. ملاکڙا عام طور سنڌي ميلن ۽ نماءَ جي جان ٿيندا آهن. ملاکڙن ۾ حصو وٺندڙ پهلوان جتي به پيا ويندا آهن، اتي ماڻهو هنن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪندا آهن. ٻار توڙي وڏا هنن کي ڏسي حيران پيا ٿيندا آهن. جڏهن به ميلي ۾ دهل ۽ شرناءِ جو آواز ڪن پوي ته هڪدم اهو سمجهبو ته پڪ ملاکڙو آهي. بس پوءِ هرڪو پيو پنهنجي پنهنجي پسند جي ملهه جي کٽڻ جون اميدون رکندو.

هوڏانهن ملهه به جوڙ بڻجي ميدان ۾ هڪٻئي جا سندرا پيا ٻڌندا. موڪرين ڇاتين ۽ وٽيل شهپرن وارا جوان مٿي تي وڏا پَٽڪا ٻَڌيو، پنهنجي مقابل پهلوان ڏانهن تحسين ۽ جوش وارين نگاهن سان پيا ڏسندا آهن. هنن جي نگاهن ۾ فتح ۽ سرجوشي پئي نظر ايندي. بس پوءِ ملهه شروع ٿي ويندي. پهريائين ننڍا ملهه لهندا. نچندا ٽپندا هڪٻئي جي سندرن کي ڪَشي، ٻئي هٿ کُپائي، وڌي ڦيرا ڏيندا. پوءِ جنهن جي سرسي نظر ايندي، انهن لاءِ ڏسندڙ پيا نعرا هڻندا ۽ داد ڏيندا. تان جو ٻنهي مان ڪو هڪ پنهنجو انگ ڏيکاري ٻئي کي ڪيرائي وجهندو ۽ فتح حاصل ڪري دُهل جي آواز تي نچندو ٽپندو ڏسندڙن ڏانهن ويندو. پوءِ داد ۽ انعام وٺي واپس اچي ويهي رهندو. اهڙيءَ طرح مختلف جوڙ جا پهلوان هڪٻئي سان طاقت ۽ اٽڪل جو مظاهرو ڪندا. ميلن ملاکڙن کان سواءِ عام طرح ڳوٺن ۾ به ملهه وڙهي ويندي آهي. اسڪولي ٻار توڙي ڪُڙمي ۽ ڪاسبي به هن صحتمند راند ۾ مصروف نظر ايندا آهن.

ونجهوٽي

ملهه کان پوءِ وَنجهوَٽي هڪ عام ۽ ڳوٺاڻي راند آهي. هيءَ راند جتي ڪٿي متل نظر ايندي. بس زمين جو ٽڪرو خالي هجي، همراهه ٻاريون ٺاهي بيهي رهندا. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ٺاهيندا ۽ جيتريون ٻاريون هونديون، اوترا ڀيچي ٽولي جا هوندا. انهن مان هڪ انهن جي هاڙهي ٿيندو، جيڪو پهرين ٻاري سنڀاليندو ۽ وَنجهه تي به هلندو. وَنجهه ٻنهي ٽولين جي ٻارين جي وچ واريءَ حد کي چوندا آهن.

راند شروع ٿيندي ته هرڪو رانديگر تيز تيز ونجهه ٽپي مخالف ٽولي جي ٻارين کي پار ڪري، واپس ورڻ لاءِ وڌندو ۽ مخالف ٽولي جا رانديگر ڪنهن به طرح هن کي کاپائڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ طرف هو گوهيون ڏيندو، گُهتيون هڻندو، ڦِڙتيون گهِڙتيون ڏيکاريندو، پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ٻئي طرف وري مخالف ٽولي ڪنهن به ريت هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي. پوءِ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻارين جي حد ۾ پهچي ويو ته واهه، پر جي ڪٿي به ٻاريءَ ٽپندي کاپي پيو ته پوءِ انهيءَ ٽوليءَ راند هارائي. اهڙيءَ ريت هيءَ راند ڏاڍي دلچسپ ٿيندي آهي. جدا جدا ڳوٺن جي رانديگرن جون ٽوليون هڪٻئي کي چئلينج ڪنديون آهن ۽ مقرر وقت تي ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ اهي مقابلا ٿيندا آهن،  جن کي سڀڪو ڳوٺاڻو ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسندو آهي.

ونجهوٽي راند به ملاکڙن وانگر قديم ثقافتي راند آهي، جيڪا پنهنجي دلچسپي ۽ مقبوليت جي ڪري اڃا تائين ڳوٺن ۾ مشهور آهي. هاڻي ته شهرن ۾ به ڏاڍي عام ٿي وئي آهي ۽ جتي ڪٿي ونجهوٽيءَ جا ڪلب نظر ايندا ۽ ڌار ڌار پاڙن جا رانديگر هڪٻئي کي چئلينج ڪندا نظر ايندا.

