احوال متفرقو
حمل کان اولهه ڏي، ٿوري پنڌ کان پوءِ، ڪوهستان
شروع ٿو ٿئي، جو گهڻو ڪري، وڏيري غيبي خان چانڊئي
جي جاگير جو ڀاڱو آهي، جو وڃيو ٿو قلات جي خان جي
حد سان لڳي. حد وارو جبل کيرٿر آهي، جنهن جي اولهه
ڏي خان جو ملڪ آهي. ٽي چار ورهيه ٿيندا جو
ڏاڙهياري جبل جي آبادڪار ماڻهن تڪرار اٿاريو، جنهن
۾ حد کي قائم رکّڻ ضرور ٿيو، جو اها حد ٺهرائي،
کيرٿر جي تمام وڏي چوٽي تي دڙو ڪري، بانس جي لٺ
کوڙي ڇڏي اٿن، جتي ڪتي جي قبر پڻ آهي، جنهن جو
ذڪر، مٿي اچي چڪو آهي. سرڪار، اهو حڪم ڪيو آهي، ته
اڳتي، انهيءَ دنگ جي قائم رکڻ جي نظرداري ڪندي،
پري پري کان اولهه طرف، ائين پيو ڀائنجي، ڄڻ ته
هڪڙي جبلن جي قطار آهي، جنهن جي هن پاسي سج لهي
ٿو، پر پنڌ ڪندي، اهڙيون ڪيتريون ئي جبلن جو
قطارون، جدا جدا نالن سان اچن ٿيون جي ڏاڍيءَ
مشڪلات سان لنگهي، کيرٿر پهچجي ٿو. کيرٿر جي هن
پاسي پڻ، ساڳيون ئي اهڙيون قطارون آهن. کيرٿر سڀ
کان اتانهون جبل آهي. جيئن جيئن اوري ٿو اچجي،
تيئن تيئن، جبل وڃن ننڍا ٿيندا. آءٌ ڀانيان ٿو ته
کير ٿر کان پڇاڙيءَ واري ٽڪرن جي قطار تائين، هتان
ٽيهارو ڪوهن جو فاصلو بيشڪ ٿيندو! پر جبل جي ڪوه ۽
ميدان جي ڪوه پنڌ ۾ وڏو فرق آهي!
انهيءَ ڪوهستان ۾ مون کي، ٽن قسمن جا رهاڪو ڏسڻ ۾
آيا-سنڌ کي ويجهو، چانڊيا ماڻهو رهن ٿا، پوءِ
گائنچا اچن ٿا، جي وڏي بن کان وٺي پنپري تائين رهن
ٿا. کيرٿر تي، ڏاڙهياري جي ميدان تي، يا انهيءَ
کان پرڀرو، خان جي پاسي، ڇٽا رهن ٿا. ڇٽن بابت
اسان، اڳي ڪي ڪجهه چيو آهي. باقي گائنچا، اصل
ڳنوار ماڻهو هئا. اصل لفظ آئي گائن چو يعني گائن
جو- هي اڃا تائين مال وارا آهن. هنن جابلو ماڻهو
جو ڌنڌو توڙي هلت چلت، مٿي ڏنل ذڪر مان معلوم ٿي
هوندي ته بدوي عربن وانگي، هڪ هنڌ رهندڙ نه آهن،
پر سانگي ماڻهو آهن، سهنج ڏسي، ٽي چار ڏينهن هڪڙي
هنڌ رهي، وري ٻئي هنڌ وڃي رهندا آهن. بعض هڪڙو
گهر، بعضي ٻه گهر ۽ بعضي ٽي گهر گڏ ويٺا ته گهڻو
ٿيو! ان کي چوندا ڳوٺ. گهر به رڳو وڻ جي ڇانو
هيٺ! مينهن واچ جي بچاءَ لاءِ پاڻ سان تڏا رکندا
