سيڪشن؛ مضمون

شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي

 

صفحو :1

شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي

قاضي خادم

شهري حياتي

 

شهر ۽ ڳوٺ اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ هڪ جيتري اهميت رکن ٿا. جيتوڻيڪ شهري زندگي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ تمام وڏو فرق آهي، ته به انهن کي هڪٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي شهرن جي رونق ۽ چمڪ ڌمڪ، ڳوٺن جي وجود سان ئي قائم آهي. حقيقت ۾ ڳوٺ پهريائين قائم ۽ آباد ٿيا ۽ پوءِ شهر وجود ۾ آيا. اهي ايراضيون جتي زرعي زمين آهي، اتي ئي ڳوٺ آهن ۽ اهي هنڌ جتي زرعي اُپت، جهڙوڪ: اناج، ڪپهه ۽ ميون وغيره جو وڪرو ٿيندو آهي، اتي شهر ٻڌل هوندا آهن.

شهرن ۾ نه رڳو وڏيون وڏيون زرعي مَنڊيون هونديون آهن، پر پوک سان واسطو رکندڙ هنري ڪارخانا به هوندا آهن. مثال طور اهي شهر جيڪي زرعي علائقن جي ويجهو هوندا آهن، اتي ڪپهه ٽاڻڻ، ڪمند مان کنڊ ٺاهڻ ۽ چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا هوندا آهن. انهن شهرن ۾ وري ڳوٺن جا ماڻهو واپار وڙي ۽ پورهيي لاءِ ايندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڳوٺاڻا روزگار خاطر شهرن ۾ اچي رهندا آهن.

جيئن ته سرڪاري آفيسون به شهرن ۾ هونديون آهن، ان ڪري ڳوٺن جا ڪيترائي پڙهيل ماڻهو نوڪريءَ واسطي شهرن ۾ ايندا آهن ۽ اُتي ئي گهر وٺي  اچي رهندا آهن. اهڙيءَ ريت شهرن جي آباديءَ ۾ آهستي آهستي واڌارو ايندو رهندو آهي.

آباديءَ جي لحاظ کان اهي شهر وڏا ٿيندا آهن، جيڪي يا ته سمنڊ جي ڪنارن تي آباد هوندا آهن، يا وري ريل ۽ هوائي رستن ذريعي ملڪن شهرن توڙي ڏيساور سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهڙن شهرن ۾ ماڻهو نه رڳو نوڪري ۽ مزوريءَ لاءِ ايندا آهن، پر سير سفر لاءِ ڪيترائي سيلاني پڻ ايندا آهن. اهڙا شهر زندگيءَ جي سمورين ضرورتن کي منهن ڏئي سگهندا آهن. جتي بجلي، گئس، پاڻي، اچ – وڃ جي وسيلن کان سواءِ وندر ورونهن جو پڻ جوڳو انتظام هوندو آهي.

وڏا شهر تعليم توڙي تربيت جي لحاظ کان هر طرح جون سهولتون مهيا ڪري سگهندا آهن. انهيءَ ڪري پري پري جا شاگرد تعليم پرائڻ خاطر شهرن ۾ ايندا آهن، جتي سندن رهائش ۽ کاڌي جو مناسب انتظام هوندو آهي.

ساڳيءَ طرح وڏن شهرن ۾ علاج معالجي جون به سهولتون هونديون آهن. جنهن جو ذڪر اڳتي هلي تفصيل سان ڪيو ويندو.

اهڙن وڏن شهرن کان پوءِ ٻيو نمبر انهن ننڍن شهرن جو اچي ٿو، جيڪي زرعي مَنڊين جي ويجهو هوندا آهن. انهن شهرن ۾ ڳوٺاڻن جي تمام گهڻي اچ – وڃ هوندي آهي، ۽ هڪ لحاظ کان اهي ڳوٺن سان ڳنڍيا پيا هوندا آهن.

هنن شهرن ۾ به وڏن شهرن جهڙيون سهولتون هونديون آهن پر ننڍي پيماني تي. هاڻ اچو ته شهري حياتيءَ بابت چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪريون.

