[11]
جوانيءَ جو اڪسير
ٿورو عرصو گذريو آهي، جو نيويارڪ جي صدر ڪورٽ جي اڳوڻي
سيڪريٽريءَ، ستر ورهين جي ڄمار ۾، پنهنجي سالگرهه
واري ڏينهن، پاڻ کي ماري وڌو. فوتيءَ جي پاسي ۾،
هڪڙو ڪتاب پيو هو، جنهن جو نالو هو ”حياتيءَ بابت،
آسلر صاحب جي راءِ“ انهيءَ ڪتاب ۾، هڪڙي صفحي تي،
هيئن لکيل هو، جنهن تي نشان به ڏنل هو: ”انجيل
موجب، حياتيءَ جو عرصو، ٽي ويهون ۽ ڏهه ورهيه
ڄاڻايل آهي، يعني ستر ورهيه، تنهن کان پوءِ،
ماڻهوءَ جي لاءِ، چالاڪيءَ جو ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ هن
زمين تي، سندس وقت پڄي اچي ٿو..... منهنجي عمر به
هينئر، پوري ستر ورهيه آهي. هينئر آئون، رڳو گهر
جي ڪمڊ ۾، بخاري جي ڀرسان ويهڻ جو لائق
آهيان.....“
آسلر صاحب جي، جا اها راءِ آهي، ته سٺ ورهين کان پوءِ،
اڪثر ماڻهو، ڪنهين ڪم جو ناهي ۽ رڳو پاڻ تي يا
ٻيءَ خلق تي بوجهه آهي، ۽ انجيل ۾ ستر ورهيه، عمر
جي حد ڏيکاريل آهي. تنهن تي، انهيءَ مٿئين شخص،
ايتري قدر ته ويچار ڪيو، جو آخر دل ۾ پڪو ٺهراءُ
ڪيائين، ته پاڻ کي ستر ورهين جي عمر تي رسڻ شرط،
ماري وجهي. انهيءَ عمر جي ٺهرايل حد، انسان ذات
کي، گهڻي قدر نقصان پهچايو آهي. جنهن ڳالهه تي،
انسان کي، پورو ويساهه ٿو ڄمي ۽ دل ۾ انهيءَ جي
سچائيءَ جي پڪ ٿي ٿئي، تنهن جو ماڻهوءَ تي ڏاڍو
اثر ٿو ٿئي.گهڻن حالتن ۾، ائين به ٿيو آهي، ته
جيڪا عمر جي حد، ڪن ماڻهن، پنهنجي لاءِ مقرر ڪئي
آهي، تنهن ڌاري اُهي مري پيا آهن، جيتوڻيڪ هو،
بالڪل تندرست ۽ تازا توانا هئا. خبر ناهي ته
ڪهڙيءَ حجت تي، ماڻهوءَ جي حياتي، سٺ ورهيه مقرر
ڪئي وئي آهي. پاڪ ڪتابن ۾، ته گهڻيون ئي ڳالهيون
آهن، جن جي ظاهري معنى تي عمل ڪرڻ ۾ ٿو اچي، مگر
انهيءَ جي حقيقي معنى ٻي آهي. ائين ته بائبل ۾
ميٿيوزيلا (يا متوشلح) جي عمر 969 ورهيه ڏيکاريل
آهي ۽ اسلامي ڪتابن موجب، حضرت نوح جي عمر 950
ورهيه ڏنل آهي. فيتارن جي 900 ورهيه، ادريسل جي
365 ورهيه وغيره. گهڻن ٻين ماڻهن جي عمر، سؤ يا سؤ
کان زياده به، تواريخ مان معلوم ٿي ٿئي. ڪن ڏاهن ۽
حڪيمن جا خيال، ماڻهن جي دل تي ڄمي ويا آهن ۽ اهي،
ضرب المثلن وانگي، شمار ڪرڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ته
نظاميءَ، پنهنجي پارسي شعر ۾، هڪڙي هنڌ چيو آهي
ته:
چڙهي جڏهن عمر جا چاليهه ٿيا سال،
کسن کنڀ ۽ ڇڻن تڏهين پر وبال.
ٿيو پنجاهه گم ٿي تندرستي،
نظر ڪم ٿي بدن ۾ آئي سستي،
وڌي جڏهن عمر ماڻهوءَ جي ٿئي سٺ،
تڏهن ڏئي ٽيڪ ڀت تي يا کڻي لٺ.
جڏهن ستر ورهيه سر تي وجهن بار،
سڀئي عضوا ٿين ساڻا ۽ بيڪار.
جڏهن انسان جي ٿي عمر اسي،
تڏهن سڀ مت زماني تنهن کان کسي
نوي تائين جڏهن ڪو پهچي مشڪل،
ڏکيائيءَ کان ڏڪي هر دم سنديس دل.
جنهين سؤ سال تائين عمر پاتي،
تنهين لاءِ موت ڄڻ آهي حياتي.
پر جي خيال ڪري ڏسبو، ته پاڪ ڪتابن موجب، وڏي ۽ چڱي ۽
سجائي حياتي، اُها آهي، جا ڪمائتي ۽ خير جي ڪمن ۾
ٿي گذري. هيئن به آهي، ته سک ۾ گذرڻ ڪري، وڏي عمر
به ٿوري پئي نظر اچي، ۽ ڏک ۾ گذرڻ ڪري، ٿوري عمر
به، گهڻي نظر پئي اچي. هڪڙو پارسي شاعر ٿو چوي ته:
(بيت)
عمر گر خوش گذرد، زندگي خضر کم است،
ور به تلخي گذرد، نيم نفس بسيار است.
ترجمو:
عمر خوش گذري، ته ٿوري ٿي لڳي خضر جي عمر،
جي ڏکي گذري، ته هڪ پل به آهي عمر وڏي.
تڏهن طاهريءَ ڪري، عمر جي ڊگهائي ۽ ڇوٽائي،
اچي بيٺي خيال ۽ ويساهه ۽ دل جي وهم تي!
ٻيءَ طرح، خيال ڪري ڏسبو، ته هلندڙ دستور موجب ماڻهو،
ٽيهن ورهين جي عمر ۾، پورو بالغ ٿو ٿئي. تڏهن سٺ
ستر ورهين جي عمر، بلوغت جي عمر کان ٽيڻي ٿي. پر
عالم حيوانات تي ويچار ڪبو، ته معلوم ٿيندو، ته
انهن جي عمر، اڪثر، سندس بلوغت جي عمر کان پنجوڻ
جيتري ٿي ٿئي. تڏهن انسان، اشرف المخلوقات ٿي ڇا
ڪيو، جو عمر ۾، جانورن کان به گهٽ حياتي ٿيس؟ پر
حقيقت هيءَ آهي، ته انسان، پنهنجي خيال ۽ ويساهه
جو ٻانهو آهي، گهڻا ماڻهو، پڪ ڄاڻن ٿا، ته اسان جي
عمر، اسان جي پيءُ يا ڏاڏي جي عمر کان وڏي نه
ٿيندي! پوءِ جي اُهي سندن وڏا، ننڍيءَ عمر ۾ مئا
هوندا، ته هي، انهيءَ ويساهه تي، پاڻ به ننڍي عمر
۾ مري وڃن ٿا.
