بسم الله الرحمن الرحيم
پيش لفظ
زير نظر ڪتاب ”تقريرون ۽ تحريرون“ (ڀاڱو پهريون)
حضرت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ مرحوم و مغفور جن جي اڪثر انهن چيده چيده صدارتي خطبن ۽ فرمائشي تحريرن
تي مشتمل آهي جي وقت بوقت، پنهنجي حياتيءَ ۾، پاڻ
مرحوم جن، مختلف جلسن، جلوسن، ڪانفرنسن، مجلسن ۽
ٻين اهڙن علمي ۽ ادبي اجتماعن، ديني ۽ مذهبي،
پنگتي ۽ ثقافتي يا مختلف مذاهب جي ميڙن ۽ محفلن کي
خطاب ڪرڻ لاءِ، يا مختلف سنڌي اخبارن، رسالن يا
ادارن جي فرمائش مطابق، تحرير فرمايون هيون. سندن
اهڙين سنڌي تقريرن ۽ تحريرن جو اندازو تقريبن
پنجاهه- پنجونجاهه ٿيندو، جي متنوع ۽ گوناگون
مضامين ۽ عنوانن تي مشتمل آهن. ٻين ٻولين، جهڙوڪ
انگريزي، اردو ۽ فارسيءَ ۾، سندن اهڙيون لکيل
تقريرون ۽ تحريرون انهن جي علاوه آهن.
ڪتاب جي هن پهرئين ڀاڱي ۾، سندن اهڙيون ڪل تيرهن
چونڊ تقريرون ۽ تحريرون، مختلف مضمومنن ۽ عنوانن
تي، شامل ٿي سگهيون آهن. بقايا مواد انشاءَ الله
تعالى ڪتاب جي ٻئي ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ پڙهندڙن جي آڏو
پيش ڪيو ويندو.
معلوم رهي ته هن ڪتاب جو اصل محرڪ سنڌي ادبي بورڊ
جو سابق سيڪريٽري محترم محمد ابراهيم جويو صاحب ئي
آهي، جنهن جي تحرڪ ۽ مشوري سان ئي، هن ڪتاب جي
ترتيب ۽ تدوين جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو هو، جنهن مطابق
مرزا صاحب مرحوم جن جي تقريرن ۽ تحريرن سان گڏ،
سندن مختلف سنڌي مڪتوبات جي پاڻ سنڌ جي نامور
اديبن، عالمن، شاعرن وغيره ڏانهن لکيا هئائون ، ۽
جوابا جيڪي خط سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن، مرزا
صاحب مرحوم جن ڏانهن لکيا هئا، هڪ خلاصي جدا باب ۾
ترتيب ڏيڻا آهن. سچ پچ ته اهي تقريرون ۽ تحريرون،
مڪتوبات ۽ انهن جا جواب باصواب سنڌ جي علمي ۽
ادبي، تاريخي ۽ جغرافيائي، تهذيبي ۽ تمدني،
معاشرتي ۽ ثقافتي حالات ۽ مذهبي توڙي ملي روحاني
توڙي مادي نظريات ۽ اقدار تي وڏي روشني وجهن ٿا.
جيڪڏهن انهن سنڌي ادبي شهپارن کي، هڪ هنڌ جمع ڪري،
شايع نه ڪرايو ويو ته يقينن، ڪجهه عرصي گذرڻ بعد،
سنڌ جو اهو علمي ۽ ادبي گنجينو، عدم جي اوڙاهه ۾،
ائين تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، جيئن سنڌ جو قديم
علمي ۽ ادبي خزانو، تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.
جنهن لاءِ هن وقت، اسان مَک وانگي، منهن ۽ مٿو پيا
پٽيون. سنڌي ادبي بورڊ، انهيءَ ڏس ۾، پنهنجي وسعت
۽ حال آهر، اگرچه گهڻو ئي ڪجهه پاڻ پتوڙيو آهي ۽
سنڌ جي قديمي ناياب ۽ نادر ڪتابن جا متعدد نسخا هٿ
ڪري ۽ نهايت اعلى پيماني تي شايع ڪرائي، پنهنجو
پاڻ موکيو آهي، تاهم هڪ قطري جي، هڪ قلزم، بيڪنار
يا بحر، زخار سان ڪهڙي نسبت؟ هتي ته ڪئين علمي ۽
ادبي ادارا گهرجن، جن ۾ سنڌي زبان جا گهڻگهرا ۽ بي
لوث خدمتگار، مخلص ۽ محنتي اديب ۽ عالم، محقق ۽
ٻوليءَ جا ماهر، ڏينهن ۽ رات هڪٻئي ۾ مٿاميڙ ڪري
ويهن ۽ ڪلن پرزن وانگر ڪم ڪندي نه ٿڪجن، تڏهن مس
وڃي ڪو اصل مقصد سِڌ ٿئي!
اهو ڪو شاعراڻو تخيل يا ڪنهن سڃي ڀينگيي جي هوائي
تمنا ڪانهي، رڳو سنڌي زبان جي ماضي قريب واري دور
کي ئي کڻي جاچيو ته معلوم ٿيندو ته جڏهن کان
انگريزي راڄ جي شروع ۾، يعني سنه 1853ع ڌاري، سنڌي
زبان جي الف- ب جڙي راس ٿي تڏهن کان سنڌ جي برک
هندو توڙي مسلمان اديبن ۽ عالمن، اڻورچ ٿي، سنڌي
علم ادب جي هر شعبي تي، قلم فرسائي ڪئي ۽ ڏسندي ئي
ڏسـنـدي، هـڪ صـديءَ انـدر سنـڌي ادب جـي ڪايا ئي
پلٽي ڇڏي! انهن مخلص ۽ بي لوث، محنتي ۽ جفاڪش سنڌي
اديبن ۽ عالمن مان هر هڪ پنهنجي مٿي ۽ اڪيلي سر،
گويا هڪ مڪمل ادبي ادارو هو. جزاڪ الله في الدارين
خيرا!
اهو سنڌي علم ادب، سنڌي زبان ۽ سنڌ جي باشندن جي
بي لوث خدمت جو جذبو، بلڪ جنون ئي هو جنهن جي تحت
سنڌ جي فقط هڪ ئي اولوالعزم ۽ بزرگ عالم ۽ اديب،
حضرت مرحوم مرزا صاحب جن، مختلف علمن ۽ مختلف
موضوعن تي قريبا چار سؤ عمدا ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيا.
جهڙيءَ ريت نئين تعمير وقت پهرين ناهموار ۽ کڏن
کوٻن واري زمين کي، ڀنجو وجهي هموار ڪبو آهي ۽
پوءِ عمارتي سامان- سرون، گارو، چن، لوهه، ڪاٺ،
وغيره- مهيا ڪري عمارت جي پيڙهه ٻڌبي آهي تهڙيءَ
ريت مرزا صاحب جن ۽ سندن لائق ۽ فائق همعصر رفيقن
(سنڌ جي اديبن ۽ عالمن)، سنڌي علم ادب جي نئين
تعمير ٿيندڙ محل ۽ قلعي لاءِ گهربل ساز ۽ سامان،
ڪي پنهنجو ته ڪي پرائو، ڪي مينهاڻو ته ڪي ريجاڻو،
ڪي مغرب مان ته ڪي مشرق مان، جهٽ هڻي آڻي هڪ هنڌ
مهيا ۽ موجود ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب جي بي
پناهه کوٽ جو آڙهه ڀري، ادبي زمين هموار ڪري پيڙهه
ٻڌي، اوساري مٿي کڻڻ شروع ڪري ڏني. هاڻي اهو اسان
پوين جو ئي ڪم هو ته پاڻ ۾ گڏجي، صدق ۽ اخلاص،
اُدم ۽ اورچائيءَ، جوش ۽ جذبي سان، پنهنجن وڏڙن جي
آڌ ۾ ڇڏيل اوساريءَ کي، اچي مچي ڪري اڳتي وڌايون
ها ! ليڪن اي بسا آرزو که خاک شده! افسوس جو اها
اميد ۽ آرزو پوري ٿي نه سگهي! موجوده وقت ۾ اسان
کي ته اهي سڀ سهولتون حاصل آهن، جي ان زماني ۾،
اسان جن وڏن کي حاصل نه هيون. اسان، بزعِم خود
پاڻ کي علمي، ادبي دماغي، مالي وغيره نقطه نگاهه
کان، پنهنجن وڏن جي بنسبت بدرجها، خوشحال ۽ ممتاز
سمجهون ٿا. اسان جي ملڪي يونيورسٽين مان هر سال
هزارين نوجوان، بي. اي، ايم. اي، ڊاڪٽريٽ وغيره
جون عاليشان ڊگريون حاصل ڪن ٿا. حالانڪ اسان جن
بزرگن مان ڪن ڳاڻ ڳڻين کي، ايڏيون وڏيون تعليمي
ڊگريون حاصل هيون پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي، جو اهي
اڻ هوند ۾ سڀڪجهه ڪري سگهيا ۽ انهن جي برعڪس
سڀڪجهه هوندي به اسان ڪجهه ڪري نه سگهيا آهيون؟
هنن بزرگن، هيڏيون وڏيون علمي ۽ ادبي خدمتون بجا
آنديون، جن لاءِ ڪڏهن به قوم کان ڪو صلو يا ٻلو
طلب نه ڪيائون ۽ نه ان جي ڪڏهن تمنا ئي رکيائون،
انهن جي برعڪس اسان هڪ بي ترڪيب ۽ اڻ گهڙيل جملو
ٿا لکون ته ان لاءِ به پهرين معاوضو ٿا طلب
ڪريون! معاوضي يا خودغرضيءَ واري محنت، ڀلا قومي
عشق ۽ اُمنگ، دلي جوش ۽ جذبي سان ڪيل بي لوث خدمت
جو مٽ ڪيئن ٿي سگهندي؟ موجوده وقت ۾ اسان کي،
پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي، هن سوال تي امعان نظر
سان غور ڪرڻ گهرجي ته اسان کي، پنهنجن بزرگن وٽان
ڪهڙو ادبي ورثو حاصل ٿيو ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان،
پنهجن پونيرن لاءِ، ڪهڙو ادبي سرمايو ڇڏي
وينداسين؟ آمدم برسر مطلب - هاڻي هن زير نظر ڪتاب
بنسبت ڪجهه عرض ڪندس.
مرحوم مرزا صاحب جن جي هنن تقريرن ۽ تحريرن جي
نمايان خصوصيت اها آهي ته انهن مان، سنڌ جي هڪ
عظيم شخصيت جو علمي توڙي ادبي، ديني توڙي ملي،
اخلاقي توڙي روحاني رجحان ۽ ڪردار جهلڪي رهيو آهي.
سنڌ جي هڪ اهڙي علمي ۽ ادبي شخصيت، جنهن سنڌ جي
علمي، ادبي، لساني، تاريخي، تهذيبي، تمدني،
ثقافتي، اخلاقي، ديني، ملي، مذهبي، اخلاقي، روحاني
وغيره اقدار ۽ رجحانات جو جائزو، امعان نظر سان
ورتو. ان جي ماضيءَ کي سمجهيو، حال کي اکين سان
ڏٺو ۽ مستقبل تي خوب غور ۽ خوض ڪيو.
هي تقريرون ۽ تحريرون، معنوي توڙي صوري، ٻنهي
صورتن کان بي انداز خصوصيتن جون حامل آهن. انهن جي
اهم ترين خصوصيت اها آهي ته اهي اسان جي تهذيبي،
ثقافتي، علمي، ادبي، مذهبي، ملي، اخلاقي ۽ روحاني
اقدار جون آئينه دار آهن.