رهڻي ڪهڻي

ڳوٺ ۽ شهر اسان جي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. هڪ طرف ننڍا ننڍا ڳوٺ، واهڻ ۽ وسيون آهن، جتي جا رهاڪو هَر هلائي زمين جي سيني مان اناج اُپائين ٿا ته ٻئي طرف شهر آهن، جتي ڏينهون ڏينهن زندگي ترقي ڪندي رهي ٿي.

شهر واسين جي رهڻي ڪهڻي ٻئي نموني جي هوندي آهي. هنن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هنن کي وقت تمام گهٽ هوندو آهي. شهرن ۾ ڏورانهين جاين تائين پهچڻ لاءِ لاريون، ٽيڪسيون، ٽانگا ۽ رڪشائون هونديون آهن، جيڪي عام ماڻهو استعمال ڪندا آهن، پر پڄنديءَ وارن وٽ پنهنجون موٽرون، اسڪوٽر ۽ سائيڪلون آهن. وڏن وڏن مفاصلن لاءِ لاريون  ۽ ريل گاڏيون به هونديون آهن. صبح جو سوير ڪم تي وڃڻ وقت ۽ شام جو ڪم تان واپس اچڻ وقت ته لارين ۽ ريل گاڏين ۾ ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا آهن.

        انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته ويجها مائٽ ۽ عزيز به هڪٻئي سان ملي ڪونه سگهندا آهن. هو ڪڏهن ورهين ڪرهين واٽ ويندي ڪٿي ملي ويا ته به تڙ تڪڙ ۾ عليڪ سليڪ ڪري وٺي ڀڄندا. شادي مراديءَ تي ايندا ته هٿن ۾ تحفو کنيو ايندا ته جيئن وڌيڪ وقت نه لڳين.

شهرن ۾ پاڙا ڪونه ٿين، وڏيون وڏيون عمارتون، جن ۾ هيٺ دڪان ۽ مٿي گهر هوندا آهن. هڪ – هڪ عمارت ۾ گهڻيئي ننڍڙا گهر آهن، جن کي ’فليٽ‘ ڪري ڪوٺين. ڪٿي ڪٿي ته هڪڙي ڪمري وارا فليٽ به ٿين. انهن ننڍن گهرن ۾ حياتيءَ جون سموريون گهربل شيون موجود هونديون آهن، جهڙوڪ: رڌڻا، وهنجڻ جون جايون، ڪمرا وغيره. اڱڻ خير ڪونه ٿئي. انهيءَ جو ڪم درين کان وٺن. هڪ ئي عمارت ۾ رهندڙ ماڻهو به هر روز ملاقات نه ڪري سگهندا آهن. ڇو جو هنن جو سمورو وقت اچ – وڃ ۾ ئي پورو ٿي ويندو آهي.

انهيءَ کان سواءِ اهڙا هنڌ به آهن جتي رڳو بنگلا نظر ايندا. بنگلن ۾ شاهوڪار ماڻهو رهندا آهن. جن جي اٿڻي ويهڻي عام ماڻهن کان جدا قسم جي هوندي آهي. هنن لاءِ پنڌ جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي، ڇو جو وٽن پنهنجون موٽرون هونديون آهن. انهن علائقن ۾ عام طور وڏا ڪامورا، واپاري، صنعتڪار، زميندار ۽ ٻيا اهڙا شاهوڪار رهندا آهن.

ڌنڌا

جيڪي ماڻهو سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڪندا آهن، انهن کي ڪامورو ڪوٺيو ويندو آهي. انهن کي حڪومت طرفان سرڪاري ڪمن کي اُڪلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. مثال طور مختيارڪار کي تعلقي جا قانوني توڙي روينيو ڪم اُڪلائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ضلعي مئجسٽريٽ، جيڪو اڳي ڪليڪٽر سڏبو هو، تنهن کي ضلعي جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو.

واپاري: اهي شخص آهن، جيڪي ملڪ ۾ اندروني علائقن توڙي ڏيساور مان مال گهرائيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. هو اهي شيون هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائيندا آهن ۽ انهن تي آيل خرچ سان گڏ نفعو وٺندا آهن.

صنعتڪار: اهي شخص آهن جيڪي ڪَچي مال مان پڪو مال تيار ڪندا آهن، جيئن ڪپهه کي صاف ڪري ان مان سُٽ ۽ ڪپڙو وغيره ٺاهيو ويندو آهي.