نيويارڪ ۾ هڪڙو ماڻهو، جو بالڪل تندرست ۽ تازو توانو هو،
تنهن پنهنجي گهر جي ڀاتين کي چيو ته ”آئون، پنهنجي
ايندڙ ڄمڻ جي ڏينهن يا سالگرهه تي مري ويندس. جڏهن
اُهو ڏينهن آيو، تڏهن صبح جو سوير، گهر جا سڀ
ڀاتي، فڪر ۽ انتظار ۾ ويهي رهيا، ڇالاءِ جو اُهو
ماڻهو، پنهنجي روزمره جي ڪم تي نه ويو ۽ يقين سان
چوڻ لڳو ته اڌ رات کان اڳي، آئون مرندس. طبيب کي
سڏيائون، انهيءَ اچي، هن کي چڪاس چيو، ته هيءَ
بالڪل چڱو ڀلو آهي ۽ ڪا به بيماري ڪا نه اٿس. پر
هو ماڻهو، نڪي کائي، نڪي پئي، ويو ضعيف پوندو. نيٺ
اڌ رات ڌاري دم ڏنائين. هن حالت ۾، پڪ سان چئبو ته
هن شخص، رڳو خيال ۽ ويساهه جي وسيلي، پاڻ کي
ماريو! جيڪڏهن ڪنهن اپاءُ سان، هن ماڻهوءَ جو خيال
يا ويساهه بدلائي سگهجي ها ۽ اهو اعتبار ٿئيس ها
ته مرندس ڪين، اڃا به ڪي ورهيه جيئرو رهندس ته هو،
ڪين مري ها! انهيءَ طرح، جيڪڏهن ڪو ماڻهو وسهندو،
ته نظاميءَ جي مٿئين بيتن وانگي، پنجاهه ورهين کان
پوءِ، حواس طاقت ڇڏيندا، سٺ کان پوءِ، اٿڻ ويهڻ
کان ويهي رهندو ۽ پوءِ، ڪنهين ڪم جو نه ٿيندو ۽
سندس هستي اجائي ٿيندي ته پوءِ امڪان ڪونهي، ته هن
کي، ڪهڙي به حيلي سان، همتائي، عمر جي انهن نقصانن
کان بچائجي ۽ ٻڍاپي مان ڪڍي، جوانيءَ جي حالت ۾
آڻجي!
جي ماڻهوءَ کي، ٻڍاپي جو خيال ۽ وهم رهندو ته ٻڍاپو
ايندو، ۽ جي جوانيءَ جو ويساهه رهندو، ته جواني
ايندي. ۽ ٻڍاپي يا جوانيءَ جي خيال سان گڏ، ضعيفي
۽ نڪمائي يا همت ۽ چالاڪي قائم رهندي. پيري يا
جواني، دل مان شروع ٿي ٿئي. دل ۾، خيالن جي ٻج
پوکڻ سان، جسم ۾، عمر جي اثرن يا نشانين جو فصل
تيار ٿئي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪنهن خاص عمر ۾ اسين،
پنهنجي آس پاس، ٻين کي ٻڍو ٿيندو ڏسون ٿا تڏهن
اسين، به پنهنجي نسبت ۾، خيال ڪريون ٿا ته هاڻ،
اسين به انهيءَ عمر ۾ ٻڍا ٿينداسين ۽ اُهي ساڳيا
اثر، ٻڍاپي جا، اسان ۾ به نمودار ٿا ٿين. اُهي
اثر، فقط انهن خيالن جا نتيجا آهن، جي اسان ۾
موروثي ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اسين، هوڏ ٻڌي،
پنهنجيءَ دل ۾ پڪو ٺهراءُ ۽ ارادو ڪريون، ته اسين
هرگز ٻڍا نه ٿينداسين ۽ جوانيءَ ورا خيال ۽ اُها
ساڳي چالاڪي ۽ همت ۽ خوش طبعي دل ۾ قائم رکيو
اينداسين، ته ٻڍاپي واريون نشانيون، بالڪل ظاهر نه
ٿينديون! جوانيءَ جو اڪسير، فقط دل ۾ آهي، نه ٻئي
ڪنهن هنڌ. جوانن وانگي، پوشاڪ ڍڪڻ سان، ماڻهو،
جوان ٿي نٿو سگهي. پهرين، دل مان اهو خيال ڪڍڻ
گهرجي، ته آئون، ٻڍو ٿيندو ٿو وڃان. جيسين، اهو
ٻڍاپي جو خيال، دل ۾ هوندو، تيسين، جوانيءَ وارو
ڏيک، ڪنهن ڪم جو ڪين ٿيندو. پهرين، دل جي اثر يا
وهم يا خيال مٽائڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين، پنهنجيءَ
دل ۾، اهو خيال قائم ڪري سگهياسين ته اسين، هميشه
جوان رهنداسين، ته ڄڻ، اسان اڌ جنگ کٽي. پڪ آهي ته
عمر جي نسبت ۾، جيئن وسهنداسين ۽ ڀائينداسين، تيئن
جسم به ڏسباسين.
جوانيءَ وارو خيال ۽ خوشيون ۽ اميدون ۽ چالاڪيون ٻڍاپي
کي هٽايو ڇڏين ۽ وڏيءَ عمر ۾ به، جوان ڪيو ڇڏين.
اسان کان اڳي، اسان جا وهم ۽ خيال، عمر ۾ پڪا ۽
ٻڍا ٿا ٿين. هاڻوڪي زماني ۾، حياتيءَ جون حالتون ۽
گذران جا اُپاءُ ۽ ڳڻتيون ۽ فڪر، اهڙي قسم جا آهن،
جو دماغ خشڪ ڪيو ڇڏين، مغز جا پردا ساڙيو ڇڏين، ۽
خيال جي طاقت، پٽيو گهٽايو ڇڏين. اهڙيءَ حالت ۾،
اهي فڪر ۽ انتظار، ماڻهوءَ جي منهن مان پيا معلوم
ٿيندا آهن. گهڻن جا ته جوانيءَ ۾ ئي وار، اڇا ٿي
ويندا آهن، ڳلن ۾ گهنج پئجي ويندا آهن، اکيون ڏرا
ڏيئي وينديون آهن. مطلب ته جهڙو اندر جو حال هوندو
آهي، تهڙو ٻاهر جو، جهڙي حالت دل جي هوندي آهي
تهڙي جسم جي به ٿيندي آهي.
پر جيڪي ماڻهو، هميشه خوش ٿا گذارين، ۽ پاڪ خيال ٿا ڪن،
۽ آئندي جي لاءِ چڱيون ۽ همتائيندڙ اميدون ٿا رکن،
سي اهڙو جلد، ٻڍا نٿا ٿين، جهڙا اُهي، جي هميشه
مونجهاري ۽ ڳڻتيءَ ۽ خفي ۾ ٿا رهن ۽ خراب خيال ٿا
ڪن ۽ نااميديءَ جهڙيون خواهشون يا مرادون ٿا رکن.
وقت کان اڳي، ٻڍي ٿيڻ جو ٻيو سبب هيءُ آهي، ته اهڙا
ماڻهو، وڌڻ کان بيهي وڃن ٿا. اها ارمان جهڙي ڳالهه
آهي، ته وچوليءَ عمر کي پهچڻ کان پوءِ، گهڻا
ماڻهو، نوان ۽ تازا خيال، قبول ڪري نٿا سگهن. هنن
جي دل جي سگهه ۽ خيال جي طاقت، چاليهن پنجاهن
ورهين کان پوءِ، روڪجي بيهي رهي ٿي، يعني، انهيءَ
عمر کان پوءِ، هو دماغي ترقي يا خيالي سڌارو حاصل
ڪري نٿا سگهن. انهيءَ کان پوءِ، جيئن هو عمر ۾
وڌن ٿا، تيئن سمجهه ۽ عقل ۽ خيال ۾، پوءِ تي موٽن
ٿا. جيڪڏهن ماڻهن جو خيال ۽ ويساهه اهڙو هوندو، ته
اُهي سگهوئي، ٻڍا ٿيڻ لڳندا. پر انهيءَ جو علاج
اهو اٿو، ته جوان رهڻ جي عادت، اصل نه ڇڏيو! ڪڏهن
به ائين نه چئو، ته فلاڻو ڪم، جهڙو اڳي ڪندا
هئاسين، اهڙو هاڻ ڪري نٿا سگهون. جيڪا جوانيءَ جي
حياتي ٿيندي آهي، اها هلائيندا اچو. پيريءَ ۾ به،
وري ٻار يا جوان ٿيڻ کان، شرم نه ڪريو. اهڙيءَ طرح
هلو ۽ ڏسڻ ۾ اچو، جو ڪو به ڪو نه چوي، ته اهي، ٻڍن
جا پار آهن، سڀ ڪو چوي ته هيءُ ٻڍو، اڃا جوان آهي.