هيءَ راند نه صرف تفريح جو هڪ ذريعو آهي بلڪ جسماني صحت لاءِ به ڏاڍي ڪارآمد آهي. هن ۾ ذهن به چُست ۽ ڦُڙت ٿئي ٿو، ڇو جو رانديگر کي راند هلندي، جسم جي تيز چرڦر سان گڏ سوچڻو به پوي ٿو. هن کي ترت فيصلو ٿو ڪرڻو پوي ته هاڻ ڇا ڪجي، پنهنجي جند ڪيئن ڇڏائجي يا ٻئي کي ڪهڙيءَ ريت کاپائجي!

تنهن کان سواءِ هن راند ۾ سواءِ ميدان جي ٻي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي. ڪَچي پَٽ تي رڳو ڪاٺيءَ سان ليڪون ڪڍڻ ئي ڪافي آهن. باقي ڏسندڙ بيهي يا پٽ تي ويهي راند ڏسي سگهن ٿا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هيءَ راند ڏسندي، ايڏو ته جوش اچي ويندو آهي جو اها خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته ماڻهو بيٺو آهي يا ويٺو آهي.

اِٽي ڏَڪر، ڪٻڍي يا ڪوڏي ڪوڏي، بِلورن راند، لاٽون ڦيرائڻ يا لغڙ اُڏائڻ، ڳوٺ جون عام تفريحي رانديون آهن. انهن راندين ۾ به شرطون لڳنديون آهن. اهي ساڳيون رانديون شهرن ۾ به کيڏيون وينديون آهن. انهن مان لاٽون جن جي هڪ قسم کي اُتر سنڌ ۾ چڪريون پڻ ڪوٺيندا آهن، ڏاڍي دلچسپيءَ واري راند آهي. ڳوٺن ۾ جنڊيءَ تي لاٽُون ٺاهيندا آهن، جن کي ڏور اٽڪائي ويڙهي ڦيرايو ويندو آهي.

گهڻي دير تائين ڦرڻ وارو لاٽون بهترين سمجهيو ويندو آهي. اِٽي ڏڪر راند ۾ هڪ کان وڌيڪ ڇوڪرن جي ضرورت هوندي آهي. هن راند ۾ ڳوٺاڻا تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن.

لغڙ ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ جهڙو قبول آهي. واءُ جي مند آئي ته لغڙ به شروع ٿيا، چوڌاري فضا ۾ رنگبرنگي لغر تَرندا ۽ ناچ ڪندا پيا نظر ايندا آهن. ڇوڪرا ۽ وڏا ڏور جا ڍيرا کنيو، اکيون آسمان ۾ کپايو ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي پيا ايندا ويندا.

 

ڪي پنهنجا لغڙ پيا اُڏائيندا ته ڪي وري ڌاڳي ۾ پٿر ٻڌي لنگر ٺاهي، لغڙن جي ڏور کي ڪاٽڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا. اهڙيءَ ريت کِل خوشي لڳي پئي هوندي. انهيءَ کان سواءِ والي بال به عام طور ڳوٺن ۾ کيڏي ويندي آهي.

ٻاراڻيون رانديون

ٻار وري شام ٿيندي ته چور-پوليس يا لِڪ لِڪوٽي، ٿُلهه ۽ کينهوڙو، ڦِڙ ڦِر سؤنٽو ۽ ٻين راندين ۾ رڌل نظر ايندا. هڪڙا ٻار وڃي لِڪندا ۽ ٻيو پوليس بنجي وڃي هنن کي ڳوليندو. پوءِ جنهن کي کاپايائين، ان ڄڻ ته هارايو.

ڪٿي وري ڏسبو ته هڪ ٻار کي اکين تي پَٽي ٻڌندا ۽ ٻِيا پيا لڪندا. پوءِ هن ٻار جيڪڏهن ڪنهن کي پڪڙي وڌو ته وري انهيءَ کي اکين تي پَٽي ٻڌندا. مطلب ته ننڍا توڙي وڏا واندڪائيءَ جو وقت اهڙين راندين ۾ گذاريندا آهن؛ جيڪي سندن ذهني توڙي جسماني وندر جو باعث بنجن ٿيون. هنن جا جسم، جيڪي سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٿڪجن ٿا، سي اهڙين راندين کان پوءِ وري ڄڻ ته تازا توانا ٿي پون ٿا.

رانديون صحت لاءِ تمام ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو تعليمي ادارن ۾ راندين کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي. حڪومتون به ملڪ ۾ راندين کي وڏي اهميت ڏينديون آهن. هڪ صحتمند ذهن لاءِ لازمي آهي ته جسم به صحتمند هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org