واپاري ۽ ڪارخانيدار: ملڪ جي معاشيات جا اهم ٿنڀا آهن. هو نه صرف ملڪ لاءِ ضرورت جون شيون تيار ڪندا آهن، بلڪه اهڙيون شيون پڻ ٺاهيندا آهن، جيڪي ڏيساور کي وڪرو ڪري، پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ راندين جي سامان، توڙي ڪپڙي ۽ بوٽن جا هنر تمام زور آهن. ملڪ ۾ ڪيترائي ڪارخانا آهن، جن ۾ ڏينهن رات ان قسم جو سامان تيار ڪيو وڃي ٿو. اهي نه صرف ملڪ جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، بلڪ انهن جو کاپو ڏيساور ۾ به ٿيندو آهي، جنهنڪري ملڪ کي ڪافي آمدني ٿيندي آهي.

ان قسم جي ملڪي صنعتن کان سواءِ اسان جي ملڪ ۾ غيرملڪي ڪارخانا به هلي رهيا آهن، جيڪي وڏن وڏن شهرن ۽ بندرگاهن وارن علائقن جي ويجهو آهن. انهن ۾ بجلي جي سامان، لوهه، دوائن ۽ ڪپڙي وغيره جا ڪارخانا شامل آهن.

انهن ڪارخانن جو سمورو ڪاروبار صنعتڪار سنڀاليندا آهن. مال جو وڪرو هجي يا خريداري، پورهيتن جو اجورو هجي، توڙي ڀڳل ٽٽل مشينن کي وري جوڙائڻ جو ڪم، اهو سمورو ذمو هو پاڻ کڻندا آهن. هنن جو ڪم نه رڳو ڪارخانن جي ڪارڪرگي کي سڌاري، آمدني وڌائڻ آهي، پر ڏيهي توڙي پرڏيهي منڊين جي اگهن جو به خيال رکندا آهن.

شاهوڪار ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي عام ماڻهن کان بلڪل مختلف هوندي آهي. ڏينهن جو هو پنهنجو وقت آفيس ۾ ۽ شام جو وندر ورونهن ۾ گذاريندا آهن.

ريتون رسمون

شادين مرادين جي موقعن تي شهرن ۾ عجيب منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. عام طرح شهرن ۾ شاديون گهرن جي بدران اهڙين هوٽلن يا جاين ۾ ٿينديون آهن، جيڪي شهر جي ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ خاص انهيءَ مقصد لاءِ جوڙايون وينديون آهن. جڳهين جي تنگيءَ سببان گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن لاءِ اهو ڏکيو ٿيو پوي جو ايترن سارن مهمانن کي ڪٿي ويهاري سگهن. انهيءَ ڪري هو مسواڙ تي وڏا هال وٺندا آهن، جتي ڄڃ جي اچڻ توڙي ڪنوار کي رخصت ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو ائين نه ڪري سگهندا آهن ته پوءِ وري رستن تي يا ميدانن ۾ مسواڙ تي ورتل شاميانا ۽ قناتون هڻي ڪاڄ ڪندا آهن.

دهلن دمانن جو رواج ته شهرن مان نڪرندو پيو وڃي. هاڻي وري بئنڊ باجي وارا رنگا رنگي ڪپڙا اوڍي ڄڃ سان گڏ هلندا آهن. عام بئنڊ کان سواءِ پوليس – بئنڊ به شادين لاءِ گهرائبي آهي.

شهرن ۾ سرگس به عجيب قسم جو ٿيندو آهي. هاڻ سرگس ۾ گهوڙا استعمال ڪرڻ جو رواج به نڪرندو پيو وڃي. هاڻي گهوٽ کي گهوڙي جي بدران گلن سان سينگاريل موٽر ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ انهيءَ جي پويان ٻيا عزيز مٽ – مائٽ موٽرن ۾ يا پيادا هلندا آهن. ان وقت بئنڊ باجي وارن جا واڄٽ به ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. گهوٽيتا خوشيءَ وچان گهوٽ مٿان روپيا گهوريندا هلندا آهن.

اهڙن موقعن تي عورتون وري گهرن ۾ ڳيچ ڳائينديون آهن يا رڪارڊ وڄائي ڪي عام مقبول گيت ٻڌايا ويندا آهن.