وري اسلوب ۽ انداز نگارش جي نقطه نگاهه کان به هي
تقريرون ۽ تحريرون، وڏي اهميت رکن ٿيون. سنڌي نثر
جي اساليب ۾ حضرت مرزا صاحب مرحوم جن جو هڪ مخصوص
مرتبو ۽ مقام آهي. سندن تحريرن جي نمايان ترين
وصف سادگي ۽ سلاست آهي. پر انهيءَ سادگي ۽ سلاست ۾
به غضب جي پـُـرڪاري آهي! منجهس عبارت آرائيءَ جي
ڪوشش ورتل ڪانهي، پر هڪ تسلسل، تواتر ۽ رواني آهي
جا سندن افڪار ۽ خيالات جي تسلسل، تواتر ۽ روانيءَ
جي نتيجي جي پيداوار آهي. سندن لکڻيءَ ۾ بيساختگي
۽ برجستگي آهي، جا نظريات جي بيباڪي جي پيدا ڪيل
آهي. منجهن مشڪل پسندي بنهه ڪانهي، ان جي برعڪس
سلاست آهي، جا سندن معنوي آسان پسنديءَ مرهون منت
آهي، سندن لکڻيءَ ۾ زور آهي، جو سندن خيال جي
قطعيت سبب پيدا ٿيو آهي. سندن طرزِ تحرير ۾ جوش
آهي، جو سندن جذبات جي فراوانيءَ ۽ احساسات جي شدت
جو بنيادي نتيجو آهي. سندن لکڻيءَ ۾ ولوله انگريزي
آهي. جا سندن نظرياتي خلوص ۽ صداقت جي نتيجي ۾
پنهنجو پاڻ نمايان ٿي بيٺي آهي.
مرزا صاحب مرحوم جن جي طرزِ تحرير کي هڪ انهيءَ
ماٺي سمنڊ سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي جو دائما روان
دوان ته آهي پر منجهس لهرن يا موجن جي جزر ومد جو
خطرو ڪونهي. اهو سمنڊ، جنهن ۾ سطحي يڪجهتي ۽ لس ته
آهي، پر ڇولين جي ليٽ- پيٽ، لاهه- چاڙهه ۽ موجن جو
گوڙ شور ۽ مانڌاڻ هرگز ڪونهي. سندن طرزِ تحرير ۾
هر هنڌ يڪجهتي ۽ سطحيت، لس ۽ رواني نظر ايندي.
مضمون علمي هجي يا ادبي، ديني هجي يا مذهبي،
اخلاقي هجي يا روحاني، تصوف تي هجي يا فلسفي تي،
سائنس تي هجي يا تاريخ جغرافيه يا ٻين مختلف علومن
تي، سندن تحرير جو طرز، اهوئي ساڳيو نظر ايندو.
يعني اها ئي آسان پسندي، اها ئي سلاست، اها ئي
رواني، اها ئي لس! سائنس، روحانيت، اخلاقيات،
تفلسف، ۽ تصوف جهڙن ادق ۽ خشڪ ترين مضامين ۽ ادب
جي ٻين مختلف سنگلاخ زمين تي به سندن آشهب قلم
اڏامندو نظر ايندو، سندن طرز، تحرير مان، قارئين
جي دل ۽ دماغ تي سنڌي زبان جي قدامت، بلاغت،
فصاحت، وسعت، دامان ۽ ٻين انهن انيڪ خوبين ۽
خصوصيتن جو بيپناه اثر ۽ رعب ڄمندو ويندو، جي دنيا
جي ڪن ٻين ترقي يافته زبانن جو طره امتياز آهن ۽
انهن ۾ ممڪن ۽ موجود ٿي سگهن ٿيون.
حضرت مرزا صاحب مرحوم جن جي تقريرن ۽ تحريرن ۽
سندن طرزِ تحرير ۾ هر هنڌ، عالمانه انداز موجود
نظر ايندو. هر مضمون جي بحث ۾ خلوص ۽ صداقت جا
مناظر غالب نظر ايندا. عصيبت جو شائبو ۽ جذباتيت
جو احساس مطلق نه ٿيندو. منطقي استدلال جي خصوصيت،
ڪنهن به هنڌ نظر انداز ڪيل نه آهي. تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ
جو رجحان قدم قدم تي ملندو. مختلف علومن جا اثرات،
هر هنڌ ڪارفرما نظر ايندا. سندن وسيع ترين مطالع ۽
تجربي، سندن خيالن ۾ همه گيري ۽ وسعت پيدا ڪئي
آهي. زندگيءَ ۽ ان جي مسئلن جي گهري شعور ۽ حالات
جي صحيح نباضيءَ سندن خيالن ۾ استحڪام ۽ تجزياتي
انداز جون تمام خصوصيتون پيدا ڪيون آهن. هنن
تحريرن ۽ تقريرن جي مطالع مان، هن ڳالهه جو اندازو
ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته مرحوم مرزا صاحب جن
مذهبي، اخلاقي، روحاني، لساني علمي ۽ ادبي نقطه
نگاهه کان هڪ اعلى ارفع ۽ منفرد مقام تي بيٺل آهن.
دنيا جي مختلف مذاهب جي تعليمات، اصولن ۽ احڪامات
جو جائزو، امعانِ نظر سان ورتو اٿن، جنهنڪري مذهبي
مت ڀيد يا تعصب، عصيبت ۽ ڇوت ڇات کي پنهنجن اڪثر
خطبن ۾ ننديو اٿن ۽ صلح ڪل تصوف يا هڪ عالمگير
مذهب جا مبلغ بڻجي ويا آهن.
صلح ڪل يا عالمگير مذهب بابت سندن هڪ خطبي جو
اقتباس مثال طور هيٺ ڏيون ٿا، جنهن مان سندن طرزِ
تحرير ۽ سلاست، سادگي ۽ پرڪاريءَ جي ثابتي پڻ،
ڀليءَ ڀت ملي سگهندي:
”سڀڪنهن کي پهرين، پنهنجي مذهب کان خوب واقف ٿيڻ
گهرجي، جنهنڪري (پنهنجي مذهب ۽ ٻين جي مذاهب جي)
مکيه اصولن جي مقابلي ڪرڻ جو وجهه ملي ۽ جيڪو عام
سچ، سڀني مذهبن ۾ موجود آهي ۽ جوهر وانگر لڪل
آهي، سو معلوم ٿي سگهي. ان لاءِ جدا جدا مذهبن جي
ڪتابن پڙهڻ ۾ اعتراض نه هئڻ گهرجي. انهيءَ طرح
هڪڙو ماڻهو، ڄڻ ته گهڻن مذهبن وارو ٿي سگهي ٿو يا
گهڻا مذهب گڏجي، هڪڙو مذهب ٿي سگهن ٿا ۽ هر قسم جي
مذهب يا قوم جي هڪڙي گڏيل برادري قائم ٿي سگهي
ٿي..... اهڙي برادري ۾ شامل هئڻ ڪري، هنن جي هڪٻئي
سان ڀائپيءَ واري محبت رهندي، ۽ هڪٻين جي بزرگن
لاءِ هنن کي تعظيم ۽ عزت رهندي. انهيءَ طرح دنيا ۾
ڄڻ هڪڙي قسم جو وڏو عام عالمگير مذهب قائم ٿي سگهي
ٿو. اهڙو صلح ڪل وارو مذهب، صوفين جو آهي، جو هڪڙو
طبيعي ۽ اخلاقي ۽ سچو پچو عام انساني مذهب آهي.“
حضرت مرزا صاحب مرحوم جن جي خيالات يا سندن سوچ ۽
سمجهه، فڪر ۽ تدبر جي بلنديءَ کي جيڪڏهن جاچڻو
هجي ته سندن اهي تقريرون ۽ تحريرون پڙهجن، جن ۾
پاڻ خصوصن مذهبي، اخلاقي، روحاني، علمي، ادبي ۽
حڪمت يا فلسفي يا تصوف جي خيالات جو اظهار ڪرڻ
فرمايو اٿن.
اسان کي يقين واثق آهي ته مرزا صاحب مرحوم جن جي
تقريرن ۽ تحريرن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌي علم ۽
ادب ۾هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل ڪندو ۽ ان ۾
ترقيءَ ۽ اضافي جو باعث بڻبو.
پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد جي موجوده لائق
۽ فائق سيڪريٽري قبله ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه
صاحب جن جو دليؤن ۽ جانيوءن شڪريه بجا آڻيان ٿو،
جن جي نيڪ مشورن ۽ ڪوششن سان، هن ڪتاب جو پهريون
حصو زيورِ طبع سان آراسته وپيراسته ٿي پايهء تڪميل
تي پهچي چڪو آهي ۽ ڪتاب جا باقي رهيل ٻه ڀاڱا پڻ،
انشاءَ الله تعالى سگهوئي قارئين ڪرام جي هٿن ۾
پهچي ويندا.
فقط والسلام
اجمل بيگ ق. مرزا
حيدرآباد سنڌ
13- فيروري سن 1970ع
6- ذوالحج سن 1389هه
[1]
صلح ڪل يا مذهبن جي موافقت*
اڪثر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته جدا جدا مذهبن وارا اڪثر
هڪٻئي جا دشمن ٿيندا آهن. پر سوال اهو آهي ته ائين
هئڻ ضروري ۽ مناسب آهي ڇا ۽ جدا جدا مذهبن وارن جو
پاڻ ۾ اتفاق ۽ سلوڪ ۽ موافقت رکڻ ناممڪن آهي ڇا؟
هيٺ ڏيکاربو ته انهن جي وچ ۾ موافقت ۽ دوستي ممڪن
۽ مناسب ۽ ضروري آهي.
هاڻوڪي زماني جي رواج موجب اهو قاعدو عام ٿي ويو
آهي ته هڪڙي مذهب واري کي ٻئي مذهب واري سان دوستي
يا واسطو رکڻ نه گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو دشمن
سمجهڻ گهرجي. دوستي ۽ محبت ۽ مروت ته دل جي ڳالهه
آهي پر ظاهري گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ صحبت ڪرڻ ۽ کائڻ پيڻ
جي به ڪٿي ڪٿي منع ٿيل آهي. اها راءِ نه فقط عام
جاهلن جي آهي، پر وڏن وڏن عالمن جي آهي. مسلمان ۽
ڪافر، اصل کان دشمن سمجهبا آيا آهن ۽ انهيءَ ڪري
هو هڪٻئي سان ڪنهن به طرح جو واهپو نٿا رکن. اهڙي
سخت منع ڪرڻ جو اهو ئي سبب آهي ته اهي مذهبي
تعصبي عالم وسهن ٿا ته عام جاهل ۽ اڻپڙهيل يا گهٽ
پڙهيل ماڻهو اڪثر پنهنجي مذهب جي اصولن مان ۽ انهن
جي ظاهري صورت يا باطني حقيقت مان پوري طرح واقف
ناهن تنهنڪري ٻن مذهبن وارن سان گڏ ۽ گستاخ رهڻ
ڪري، امڪان آهي ته پنهنجو مذهب ڇڏي، ڦري ٻئي مذهب
جا ٿي پون، تنهنڪري اصل اهڙي دوستيءَ ۽ گستاخيءَ
جي سخت منع ڪرڻ کپي. ساڳئي سبب ڪري اهڙن ماڻهن کي
منع ٿيل آهي ته ڪنهين سان به مذهبي بحث مباحثو ۽
حجت دليل نه ڪن. بلڪ قابل ماڻهو به مذهبي بحث
مباحثي کان گوشو ڪندا آهن ته متان گهٽ پڙهيل يا
غير واقف به انهن وانگي هلت ڪن ۽ پاڻ کي نقصان
پهچائين. پر حقيقت ٻيءَ طرح آهي. عام ماڻهن جو
اعتقاد ڪم فهميءَ ۽ بي علميءَ ڪري پاڻ زياده پڪو
ٿو ٿئي. انهن جو تعصب نهايت سخت ٿو ٿئي. هو مذهبي
اعتقاد، حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ ٿا ڪن ۽ انهن کي،
سچائي ۽ ايمان جي پرک ٿا سمجهن. عقل هلائي، جانچ ۽
آزمودي کان پوءِ ڪنهن ڳالهه تي ايمان ۽ اعتقاد
آڻڻ، ڪفر ۽ بي ايماني ٿا ڄاڻن. جنهن ڳالهه ٿي
يڪدفعي ٻڌڻ سان انهن جو اعتقاد ڄمي ويو، تنهن تان
هو ڪڏهن به هٽڻ جا ناهن. پوءِ ڪهڙا به دليل ڪو
سندن پيش ڪندو. اهڙا ڪم فهم ۽ نادان ۽ سخت تعصب
وارا ماڻهو اڪثر ڪج فهم ۽ ڪج بحث ٿيندا آهن. لقمان
۽ افلاطون جهڙا حڪيم ۽ فيلسوف به هنن کي سندن راءِ
جي برخلاف ڪا ڳالهه قبول ڪرائي نه سگهندا. هين
پهاڪي جي پارسي مصراح مشهور آهي ته:
صد فلاطون را يکي کج بحث ملزم ميکند
پنهنجي اعتقاد کان ڦرڻ جو ڊپ، عقل ۽ علم وارن ۾
زياده آهي. شڪ شبها ۽ اعتراض به انهن جي دل ۾ گهڻا
پيدا ٿيندا. اهي آسانيءَ سان سست اعتقاد ٿي سگهن
ٿا. انهيءَ ڪري چوندا آهن ۽ اهڙي حديث به ته آهي
ته بهشت بـُـلهن جي جاءِ آهي يعني نادان ۽ ڀورڙا
ماڻهو گهڻا بهشت ۾ ويندا، جو اهي اکيون پوري
ويساهه ڪندا آهن ۽ ايمان آڻيندا آهن ۽ عام ماڻهو،
سچو مريد به اهو ڄاڻندا آهن، جو اکيون پوري ڪنهن
پير جو مريد ٿئي ۽ انهن جي ڳالهين تي اعتبار ڪري،
اهو جو چڪاس ۽ جانچ ڪري عقل هلائي، پوءِ مريد ٿئي،
تنهنڪري اهڙن عام ۽ رواجي ماڻهن کي ته ٻين مذهبن
سان گڏ رهڻ، واسطي ۽ سلوڪ رکڻ ڪري، ڪنهن به قسم جو
ڊپ ڪونهي، انهيءَ ڪري ئي آهي ته اونهن خيالن ۽
فلسفي حقيقتن جي نازڪ ۽ باريڪ سمجهاڻي، اهڙن ماڻهن
کي ڏيڻ جي منع ٿيل آهي ۽ انهن کي اهڙيون ڳالهيون،
اهڙيءَ عبارت ۽ اهڙن مثالن ۽ تشبيهن سان سمجهائڻ
گهرجي، جي هنن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهن.