آهن، جي مٿان کنيو وجهن، ڌنڌو، ٻيو ڪو نه اٿن. مڙس
ماڻهو، رڍن، ٻڪرين ۽ ڳئن جو مال چارين ۽ ڪي ٿورا،
جبل جي پوک به ڪن. زالون، گهر جو ڪم ڪار ڪن ۽ پيس
جا تڏا جوڙين، ۽ رسا وٽين. جڏهن گرميءَ جا ڏينهن
اچن، تڏهن چڙهي، وڃي کيرٿر تي يا هيٺين جبلن جي
چوٽين تي ويهن، جتي مال جي چاري ۽ پوک جو سنهج اٿن
وري سياري ۾ جڏهن مٿي، تمام گهڻي سردي ٿئي ٿي تڏهن
لهيو، اچيو سنڌ ۾، لاب لائي جو پورهيو ڪن. جيڪو به
گائنچو يا جابلو ماڻهو مون، مال سان اتي ڏٺو، تنهن
کي ضرور، هڪ اوئي (کلي) پاڻيءَ جي، ڪلهي ۾، هڪڙي
لٺ هٿ ۾ ۽ هڪڙي ڪاتي ڪمر ۾ هئي، انهيءَ لاءِ ته
متان ڪا ٻڪري يا رڍ مري پوي يا بگهڙ کان جيئري يا
اڌ مئل ڇڏائي وجهن ته اُتي، جو اُتي ڪاتيءَ سان
حلال ڪري سگهن. جڏهن ڪاتي نه هوندي اٿن تڏهن هڪڙو
پاهڻ، ٻئي پاهڻ تي هڻي ڀڃن ۽ پوءِ، پاهڻ جي تکي
پاسي سان بسم الله ڪري، ٻڪريءَ جي سسي چچري لاهين.
زالن کي به جيڪڏهن ان پيهڻ لاءِ چنڊ آهي ته واه،
نه ته ٻن پهڻن جي وچ ۾ ان ڪٽي، ماني ٺاهين. ماني
پچائڻ جو گهڻو ڪري هيءَ دستور آهي ته هڪڙو پهڻ،
باهه ۾ تپائي، پوءِ ڳوٺل اٽي کي ان جي چوڌاري ٿڦي،
وري به کنيو ان کي باهه ۾ وجهن. انهيءَ طرح،
اندران توڙي ٻاهران اٽو پچي ٿو، جنهن کي ڪوڪي ٿا
سڏين. اها ڪوڪي ماني، کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي.
باهه ٻارڻ لاءِ به هميشه، ساڻن، چقمق جا ٽڪر گڏ
هوندا آهن، جي ڪڪريه جبل ۾ گهڻا ملن ٿا. کائڻ لاءِ
کير ججهو اٿن، تنهن کان سواءِ ڏڌ مکڻ به ڪن. مکڻ
وڪڻن واڻين وٽ، باقي جهڻ پاڻ کائين. مانيءَ سان
بصر، سندس ڪاڻ غنيمت آهي. نه ته گهڻو ڪري، ڏٿ تي
گذران ڪن ٿا. پيرن سان ڏاڍي دل هوندي اٿن، ڦڪ
ڀريو، ڳهيو وڃن ۽ مٿان پاڻي پي، گهرج پلين. تنهن
کان سواءِ ڳانڱيون، پڪا، منگها، پيس جا ٻير ۽
چانگر ٻير، مطلب ته جيڪو به ميوو جبل جو ٿئي، سو
کائين. پيس جي کجيءَ جو ڪچو ڳڀ ڇلي کائين. جو لذيذ
ٿئي ٿو. مون کي پاڻ کائڻ لاءِ مليو هو، چڱو هو!
گذران متعلق، مارئي جي بيتن ۾، جيڪو حال مارُن ۽
پهنوارن جو چيل آهي، سو ساڳيو هنن ماڻهن جو آهي.