’شاديءَ جي رسمن کي البته پوريءَ طرح ملهايو ويندو آهي. هن موقعي تي غريب توڙي امير وٽ هڪجهڙي خوشي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار جا ساٺ سُوڻ ڪيا ويندا آهن. مِٽ – مائٽ پيا خوشيءَ ۾ ٻهڪِندا ۽ ننڍا وڏا پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا.

ريتون ۽ رسمون: معاشري جي زندگي آهن. شهري اهڙن موقعن جو پورو پورو فائدو وٺندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هنن رسمن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. اڄڪلهه ٻارن توڙي وڏن جي سالگرهه ملهائڻ به انهيءَ ڏس ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن موقعي تي ٻار جي ساڳي ٽهي وارن ٻارن کي سڏايو ويندو آهي ۽ ڪيڪ گهرائي ان ۾ ٻار جي عمر مطابق ميڻ بتيون لڳايون وينديون آهن، جيڪي ٻار پاڻ ڦُوڪ ڏئي وسائيندو آهي ۽ ڪيڪ به پاڻ هٿ سان وڍيندو آهي.

هن موقعي تي به مٽ – مائٽ هڪٻئي سان ملي سوکڙين جي ڏي – وٺ ڪندا آهن. گيت به ڳايا ويندا آهن ۽ ٻار خوش ٿي هڪٻئي سان ملندا آهن. ان کان سواءِ وڏي عمر جي ماڻهن جي سالگرهه پڻ ملهائي ويندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو ته پنهنجي شاديءَ جي سالگرهه به ملهائيندا آهن.

شهرن ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتون به ڪم ڪنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هنن کي پنهنجون ريتون رسمون پوريءَ طرح ملهائڻ جو موقعو ڪونه ملندو آهي. عورتن جو به هن دؤر ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ضروري بنجي پيو آهي. هاڻ اهو وقت ناهي جو هڪ ماڻهو ڪمائي ۽ ڏهه ڄڻا هن تي بار بنجي پيا کائيندا رهن. هينئر ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي پيٽ قوت لاءِ هٿ هڻڻا ٿا پون. تنهنڪري اهو ضروري بنجي پيو آهي ته مردن سان گڏوگڏ عورتون به ڪم ڪن.

ايتري سڀني ڳالهين هوندي به ٻار جي بسم الله چوڻ کان وٺي، جيڪي به رسمون آهن، سي ملهائبيون آهن ۽ اهي ئي موقعا هوندا آهن، جن تي دوست عزيز هڪٻئي سان ملي سگهندا آهن.

آمدورفت جا وسيلا

شهرن ۾ ويجهي پنڌ لاءِ ته رڪشائون ۽ ٽيڪسيون ڪم ڏين، پر گهڻي پنڌ لاءِ لاريون، ريل گاڏيون وغيره استعمال ٿينديون آهن. انهن جا ڀاڙا به گهٽ هوندا آهن ته سفر ۾ به سهولت ٿيندي آهي.

ٽانگن يا گهوڙي گاڏين جو رواج هاڻي گهٽجي ويو آهي. غريب غربو اڃا تائين سائيڪلون استعمال ڪندو آهي، پر موٽر سائيڪلون به ٻين سوارين جي ڀيٽ ۾ سستيون آهن. اهي روڪڙن پئسن کان سواءِ قسطن تي به ملنديون آهن. خاص ڪري نوڪريءَ وارا ماڻهو پنهنجي پگهارن مان اڳواٽ رقمون وٺي، اسڪوٽر ۽ موٽر سائيڪلون وٺندا آهن ۽ پوءِ آسان قسطن ۾ اهو قرض واپس ڪندا آهن.

شهرن ۾ تمام ويڪرا ۽ ڪشادا رستا هوندا آهن. انهن جي ٻنهي پاسن کان فٽ – پيريون ٺهيل هونديون آهن، جن تي پيادا ماڻهو هلندا آهن. انهيءَ ڪري حادثن جو خوف به گهٽجي وڃي ٿو ۽ رستي تي هلندڙ تيز رفتار سوارين کي به ڪا رنڊڪ نٿي پوي. اسان کي گهرجي ته رستن جي وچ تي نه، پر فٽ پيريءَ تي هلون.