اها به پهاڪي جهڙي حديث آهي ته ”کلم الناس علي قدر
عقولهم“ يعني ماڻهن سان، سندن عقل جي انداز موجب
ڳالهه ٻولهه ڪجي. انهيءَ ڪري گهڻن مذهبي ڳاليهن
جون ٻه معنائون آهن: هڪڙي ظاهري، رواجي يا عام ۽
ٻي باطني، حقيقي يا خاص. پهرين گهڻن جي لاءِ آهي ۽
پوئين خاص ٿورن لاءِ، پهرين شريعت وارن لاءِ ۽ ٻي
طريقت يا معرفت يا حقيقت وارن لاءِ.
دوستي يا محبت، همدرديءَ مان پيدا ٿئي ٿي ۽ همدردي
ٻن قسمن جي آهي- هڪڙي هم مذهبيءَ جي، ۽ ٻي هم
جنسيءَ جي. پهرئين قسم جي همدردي يا ڪشش، انهن
ماڻهن جي وچ ۾ ٿي ٿئي، جي هڪڙي مذهب جا ٿا ٿين،
پوءِ ڪهڙي به قوم يا ملڪ يا ذات جا هجن. اهڙو ڪو
نيڪ ۽ پڙهيل بزرگ پنهنجن هم مذهبن وارن وٽ عزت ۽
محبت پائيندو آهي، اگرچه اهي ان جا واقف به نه
هوندا. هر ڪنهن مذهب وارن جو اهو حال آه-. ڇا
هندو، ڇا مسلمان ڇا ٻيا. ٻئي قسم جي همدردي، همجنس
يا هم ذات مخلوقن جي وچ ۾ ٿي رهي، جا نه فقط
انسانن سان لاڳو آهي، پر حيوانن سان به، ڇالاءِ جو
اها طبيعي ۽ سڀائي آهي. هڪڙي جنس يا ذات جا
ساهوارا، هڪٻئي ڏي ڇڪبا آهن، جيئن فارسي بيت آهي
ته کندهم جنس باهم جنس پرواز، کبوتر با کبوتر، باز
با باز. تنهنڪري اها حيواني طبيعي ڪشش يا محبت يا
همدردي، انسانن يا آدمزادن جي وچ ۾ خاص طرح آهي،
ڇا لاءِ جو انسان لفظ انس مان نڪتل آهي ۽ اها
همدردي، آدميت جي ڪري، انهن ۾ ٻين حيوانن يا
مخلوقن کان زياده هئڻ گهرجي. جو انسان اشرف
المخلوقات آهي ۽ آدم جي اولاد هئڻ سبب سڀئي هڪٻئي
جا ڀائر ٿيا يا هڪڙي جسم جا عضوا ٿيا ۽ تنهنڪري
منجهن همدردي زياده آهي ۽ هڪڙي کي ايذا اچڻ ڪري
ٻين کي بي آرام ٿيڻ گهرجي. جيئن شيخ سعديءَ چيو
آهي ته (شعر)
بني آدم اعضائي يکديگرند |
- |
که از آفرينش زيک جوهرند. |
چو عضوي بدرد آورد روزگار |
- |
دگر عضوها را نماند قرار. |
تو کز محنت ديگران بيغمي |
- |
نشايد که نامت نهند آدمي. |
هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته مٿين ٻن قسمن جي همدردين مان،
پوئين مقدم ۽ ضروري آهي يعني طبيعي ۽ همجنسيءَ جي،
۽ پهرين انهيءَ ۾ سمائجي وڃي ٿي، سڀڪو ماڻهو،
پهرين آدمي آهي ۽ پوءِ هندو يا مسلمان يا ڪو ٻئي
مذهب يا قوم يا ملڪ جو ماڻهو. دنيا جو سارو
انتظام، انهيءَ پوئين همدرديءَ تي منحصر آهي، جا
اصل ۽ بنيادي آهي ۽ ٻي فرعي يا انهيءَ جي هڪڙي شاخ
آهي. هڪڙي طبيعي يا قدرتي آهي ۽ ٻي مصنوعي يا
هٿرادو آهي. جيڪو پيار پيءُ ماءُ کي اولاد جي لاءِ
يا اولاد کي پيءُ ماءُ جي لاءِ، ڀائن ۽ ڀيڻن کي
هڪٻئي جي لاءِ، مڙس کي زال جي لاءِ ۽ زال کـي مـڙس
جـي لاءِ يـا ماڻهـوءَ کي پـنهـنجـن پاڙيـسـرين يا
هم وطنن يا هم قومن لاءِ ٿو ٿئي. سو طبيعي ۽ قدرتي
قسم جو آهي. ائين ڪين آهي ته پيءُ ماءُ اولاد کي
انهيءَ لاءِ ٿا پيار ڪن ته هو وڏا ٿيندا ۽ سندن
مذهب جا ٿيندا. برابر هم مذهبن لاءِ به پيار ٿئي
ٿو پر مٿئين سبب ڪري جو اهو به انسانيت ۽ آدميت جو
فقط هڪڙو جزو آهي. نه مکه يا مقدم جزو، ڇا لاءِ جو
اهڙو ساڳيو سڀني جانورن ۽ ٻين ساهه وارن ۾ به
موجود آهي ۽ تنهنڪري طبيعي ۽ قدرتي چئبو، انهيءَ
مان ظاهر آهي ته اهي مٿيون ٻنهي قسمن جون همدرديون
يا محبتون، هڪٻئي جون ضد يا مخالف ناهن، ساڳئي
هڪڙي ماڻهوءَ ۾ علحدن قسمن جي ماڻهن لاءِ موجود ٿي
سگهن ٿيون. مذهبي شوق هن ٻي قدرتي محبت جي برخلاف
ناهي ته ڪنهن ٻئي مذهب واري جو ڪيل احسان، ماڻهوءَ
کي وسري وڃي ٿو ۽ خوش نٿو ڪري، يا انهيءَ جي دوستي
رنج پيدا ٿي ڪري. دنيا ۾ ماڻهوءَ کي، هزارن قسمن
جي ماڻهن سان واسطو رکڻو ٿو ٿئي ۽ انهن جو محتاج
ٿيڻو ٿو پوي، پر جي مذهب جي اهڙي روڪ قائم هجي ته
ماڻهوءَ کي ڏاڍي مشڪلات درپيش اچي ۽ حياتي جيڪر
ڏاڍي ڏکي گذري! دنيا ۾ رهڻ لاءِ دوست دشمن سان گڏ
گذارڻو ٿو پوي ۽ ٻنهي سان رس رکڻو ٿو پوي. تڏهن
خير جو وقت ٿو گذري. نه فقط هن دنيا جي لاءِ ائين
آهي پر هن دنيا جي لاءِ به، ڇا لاءِ جو هيءَ دنيا،
آخرت جي ٻني آهي، جيئن حديث ۾ آهي ته الدنيا
مزرعته الآخرة- جيڪي هتي پوکبو سو هتي لڻبو. حافظ
جو بيت به ائين ٿو چوي ته (بيت)
آسائشِ دو گيتي تفسيرِ اين دو حرف ست
بادوستان مروت بدشمنان مدارا
جزاءُ سيئة سيئة بمثلها
هيءَ هو توريت جو حڪم. فمن عفى واصلح فاجره علي
الله اهو ٿيو انجيل جو ۽ قرآن جو حڪم.
سچ آهي ته ڪي ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا جن ۾ مذهبي
شوق حد کا گهڻو هوندو، جنهن کي تعصب ٿو چئجي، پر
انهيءَ ڪري ٻيا سڀ دنيائي واسطا ٽٽي نٿا وڃن ۽
اهڙي قسم جي بيحد تعصب کي ڪو به پسند نٿو ڪري. اها
ڳالهه به سچي آهي ته جڏهن هڪڙي مذهبي وارو، ٻئي
مذهب واري کي يا انهيءَ مذهب جي بانيءَ يا انهيءَ
جي ڪن اصولن جي نسبت ۾ ڪا نامناسب ڳالهه يا ٽوڪ يا
ٺٺولي ٿو ڪري يا ڪي بد چوي ٿو، تڏهن البته ماڻهوءَ
کي رنج ٿئي ٿو ۽ ڪاوڙ اچي ٿي ۽ انهيءَ جي بدلي ۾
هن کي به هن ٻئي جي مذهب جي برخلاف ڪي چوڻو ٿئي ٿو
۽ انهيءَ ڪري، مذهبي جهيڙا جنگيون ٿين ٿيون، پر
اهڙي قسم جا جهيڙا، ملڪيت ۽ ورثي ۽ زر ۽ زمين ۽
ڪيترين ٻين ڳالهين جي تڪرارن ڪري به ٿي سگهن ٿا.