ضعيف دل، جسم کي ضعيف ٿي ڪري. دل جو ٻڍاپو، جسم کي
ٻڍو ٿو ڪري. اوهان کي گهرجي، ته هميشه جهڙا جسم ۾
پيا وڌو، تهڙا دل ۾.
مٿي ڏيکاريو ويو آهي، ته ڪنهن خاص وقت تي مرڻ يا ڪنهن
خاص عمر ۾ ٻڍي ٿيڻ جي وهم يا ويساهه سان، ماڻهو،
سچ پچ مري ٿو يا ٻڍو ٿئي ٿو، يعني ته اهڙو خيال،
حياتيءَ جي دوري کي روڪيو، بند ڪيو، بيهاريو ڇڏي،
يا ماڻهوءَ کي گهٽيو، ٻوساڻيو، ماريو وجهي. جي
اوهين ڀانيو، ته مدامي جوان رهو، ته گذريون
ناموافق ڳالهيون ۽ نه وڻندڙ اتفاق يا حالتون، اصل
وساري ڇڏيو ۽ مور ياد نه ڪريو! ٿورا ڏينهن ٿيندا،
ته هڪڙي شريف زال، جا اسي ورهين جي هئي، تنهن کان
پڇيائون ته ڪهڙيءَ طرح، تون پاڻ کي، هر طرح جوان
رکيو اچين؟ هن چيو ته ”مون کي، اها تجويز آهي، ته
اڳوڻيون ناموافق ۽ دل رنجائيندڙ ڳالهيون، سڀ
وساريو ٿي ڇڏيان.“
ڪو به ماڻهو، جوان رهي نه سگهندو، جيسين وڌندو نه رهندو،
۽ ڪو به ماڻهو وڌندو نه رهندو، جيسين دنيا ۾
پنهنجي آس پاس، ٻين سان واسطو نه رکيو ايندو. اسان
جي بناوت، اهڙي قسم جي آهي، جو اسين، ٻين مان،
پرورش پايون ٿا ۽ ٻين سان واسطي رکڻ ڪري، جيون ٿا
۽ وڌون ٿا. جيڪو ماڻهو، ٻين کان پنهنجو واسطو
ٽوڙيندو، اُهو، پنهنجي دل جي طاقت، گهٽائي ڇڏيندو.
جيڪا دل، هميشه نئين حالت کي پهچي نه ٿي سگهي ۽
پراڻي حالت سان واسطو نه ٿو رکي، سا سگهوئي وڌڻ
کان بيهيو وڃي.
ماڻهوءَ کي، ٻڍو ٿيڻ ته تمام آسان آهي. رڳو هو پاڻ، اهو
خيال ڪري، ته آئون ٻڍو ٿيندو ٿو وڃان، ته ايترو
بالڪل بس آهي! ٻڍاپي جو انتظار ڪڍڻ، انهيءَ کان
ڊڄڻ، انهيءَ جي لاءِ تيار رهڻ، ساڳيءَ عمر وارن
ٻين ماڻهن کي ٻڍو ڏسي، پاڻ به يقين ڪرڻ، ته آئون
به هنن جهڙو آهيان - ايترو ٻڍي ڪرڻ جي لاءِ بالڪل
ڪافي آهي. موت جي يادگيري رکڻ، موت لاءِ تيار رهڻ
۽ اڳواٽ، پوءِ جي لاءِ بندوبست رکڻ مان ثابت آهي،
ته ماڻهوءَ جي قبضي مان، سندس حياتي کسڪندي وڃي.
اهڙن خيالن ڪري، حياتيءَ جو زور گهٽبو وڃي ۽
انهيءَ ضعف جي اثر کان، بدن به ضعيف، ٻڍو ۽ قريب
المرگ ٿيندو وڃي. اهو ويساهه، ته اسان جون قوتون
گهٽبيون وڃن، ۽ ٻڍاپو، اسان تي غالب پوندو اچي،
اسان جون سڀ دلي ۽ دماغي طاقتون، درجي بدرجي، گم
ڪيو ڇڏي ۽ نيٺ، آڻيو قبر جي ڪنڌيءَ تائين پهچائي!
دل جي حالت تي، ٻڍاپي جي حالت جو جلد اچڻ يا پٺ تي
هٽڻ ان تي منحصر رهي ٿو.
پئرس جي پاسٽور انسٽيٽيوٽ واري ڊاڪٽر ميڪني ڪاف جي راءِ
آهي، ته ماڻهن جي حياتي، تمام ٿوري، ته به هڪ سؤ
ويهه ورهيه ضرور هئڻ گهرجي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي،
ته اسان جي غلط فهميءَ، غلط اعتقادي، ۽ غلط
خياليءَ جي ڪري، خاص بڇڙيءَ طرح حياتي گذارڻ ۽ پاڻ
کي ٻڍي ڄاڻڻ ڪري، اسين پنهنجي حياتي، گهڻي قدر
گهٽائي ڇڏيون ٿا. هڪڙيءَ جوان زال جي، ڪنهن
ماڻهوءَ سان، گهڻي محبت هئي ۽ اميد هيس ته نيٺ هو
ٻئي، پاڻ ۾ شادي ڪندا، پر اهو مڙس، کيس ڇڏي، ڪنهن
پاسي هليو ويو، تنهن ڪري هوءَ، ديواني ٿي پئي. دل
۾ اها پڪ هيس، ته نيٺ اهو شخص موٽي وٽس ايندو ۽
ساڻس شادي ڪندو. انهيءَ کان پوءِ، ڪن ورهين تائين،
هوءَ انهيءَ اميد ۾ رهندي آئي ۽ هر روز، پنهنجي
دريءَ مان، اُنهيءَ پاسي پئي نهاريندي هئي ۽ دل ۾
چوندي هئي، ته ڄاڻ ته آيو، اجهو آيو! هن جي عمر،
ستر ورهين کي اچي رسي. جن ماڻهن، بلڪ جن ڊاڪٽرن،
هن کي ٿي ڏٺو، تن ٿي چيو، ته هيءَ مائي، ڄڻ ته
ويهن ورهين جي مس آهي! هڪڙو به وار، اڇو نه ٿيو
هوس! اکيون سالم، ڏند سالم، سڀ حواس سالم هوس!
منهن ۾، ذرو به گهنج ڪو نه پيس! سندس کل اهڙي ته
صاف، لسي ۽ ڳاڙهي هئي، جو ڄڻ ته ڪنهن جوان
ڇوڪريءَ جي هئي! هوءَ اصل، ٻڍي نه ٿي، ڇا لاءِ
جو هوءَ وسهي ٿي، ته اڃا آئون ڪنئاري ڇوڪري آهيان،
۽ پنهنجي سينڌي يا مڱيندي سان، شادي ڪرڻ جي اميد،
هوءَ، دل ۾ تازي رکندي آئي. هن، پنهنجي عمر جي
ورهين يا سالگرهن ڳڻڻ تي، ڪو به خيال ڪو نه ٿي
ڪيو. هن، ڪا به ڳڻتي، انهيءَ بابت، ڪا نه ٿي ڪئي.