رستن جي مختلف جاين خاص ڪري چؤواٽن تي يا ته ٽرئفڪ يا پوليس وارا هوندا آهن، يا وري پاڻيهي هلندڙ يا خودڪار سگنل لڳل هوندا آهن. جن جي مدد سان ٽرئفڪ تي ضابطو رکيو ويندو آهي. شهرن ۾ ڪابه ڳالهه بنا ڪنهن طريقي جي ڪانه هوندي آهي. جتي لارين، موٽرن ۽ ٻين سوارين لاءِ سگنل لڳل هوندا آهن ته اُتي وري پنڌ هلندڙن لاءِ ڪي خاص اشارا لڳل هوندا آهن، جيئن ڪنهن چؤواٽي کي پار ڪرڻ لاءِ اڇا ۽ ڪارا پَٽا لڳل هوندا آهن، جتان پيادل جنهن وقت رستو پار ڪندا آهن ته ٻيون سواريون بيهي رهنديون آهن.

اسڪولن جي ويجهو به لکيل هوندو آهي ته گاڏيون خبرداري سان هلايون وڃن. ڪٿي ڪٿي ته پوليس وارا به بيٺل هوندا آهن ته جيئن ٻارن جو هٿ وٺي هنن کي رستو پار ڪرايو وڃي. اهڙين جاين لاءِ رفتار جي حد پڻ مقرر ڪئي ويندي آهي. جيئن ته تيز رفتاري سبب خطرناڪ حادثا ٿي پوندا آهن، انهيءَ ڪري شهرن ۾ گاڏيون هلائڻ وقت رفتار کي معمولي حد ۾ رکيو ويندو آهي.

وندر ورونهن

شهرن ۾ وندر ورونهن جا خاص انتظام هوندا آهن. جيڪي ماڻهو سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان ٿڪي ٽُٽي، ڪارخانن جي دونهين مان بيزار ٿي، آفيسن جا فائيل اُٿلائي پٿلائي پنهنجن گهرن ۾ پهچي، مانيءَ ڳڀو کائي واندا ٿين ٿا، ته پوءِ سندن ذهن ڪجهه سُڪون حاصل ڪرڻ جا ڳولائو رهن ٿا. شهرن ۾ ڳوٺن وانگر نه آهن اوطاقون ۽ نه ٿين ڪچهريون. انهيءَ ڪري ماڻهن کي وندر ورونهن لاءِ ڪي موقعا ڳولڻا پون ٿا.

شهرن ۾ سبز ميدان ۽ باغيچا هوندا آهن. انهن ۾ رنگا رنگي گل ڦل پوکيل هوندا آهن. جتي ويهڻ سان ڄڻ ته روح کي راحت ملي ويندي آهي. شام جي وقت ٻارڙا به اهڙن باغيچن ۾ ڏاڍا خوش نظر ايندا آهن. انهن باغيچن ۾ ٻارڙن لاءِ گسڪڻيون ۽ پِينگهون موجود هونديون آهن. ڪن ڪن شهرن ۾ اهڙا باغيچا به آهن، جن ۾ جدا جدا قسمن جا پکي ۽ جانور هوندا آهن. اهڙن باغن کي جانورن جو باغ يا چِڙيا گهر ڪري ڪوٺيندا آهن. اهي باغيچا نه صرف ٻارن لاءِ پر وڏن لاءِ به وندر آهن. هڪ طرف رڇ، ڀولڙا وغيره نظر ايندا ته ٻئي طرف مور، طوطا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا پکي پيا مِٺيون لاتون لَنوندا. انهن کي ڏسڻ سان انسان الله تعاليٰ جي بزرگيءَ کي دل سان مڃڻ لڳندو آهي.

باغ ۽ باغيچا نه رڳو وندر ورونهن آهن، پر اهي فضا کي دونهين ۽ ٻي گندگيءَ کان صاف ڪن ٿا ۽ شهرن کي سهڻو بنائين ٿا. انهيءَ ڪري ڪن وڏن شهرن ۾ تمام گهڻا باغيچا رکايا ويندا آهن ۽ وڻڪار ڪئي ويندي آهي ته جيئن انسان قدرتي حسن کي ڏسي سگهي؛ ۽ انهيءَ بهاني فضا به صاف ٿي وڃي. هيءَ تفريح ٻار توڙي وڏي، زال توڙي مرد لاءِ هڪ جيتري دلچسپي رکي ٿي.