ائين ڪين چئبو ته دنيا جا سڀ جهيڙا مذهب جي ڪري ٿا
ٿين. اهڙن سببن ڪري ته ٻه ڀائر به ۽ پيءُ پٽ به
پاڻ ۾ تڪرار ڪري، وڙهي سگهن ٿا. پر اهڙن وقتن تي
به صبر ۽ تحمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ ڪتابن ۾، توڙي
اخلاقي ڪتابن ۾، حڪم آيل آهن. تنهن کان سواءِ اسان
کي ڪهڙو حق آهي ته اهڙو بيواجبي تعصب رکون ۽
پنهنجي مذهب کان سواءِ ٻئي مذهب کي نفرت وارو
سمجهون ۽ انهيءَ کي بد چئون ۽ انهيءَ جي برخلاف
لکون يا ڳالهايون؟ اسان کي خبر آهي ته ٻئي مذهب
واري کي به اهڙو ساڳيو حق آهي ۽ هو به ائين ڪري
سگهي ٿو! مذهب دل جي لاءِ آهي ۽ دل جو رايو يا
رغبت هر ڪنهن کي، پنهنجن خيالن ۽ پنهنجي علم ۽ عقل
۽ آزمودي ۽ ضمير موجب ٿي سگهي ٿو. ڪيتريون ئي
ڳالهيون آهن، جن جي نسبت ۾ جدا جدا ماڻهن جون رايا
۽ ويساهه آهن، پوءِ انهيءَ ڪري ضروري آهي ڇا ته
اهي سڀ پاڻ ۾ تڪرار ڪن يا وڙهن يا هڪڙن کي ٻين ڏي
ڌڪار يا نفرت دل ۾ رهي؟ مثلا سمجهو ته هڪڙو شهر
آهي، جنهن جي آب هوا تمام چڱي ۽ مشهور آهي ۽
آزمودن سان معلوم ٿيو آهي ته بيمار به اتي وڃي رهڻ
ڪري چڱا ڀلا ٿي پيا آهن ۽ اتي رهڻ وارا اڪثر
تندرست ٿا رهن. يا وري سمجهو ته هڪڙي دوا آهي جا
ڪنهن خاص مرض لاءِ نهايت عمدي ۽ اثر واري ۽ مجرب
وسهيل آهي. هاڻي ڪو ماڻهو آهي، سو چوي ٿو ته ائين
ناهي، انهيءَ شهر جي آب هوا تمام خراب آهي ۽
تندرست ماڻهو کي به اتي رهڻ ڪري بيمار ڪريو ڇڏي يا
اها دوا، انهيءَ مرض لاءِ بالڪل بي اثر آهي ۽
نقصان ٿي پهچائي ته هن جي انهيءَ مخالف راءِ جي
ڪري اسين هن کي ڌڪارينداسين ڇا يا نقصان
پهچائينداسين ڇا؟ فقط هيترو ڄاڻنداسين ته هي جاهل
آهي، غافل آهي، ناآزمودگار آهي، هوڏي يا بحثي آهي،
پر اها ٻي ڳالهه آهي. مذهب جو به اهو حال هئڻ
گهرجي. ڪنهن ٻيءَ ماڻهوءَ کي، منهنجي مذهب جي
خوبيءَ ۽ اصولن جي پڪائيءَ جي پوري خبر نه هوندي
تنهنڪري منهنجي مذهب ۾ داخل نه ٿو ٿئي پر انهيءَ
ڪري مون کي ڪهڙو حق آهي ته انهيءَ کي ڌڪاريان يا
انهيءَ سان دنيا جو ڪو به واسطو نه رکان؟ قرآن ۾
منع ٿيل آهي ته ٻين مذهبن وارن کي، بلڪ جي خدا جي
هستيءَ کان منڪر آهن يا جي گهڻا خدا ٿا رکن ۽ جن
کي ڪافر يا مشرڪ ٿو چئجي، تن کي به بد نه چئو جو
انهيءَ ڪري هو به اسان جي سچي خدا کي بد چوندا ۽
انهيءَ ڪري ڄڻ ته اسين پنهنجي خدا کي ٻين کان هٿ
وٺي گاريون ٿا ڏياريون ۽ اهو ڄڻ ته هڪڙو گناهه ٿا
ڪريون، هدايت خدا جي هٿ ۾ آهي، اهو گمراهه کي به
سنئين رستي تي آڻي ٿو سگهي، اسان جي نفرت يا ڌڪار
يا دشمني، ٻـِـي بيواجبي هلت يا تعصب ڪري، ڪو
ماڻهو سچي مذهب تي اچي نه سگهندو. لا تسبوالذين
يدعون من دون الله ويسبوا الله عدوا بغير علم
(سورت انعام) گهڻو گهڻو ته اسين فقط هيترو ڪري ٿا
سگهون ته جڏهن ڌاريون ماڻهو، اسان کان پڇي ته
اوهان جي مذهب جا مکيه اصول ڪهڙا آهن، تڏهن اسين
اهي هن کي بيان ڪري ٻڌايون - بس. ظلم ۽ زور
زبردستيءَ سان ٻئي مذهب واري کي پنهنجي مذهب تي
آڻڻ کان قرآن ۾ سخت منع آهي. لا اڪراه في الدين.
انهيءَ جو شاهد آهي. سچ آهي ته قرآن ۾ ڪن هنڌن تي
لکيل آهي ته مسلمانن کي، مسلمانن کان سواءِ ٻين
سان دوستي رکڻ نه گهرجي. اتي ٻين جي معنى آهي
يهودي يا عيسائي يا ستاره پرست - يعني خدا ۽ رسول
جا دشمن، جن انهيءَ وقت، مسلمانن جي نبيءَ ۽ ان جي
پيروي ڪندڙن کي، نهايت ستايو ٿي ۽ انهن سان چڱيون
ٿي ڪيائون ۽ انهن مان ڪيترن جاسوسن، مسلمانن سان
دوستي رکي انهن جا ڳجهه معلوم ٿي ڪيا ۽ انهن جو
فائدو وٺي، انهن کي نقصان ۽ ايذاءُ ٿي رسايائون.
انهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ ۽ خوف کان سلامتيءَ جو
رستو ڄاڻي، ائين ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويو هو. نه ته
پوءِ جنگ بند ٿيڻ يا صلح ۽ عهد نامن ٿيڻ جي حالت ۾
سڀ واسطا قائم رهندا آيا. ڏيتي ليتي، واپار، نوڪري
۽ پورهيو، سڀ عام طرح، سواءِ مذهبي تعصب جي هلندو
رهيو، يعني دشمني گم ٿي وڃڻ جي ڪري، دوستي قائم ٿي
ويندي هئي.“ بلڪ ڪيترا ٻين مذهبن وارا حضرت جن وٽ
ايندا هئا ۽ اچي مهمان ٿيندا هئا ته انهن کي کاڌو
پيتو ته ملندو هو، پر هنن کي، پنهنجي مذهب موجب
عبادت ڪرڻ لاءِ به خلاصي جاءِ ڏني ويندي هئي،
جيڪڏهن ٻين مذهبن لاءِ نفرت ڪرڻ ۽ انهن جي معتقدن
سان دوستي نه رکڻ جو حڪم هجي ها ته اسلام سڀ کان
خراب مذهب معلوم ٿئي ها ۽ ٻين کي انهيءَ ڪري ڏانهس
نفرت پاڻ زياده ٿئي ها، پر اسلام اهڙن چڱن اخلاقن
ڪري ته ٻين ڏي ڪشش پيدا ڪئي ۽ مسلمانن جو تعداد
وڌندو ويو.
قرآن شريف ۾ هيءَ آيت آيل آهي: ”خدا اوهان کي منع
نٿو ڪري ته جي ماڻهو اوهان سان مذهب جي ڪري نٿا
وڙهن ۽ جي اوهان کي پنهنجن گهرن مان هڪالي نٿا
ڪڍن تن سان مروت ۽ مهربانيءَ جي هلت ڪريو، ڇا لاءِ
جو خدا انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. جيڪي اوهان سان
وڙهيا آهن ۽ جن اوهان کي پنهنجي وطن مان هڪالي
ڪڍيو آهي، فقط تن سان دوستي رکڻ کان منع ٿو ڪري.
ڇا لاءِ جو اهي ماڻهو ظلم ۽ زبردستي ڪندڙ آهن.“
لا ينهـٰـکم الله عن الذين لم يقاتلوکم في الدين
ولم يخرجوکم من ديارکم ان تبروا و تقسطو اليهم ان
الله يحب المقسطين- انما ينهکم الله عن الذين
قاتلوکم في الدين واخرجوکم من ديارکم وطاهرو اعلى
اخراجکم ان تولوهم ومن بتولهم فاولـٰــئک هم
الظالمون. انهيءَ مان ظاهر آهي ته مسلمانن کي ٻين
مذهبن وارن سان دوستي رکڻ يا مهرباني ڪرڻ کان منع
ٿيل ڪانهي. مسلمانن جي نبيءَ پاڻ اهڙن ڌارين ماڻهن
جي دعوت تي وڃڻ ۽ انهن جي تحفن ۽ سوکڙين وٺڻ کان
اعتراض ڪونه آندو هو. نه فقط ٻين مذهبن وارن سان
مروت ۽ مهربانيءَ ڪرڻ جو مسلمانن کي تاڪيد ڪيل
آهي، بلڪ اهڙن بادشاهن ۽ حاڪمن جي تابعداري ۽ انهن
جي برخلاف فساد نه ڪرڻ جو حڪم به ڪيل آهي ۽ اهڙن
ماڻهن سان ڪيل وعدي يا انجام جي پورائيءَ جو به
تاڪيد ڪيل آهي. انهيءَ مان ثابت آهي ته انسانيت ۽
قوميت جي گهڻي نظر رکڻي آهي. سڀ ڪنهن قوم جي لاءِ
يا سڀ ڪنهن زماني ۾ خدا تعالى، انهن جي لاءِ هڪڙو
هدايت ڪندڙ پيدا پي ڪيو آهي. فِان مِن امته الا خذ
فيها نذير. اهي تعظيم جا لائق آهن، نه ڌڪار جا.
ٻين مذهبن وارن مان به جيڪي اهل ڪتاب آهن يعني
عيسائي، يهودي وغيره، تن سان خاص طرح جي مروت ۽
مهربانيءَ جو حڪم آهي، جو گهڻين ڳالهين ۾، انهن
جي، اسلام سان مشابهت ۽ موافقت آهي. مسلمانن کي
انهن اهل ڪتاب وارن مان شادي ڪرڻ جي اجازت آهي.
انهن زالن مان ٿيل اولاد کي پنهنجن مائن ۽ انهن جي
مائٽن ڏي محبت ڪانه هوندي ڇا؟يا اهڙن مڙسن کي
پنهنجي زالن يا انهن جي مائٽن سان مروت ۽ مهرباني
۽ پيار جي هلت ڪرڻ لاءِ خواهش نه ٿيندي هوندي ڇا؟
ساڳيءَ طرح انهن ٻين مذهبن وارن جي محبت، هنن سان
ضرور هوندي. اهڙي صورت ۾ ڪيئن اسلام، ٻين مذهبن
وارن سان دشمني ۽ مخالفت رکڻ جو تاڪيد ڪندو هوندو؟
اسلام اڳوڻن پاڪ ڪتابن جي تصديق ٿو ڪري، سو انهن
جي معتقدن جي برخلاف ڪيئن حڪم ڪندو؟ اسلام شروع
کان سڀني چڱن اخلاقن جي تعليم ۽ تعميل جو تاڪيد
ڪندڙ آهي ۽ مسلمانن جي نبيءَ جي خاص تعريف ئي انهن
چڱن اخلاقن ڪري آهي. اڳوڻي وقت کي ڇڏي هاڻوڪي
پوئين زماني ۾ به ڪيترن هنڌ تي ڪيترن وڏن ڪمن ۾ به
مسلمانن ۽ ٻين مذهبن وارن گڏجي ڪم پئي ڪيو آهي ۽
هڪٻئي کي مدد پئي ڪئي اٿن. مثال لاءِ ڪريميا جي
جنگ وٺو جنهن کي ٿورا ورهه گذريا آهن. انهيءَ ۾
انگريز ۽ ترڪ گڏجي روس وارن سان وڙهيا. جيڪا مدد
انگريزي ڪرسچن ماڻهن، ترڪي مسلمانن کي ڏني ۽ کين
ٻي ظالم عيسائي قوم جي ظلم ۽ زبردستيءَ کان
ڇڏايائون، تنهنجي لاءِ ترڪي جي سلطان ۽ ٻين
مسلمانن، پاڻ کي انگريزن جو احسانمند نه سمجهيو
هوندو ڇا؟ ۽ انهن سان دوستي ۽ مروت ۽ مهرباني ڪرڻ
نه گهري هوندائون ڇا؟ پر بخارا جي خان پنهنجن ملن
۽ مولوين جي صلاح تي لڳي، اهڙيءَ دوستي رکڻ کان
منهن موڙيو، تنهنڪري نقصان پهتن ۽ پشيمان ٿيا.
ساڳيءَ طرح گهڻن ملڪن ۾ ملن ۽ مولوين جي تنگ
نظريءَ ڪري، عام مسلمانن کي، ٻين مذهبن وارن سان
دوستي رکڻ يا مروت ۽ مهرباني ڪرڻ کان پي روڪيو آهي
۽ انهيءَ بابت ڪيلن حڪمن جي سمجهاڻي ٻيءَ طرح پي
ڏني آهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته انسانيت ۽
آدميت جو ناتو نڪري ويو ۽ مذهبي تعصب حد درجي کان
وڌي ويو آهي، جنهنڪري فساد ۽ مخالفت پيدا ٿي آهي،
نه فقط ڌارين ۽ ٻين مذهبن وارن سان پر خود اسلام
جي اندروني فرقن منجهه، پنهنجي پاڻ ۾ به، هر هڪ
مذهب ۾ ٿورا گهڻا فرقا آهن، مگر اسلام ۾ سڀني کان
گهڻا آهن، يعني ٻاهتر. انهن جي پنهنجي پاڻ ۾ جنگ
لڳل آهي ۽ هڪٻئي کي دشمن سمجهن ٿا ۽ هڪٻئي جي
برخلاف لکن ٿا ۽ ڳالهائن ٿا. ليڪن مناسب ائين آهي
ته پنهنجي مذهب جي فرقن جي مخالفت ته ڇڏي ڏجي، پر
ٻين مذهبن وارن سان به ڇڏي ڏجي ۽ انهن سان به سلوڪ
۾ رهجي ۽ صلح رکجي.