هن کي يقين هو ته آئون، اڃا جوان آهيان. انهيءَ
دلي اعتقاد ۽ باطني ويساهه جو اثر، سندس جسم تي
قائم رهندو آيو. جيڪا عمر ٿي گهريائين، اها رکندي
آئي. دل جي يقين ڪري، هوءَ، جوان رهندي آئي.
خالق جي قدرت ۽ حڪمت تي، اهو، گويا هڪڙو الزام آهي، ته
اسان جو مغز يا ان جون دماغي ۽ دلي طاقتون، اڌ سؤ
ورهين جي عمر ۾ گهٽجڻ لڳن ٿيون. حقيقت ڪري، انهيءَ
عمر ۾ ته ماڻهوءَ کي، پور جوانيءَ ۾ اچڻ کپي! سچي
۽ حقيقي جوانيءَ سان، ظاهري ٻڍاپي يا اڇن وارن ۽
گهنجن ۽ ٻين نشانين جو ڪهڙو واسطو آهي؟ باطني قوت
۽ دل جي طاقت هميشه وڌڻ گهرجي. رڳو وڌندڙ عقل ۽
سياڻپ ۽ طاقت مان معلوم ٿيڻ گهرجي ته ماڻهو، عمر ۾
وڌندو ۽ وڏو ٿيندو وڃي، نه گهٽندڙ عقل ۽ طاقت مان.
پڪيءَ عمر جون علامتون، زور ۽ خوبصورتي ۽ عالي
دماغي هئڻ گهرجن، نه ضعيفائي ۽ نڪمائي ۽ ڪراڙپڻ.
بدن، دل جي آرسي آهي. منهن ڏسي، دل جي خبر ڏئي ٿي سگهجي.
جي ڪو دل ۾ ڄاڻندو، ته آئون ٻڍو آهيان، ته جسم ۾
به ٻڍو ڏسبو. ۽ جي ڪو دل ۾ پڪ سمجهندو، ته آئون
جوان ۽ همت ڀريو آهيان، ته ڏسڻ ۾ به جوان ايندو ۽
روز بروز، هن جي جواني ۽ طاقت، وڌندي ۽ تازي ٿيندي
ويندي.
جي اوهين ڀانيو، ته جوانيءَ کي پاڻوٽ قابو ۽ قائم رکو،
ته جواني جي دشمنن کان پاسو ڪريو. جوانيءَ جي ڪمن
۽ خوشين کي ترڪ ڪرڻ. جيڪڏهن اوهين، جوانن وارين
راندين ۽ شغلن ۽ اميدن ۽ ارادن کي ترڪ ڪندؤ، ته
انهيءَ سان اوهين پاڻهئي، ثابت ٿا ڪريو ته ۽
قبوليدار ٿا ٿيو، ته اسين ٻڍا ٿيندا ٿا وڃون ۽
حياتيءَ جو رس، اسان جي بدن مان، سڪندو وڃي ۽ اسان
جي طاقت، گهٽجي وڃي. جوانن جي صحبت ۽ جوانن واري
مشغولي، گهڻي قدر، ماڻهوءَ کي، جوان رکيو اچي.
ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو هڪڙي پڪيءَ عمر واري ماڻهوءَ
کان پڇيائون، ته ”ڪهڙو سبب آهي، جو هيتريءَ وڏي
عمر هوندي، تون جوان پيو ڏسجين ۽ ننڍيءَ عمر وارو
پيو ڀانئجين؟“ هن چيو ته: ”آئون، ٽيهن ورهين کان
به مٿي، هڪڙي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر يا پرنسپال
هوس ۽ ڇوڪرن ۽ جوان ماڻهن سان، منهنجو واسطو رهيو
آهي ۽ هميشه، هنن جي راندين ۽ شغلن ۽ خوشين ۽
خواهشن ۽ خيالن ۾ شامل پي رهيو آهيان. انهيءَ ڪري،
منهنجي دل، جوان رهندي آئي آهي ۽ انهيءَ ۾، ٻڍاپي
جو خيال، اصل داخل نه ٿيو آهي، جنهن ڪري حياتيءَ
جي سگهه ۽ جوانيءَ جي طاقت، وڌندي ۽ ترقي ڪندي رهي
آهي.“
جو ماڻهو ڀانئي، ته آئون ٻڍو نه ٿيان، تنهنجي دل، هميشه
چالاڪ ۽ چست ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ جيڪا به شيءِ آهي،
سا ڄڻ ته اها شاهدي پئي ڏئي يا ائين پئي چوي ته
”يا وڌندا وڃو يا مري ناس ٿيو“ پنهنجيءَ دل ۾، پڪو
ٺهراءُ ڪريو ۽ پڪو ويساهه رکو، ته اسين ٻڍا نه
ٿينداسين ۽ وڌندا، زور وٺندا وينداسين. اهو اعتقاد
رکو، ته خدا تعالى، انسان کي، جو پنهنجيءَ صورت تي
خليقو آهي، ۽ انهيءَ کي، ڪامل انسان ۽ اشرف
المخلوقات جو درجو ڏنو اٿس ۽ انهيءَ کي زمين تي،
پنهنجو خليفو ڪيو اٿس، سو ڀلا ڪٿان ضعيف ۽ نستو ۽
نڪمو، بلڪ فنا ٿي سگهندو؟ جيڪا ضعيفيءَ ۽ ٻڍاپي جي
نشاني، ظاهري ڏسڻ ۾ ٿي اچي، سا رڳو غلط فهميءَ ۽
ڀليل تعليم ۽ قومي عادت ۽ موروثي خيال جو نتيجو
آهي. اوهان کي گهرجي، ته هميشه هينئن چئو ته
”اسين، چڱا ڀلا آهيون، هميشه جوان آهيون ۽ جوان
رهنداسين، سواءِ انهيءَ جي، ته خيال جي وسيلي پاڻ
۾ ٻڍاپي جي حالت پيدا ڪريون، اسين ٻڍا ٿي ڪين
سگهنداسين. خدا تعالى، اسان کي هميشه وڌڻ ۽ ترقي
ڪرڻ جي لاءِ پيدا ڪيو آهي. ۽ اهو قدرتي حق، جو
هميشه جوان رهڻ لاءِ، اسان کي مليو آهي، سو اسين،
پنهنجي هٿان، وڃائڻ نٿا گهرون.“
جيڪڏهن، ڪو اوهان کي کڻي چوي ته ”اوهان جي، عمر وڏي
ٿيندي وڃي“ يا ”اوهان ۾، ٻڍاپي جون نشانيون ظاهر
ٿيڻ لڳيون آهن“ ته اوهين انهيءَ کان، بالڪل انڪار
ڪريو چئو ته ”خدائي قانون ۽ قدرتي اصول، ٻڍي ٿيڻ
جو ناهي سچ به ڪڏهن ٻڍو ۽ ضعيف ٿيو آهي؟ آئون، هڪ
قدرتي اصول آهيان! آئون سچ آهيان! آئون حق آهيان!“
(بيت):
عرش، اعلى منجهان آيس ۽ وڃان اُت موٽي،
هت جي قبي ۽ قبر ساڻ مون کي ڪهڙو ڪم؟
ڪڏهن به ٻڍاپي جي خيال سان، هنڌ تي نه وڃي سمهو. اها
ڳالهه، بالڪل ضروري آهي، ته رات جو پاڻ کي جوان
سمجهو ۽ ٻڍاپي جون سڀ علامتون ۽ پيريءَ ۽ ضعيفيءَ
جا سڀ خيال، دل مان هڪالي ڪڍو. سڀ ڪو فڪر ۽ خفو ۽
انتظار ۽ مونجهارو، جو اوهان جي مغز تي اثر پيدا
ڪري ۽ اوهان جي منهن ۾ ظاهر ٿئي، اهو ٽاري ڇڏيو .