تفاوت هي آهي ته هو (يعني مارو ماڻهو)، ٿر جي ڀٽن
۾ رهندا آهن ۽ هي، جبل ۾ رهن ٿا. پنهنجي گذران
بابت به هنن ماڻهن، مونکي، مارئيءَ جا بيت ٻڌايا،
جي سندن حال سان لاڳو هئا. هنن جابلو ماڻهن جون
زالون، ڏاڍيو، ڦڙت ۽ چالاڪ ٿيون ٿين. پنهنجي منهن،
جبل جهاڳنديون وتن. انهيءَ سفر ۾، هڪڙي هنڌان
لنگهندي، جبل جي چوٽيءَ تي، هڪ ڳاڙهي شيءِ، چرندي
ڏٺيسين، جا پکيءَ وانگي پي پريان ڏٺي! جانچ ڪئي
سين ته معلوم ٿيو ته گائنچن جي ڪا زال آهي، جا
پيرون چونڊڻ ويئي هئي! انهن زالن کي، جيڪڏهن واچ
مينهن سبب، جبل ۾ رات پئجي وڃي ته اُتي اڪيلي سر،
جبل ۾ رهيو پون ۽ وري ٻئي ڏينهن، موٽيو ماڳ تي
اچن.
مڙسن جي پوشاڪ، گهڻو ڪري، سنڌ ۾ جهنگلي ماڻهن جهڙي
آهي. زالن کي پڙي يا لوئي ٻڌي پئي آهي ۽ بس، ٻيو
ڪي به ڪين اٿن. منجهن جيڪي سرنديءَ وارا آهن، تنجو
به اهو ئي حال آهي! ڇٽا ماڻهو، ڌارين کي سڱ بندي
ڏين، پر گائنچا ماڻهو، ڌارين کي سڱ ڪو نه ڏيندا
آهن. اهڙيءَ طرح، پڇا ڳاڇا مان معلوم ٿيو ته گهڻو
ڪري زال جو ملهه سٺ رپيا آهي. پوءِ ڪنواري هجي يا
رنڙ، مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌارين ماڻهن کان وڌيڪ رقم به
وٺن ٿا، ۽ سڱ تي سڱ وٺڻ ڪري (يعني بدي جي حالت ۾)،
روڪ نٿا وٺن. گائنچن ۾، مائٽن منجهه، رنڙ زال جا
ٻه يا ٽي ڏاند وٺن ٿا ۽ ڪنواريءَ جا، ست اٺ ڏاند
وٺن ٿا. ڌارين کان روڪ رپيا وٺندا آهن. مطلب ته
هنن ماڻهن ۾، سڱن بندن جو ليکو اهڙو آهي، جهڙو رڍ
ٻڪريءَ جي سوديبازيءَ جو! گهڻو ڪري ّمڙس، ٻه زالون
پرڻجن ٿا. جانچ مان معلوم ٿيو ته ههڙي جهنگ ۾ به
حضرت عشق اچي پهتو آهي! هڪڙا، ٻين جي زالن سان لڳن
ٿا. اهي ماڻهو، پاڻ اهو سبب ڏين ٿا ته انگريز جي
صاحبيءَ ۾، سندس وس نٿو هلي! ڏاڙهياري، تي ڇٽن
ماڻهن جون زالون، سراسري ڪري چڱيون آهن، هڪڙي
گائنچي، مون کي هڪ بيت ٻڌايو، جو انهن صاحبلوڪن جي
عملي بابت آهي، جو ڪي ڏينهن، اُتي هوا بدلائڻ ڪاڻ
اچي ٽڪيو هو. انهيءَ بيت جي فقط هڪ مصراع ياد ٿي
اچيم جا هيءَ هئي:
”ڏاڙهياري جي ڏاٺ ۾، هڪ نه ڇڏيائون!“
ٻين مصراعن جو مطلب پڻ، انهيءَ هڪ ئي مصراع مان
ڪڍي سگهجي ٿو.
هنن جابلو ماڻهن جي ٻولي، گهڻو ڪري کريل سنڌي آهي،
جهڙي ڇپر جا ماڻهو ڳالهائيندا آهن. تلفظ پڻ اهڙائي
اٿن، يعني حرف ساڪن جي بدران، متحرڪ ڪري ڳالهائين
”گدري“ کي چون ”گڌرو“، ”موچڙي“ کي چون ”موچڙو“
اهڙي طرح ”ڪير“ ۽ ”ڪهڙو“ جي بجاءِ ”ڪاهو“ چون.