مسلمانن ۾ تصوف واري مذهب جا گهڻو ڪري اهڙا ئي
اصول آهن، يعني صلح ڪل جا، جنهن موجب هنن کي سڀني
مذهبن سان صلح رکڻو ٿو ٿئي ۽ اهي، ڪنهن جي به
برخلاف ناهن بلڪ ٻين جي مذهبن ۽ انهن جي بانين کي
تعظيم ٿا ڏين ۽ بد نٿا چون، جو انهن جو سڀ کان وڏو
اصول آهي، ڪنهن به بني آدم کي حتي المقدور نه
رنجائڻ. انهيءَ ڪري اڪثر چئبو آهي ته الصوفي لا
مذهب له يعني صوفيءَ جو ڪو به مذهب ڪونهي. ٻين
لفظن ۾ ته سڀ مذهب، صوفيءَ جا آهن. حقيقت ۾ هينئر
اهو زمانو آيو آهي جڏهن سڀ ڪنهن کي مذهبي تعصبي
خيال وساري، عام طبيعي يا سڀائي خيال رکڻ گهرجن ۽
مذهب جي نسبت ۾ پنهنجي دل جي راءِ وساري، پهرين
انسانيت يا آدميت جو خيال رکڻ گهرجي، جو سڀ ڪو
ماڻهو، پهرين انسان يا بني آدم يا خدا جو بندو ۽
مخلوق آهي، پوءِ عقل يا سمجهه اچڻ تي، هڪڙي نه ٻئي
مذهب تي اچي ٿو. انهيءَ پهرينءَ انسانيت واري حالت
کي، قرآن ۾ ”اسلام“ سڏيل آهي ۽ هڪڙيءَ آيت ۾ آهي
ته سڀ ڪو انسان، پهرين اسلام تي ڄمي ٿو پوءِ اهو
عيسائي يا يهودي يا ڪنهن ٻئي مذهب وارو ٿئي ٿو.
اسان کي الصلح خير جو حڪم آهي. سڀني سان صلح ۾ رهڻ
بهتر آهي. اهو آهي صحيح ڪل.
امام محمد غزالي، وڏو عالم ٿي گذريو آهي. اهو به
پنهنجي مذهب جو سخت پابند هو، پر پوءِ بغداد ۾ اچڻ
کان پوءِ ٻين مذهبن وارن سان صحبت ۽ بحث مباحثي
ڪرڻ کان پوءِ ٻين مذهبن جا اصول معلوم ڪيائين ۽
سڀني مذهبن جي چڪاس وٺڻ کان پوءِ ڪنهن هڪڙي مذهب
جي تقليد کان ڀڳو ۽ تصوف جو مذهب پنهنجي لاءِ پسند
ڪيائين ۽ شيخ جنيد ۽ شبلي ۽ بايزيد بسطامي ۽ ابو
طالب مڪيءَ جا ڪتاب پڙهي معلوم ڪيائين ته اهو ئي
مذهب آهي، جو عملي آهي نه عِملي ۽ عمل جي لاءِ زهد
۽ رياضت جو ضرور آهي. انهيءَ وقت کان وٺي پاڻ به
صوفي ٿيو، ۽ دنيا جي نالي ناموس کان منهن مٽي،
فقير ٿي گودڙي ڪلهي تي رکي نڪري پيو ۽ ملڪ گهمندو
وري اچي پنهنجي وطن نيشاپور کان نڪتو، جتي هڪڙو
تڪيو ڪري رهي پيو ۽ اتي وفات ڪيائين. تصوف جي
تاريخ مان معلوم ٿيندو ته ڪيترا وڏا عالم، فاضل،
شاعر، اوليا ۽ صوفي ٿي گذريا آهن ۽ صوفين وارا صلح
ڪل جا اصول پسند ڪري، انهيءَ تي پي هليا آهن ۽
تقليدي مذهبن وارو تعصب اصلي ڇڏي ڏنو اٿن . اهي سڀ
ڳالهيون، انهن جي ڪتابن مان ۽ ڪلامن مان معلوم
ٿيون ٿين، جي چڱي طرح پڙهي ڏسڻ گهرجن. تصوف جا
مختصر اصول هي آهن - پهرين ان جا چار درجا يا
مرتبه آهن، جن مان هڪٻئي پٺيان هنن کي لنگهڻو ٿو
پوي: (1) شريعت يعني ظاهري شرع جو رستو (2) طريقت
يعني باطني دل جو رستو، (3) معرفت يعني پهرين پاڻ
کي پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ ۽ پوءِ خدا کي سڃاڻڻ (4)
حقيقت يعني اصلوڪي سچي حالت جنهن ۾ ماڻهو واصل
بالله ٿو ٿئي. معرفت به حقيقت ۾ اچي وڃي ٿي،
تنهنڪري ٽي درجا ٿيا - شريعت جو، نفس ۽ بدن سان
واسطو آهي، طريقت جو، دل سان، ۽ حقيقت جو، روح
سان. شريعت آهي قاعدا يا اقوال، ۽ طريقت آهي،
افعال يا عمل ۽ ڪم ۽ حقيقت آهي احوال يا حالتون.
صوفين جا ڪي مکيه عقيدا هي آهن: ماڻهن جا روح، روح
ڪل يا خدائي روح جا جزا آهن، جي مرڻ کان پوءِ وڃي
حق يا ڪل ۾ پوندا، جيئن قطرو قلزم ۾ پوي. خدائي
روح، عالم ۾ پکڙيو پيو آهي. يعني وحدت، ڪثرت ۾
گڏجي وئي آهي ۽ اها هميشه، سندس صنعت يا مخلوقات ۾
موجود هوندي. صوفين جا دنيا ۾ اڪثر هيٺيان عمل يا
اصول هوندا آهن: سڀني مذهبن ۽ قومن ۽ ملڪن جي
ماڻهن کي پنهنجا ڀائر ۽ عزيز سمجهي ۽ ٻين مذهب جي
برخلاف ڪجهه نه چئجي، نه ڪجي، ۽ سندن بزرگن ۽ نبين
۽ مرشدن کي تعظيم ڏجي، ۽ ٻين تي احسان ۽ ڀلائي
ڪجي، ۽ ڪنهن به طرح جو ايذاءُ يا رنج نه رسائجي.
سڀني مذهبن ۾ اصل ڪجهه سچ موجود آهي ۽ عبادت جو
مدار دل جي سچائيءَ تي آهي، نه ظاهري عبادت جي
رسمن ۽ راهن تي ۽ سڀني قومن لاءِ خدا تعالى، رهبر
۽ هادي ۽ رسول ۽ پيغمبر پي موڪليا آهن، ۽ سڀيئي
ماڻهو خدا جا ٻانها آهن ۽ اهو سڀني تي مهربان آهي
۽ انهن مان گنهگارن جي توبهه ڪرڻ ۽ پشيمان ٿيڻ تي
، انهن کي بخشي ٿو، وغيره.
اهڙن قسم جي تعصب زياده هئڻ جو هڪڙو وڏو سبب هيءُ
به آهي ته هڪڙي مذهب وارا ٻئي مذهب وارن کي دشمن
سمجهي، انهن جي مذهب جي اصولن کان بيخبر ۽ غير
واقف ٿا رهن، بلڪ جيڪو انهيءَ مان واقف ٿيڻ ٿو
گهري، تنهن کي به روڪين ٿا ۽ انهي کي پنهنجي
اصلوڪي مذهب کان ڦريل ٿا سمجهن. انهيءَ جو علاج هي
آهي ته سڀ ڪنهن کي پهرين، پنهنجي مذهب مان خوب
واقف ٿيڻ گهرجي، جنهنڪري مکيه اصولن جي مقابلي ڪرڻ
جو وجهه ملي ۽ جيڪو عام سچ، سڀني مذهبن ۾ موجود
آهي ۽ جوهر وانگر لڪل آهي، سو معلوم ٿي سگهي.
انهيءَ لاءِ جدا جدا مذهبن جي ڪتابن پڙهڻ ۾ اعتراض
نه هئڻ گهرجي. انهيءَ طرح هڪڙو ماڻهو ڄڻ ته گهڻن
مذهبن وارو ٿي سگهي ٿو، يا گهڻا مذهب گڏجي، هڪڙو
مذهب ٿي سگهن ٿا ۽ هر قسم جي مذهب يا قوم جي هڪڙي
گڏيل برادري قائم ٿي سگهي ٿي، جيئن فريمسنري يا
ٿياسفي ۽ ٻين ڪن اهڙن مخفي جماعتن جو بندوبست آهي،
جنهن ۾ هر قوم يا مذهب جا ماڻهو شامل ۽ شريڪ ٿي
سگهن ٿا. اهڙي برادريءَ ۾ شامل هئڻ ڪري، هنن جي
هڪٻئي سان ڀائپيءَ واري محبت رهندي ۽ هڪٻين جي
بزرگن جي لاءِ هنن کي تعظيم ۽ عزت رهندي. انهيءَ
طرح دنيا ۾ ڄڻ هڪڙي قسم جو وڏو عام عالمگير مذهب
قائم ٿي سگهي ٿو. اهڙو صلح ڪل وارو مذهب صوفين جو
آهي، جو هڪڙو طبيعي ۽ اخلاقي ۽ سچو پچو عام انساني
مذهب آهي، جنهن بابت ڪن صوفي استاد شاعرن جون
شاهديون هيٺ ڏجن ٿيون:
شاعر ”شيدا“ چوي ٿو ته ماڻهوءَ کي شمع جو مذهب رکڻ
کپي، جا مسلمانن جي گهر به ٻري ۽ هندن جي گهر به،
۽ جا ٻين جي سوجهري لاءِ، پاڻ کي سڄوئي ساڙي ٿي
ڇڏي:
(بيت)
در رهِ همت نبايد بود شيدا کم ز شمع،
کز برائي ديگران سوزد سراپا خويش را.
----
جلوه افروز کليسا وحرم يکسان است،
حل نشد مسئلئه کفر ومسلماني شمع.
”صائب“ شاعر ٿو چوي ته ماڻهوءَ کي گهرجي ته ٻين
کي هميشه فائدي رسائڻ جي ڪوشش ڪري، جي فائدو نه
رسائي سگهي ته نقصان يا ايذا ته نه رسائي! چوي ٿو
ته ميوه دار وڻ ٿيڻ گهرجي، نه، ته به سايه دار
ٿجي. يعني ميوو نه کارائجي ته من سندس ڇانو ۾ ڪو
اچي ويهي آسايش ڪري، پر ڪنڊن وارو وڻ نه ٿجي، يا
ڪنهن ڦٽيل جي زخم جو مرهم ٿجي پر نشتر ٿي ٻئي کي
زخم نه پهچائجي.
(بيت)
از ثمر شيرين نسازي گر دهانِ خلق را،
سعي کن کز سايه ات چون بيد آسايد کسي،
غمگين مکن اگر نکني شاد خاطري،
گر مرهمِ دلي نشوي نيشتر مباش.
اهو آهي سچن صوفين جو مذهب ته ڪنهين کي ايذائجي يا
رنجائجي نه ۽ سڀني مذهبن وارن سان هڪجهڙو ٿي هلجي.
”عرفي“ شاعر ٿو چوي ته دنيا ۾ اهڙي طرح هلجي جو سڀ
ماڻهو سندس جيئري انهيءَ کي پيار ڪن ۽ مئي کان
پوءِ انهيءَ جو ارمان ڪن ۽ مسلمان انهن کي پاڪ
پاڻيءَ سان ڌوئي، دفن ڪرڻ گهرن ۽ هندو انهن کي
مساڻن ۾ ساڙڻ گهرن.
(بيت)
چنان بانيک وبد عرفي بسر کن کز پسِ مردن
مسلمانت بزمزم شويد وهندو بسوزاند.
”خسرو“ دهلوي شاعر چوي ٿو ته مسلمانن سان سلام
عليڪي ڪر ۽ هندن سان رام رام.