دل جي خفي ۽ فڪرات ڪري، حڪيمن ثابت ڪيو آهي، ته
مغز ۾ سختيءَ ۽ خشڪيءَ جو مادو پيدا ٿو ٿئي ۽ اُهي
دلي خفا ۽ فڪر، دماغ جا سيل يا حواسي مرڪز سڪايو
ڇڏين.
سمهڻ مهل، اُهي خيال دل ۾ رکو، جي تمام وڻندڙ ۽ خوش ڪندڙ
هجن ۽ جي اوهان جي خواهش هجي ته جلدي پورا ٿين.
ننڊ ۾، جيئن جيئن دل، اهڙن خيالن ۽ خواهشن ۽ اميدن
۽ مرادن تي آرو ڪندي، تيئن تيئن، اُهي وڌندا ۽
ڳوڙها ٿيندا ويندا. اها ڳالهه بالڪل مشهور آهي، ته
خراب ۽ ناپاڪ خيال ۽ خواهشون، ماڻهوءَ تي نهايت
برو اثر پيدا ٿيون ڪن. تنهن ڪري، ضروري آهي، ته
سمهڻ مهل، اوهان جا خيال صاف ۽ پاڪ، اوهان جا
ارادا اعلى ۽ اوهان جون اميدون ۽ مرادون، عمدي قسم
جون هجن ۽ اُهي، دل تي غالب هجن.
جڏهن صبح جو جاڳو، تڏهن وچوليءَ يا وڏيءَ عمر کي پهتا
هجو، ته پنهنجيءَ دل ۾، خاص طرح، جوانيءَ واريون
خاصيتون تازيون ڪريو. هر ڪو پاڻ کي ائين چوي ته
”آئون جوان آهيان، تندرست آهيان، مضبوط آهيان، چست
۽ چالاڪ آهيان، آئون خلقت ۾، حقاني نمونو آهيان.
اصل، روحاني عالم جو رهاڪو آهيان، خدائي جزو
آهيان، ڀلا حق ۽ روح ڪٿان ٻڍي ٿيڻ جي آهي؟! اهو
رڳو فاني جسم، رڳو ڪوڙو ڏيک، رڳو غلط خيال ۽
ويساهه آهي، جو ظاهريءَ ڪري ٻڍو ۽ ضعيف ٿو ٿئي.
آئون پاڻ، باطن ۾، بالڪل جوان آهيان.“
وڏي ۽ ضروري ڳالهه اها آهي ته ماڻهوءَ جي دل، پنهنجي
لاءِ، ٻڍاپي جي بدران، جوانيءَ جو نمونو، اڳيان
رکي، جيئن ڪو نقاش يا بت تراش نئين نقش يا بت ٺاهڻ
لاءِ، هڪ وڏي استاد جو نمونو، اڳيان رکي، ڪم ڪري،
ائين ڪرڻ ڪري، حياتيءَ جون حالتون، جسم ۾ به اُهو
نمونو پيدا ٿيون ڪن، جو دل جي خيالن ۽ اعتقادن ۾
موجود رهي ٿو. اسان کي، پنهنجيءَ دل مان، اهو خيال
بالڪل ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، ته جيئن جيئن، اسين وڌندا ۽
وڏا ٿيندا وڃون ۽ زياده ڪم ٿا ڪريون ۽ زياده
آزمودو حاصل ٿا ڪريون، تيئن تيئن، اسين ٻڍا ۽ نستا
۽ نڪما ٿيندا وڃون. اسان کي دل ۾، اهو ويساهه
ڄمائڻ گهرجي، ته زياده پڪي ۽ محنتي ۽ آزمودگار
ٿيڻ ڪري، اسان جي حياتيءَ جو چشمو، پاڻ زياده جوش
آڻي ٿو ۽ زور وٺي ٿو. ۽ همت ۽ جوانمردي پيدا ڪري
ٿو. اهو قدرتي قانون آهي، ته ڪم مان زور، زياده
پيدا ٿئي ٿو. تڏهن ڪم ڪرڻ ڪري، ماڻهو، ڪيئن ڪمزور
يا نستو يا ضعيف ٿيندو؟ حقيقت ڪري، قدرت، اسان کي
مدامي جواني ۽ مدامي تازگيءَ جي طاقت عطا ڪئي آهي.
اسان جي ساري جسم ۾ هڪڙو به سيل يا حواسي جزو يا
مرڪز اهڙو ڪونهي، جو ٻڍو يا جهونو ٿي سگهي. اوهان
کي خبر آهي، ته جسم جا جزا، هميشه نوان پيا ٿين ۽
جن جي عضون يا ڀاڱن ۾، گهڻو ڪم هلي ٿو، انهن جا
جزا، جلد جلد وري، نوان ۽ تازا ٿا ٿين، جنهن ڪري
چئي سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ جو سارو جسم، ڪن ورهين
کان پوءِ، اصل نئون ۽ تازو ٿئي ٿو، اڳوڻو يا پراڻو
ناهي. تڏهن ڪيئن چئبو، ته ماڻهو، جسم جي ڪري به
ٻڍو ٿو ٿئي؟ روح جي ڪري، ماڻهو، اصل ٻڍي ٿيڻ جو
ناهي. ٻڍاپو، نسورو اسان جو هٿرادو بنايل خيال يا
مصنوعي ۽ غير قدرتي وهم آهي.
حڪيمن، پوريءَ طرح ثابت ڪيو آهي، ته رواجي محنتيءَ
ماڻهوءَ جي جسم جا سيل يا جزا في سيڪڙي اسي يا
نوي، ڇهن مهينن کان وٺي، چوويهن مهينن يا ٻن ورهين
جي اندر بدلجي، نوان ٿا ٿين. اهو به ثابت ڪيو اٿن،
ته ناموافق خيال ۽ فڪر ۽ ويساهه، جسماني جزن ۾،
ڪيميائي ڦير گهير پيدا ڪن ٿا، جنهن ڪري ڌاريون
مادو، انهن ۾ اچيو پوي ۽ انهن کي نقصان رسائي ٿو.
هاڻي، تڏهن ماڻهوءَ جي جسم ۾، جي ٻن ٻن سالن ۾، نوان
نوان جزا جڙن ٿا، تن تي خيال جي وسيلي، عمر جو
اثر وهارجي ٿو جي خيال ۾، جوانيءَ جو اثر غالب
آهي، ته اُهي نوان ٺهيل جزا به جوان ۽ تازا ٿا
رهن، پر جي وري دل ۾، ٻڍاپي جا خيال ۽ وهم جاءِ
وٺن ٿا، ته انهن نون جزن تي به، اهو اثر ويهي ٿو.