هيئن ته ڪاها آهيو (يعني ڪير آهيو يا ڪهڙا آهيو؟)
”ايندو“ کي چون ”اچيندو“، ”لهڻ“ کي چون ”ڇڻڻ“. حرف
جر ”کان“ جي بدران ”نون“ چوندا آهن جيئن ته ”اٺ
گهوڙي نون وڏو آهي“، ”پوءِ“ کي چون ”گڏ“ جيئن ته
”فلاڻو گڏ ۾ اچي ٿو“ پڙهيل منجهن ڪونهي. نماز به
اُتي ڪو ڪو نه پڙهي، رڳو سنڌي لوڙائو بيت ۽
ڳجهارتون اچنن ٿيون. جن جو گهڻو شغل اٿن گهڻو ڪري
اُهي ماڻهو پير مرد آهن. اڇيون ۽ وڏيون ڏاڙهيون
اٿن. ڪن ٿورن کي ٻچي ڏاڙهي آهي، جنهن تي پڻ اهڙو
عيب نٿا ليکين. هڪڙو ٻچي گائنچو هو، تنهن کي اسان
چرچو ڪري چيو ته ”سرڪار جي مرضي آهي ته ڪو ٻچي هٿ
اچي ته انهيءَ کي مقرر ڪجي ته ٻين ٻچين کان اوڳڙ
ڪندو وتي“ هيءَ ڳالهه ٻڌي، هن کي يقين آيو. ٻيو
هڪڙو هو، تنهن کي به اچي انهيءَ نوڪريءَ جي طمع
ٿي. انهيءَ به اچي عرض ڪيو. اسان چيو ته ”اهو حق
انهيءَ جو آهي، جيڪو بڻائتو ٻچي هوندو!“ تنهن تي
پهريون ٻچي، جنهن جو نالو ”ميهر“ هو، سو قسم کڻي
چوڻ لڳو ته ”آئون ست پيڙهيو ٻچي آهيان، جو منهنجو
ابو ۽ ڏاڏو به ٻچي هو ۽ انهيءَ لاءِ، چڱا مڙس شاهد
به ڏيندس!“
ڪوهستان جي آبهوا، هڪ جهڙي نه آهي. پينئري جبل جي
چيلهه تائين، هنن ڏينهن ۾ ڏاڍي گرمي ۽ جهولو آهي ۽
رات جو مڇر به گهڻو ٿو لڳي، مگر پينئري جي چوٽيءَ
تي گرمي گهٽ آهي ۽ کيرٿر ۽ ڏاڙهياري تي ته سياري
وانگي سردي ٿي پوي! ڏينهن جو به سڄو ڏينهن، ٻاهر
اُس ۾ گهمجي، ته سياري جي سج وانگي گرمي نٿي لڳي!
گهڻو ڪري هوا، بمبئيءَ جي هوا جهڙي آهي. اشتها
گهڻي لڳي ٿي. سج، صبح جو پوڻي ستين بجي اڀري ٿو ۽
سوائين اٺين بجي لهي ٿو. هنن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري،
آسمان جهڙالو رهي ٿو. پاڻي، هيٺ جبلن ۾، مينهن جو،
دٻن مان ملي ٿو. هنن ڏينهن ۾ اُتي برسات پيئي آهي،
تنهن ڪري پاڻي جام آهي، نه ته ڏاڍو مشڪل سان هٿ
اچي ٿو، تنهن ڪري ته ماڻهو، پاڻ سان کليون ڀري کڻن
ٿا! ڪن هنڌن ۾ ته اصل سم جو پاڻي، هميشه بيٺل آهي.
انهن جبلن ۾ گهڻا جانور رهن ٿا. بن جبلن ۽ کيرٿر
تي، سره گهڻا آهن. سره جي ماديءَ کي، ”ٻڪري“ چوندا
آهن. اتي گڊ به گهڻا آهن. انهن کان سواءِ اتي،
سيڙهه، بگهڙ، ممون ۽ چيتا به آهن. کيرٿر تي، جيڪا
سير اسين گهمڻ ويا هئاسين، اسان جي اچڻ کان پنج
ڇهه ڏينهن اڳي، هڪ چيتي، اتي چار ٻڪريون ماري
وڌيون هيون، يا جيئن گائنچا، پنهنجي اصطلاح ۾
چوندا آهن ته ”چيتي، ٻڪريون پڳيون هيون.“ بگهڙ به
اهڙو ئي زيان ڪن ٿا. چيتا ته اٺ به ماريندا آهن!
مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪڙي ڏينهن، هڪ چيتي، ست اٺ ۽
ڏاچيون ماري وڌيون هيون. هو کائيندو ٿورو آهي،
ليڪن زيان گهڻو ڪندو آهي! اُتي، بندوق جو ليسن،
ڪنهن کي به مليل ڪونهي، تنهن ڪري هنن کي ڪير ماري
به ڪو نه ٿو. اتي ممون گهڻيون آهن: هيٺ ميدانن يا
ماٿرين ۾، هرڻ گهڻا ٿين.
جهنگلي پکين مان سرڻ، سانباهو، ڳيرو ۽ پاريل اتي
سنڌ وانگي آهي، اسان کي جهرڪي ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي.
اڇي ڳچيءَ سان ڪانگ ڪونهي، اُتي وڏا ”زاغ“ آهن، جي
سڄا ڪارا ٿين ٿا ۽ ٻولي پڻ ڳري ٿيندي اٿن، جن کي
عربيءَ ۾ ”غراب البين“ چوندا آهن. ٻيا ڳائڻا پکي
عجيب هئا، جي ڏاڙهياري تي، بازار واري ڦوڙ ۾ ڏسڻ ۾
آيا، جن جو ذڪر مٿي ڏنل آهي. ٽڪرن تي چڪور گهڻا
آهن، جن جي ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيڪي سنڌ جي تترن
وانگي گهمڻ ۽ ٻولين پيا کين مارڻ يا ڦاسائڻ وارو
ڪو نه آهي.
جبل ۾ وڏا وڻ وڻو، ڊامڻ، کيريو ۽ ٿرهريو آهن.
ڏاڙهن جا وڏا وڻ آهن، جي ڦر ڪو نه ڪن. بادام گهڻو
ٿئي ٿو. ڪهو جا وڻ تمام گهڻا آهن. ٻارڻ ۾ به ڪهو
ڪم اچي ٿو. ڪهو کي، ”ڪوهو“ ڪري سڏيندا آهن. صحيح
لفظ پڻ، ”ڪوهو“ ٿو ڏسجي، جو اهي وڻ رڳو ڪوه يعني
جبل ۾ ٿين ٿا. بادام جو ڦر، ننڍيون باداميون ٿئي
ٿو. جي ڪؤڙيون آهن. ڪهو ۾ ٻير ٿين ٿا. وڻي ۾،
ڦارون وانگي کٽمٺا ٻير ٿين ٿا. روهڙي جا وڻ به
ڇانو ۽ ميوي لاءِ چڱا آهن، جي رڳو ڏاڙهياري جي ڦوڙ
واريءَ بازار ۾ ڏسڻ ۾ آيا، ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪين ٿا
ٿين، تنهن ڪري چون ٿا ته باري پير، هنن جو ٻج، مڪه
معظمه مان آندو هو، تنهن ڪري انهن کي ڪو به ڪونه
وڍي! رڳو ڦر کائيندا اٿن. پيس جي کجي عام آهي. هن
کي، ”ڦيش“ ڪري سڏين ٿا. هن منجهان، سنگ نڪري ٿو،
جو ٻيرن جهڙو ميوو جهليندو آهي، جو ماڻهو کائين ۽
ڪچو ڳڀ، جو نئين شاخ جو ٿئي ٿو، سو به ماڻهو
کائيندا آهن. اُن جي پنن مان رسا، تڏا ۽ ڇٻا يعني
پيرن جا جوتا جوڙيندا آهن. پنن جي پاڙ ۾ جيڪا ڪاري
شيءِ ڪپهه وانگي ٿئي ٿي، سا گڏ ڪري، چقمق سان باهه
ٻارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
ننڍن وڻن يا ٻوٽن مان هيٺيان ٻوٽا يا وڻ، مزي جهڙا
ڏسڻ ۾ آيا:
حسين پوٽو - ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي. بابوني جهڙي
خوشبوءِ ٿيندي اٿس، ليڪن کائڻ ۾، سو ڪوڙو آهي!