(بيت)
خسرا، گر وصل خواهي، صلح کن با خاص وعام،
با مسلمان الله الله با برهمن رام رام
هڪڙو شاعر ٿو چوي ته جڏهن ماڻهو دنيا ۾ رئندو اچي
ٿو، يا ڄمي ٿو، تڏهن ٻيا خوشيءَ کان پيا کلن،
انهيءَ کي، دنيا ۾، اهڙو سڀني ماڻهن سان، سواءِ
تعصب جي گذارڻ ۽ رس رکڻ کپي، جو جڏهن مري، تڏهن
پاڻ انهيءَ خوشيءَ کان کلندو وڃي ۽ ٻيا سندس لاءِ
پيار رئن.
(رباعي)
اي آمده گريان تو و خندان همه کس،
و از آمدنِ تو گشته شادان همه کس.
امروز چنان بزي که فردا چو روي،
خندان تو برون روي و گريان همه کس.
”حافظ“ به چوي ٿو ته دنيا ۾ ائين گذارڻ کپي، جو
جڏهن ماڻهو مري تڏهن ٻيا چون ته هو مئو ئي ناهي
يعني انهيءَ کي نيڪيءَ سان پيا ياد ڪن.
(بيت)
چنان زندگاني کن اندر جهان،
که چون مرده باشي نگويند مرد.
”صمدا شيرازي“ شاعر چوي ٿو ته ماڻهو پنهنجي مذهب
تي قائم رهي پوءِ ٻين جو مذهب به معلوم ڪري، جيئن
پرڪار ٿو ڪري، جنهن جو هڪڙو پير مرڪز تي کتل آهي ۽
ٻيو، چوڌاري پيو ڦري.
(بيت)
همچو پر کاريم يکپا در شريعت استوار،
پائي ديگر سير هفتاد و دو ملت ميکند.
”صائب“ شاعر جو ٻيو به هڪڙو بيت آهي جنهن ۾ چوي ٿو
ته خدا کي ويجهو وڃڻ جو سولو رستو آهي، خلق کي خوش
رکڻ ۽ نه آزارڻ ۽ ماڻهن جون دليون هٿ ڪرڻ پوءِ
ڪهڙي به مذهب يا فرقي يا قوم جا هجن.
(بيت)
راه بسيارست مردم را بقربِ حق ولي،
راه نزديکش دلِ مردم بدست آوردن ست.
ٻيو شاعر چوي ٿو ته ائين ڪرڻ ڄڻ ته وڏو حج ڪرڻ بلڪ
ان کان به زياده آهي. (بيت)-
دل بدست آور که حج اکبر ستِ،
از هزاران کعبه يک دل بهتر ستِ.
مولانا جامي به چوي ٿو ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو
پنهنجا ٻئي جهان آباد ٿو ڪري. (بيت)-
مباد شغلِ تو الا عمارتِ دلها
که در عمارتِ دلها عمارت دوسرا ست.
صائب جو ٻيو به هڪڙو عمدو بيت آهي جنهن ۾ چوي ٿو
ته ٻين سڀني سان دنيا ۾ صلح رک، فقط پاڻ سان يعني
پنهنجي نفس سان جنگ ڪر، يعني پنهنجيءَ جند جو
فائدو وساري، ٻين سان ڀلائي ڪر. (بيت)-
صائب هزار بار ترا پيش گفته ام،
باخلق صلح ميکن وباخود بجنگ باش.
هيءَ بيت به صائب جو آهي، جنهن ۾ چوي ٿو ته منهنجي
ٻين سان ايتري همدردي آهي جو جنهن جي به پير ۾
ڪنڊو لڳي، اهو ڄڻ منهنجي پير ۾ ٿو لڳي. (بيت)-
بسکه آزردم ام، آزرده نخواهم کس را،
در دلم ميخلد آن خار که در پائي هست.
ٻيو چوي ٿو ته گهڻي عبادت ڪرڻ کان، هڪڙي دل خوش
ڪرڻ بهتر آهي. (بيت)-
صد خانه اگر بطاعت آباد کني،
به زان نبود که خاطري شاد کني.
”سعيدا“ شاعر هڪڙي بيت ۾ چوي ٿو، ته دوستن کي، گلن
ڏيڻ ۾، ڪا به مروت يا فضيلت ڪانهي. مروت يا فضيلت
انهيءَ ۾ آهي ته دشمن جي رستي تان ڪنڊا پاسي ڪجن.
(بيت)
از مروت نيست گل دادن بدست دوستان،
تا توان خاري ز راهِ دشمنان برداشتن.
صائب جو هڪڙو بيت آهي جنهن ۾ چوي ٿو ته ماڻهو، چڱو
اهو، جو دنيا ۾، ڪڪر جي پاڇي وانگر هلي، جنهنڪري
ڪنهن ماڪوڙيءَ کي به ايذا نه رسائي.
(بيت)
بزرگ اوست که برخاک همچو سايه ابر،
چنان رود که دلِ مور را نيازارد.
هيٺ پنهنجي سنڌ جي اولياءَ ۽ شاعر، شاهه صاحب جي
رسالي مان ڪي بيت ڏجن ٿا، جن مان معلوم ٿيندو ته،
سچن صوفين جي، خلق سان، ڪيتري همدردي آهي، پوءِ
اهي ڪهڙي به قوم يا مذهب جا هجن.
(بيت)
صوفيءَ سير سڀن ۾ جئن رڳن ۾ ساهه،
سا نه ڪري ڳالهڙي، جا پريون پروڙي پساهه،
آهيس ريءَ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.
-
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته، سڱ سڀيئي ٽوڙ،
جي ڄاوا جي ڄاپندا، جيءَ تني سان جوڙ،
ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾.
-
ڪلمه گو ڪوٺائيين، ان پر نه ايمان،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهيين.
-
منهن ۾ موسى جهڙو، اندر ۾ ابليس.
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيين.
-
پائي ڪانُ ڪمان ۾، متان هڻين مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو تو ئي کي لڳي!
فارسيءَ ۾ به اهڙي مضمون جو هڪ بيت آهي ته:
مکش خنجر، مزن بر سينه من،
تو ئي در دل، مبادا بر تو آيد!
هيٺ پنهنجي شعر مان ڪي، انهيءَ ساڳئي مضمون تي
ڏيندس.
(قطعه)
هر دو جڳ جي، جي تون آسائش گهرين ۽ بهتري،
دوستن سان رک محبت، دشمنن سان دلبري،
چار ڏينهن دنيا جي، دولت جا، غنيمت ڄاڻ يار!
خلق سان نيڪي ڪري وٺ، وجهه نه ملندئي ڪو وري.
(بيت)
خود پرستي، خود نمائي، خود خيالي، ترڪ ڪر،
نفس سان ڪر جنگ تون، صلح وصفا جي واسطي.
(مثنوي)
ڪنهن سان ڪڏهين اهنج ۽ ايذا نه ڪر،
جا هلت جڳ کي ڏکوئي، سا نه ڪر،
جي بدي ٻئي سان ڪيئي، ڪيئي پاڻ ساڻ،
جيڪي پوکيندين سو پنهنجو لڻندين پاڻ.
نيڪ جو بد ۽ بديءَ جو نيڪ ڦل،
ڪين ڪڏهين توکي ملندو هيڪ پل.
(بيت)
مهر سان جڳ تي نت نگاهه ڪريو،
سڀ کي پنهنجو عزيز آئين سمجهو.
(قطعه)
آسان جي هجي ها مسلمان اي قليچ!
سڀڪو هجي ها شبلي ۽ ادهم ۽ بايزيد.
جيسين نه ٿين اندر ۾ مسلمان تون ادا!
ڄاڻج يقين، تيسين تون ڪافر رهين پليد،
-
يقين ڄاڻو ته علمن، سڀن جو آهي مغز،
اول ڪلام خدا جو ۽ پوءِ نبين جو.
تصوف آهي مگر مغز تن ٻنهي جو پڻ،
سو جوهر آهي انهن جو ۽ مغز، مغز سندو.
-
موافقت تون خدا سان قليچ! ڪر پيدا،
مخالفت تون فقط پنهنجي نفس سان پيو ڪر.
ته راس تنهنجا رهن هن ۽ هن جهان ۾ ڪم،
۽ خلق خوش رهي تو مان ۽ تن کان تون خوشتر،
(رباعي)
پيو ڏس ۽ نه ڳالهاءِ، اهو رک مذهب،
گهٽ پاڻ کي ٻئي کان ڄاڻ، ايءَ رکُ مشرب.
تون پاڻ وسار، خير گهر خلق جو نت،
پيو ڏي ۽ نه وٺ ڪي به اهو رک مطلب.
-
مسجد ۽ مڙهي جيسين ڪه ويران نه ٿئي،
ڪل صلح جو جڳ ۾ ساز سامان نه ٿئي.
ايمان جي ڪفر، ڪفر ايمان نه ٿئي،
هڪ ماڻهو حقيقا مسلمان نه ٿئي.
-
منجهه عشق تون ڳار جسم، تا ٿين تو جان،
ٿين چست ۽ چالاڪ تون ۽ شير جوان.
جڏهن ڪفر ٿئي ڪمال، ايمانُ ڏسين،
ڪافر ٿين، جڏهن، ٿئي نه ڪامل ايمان.
-
ڪعبي ۾ ويهي، جي دل تون لاڙين ڏنهن غير،
حجُ تنهنجو ٿئي بت پرستيِ ۽ ڪعبو دير.
پر جي ويهي بتخاني ۾ حق کي ڪرين ياد،
پڪ ڄاڻ ته عاقبت ٿي تنهنجي بالخير.
-
دنيا ۾ خلاف ڪفر ۽ دين جو آهه،
مقصد جي ٻنهي جو هڪ، ته پوءِ اُن ۾ ڇاهه؟
مسلم ۽ هندوءَ جي جنگ مان مطلب ٿئي،
جڏهن پهڻ وڙهن ٻه، نڪري تن مان تڏهن باهه.
-
ڪا دل نه رهي عشق ۾ تنهنجي محزون،
زاهد کي رکي عقل خوش، عاشق کي جنون.
مسجد ۾ مسلمان، مڙهيءَ ۾ ڪافر،
ڪل حزب بما لديهم فرحون.
-
جنهن رستي وصال حق جو ڳولينِ چڱو،
جنهن در کان حجاب حق جو کولين چڱو.
جنهن اک سان ڏسن جمال حق جو بهتر،
جنهن ٻول سان نانءُ حق جو ٻولينِ چڱو.
-
رئندو آئين، دنيا ۾ جڏهن ڪيو ٿي،
ٻيا سڀ ٿي کليا، هو خوش سندن جان ۽ تن.
اڄ رهه تون ائين، جو جي سڀاڻي تون وڃين،
کلندو تون وڃين ۽ ٻيا سڀئي رئندا وڃن.
-
شيعي ۽ سنيءَ جا معاملا ٿيا مشهور،
آهين ڪتن ٻلن جا جهيڙا مشهور.
ڪنهن جو نه تعصب رکي ڏاهو ماڻهو،
ٿيو ماسُ گڏهه جو، ڏند ڪتي جا مشهور.
-
الله رسول جو مڃان آءٌ فرمان،
دل کؤن رهان آءٌ پنجتن تؤن قربان.
ٿيا يار ۽ اصحابَ سچا مون کي عزيز،
سني چوي، يا رکي ڪو شيعي جو گمان.
-
هر دين ۽ ملڪ تنهنجو ٿيو ۽ هر نام،
تڏهن توکي سڏيان ڇو نه هري ۽ هرنام؟!
جڳُ رام ٿيو تنهنجو سڀ، اي رحمان رحيم!
دل کي اچي رام رام مان تڏهن آرام.
-
مذهب ٿيا گهڻا، انهن ۾ ڪي خاص ڪي عام،
رهبر ٿيو ڪن جو ڪفر، ڪن جو اسلام.
هڪڙي ئي وجود کي، جدا نانـَـو سڏين،
رحمان رحيم ڪي ۽ ڪي لڇمڻ رام.
-
ڪر ڪان پڇا، هي ڪعبو آهي يا دير؟
گمراهي ۽ شڪ جي دشت ۾ ڪر نه تون سير.
وڃ، واٽ عبادت جي تون شيطان کان سک،
ڪر سجدو تون هڪ کي، ٻيو اڳيان آڻ نه غير.