انهيءَ طرح ڪروڙين ننڍڙا سيل يا جزا، جي انسان جو
جسم ٺاهين ٿا، سي انهيءَ رستي، اثر پذير ٿين ٿا، ۽
ماڻهوءَ کي، سندس خيال ۽ ويساهه موجب، جوان يا ٻڍو
ڪن ٿا، نون جزن ۾، پراڻا خيال وجهڻ، اهڙو آهي،
جهڙو پراڻين ٻاٽلين، ۾ نئون شراب وجهڻ. اُهي،
موافق نه ٿيندا. طبيعت جي ڪري، هو، پاڻ ۾ دشمن
آهن. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿئي ٿو، ته ٻن ورهين جا
جڙيل نوان ۽ تازا جزا، ماڻهوءَ جي خيال موجب،
پنجاهه يا سٺ يا ستر ورهين جا ٿيو پون ۽ ماڻهو،
ٻڍا ۽ ضعيف ۽ نستا ڏسڻ ۾ ٿا اچن.
انهيءَ مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته ناموافق مادو، جسماني بناوت
۾ حرڪت ۽ روڪ پيدا ڪري ٿو، تنهن ڪري ضرورآهي ته،
اهڙيون خيالي عادتون رکجن، جي انهيءَ قدرتي قانون
سان موافق رهن ۽ هميشه تازي ۽ جوان رکندڙ خدائي
قاعدي سان، ساز وار هجن. خفو، ڪاوڙ، خود پسندي،
خود غرضي، وير، دشمني، خوف، بد اخلاقي، بد عادتون.
اهي سڀ، جوانيءَ جا دشمن آهن. اهي سڀ، ٻڍاپي جي
صورت پيدا ڪن ٿا. نا اميدي، وهم، وسوسا، خشڪ
دماغي، اهي ماڻهوءَ جي دل کي، ملول ۽ ڪارو ۽ مريض
ڪيو ڇڏين. ترقيءَ جي بدران، تنزل آڻين ٿا. ماڻهو،
اڳتي واڌارو يا سڌارو ته نٿو ڪري، اٽلندو پٺ تي
هٽندو ۽ پوءِ تي رهندو وڃي. اهڙي ماڻهوءَ تي،
ٻڍاپو، روز بروز، غالب ۽ قابض پوندو وڃي، ۽ خوش
طبعي، ڪشاده پيشاني، اميد واري ۽ همت ڪري، جواني
قائم رهندي اچي، بلڪ روز بروز، زور وٺندي ۽ تازي
ٿيندي وڃي. دل جي انهن چڱين يا بڇڙين حالتن جو،
تندرستيءَ ۽ روحاني توڙي جسماني قوتن تي، نهايت
گهڻو اثر ٿئي ٿو.
پيريءَ جو خوف ۽ موت جو ڊپ، گهڻن ماڻهن کي، ڏاڍو بي آرام
ٿو ڪري ۽ هنن جو عيش، کٽو ڪيو ڇڏي. هنن جي حياتي،
عذاب سان ٿي گذري. گهڻن دولتمند ماڻهن کي، اڪثر
اهو خوف ٿو رهي، ته اسين جلد مري وينداسين ۽ هيءَ
سڀ دولت، ٻين وٽ ڇڏي هليا وينداسين! اهڙن خيالن
ڪري، هو، حياتيءَ مان، ڪا به لذت حاصل نٿا ڪن.
اهڙن ناموافق خيالن ڪري، ماڻهوءَ جي حياتي، گهٽجڻ
لڳي ٿي، نوان خيال نئين حياتي پيدا ڪن ٿا ۽ پراڻا
خيال، واڌاري کي روڪين ٿا ۽ جيڪا شيءِ، واڌاري کي
روڪي ٿي، سا ٻڍاپي کي، آڻڻ ۾، مدد ڪري ٿي. جيڪو به
خيال، دل ۾ غالب ٿئي ٿو، اُهو، حياتيءَ جي خيالي
نموني کي، گهڙي ٿو ۽ ڦيرائي گهيرائي ٿو. پوءِ، جي
هميشه جي جوانيءَ وارو خيال، دل ۾ غالب ٿئي ٿو، ته
ٻڍاپي جو اثر، گم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ جوانيءَ جو اثر، دل
۾ توڙي جسم ۾، زياده ٿيڻ لڳي ٿو. مطلب ته دل جو
اثر، جسم تي حد کان زياده آهي.
جسم جي سڀ ڪنهن جزي يا حواسي مرڪز ۾، تندرستيءَ جي طاقت،
لڪل رهي ٿي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جو خيال، چڱو ۽ سالم
آهي، ته اُها باطني طاقت، انهيءَ جزي کي، سالم ۽
زور وارو رکيو اچي، جنهن ڪري ٻڍاپي ۽ ضعيفائيءَ جو
اثر، گهڻو گهٽجي وڃي ٿو. انهيءَ مخفي طاقت کي، زور
وٺائڻ جو هڪڙو چڱو اپاءُ آهي، خوش ۽ اميد وارو ۽
وڏيءَ دل وارو رهڻ.
جيسين، دل جو منهن، حياتيءَ جي سج ڏانهن آهي، تيسين،
انهيءَ جي اڳيان، ڪو به پاڇو ڏسڻ ۾ نه ايندو. تنهن
ڪري اوهين، هميشه، مدامي جوانيءَ جو خيالي نمونو،
مشعل يا سج وانگي پنهنجي اڳيان جهليو اچو. هميشه،
ائين ڄاڻو، ته اوهان جو جسم، ٻن ورهين جو تازو
جڙيل آهي، جهونو ۽ ڪراڙو ۽ ضعيف ناهي. تنهنڪري
ضرور، اهو جوان ۽ سگهو آهي ۽ هميشه، جوان ۽ تازو
ڏسڻ ۾ اچڻ کپي، ڇالاءِ، ٻن ورهين جي جزن واري جسم
کي، سٺ ستر ورهين وارو ٿا ڪريو؟ هو، پاڻهئي، ائين
ڪين ٿو ڏسجي، اوهين زور ڪري، انهيءَ کي اهڙو ٻڍو
ٿا ڪري ڏيکاريو. جي جسم، حقيقت ڪري، جوان آهي، ته
ڏسجڻ به جوان گهرجي! ٻڍو، رڳو اسين پنهنجن اڳوڻن
وهمي، موروثي، عادتي خيالن ڪري ٿا ڪريونس. پاڻ ۾،
جوانيءَ جي خيالن جي عادت وجهڻ به، اهڙي آسان
ڳالهه آهي، جهڙي ٻڍاپي جي خيالن جي. پوءِ، ڇو نه
ائين ڪجي؟ جي ڀانيو، ته هميشه جوان رهو، ته پهرين،
پنهنجي خيال ۾ جوان ٿيو، پوءِ پنهنجي ڪم ڪار ۾.
اهو اعتقاد قائم رکو، ته اوهان جي جسم جو هر هڪ جزو،
تندرست ۽ تازو ۽ جوان آهي ۽ اهو، نه ڪڏهن بيمار ٿو
ٿئي، ۽ نه اصل مري چٽ ٿو ٿئي، سدائين، وقت بوقت،
تازه بتازه، نوبنو ٿيندو هليو اچي. اسان ۾، هڪڙي،
اهڙي قدرتي شيءِ آهي، جا اسان کي، حق سان وڃي ڳندي
ٿي. انهيءَ حقيقت منجهه، پوري ويساهه رکڻ ۾، هڪڙو
عجيب ڪيميا يا اڪسير جهڙو اثر رهي ٿو! انهيءَ اثر
ڪري، ڪي ماڻهو، اهڙا آهن، جو ڪهڙي به سخت پورهئي
ڪرڻ ڪري، اصل ٿڪبائي ڪين، آهي ڇالاءِ جو، هنن جي
دل، تازي ۽ اڻ ٿڪل رهي ٿي. اُهي، انهيءَ تجويز
سان، پاڻ کي، هميشه تازو ۽ جوان رکيو اچن. دل،
جيڪڏهن جوان ٿي ته پوءِ ماڻهو، ڏسڻ ۾ ٻڍو، ڪڏهن
ڪين ايندو. ۽ تيسين ماڻهو جوان نه ڏسبو، جيسين هو
پاڻ کي جوان نه ڄاڻندو يا وسهندو. ٻڍاپي جو خيال،
گويا، هڪڙي رنبي يا ڇيڻي آهي، جنهن سان ماڻهو،
پنهنجي منهن ۾، گهنج اڪيري ٿا وجهن. تازن ٿورن
مهينن جي جڙيلن جسماني جزن ۾، هو، ٻڍاپي جو خيال،
زور ڪيو کنيو ٿڦين، جنهن ڪري سگهوئي، پنجاهه يا سٺ
يا ستر ورهين جا ٿيو پون ۽ ڏسڻ ۾ به اهڙا پيا اچن.