اهڙو، جو جيڪڏهن ٻڪريون چرن، ته سندس کير به ڪوڙو
ٿي پوي، اسان کي اهڙو (ڪوڙو) کير پڻ مليو هو جو
ڪيتري شڪر ملائڻ سان، مس مس وڃي مٺو ٿيو!
”ڪتي ڪنو ۽ گڏهه ڪنو“ - هنن ٻنهي ٻوٽن جا پن، ڪتي
۽ گڏهه جي ڪنن سان مشابهت رکن ٿا، تنهن ڪري مٿن
اهو نالو پيو.
”اسپنگر“ جو، تمام ننڍو ٻوٽو آهي. ان جا پن ننڍڙا
۽ پشمين (پشم سان) ٿين ٿا، جن مان وري ننڍڙو ڳاڙهو
سنگ نڪري ٿو، جنهن ۾ اُن جو ٻج رهي ٿو. هن کي
هنديءَ ۾ ”ايسب گول“ ۽ پارسيءَ ۾ ”اسپغول“ چون ٿا
”اسپغول“ جو اشقاق آهي.اسب ۽ غول (گوش) يعني،
گهوڙي ڪنو، يا گهوڙي جي ڪنن جهڙو.
ڏير- هن جا پن، سريهن جي پنن وانگي آهن.
پنير- جنهن جا پن، اَڪ جي پنن وانگي ٿين ٿا.
ڳوڻ - هن جا پن، تمام ننڍا پر گهاٽا ٿين ٿا،
ايتريقدر جو ڏانڊي يا ٽاريءَ جي ڪاٺي به مس ٿي
ڏسجي!
ڊيلڪور- جنهن کي پن ڪونهي، رڳا ڪنڊا ۽ اڇا گل
ٿينس، جي ڏاڍا سهڻا لڳن ٿا.
ڪنوس- هن جو سرهو ٻوٽو ٿيندو آهي ۽ تپ واري
ماڻهوءَ کي، هيءُ پياريندا آهن.
ڪانڊار- هيءُ، مزي جهڙو ٻوٽو آهي جنهن جو پن ۽
ڪنڊو گڏ آهي، پن جي هيٺان ڪنڊو، چنبڙيو پيو هوندو
آهي.
ڪتي پيرو- جنهن جو پن، ڪتي جي پير جهڙو ٿيندو
آهي.
ٺوٺيو-هيءَ، هڪ ننڍڙي ول آهي، جنهن جي پاڙ ڪڍي،
وات ۾ پسائي، اکين ۾ سرائيءَ وانگي گهمائيندا آهن
۽ چوندا آهن ته انهيءَ ڪري، اک جي نرت يا روشنائي
وڌندي آهي. شڪ ناهي ته ”ٺوٺيو“ لفظ، ”توتئي“ جي
بگڙيل يا کريل صورت هجي، ڇالاءِ جو ”توتيائي چشم“،
پارسيءَ ۾ گهڻو مشهور آهي.
مارمور- جا ننڍي نانگ وانگي ٿئي ٿي. ڪي ماڻهو،
کائيندا به آهن.
جبل جي ڀنگ - جنهن جا پن، رواجي ڀنگ جي پنن جهڙا
ٿين، پر اُهي وڏا وڏا آهن، چون ٿا ته جبل جي ڀنگ
ٿڌي ٿيندي آهي ۽ منجهس نشو به گهڻو هوندو آهي.
انهن ٻوٽن کان سواءِ، ٻيا به ڪيترائي ٻوٽا نظر
آيا.
ڏاڙهيارو جبل، سمنڊ جي سطح کان، ڇهه هزار فوٽ مٿي
آهي ۽ ”ڪتي جي قبر“ واري چوٽي ته ست هزار ٻه سؤ
فوٽ مٿي آهي! هوا نهايت موافق ۽ صحت بخش آهي. اُتي
جي تمام گهڻي گرمي، به اس ۾ 148 درجي ٿرماميٽر کان
مٿي نه ويندي آهي ۽ اپريل واري مهيني ۾ ته 41 درجي
تي وڃي بيهندي آهي. اڪثر مينهن گهڻو وسندو آهي.
تخميني روءِ ڇهن ستن انچن تائين مينهن وسندو آهي. |