-
منجهه عشق نه پيدا ۽ نه پنهان آهيان،
آءٌ جسم نه آهيان ۽ نڪي جان آهيان.
جنهن ڏي ٿو ڪريان نظر، اهو آهيان آءٌ،
ڪافر نه آهيان آءٌ، نه مسلمان آهيان.
-
تون گبر يهود يا نصارا کان نه لڪ،
جت رات پوئي، خدا جو گهر ڄاڻي ٽڪ.
مسجد ۽ مڙهيءَ مان، حق پرستي مطلب،
گهر جي ٻه ٿيا، ته گهر ڌڻي آهي هڪُ.
-
ميخاني ۾ مست پيو هو زاهد هڪڙو،
تسبيح ڳچيءَ ۾، هٿ ۾ مئي جو شيشو.
-
چيومانس ته آئين تون هتي ڪيئن؟ چيائين:
ميخاني منجهان به حق ڏي آهي رستو!
-
آءُ موٽي تون، ڪير ڀي هجين، آءُ موٽي،
ڪافر ٿين يا بت پرست ٿين، آءُ موٽي.
درگاهه هي اصل نا اميديءَ جي ناهه،
سؤ ڀيرا تون توبهه ڀڃين، آءُ موٽي.
هيٺيان بيت به انهيءَ مضمون تي آهن، جي اڪثر فارسي
ڪتابن تان ورتل آهن:
پير هڪ پرڪار جان آهي شريعت ۾ کتل،
ٻئي سان سڀني مذهبن جو سير دائم ٿا ڪريون.
-
شيخ جي ڊپ کان ڪئي مون آهي مستي اختيار،
واٽ نه ته مسجد ۽ ميخاني جي مون وٽ آهي هڪ.
-
هندو ۽ مسلمان، دلا هڪڙي ڪنڀر جا،
ڳڻجن ٿا گهڻا ٿانوَ، مگر آهي مٽي هڪ.
-
هڪئي ڏيئو ٿو ڪري مسجد ۽ مڙهي روشن،
اکيون اگرچه ٻه آهن، نگاهه آهي هڪ.
-
مسجد ۾ رهان ڪڏهن رهان ڪڏهن مڙهيءَ ۾،
يعني ٿو سدا ڳوليان آءٌ گهر گهر ڪري حق کي.
-
وڻئي ته ڪعبي ڏي رخ وڻئي ته بتخاني،
جدا ٿيون واٽون ته ڇا ٿيو، جو رهبر آهي هڪ.
-
گهر ڪفر جو ۽ دين جو ٿيو ڌار آهي اڄ،
نه ته ياد ڪر ته ڪعبو به بتخانو هو اڳي.
-
اک ۽ دل توکي ملي، آڏو کليئي، عالم جو باب،
ڪهڙو ٻيو استاد گهرجئي، ڪهڙو ٻيو گهرجئي ڪتاب؟
-
ٿئي بتخاني ۾ يا مسجد ۾،
مدعا سجدو آهي، ڪٿ به ٿئي.
-
ڪعبو، بت خانو ٻئي آهن درڪار،
جنڊ کي ٿا کپن ٻه پهڻ ضرور.
-
ڪفر ۽ دين هڪ ٿيا وحدت ۾،
ڳالهه هوئي ٻن چپن جي نت هڪڙي.
-
ڪفر ايمان ٻئي آهن ويجها،
ڪفر جنهن کي نه ٿيو نه ٿيو ايمان.
-
ڪفر اسلام ٿيا ڌريؤن همراهه،
بي ۽ تي بت ٿيو، الف الله.
-
جي ايمان آهي هيءَ ڪعبه پرستي،
ته طعنو بت پرستيءَ تي ٺهي ڪيئن؟
-
لڪل هر جسم اندر آهي جان،
لڪل تئن ڪفر اندر آهي ايمان.
-
ماڻهو سڀ منهنجا ڀاءُ ٿيا طيني،
۽ مسلمان ڀاءُ ٿيا ديني.
-
عشق جي ملت آهي ٽيهترين،
مذهب عاشق جو ترڪ مذهب آهه.
-
پروانو ناهيان پر رکان مذهب انهن جو آءٌ
سڀ ڪنهن جي شمع تي ڪريان روشن ٿو پنهنجي اک.
-
مذهب جي لفظي معنى رستو هلت چلت آهه،
مذهب نه خيال فقط، ويساهه يا ڪا مت آهه.
-
ويندين جنهن مذهب ۾ تون ڏسندين اتي جهيڙو ۽ جنگ
جي هجين آرام جو طالب ته صلح ڪل ۾ آهه.
-
دين ٻاهتر نه لنگهندين جيسين واصل ٿيندين ڪين،
هوندا ميلن جا پهڻ، باقي ته ڪعبو هوندو دور.
منهنجو مذهب
گهڻا پڇن ٿا منکان ماڻهو، تنهنجو ڇا مذهب؟
تون سني آهين يا شيعو يا صوفي لا مذهب!
تون مومن آهين، مسلمان، يا آهين ڪافر؟
لکين ڪتاب ٿو سڀ مذهبن جا تون يڪسر.
لکين سبق مٿي اسلام ۽ قرآن ۽ حديث،
۽ مختلف ٻيا مضمون، پاڪ توڙي خبيث.
انجيل پڻ لکيئي توريت ۽ ٿياسفي ڀي،
فلسفو، هندڪو مذهب، بهائي ۽ دهري،
لکيئي ڪتاب سنين لاءِ ۽ ڪي شيعن لاءِ،
ٿيو ڪفر دين گڏيل، مذهب ايءُ مرڪب هاءِ!
هلين ٿو سڀني سان هڪجهڙو، رس رکين سڀ سان،
طرف نه ڪو وٺين، نافر نه ٿين طرف ڪنهن کان.
ٻڌاءِ سچ، رهين اندر ٻهر ٿو هڪجهڙو؟
يا آهين هڪڙو اندر ۾، ٻهر ۾ آهين ٻيو؟
ڏيان جواب انهن کي آءٌ هي منجهان آرام،
اي دوستدارو! عليڪم سلام ولا ڪرام.
آءٌ پهرين آهيان سڀن جهڙو، مان بني آدم،
سڀيئي ماڻهو ٿيا ڀائر، انهيءَ ڪري باهم.
ايڪائي، دهري ۽ عيسائي ۽ يهودي پڻ،
۽ فرقا ٻيا گهڻا، اسلامي ۽ هنودي پڻ.
جي سچ اُهي، سڀئي هڪ ماءُ پيءُ جو ٿيا اولاد،
ته ڀائپي ٿي مٿن فرض، حق جو ايءُ ارشاد.
انهيءَ کان پوءِ مسلمان آهيان آءٌ يارو!
مڃان خدا ۽ نبين جو سلسلو سارو.
انهيءَ کان پوءِ رکان سڀني سان صحبت ۽ محبت،
ڌڻيءَ جا ٻانها، نبين سڀن جي ٿيا امت.
انهيءَ کان پوءِ امت خاص آءٌ محمد جي،
ٿياسين دين جا ڀائر، شيعا ۽ سني سڀئي!
انهيءَ ڪري ٿيو سارو جهان هڪڙو ڪٽنب،
ٿي ڀاتي، وير رکڻ، سمجهان آءٌ عظيم ٿو ذنب.
محبت آءٌ رکان سڀني سان درجي وار مگر،
ڪي ويجها ۽ ڪي پري، جيئن ٿي مائٽن جي پر.
رهان سڀن سان سنئون ۽ رکان سڀن سان رسُ،
رنجايان ڪنهن جي نه دل، جيترو پڄم ٿو وسُ.
وري پڇو جي، ته ڇا تنهنجو مذهبي مشرب،
چوان ٿو آءٌ، ته ٿيو منهنجو ”صلح ڪل“ مطلب.
انهيءَ ڪري آءٌ مسلمان، ڪافر آهيان ٻئي،
سني ۽ شيعو ٻئي آهيان، يا ته ناهيان ٻئي!
نفاق ۽ نه تقيه رکان مذبذب ٿي،
سڏايان پاڻ مسلمان، تن مان مومن ڀي.
پڙهان نماز ڪڏهن هٿ ٻڌي، ڪڏهن ڇوڙي،
ڪريان نياز سڀن عالمن سان، هٿ جوڙي،
نبيءَ کان پوءِ شرف ۾ علي ۽ ان جو آل،
مڃان ٿو، پر ٿيو حڪومت ۾ دنيوي ٻيو حال.
ٿئي ملڪ مال تي جهيڙو، حسب نسب تي ڪونه،
وڙهيو جو پاڪ مٿي ڍونڍ، آل اطهر سو نه.
مڃان رسول جا اصحاب پڻ آءٌ درجي وار،
ڏيان آءٌ مانُ ۽ تعظيم تن کي، ڏيانِ نه گارِ.
نفاق، صدق سندن جو، ڪريان آءٌ فيصلو ڪين،
دلين ۽ غيب سندو علم ٿيو خدا کي يقين!
انهي تي ڇوڪريان جهيڙا، وڃايان پنهنجو وات،
آءٌ ڀائپيءَ جا ڪريان ڇو نه حق سڀ اثبات؟
مڃان ٿو بعد صحابن جي اولياءَ سڀئي،
هئا جي شيخ طريقت جا ۽ سچا صوفي.
شروع طريقا سڀئي ٿيا ڪنا علي ولي،
امام پاڪ انهيءَ بعد، علم جن مخفي.
اهي ٿيا خاص، ۽ ٻيا عام، جي خدا جا مرد،
مڃان اُهي به، جي ابدال ٿيا ۽ قطب ۽ فرد.
عقيدو منهنجو، نيت منهنجي، حق کي ٿي معلوم،
اميد عفو جي اُن ۾ رکان، جو وحي قيوم.
اهو ٿيو مذهب منهنجو، وڻيوَ جيڪي سڏيوم،
سڏيوم ڪافر، مؤمن، سني، شيعو ڪوٺيوم!
الــٰهي رک مونکي اِنَ اعتقاد تي قائم،
”قليچ“ جو ٿيو تو کي سوال ايءُ دائم.
[2]
اسلامي تعليم نامو
(الف) مذهبي تعليم جو مقصد
جيڪڏهن ڌيان ڏئي ڏسبو، ته معلوم ٿيندو ته سڀني
مذهبن جي تعليم جا، ٻه مقصد آهن ۽ انهن مان ٻه
نصيحتون حاصل ٿين ٿيون. اهي ٻئي سڀڪنهن مذهب جو
بنياد آهن. سڀڪا ڀت، بنياد ئي سان، قائم رهي سگهي
ٿي ۽ سڀڪو وڻ، پاڙ ئي جي ڪري، مضبوط رهي سگهي ٿو.
جي بنياد، پڪو نه هوندو، ته ڀت، ڪري پوندي ۽ جي
پاڙ مضبوط نه هوندي، ته وڻ، ڪري پوندو. انهيءَ
طرح، جنهن مذهب ۾ اهي ٻه مقصد نه هوندا، سو بي
بنياد ۽ مئل ڄاڻبو. وري انهن ٻن مقصدن جو، مذهب
سان، اهڙو واسطو آهي، جهڙو روح جو، جسم سان. جي
جسم ۾ روح نه هوندو ته اهو بيڪار آهي. انهيءَ طرح،
جنهن مذهب ۾، اهي ٻه مقصد نه هوندا، اهو مذهب
بيڪار آهي.
هاڻي، اهي ٻه مقصد هي آهن- هڪڙو خدا کي مڃڻ ۽
سڃاڻڻ، ٻيو، دنيا ۾، ڪنهين کي به ايذا نه رسائڻ يا
تڪليف نه ڏيڻ. ائين ڪرڻ سان، ماڻهو، گناهن کان
بچي سگهي ٿو ۽ انهن ٻنهي مقصدن تي، نه هلڻ ڪري،
هر قسم جا گناهه پيدا ٿي سگهن ٿا، جيئن ته ڪفر،
شرڪ، ظلم، ڪوڙ، دغا، چوري، گلا غيبت وغيره. تڏهن
اسلامي، مذهب جا به اهي ئي ٻه مقصد آهن ۽ اسلام به
انهن ئي ٻن مقصدن جي، تعليم ٿو ڏئي. ۽ اهي ٻئي
مقصد اهڙا عمدا، مفيد ۽ حڪمت وارا آهن، جو انهن جي
تعريف بيان کان ٻاهر آهي. پهرئين مقصد مان، جو سبق
ملي ٿو، تنهن تي هلڻ ڪري، اها اميد رکي ٿي سگهجي
ته خدا تعالى، اسان مان خوش ۽ راضي رهندو.