ڪڏهن به ائين نه ڄاڻو، ته اسين، ٻڍا ٿا ٿيون. ڄاڻو
ته هر گهڙيءَ، اسين تازا پيا ٿيون. سڄو يا ڪل، جزن
مان ٿو ٺهي. جڏهن جزا، هر گهڙيءَ، تازا ۽ نوان پيا
ٿين، تڏهن سڄو يا ڪل به، هر گهڙيءَ تازو هئڻ
گهرجي. رڳو دل ۾، ائين نه ڄاڻو، پر وات سان به
ائين چؤ ۽ هلو به ائين ۽ ڪري به ائين ڏيکاريو!
مطلب ته خيال ۾، توڙي قول ۾، توڙي فعل ۾، جوان
ٿيو. ٻڍاپي جي خيال کي، اصل دل ۾، ڪا به جاءِ ڪا
نه ڏيو. حياتيءَ جي عرصي ۾، جوانيءَ جي خيالن جي
عادت، تازي ۽ زور ڀريءَ هئڻ ڪري، ٻڍاپي جي خيالن
جي جهوني عادت کي، پاڻهي هڪالي ڪڍندي.
جوانيءَ جي خيال جو، وڏو اثر آهي. هميشه، قوت تازي ٿي
رهي، هميشه، دل خوش ٿي رهي، هميشه طبع عالي ٿي
رهي. دل جي همت مان، بدن جي قوت پيدا ٿي ٿئي.
شجاعت، دل ۾ ٿي ٿئي ۽ نه بدن ۾. وڏيءَ دل وارو
ماڻهو، عمر يا قد جو، ننڍو به ٿي سگهي ٿو. حياتيءَ
جو سارو مدار، دل تي آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي، ته
”بزرگي به عقل است نه به سال ۽ تونگري به دل است
نه به مال“ ته پوءِ، اهو به بيشڪ سچ ڄاڻو، ته
”جواني به دل آست به نه سال ۽ پيري به دل است نه
به حال!“
جوانيءَ جي اڪسير، جو قديم وقت کان ڪيمياگر، دوائن ۽ وڻن
ٻوٽن ۾ ڳوليندا ٿا اچن، سو اسان، خود پاڻ ۾ لڌو
آهي، جهڙيءَ طرح ڪه ماڻهن، خدا کي جدا جدا جاين
تي پي ڳوليو آهي ۽ صوفين، خود پاڻ ۾ لڌو آهي. اهو
ڳجهه، خود اسان جي اندر ۾ موجود آهي! خيال پورو
رکو، ته مدامي جواني، اوهان جي آهي، بلڪ مدامي
حياتي اوهان جي آهي ۽ اوهين، شڪ کان سواءِ، زندهه
جاويد آهيو! اسين ٻڍا تڏهن ٿا ٿيون، جڏهن پاڻ کي،
ٻڍا ٿا ڄاڻون، ۽ مرون تڏهن ٿا، جڏهن پاڻ کي، فاني
ٿا سمجهون.
(رباعي):
جي خيال پچائين گل جو نت گل ٿين تون،
بلبل جو پچائين جي ته بلبل ٿين تون،
حق ڪل تون جزو آهين، جي تون ٿورا ڏينهن،
ڪل جو ڪرين فڪر دل ۾ تا ڪل ٿين تون.
ٻڍاپي جو علاج، محبت ۽ شوق کان سواءِ، ٻيو ڪونهي. ڪم
جي محبت، پنهنجن همجنسن جي محبت، سڀ شيءِ جي محبت
۽ ذوق - اها اهڙي طاقت آهي، جا جهوني کي تازو ڪري
ٿي، بيمار کي چڱو ڀلو ڪري ٿي، ٻڍي کي جوان ڪري ٿي،
۽ مئي کي جياري ٿي. محبت ۽ شوق ڪري، عمدا ۽ عالي
خيال، دل ۽ دماغ ۾، پيدا ٿين ٿا ۽ نهايت عمدا
اخلاق ۽ جذبا، ماڻهوءَ ۾ جاڳن ٿا. جيڪا شيءِ يا
جيڪو ماڻهو ڏسو، تنهن جي ظاهر کي نه ڏسو، پر
تنهنجي باطن يا روح کي ڏسو! جي ماڻهو ڏسو، ته
ڄاڻو، ته هيءُ، اهو ڪامل انسان ۽ اشرف المخلوقات
آهي، جو خدا تعالى، پنهنجي نموني تي جوڙيو آهي. هن
جي، ظاهري عيبن ۽ ضعفن ڏي نه ڏسو. مطلب ته، جيڪو
اصلي اعلى عمدو نمونو آهي، اُهو هميشه، پنهنجي نظر
۾ رکو، پوءِ ڪهڙو به ماڻهو هجي ۽ ڪهڙي به شيءِ
هجي! اهڙي عادت پوڻ ڪري، اوهين، سڀ ڪنهن پاڻ جهڙي
ٻئي انسان کي پيار ڪندؤ، انهيءَ کي تعظيم ڏيندؤ،
انهيءَ کي مدد ڪندؤ، انهيءَ کي چڱو ڄاڻندؤ. انهيءَ
جو نتيجو اهو ٿيندو ته، اوهين، پهرين پاڻ خوش
رهندؤ ۽ پوءِ، جهان کي خوش رکيو ايندؤ. ”جيءَ خوش
ته جهان خوش“ جو پهاڪو، تڏهن ئي پورو بيهندو، صلح،
انصاف، آرام، رحم - مطلب ته سڀ چڱا اخلاق، انهيءَ
عادت جا نتيجا آهن. انهيءَ جي مخالف عادت جا
نتيجا، وري انهيءَ جي برخلاف آهن.
جي ماڻهو، تمام ڪمائتا ۽ محنتي آهن، سي هميشه، همت ۽ قوت
وارا ٿيندا وڃن ۽ ڏسڻ ۾ به هميشه، جوان پيا اچن.
عقل ۽ زور جي زيادتي، هن دنيا ۾، زياده عرصي تائين
رهڻ جي نشاني آهي. پنجاهه يا سٺ يا ستر ورهين جي
ڄمار ۾، اسان کي اڳي کان گهڻو بهتر ڪم ڪرڻ گهرجي،
ڇالاءِ جو اسان جي دل ۽ اسان جو دماغ، چست ۽ تازو
۽ جوان آهي، پر اُها چستي ۽ تازگي ۽ جواني، اسان
جي پنهنجي وس آهي، نه ته انهيءَ جي برعڪس حالت
ٿيندي.