اهڙن باغيچن کان سواءِ شهرن ۾ سئنيما به هڪ خاص قسم جي تفريح آهي. هيءَ هڪ وڏي عمارت ٿيندي آهي، جنهن ۾ وڏي پردي تي عڪسي فلم ڏيکاري ويندي آهي. ماڻهو ٻاهران دري تان ٽڪيٽ وٺي کيل (فلم) ڏسڻ لاءِ اندر وڏي هال ۾ وڃي ڪرسين تي ويهندا آهن.

فلم کان سواءِ ريڊيو به وندر ورونهن جو سٺو وسيلو آهي. انهيءَ ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پنهنجي پسند جا راڳ، ڳيچ، ناٽڪ ۽ قسمين قسمين سٽاءَ ٻڌي سگهي ٿو، اهي سيلن، بئٽرين ۽ بجلي تي هلندا آهن.

اڄڪلهه ٽيليويزن جي عام ٿيڻ ڪري ريڊيي جو رواج گهٽجي ويو آهي. هاڻ ريڊيو وڃي ڳوٺن تائين رهيو آهي. شهرن ۾ ته ريڊيو نالي ماتر ٻڌو ويندو آهي. باقي ٽيليويزن ته هر گهر ۾ نظر ايندي.

ٽيليوزن ذريعي گهر ويٺي پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي سگهجن ٿا، راڳ هجن يا ناٽڪ، خبرون هجن يا تقريرون سڀڪجهه اکين سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا. ٽيليويزن تعليمي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ٿيندي آهي. خاص طرح اهي گهريلو عورتون يا وڏي عمر جا مرد جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾ وڃي نٿا سگهن، تن کي ٽيليويزن ذريعي گهر ويٺي تعليم ڏني ويندي آهي.

ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن هڪ اهم ۽ مقبول ذريعو آهي. هاڻ ته ٽيليويزن نه رڳو شهرن ۾ پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ پئجي وئي آهي. انهيءَ ڪري هاڻي تفريح خاطر ماڻهن کي گهر کان ٻاهر وڃڻو ڪونه ٿو پوي، بلڪ گهر ۾ کَٽ تي ليٽي يا ڪرسيءَ تي ويهي، آرام سان پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي سگهجن ٿا.

وڏن وڏن شهرن ۾ ته سرڪس ۽ ٿئيٽر به موجود آهن. ماڻهو سرڪس وڏي شوق سان ڏسندا آهن. انهن ۾ جانورن جا ڪرتب ۽ انسانن جا حيرت انگيز ڪارناما ڏيکاريا ويندا آهن.

سرڪس لاءِ وڏا وڏا تنبو هنيا ويندا آهن، جتي ماڻهو ٽڪيٽ وٺي اندر تماشو ڏسڻ ويندا آهن.

        ڪنهن زماني ۾ ٿئيٽر ڏاڍو مشهور ۽ مقبول هوندو هو، ان ۾ اداڪار مختلف ويس ڌاري ايندا هئا ۽ تماشبين انهن جا ڪرتب ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. اڄڪلهه سئنيما ۽ ٽيليويزن جي ڪري هن فن کي اها مقبوليت نه رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا جي ڪيترن تهذيب يافته ملڪن ۾ اڃا ٿئيٽر کي وڏي اهميت حاصل آهي.

انهيءَ کان سواءِ نمائش به وندر جو هڪ وڏو ذريعو آهي. نمائش نه صرف تفريح لاءِ هوندي آهي، پر اها واپار – وڙي وڌائڻ لاءِ به هوندي آهي. نمائش ۾ اهڙيون شيون رکيون وينديون آهن، جن مان ڏيهي توڙي پرڏيهي هنرن جي واڌاري جي خبر پوي ٿي.

شهرن ۾ تفريح جي هنن ذريعن کان سواءِ راندين تي به وڏو ڌيان ڏنو ويندو آهي. ماڻهو نه رڳو شوق سان راندين ۾ حصو وٺندا آهن، پر رانديون ڏسڻ لاءِ به ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org