خدا تعالى، انسان ۾، هميشه جوان رهڻ ۽ گهڻن ورهين تائين
جيئري رهڻ جو شوق، ذاتي رکي ڇڏيو آهي. جي اها
ڳالهه، اصل ممڪن نه هجي ها، ته ماڻهوءَ جي طبيعت
۾ اهڙو شوق ۽ اهڙي دلي خواهش ئي نه پيدا ٿئي ها!
جيڪي ارادا ۽ اميدون آسرا، ماڻهو ٿو ڪري، سي
انهيءَ ٿوري عمر جي عرصي ۾، پوري ٿيڻ جا ناهن.
انهن لاءِ، زياده حياتي ۽ زياده طاقت جي گهرج آهي.
انهيءَ مان ئي ثابت آهي ته انسان اشرف المخلوقات
ٿي، حيوانات کان به، انهن ڳالهين ۾، گهٽ درجي ۾
رهڻ جي لاءِ، نڪي رٿيو ويو هو، نڪي پيدا ڪيو ويو
هو! خدا تعالى، جيڪي پيدا ڪيو آهي، سو سڀ واڌاري ۽
بهتريءَ ۽ ترقي لاءِ، نه پٺ تي موٽڻ يا گهٽجڻ يا
تنزل لاءِ. اهو، اصل قدرتي قانون آهي. دنيا ۾،
جيڪا به شيءِ آهي، سا اڳتي هلڻ ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ
آهي. تڏهن ڀلان ڪهڙي طرح، انسان کي، پنهنجي نموني
تي جوڙيندو؟ ڇا، انهيءَ لاءِ، ته ڪن ٿورن ورهين جي
چالاڪيءَ ۽ واڌاري کان پوءِ، ٻڍو ۽ ضعيف ٿي، مري
وڃي؟! اهڙي ڳالهه، ته قادر جي قادرت تي، گويا،
هڪڙو داغ آهي! ڪڏهن، خدائي به پٺ تي موٽي آهي ۽
ٻڍي ۽ ضعيف ۽ نستي ٿي آهي؟ انسان ذات جا، جيڪي
ماڻهو، آئندي پيدا ٿيندا ويندا، سي جلد ٻڍي نه
ٿيندي ۽ زياده جوان رهندا. انهن جا خيال، ڪماليت
کي پهچندا، تنهن ڪري اهي، زياده ڪامل انسان ۽
خدائي نموني کي، ويجها ٿيندا ويندا. هو، حقيقت
ڄاڻندا ۽ تنهنڪري، زياده آزاد ۽ زياده بقاءَ ۽
طاقت وارا رهندا. اهو ڏينهن جلد ايندو، جڏهن
ماڻهو، ٻڍاپي جو منڪر ٿيندا ۽ انهيءَ کي ڪوڙ ۽
غلط سمجهندا. جيڪو گل ڪومائجي، تنهن کي سچو گل نه
چئبو. سچو گل اهو آهي، جو نموني وانگي، خيال ۾
قائم رهي ٿو، يعني جو سدائين، تازه بتازه ۽ نوبنو
آهي، تهڙي طرح سچو انسان به اهو ئي آهي، جو حق جي
نموني تي آهي ۽ سدائين، جوان ۽ همت وارو رهي ٿو ۽
صدين جي گذرڻ کان پوءِ به کڙو تڙو ۽ قائم دائم رهي
ٿو.هڪڙي شاعر جو بيت آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو هي
آهي:
(بيت)
باوجوديڪ نه آدم کي مليا بال ۽ پر،
وڃي پهتو اُتي، جت هو نه ملڪ کي مقدور!
هيٺيون ٻه رباعيون به، انهيءَ مضمون تي آهن:
(رباعي:1)
جڳ ۾ آهي مخفي گنج، انسان جي ذات،
۽ ملڪ بقا جي، حق ڏني، اُن کي ڏات.
پاڻيءَ ۽ مٽيءَ جي ڪڏهن ڇڏيسين ظلمات،
تڏهن خضر اسين، ۽ پڻ اسين آب حيات
(رباعي: 2)
نسخو ۽ نمونو تون الـــٰهي آهين،
آئينو تون، لاءِ حسن شاهي آهين.
ٻاهر ناهي تو کان، جيڪي عالم ۾ آهه،
جيڪي تون گهرين، تنهنجو تون واهي آهين!
[12]
سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ سڌارو ۽ انهيءَ جو، ٻين ملڪن جي
شعر جي حالت سان مقابلو*
(نومبر 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ حيدرآباد جي
سهاري هيٺ نڪرندڙ ماهوار سنڌي رسالي ۾، مرزا صاحب
مرحوم جن جي هيٺين صدارتي تقرير، مٿئين عنوان سان،
هڪ ڪتابچو (بنام ”سنڌي شعر“) جي صورت ۾، شايع ٿيل
آهي، جا تقرير، مرزا صاحب مرحوم جن ”سنڌي ساهت
سوسائٽي“ حيدرآباد جي پهرئين افتتاحي جلسه ۾ ڪئي
هئي.
انهيءَ ڪتابچه ”سنڌي شعر“ جو مهاڳ، جو سنڌي ساهت سوسائٽي
جي طرفان نڪرندڙ ماهوار رسالي جي ايڊيٽر لکيو هو،
سو لفظ بلفظ، هيٺ پيش ڪجي ٿو:
مهاڳ
مرزا قليچ بيگ صاحب، انهن ٿورن بزرگن مان آهي، جن سنڌيءَ
جي خدمت، ڀلي ڀت ڪئي آهي، هن صاحب، پنهنجي عمر هن
ڪم ۾ صرف ڪئي آهي، تنهن لاءِ ننڌي وڌي تي، اهو فرض
آهي، ته مالڪ کان مهر مڱي، ته مرزا صاحب کي، وڏي
حياتي بخشي. سنڌيءَ جو ٻج، اڃا مس وڃي پوءِ لڳو
آهي، تنهن ڪري باغائي، بالڪل ڪارگر ۽ اورچ کپن،
اها اورچائي ته ڪو مرزا صاحب کان سکي! شهر جي گهٽ
ٻوساٽ کان پري، ٺوڙهي جي ٽنڊي جي هڪ ڪنڊ ۾، منهن
مڙهي پايو ويٺو آهي، جتي ڳوٺاڻن هيرن ۽ شعراڻي شوق
جي نرمل نهرن ۾، پيو نت رکي. اسان سان، مرزا صاحب،
خاص ڀال ڀلايا آهن، جنهن لاءِ اسين، سندس ٿورائتا
آهيون، هڪڙي ئي ”موتين جي دٻلي“ اهڙي ڏنائين، جنهن
جو هڪ هڪ موتي، املهه آهي. اها ”موتين جي دٻلي“
سنڌيءَ جي خاص ۽ چيدن ڪتابن ۾، پنهنجي جاءِ جلد
وٺندي.
هي سندس تقرير، جا هينئر اسين ڇپايون ٿا، مرزا صاحب،
اسان جي پهرئين سالياني جلسي لاءِ تيار ڪئي هئي،
پر پهرئين ڏينهن، مجلس ۾ ماڻهن جا هئا انبوه، ۽
مرزا صاحب جو آواز به آهي ذرا نفيس، تنهنڪري،
حاضرين، چٽو نه ٻڌي سگهن ها ۽ مزو نه وٺي سگهن ها،
تنهنڪري، رسالي ۾ ڪري ڇپايو اٿئونس ته خوب اسان جا
پڙهندڙ لاڀ وٺن. هيءُ ڪتاب، نهايت لياقت ۽ قابليت
جو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾، هن جي ضرور گهرج هئي.
ايڊيٽر ماهوار رسالو
|