انسان، کي دنيا ۾، ٻين انسانن ۽ مخلوقات سان واسطو
ٿو رهي ۽ آخرت ۾، خدا سان. تنهنڪري چئبو ته اها
تعليم، اهڙي عمدي آهي، جنهنڪري ماڻهوءَ ڄا ٻئي
جهان موچارا ٿا ٿين.
(ب) مذهب تي، زماني جي ڦير گهير جو اثر
آزمودي سان معلوم ٿيو آهي ته گهڻي مدت گذرڻ ڪري، ۽
زماني جي گردش ڪري، مذهب جي اصلي تعليم، ڪمزور ٿي
وڃي ٿي ۽ دنيا جي ڌنڌن ۽ نفس جي خواهشن ۽ هوا حرص
جي ڪري، ٻيون ڪيتريون ئي واهياتي ڳالهيون، انهن
مذهبي مقصدن ۽ اصولن سان گڏجي وڃن ٿيون ۽ بيتعليمي
۽ جهل جي ڪري ماڻهو، انهن واهياتي ڳالهين کي به،
مذهب جا اصول سمجهڻ لڳندا آهن. سڀڪنهن مذهب جو،
اهو حال ٿيندو آيو آهي، ۽ درجي بدرجي، ماڻهو، مذهب
جي سچن اصولن کان، ويا آهن پري پوندا ۽ رسمن
رواجن، وسوسن، ۽ خام خيالن کي، ويا آهن مذهبي حڪم
سمجهندا. ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾، ڪا به شيءِ،
گهڻي عرصي تائين، پنهنجي ساڳي اصلوڪيءَ حالت تي،
قائم رهي نٿي سگهي، ضرور منجهس ڦير گهير پيدا ٿئي
ٿي. مذهب جو به ساڳيو اهو حال آهي جيئن ڪو مذهب
زياده قديم، ۽ جهونو هوندو، تيئن منجهس اهڙي قسم
جي ڦير گهير، زياده هوندي. انهيءَ صورت ۾، انهيءَ
کي وري پنهنجي اصلي صورت ۽ حالت تي آڻي بيهارڻ،
نهايت مشڪل ڪم آهي. انهيءَ هوندي به، ڪن عالي دماغ
۽ عقلمند ماڻهن کي خدا جي هدايت ٿئي ٿي ۽ هو
پنهنجي مذهب جو عيب صواب معلوم ڪري سگهن ٿا، ۽
جيڪا نامناسب ڦير گهير، انهيءَ ۾ پيدا ٿي آهي، سا
هنن کي، صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هو ڪوشش ڪن ٿا ته
پنهنجي مذهب جي اصلاح ڪن ۽ سچ کي ڪوڙ کان جدا ڪن.
ٻين مذهبن جي نسبت، وري به اسلام کي، انهن ڦيرين
گهيرين مان نڪري، پنهنجي اصلي حالت ۾ اچڻ آسان
آهي، جو ٻين وانگي، سندن پاڪ ڪتاب يعني قرآن شريف،
زماني جي دست درازيءَ ۽ ماڻهن جي وڌل ڦير گهير
کان، بچي ويو آهي ۽ منجهس، هڪڙي اکر، بلڪ هڪڙي
نقطي جو به تفاوت نه ٿيو آهي. اها قرآن جي حفاظت،
اسلام جي هادي نبي صلي الله عليه وسلم جن جو هڪڙو
معجزو شمار ۾ ٿو اچي، تنهنڪري جي اسلام جي مذهب ۾،
ڪا ڦير گهير پئجي وئي آهي، ته انهيءَ جي اصلاح،
آسانيءَ سان ڪري ٿي سگهجي جو خدا جو ڪلام ۽ پاڪ
ڪتاب، اسان وٽ صحيح سالم موجود آهي.
هتي، شايد اهو سوال اٿندو، ته اها ڦير گهير، اهڙين
حالتن ۾، ڪيئن ۽ ڇو ٿي، ۽ ڪهڙي قسم جي ماڻهن وڌي؟
انهيءَ جو جواب اهو آهي، ته اها ڦير گهير، ڪن خود
غرض ۽ مطلبي عالمن ۽ ڪوڙن پيرن مرشدن ۽ ڍونگي
صوفين ۽ درويشن، ظالم ۽ خود پسند حاڪمن ۽ ٻين
بيعلم جاهل ماڻهن جي وڌل آهي. گهڻائي پڙهيل ماڻهو
آهن، جي نه ديني علم رکن ٿا ۽ نه عمل، ۽ پاڻ کي
عالم ۽ مولوي سڏائي، قرآن جي آيتن جون معنائون،
پنهنجي مطلب جي ثابتيءَ لاءِ ٿا ڪڍن ۽ ٻڌائين.
گهڻائي پير فقير آهن، جي قرآن ۽ حديث کان پورا
واقف ناهن ۽ پنهنجي سرخروئي يا دنيائي فائدي جي
لاءِ، پاڻ کي مذهبي پيشوا ۽ مرشد ٿا چوائين،
گهڻائي مولوي آهن، جي شروع کان وٺي، عربي نه
ڄاڻندڙ کي، سچي معنى سمجهائڻ ۽ ٻي ضروري تعليم ڏيڻ
۾ بخيل رهيا آهن، انهيءَ ڊپ کان، ته متان عام جاهل
ماڻهو، واقف ٿين ۽ اسان جي محتاجيءَ کان ڇٽن، ۽
عزت نه ڏين، يا ٻيءَ طرح نه ورسائين.
تنهنڪري، ضرور آهي ته عام مسلمانن کي، پوريءَ طرح
خبر پوي، ته ڪهڙيون ڳالهيون اسلامي آهن، يعني خدا
۽ رسول صلي الله عليه وسلم جي حڪمن موجب آهن ۽
ڪهڙيون ناهن، اسين هيٺ ذڪر ٿا ڪريون.
(ج) صورت ۽ پوشاڪ ۽ شادي غميءَ جي رسمن جي نسبت ۾،
ڪهڙيون ڳالهيون، اسلامي تعليم ناهن؟
(1) صورت ۽ پوشاڪ جو، حقيقت ڪري، اسلام سان ڪو به
واسطو ڪونهي. انهن بابت، قرآن شريف ۾ ڪي به ڪين
چيل آهي. اسلام جو مقصد ٻيو آهي، اهڙين ظاهرداريءَ
جي ڳالهين سان، انهيءَ جو ڪو به واسطو ڪونهي، بلڪ
حديث ۾ آهي ته خدا تعالى، اوهان جي صورت ڏي نٿو
ڏسي، پر اوهان جي دل ڏي ٿو ڏسي، ۽ سڀ ڪم، دل جي
نيت تي منحصر آهن. جيڪي، ماڻهو ظاهري صورت کي،
اسلام جو وڏو اصول ٿا سمجهن، سي حقيقت ڪري، اسلام
کان غير واقف آهن. صورت ۽ پوشاڪ جي نسبت ۾، ويچار
جوڳي ڳالهه اها آهي، ته صورت ۽ پوشاڪ، اهڙي هئڻ
گهرجي جنهنڪري ماڻهن ۾ رواجي آسائش ۽ وهنوار لاءِ،
مومن ۽ ڪافر جي وچ ۾، يا جدا جدا قومن ۽ مذهبن جي
وچ ۾، ڪو فرق معلوم ٿي سگهي ۽ ٻئي آسانيءَ سان،
سڃاپي سگهن، متان، ماڻهو، ڀلجي يا ٺڳجي وڃن ۽ انهن
کي ڪنهن سبب، ڪو ايذا يا نقصان رسي! اهڙين
ظاهرداريءَ جي ڳالهين جو، اسلام جي مذهب سان، ڪو
به واسطو ڪونهي، بلڪ قوميت يا تهذيب سان آهي. هرهڪ
ملڪ ۽ هرهڪ قوم جي تهذيب علحدي آهي، جنهن جي ڪري،
انهن جو فرق معلوم ٿي سگهي ٿو، نه فقط صورت ۽
پوشاڪ ۾، پر کائڻ، اٿڻ، هلڻ چلڻ ۽ ٻين رسمن رواجن
۽ دستورن ۾ به.
انهيءَ نظر تي، قرآن جي اها تعليم ناهي، ته ڏاڙهي
هيئن رکو ۽ مڇون هيئن رکو، يا مٿي جا وار ڪوڙايو
يا وڍايو يا چڳون لڙڪائي ڇڏيو، يا سينڌ هيئن ڪڍو،
يا پهراڻ هن قسم جا ڍڪيو ۽ پٽڪا هن طرح سان ٻڌو يا
ٽوپيون، اصل نه ڍڪيو ۽ جي ائين نه ڪندؤ، ته آخرت
۾، اوهان کي سخت عذاب ملندو يا دوزخ ۾ ويندؤ.
(2) ساڳيءَ طرح شادي ۽ غميءَ جي رسمن جو، اسلام
سان ڪو به واسطو ڪونهي. اسلام جي اها تعليم ناهي،
ته جڏهن پٽن جي طهور يا ختنو ڪرايو تڏهن وڏيءَ ڌوم
ڌام سان ڪرايو ۽ گهوڙي تي چاڙهي، انهن کي سرگشت
ڪرايو ۽ شاديءَ جيترو ئي خرچ ڪريو. يا جڏهن ڪنهن
ٻار جي ڇٺي ڪريو يا ان جي قرآن شروع ڪرڻ يا پوري
ڪرڻ جي خوشي ڪريو، تڏهن گهوڙي تي چاڙهي گهمايوس ۽
دهل دماما وڄايو ۽ ناچ ڪريو ۽ شاديءَ جهڙي ماني
ڪريو. يا جڏهن شادي ڪريو تڏهن مينديون لايو ۽
ورهايو ۽ کهنبا ڪريو ۽ کوهيءَ تان پاڻي ڀريو ۽ ٻيا
بيهودا ۽ بي معنى سڳڻ ساٺ ڪريو ۽ دهل ۽ باجا وڄايو
۽ ڪڃريون نچايو ۽ وڏا وڏا مهر ٻڌو ۽ مانيءَ جي
مجلس ۽ ٻين تماشن تي، بي انداز ۽ بيصرفي خرچ ڪريو
نه ته نڪاح برابر نه ٿيندو ۽ اوهين گنهگار ٿيندؤ.
(3) نڪي وري مرڻي يا غميءَ وقت، قرآن جي اها تعليم
آهي ته گهر جا ڀاتي ۽ ٻيا عزيز خويش، سڀ گڏ ٿي ”يا
حسين! يا حسين!“ ڪري منهن مٿا پٽيو ۽ اوسر ڪري
روئو ۽ پٽيو ۽ ڪانڌپي ۽ ٽيجهي جي مانيءَ تي، ٻوڙ
پلاهه ڪريو ۽ ماڻهن کي کارايو يا چاليهي ۽ سال پڄڻ
تي يا هر هفتي، جمعي جي رات، ماني ڪريو ۽ اوڙي
پاڙي ۾ وراهي ڏيو ۽ مٺايون ۽ ميوا ورهايو ۽ غريب
محتاج وساري، يارن دوستن کي سڏي کارايو، نڪو وري
اهڙو حڪم آهي ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ پٿر ڪريو ۽
ڪارا ڪپڙا ڍڪي ٻيءَ طرح ماتم ۽ سوءِ ڪريو يا هر
هفتي ، وار وار تي سڀ زالون گڏ ٿي روئن ۽ پار ڪڍن.
(د) خدا پرستيءَ جي نسبت ۾، ڪهڙيون ڳالهيون اسلامي
تعليم ناهن؟
اسلام ۾، خدا پرستيءَ کان سواءِ، ٻي ڪنهن به شيءِ
جي پرستش ڪرڻ، روا ناهي، نه گور پرستي، نه آب ۽
آتش پرستي، نه ٻئي ڪنهن به قسم جي بت پرستي! قرآن
جي اها تعليم ناهي، ته پيرن ۽ اوليائن ۽ ٻين بزرگن
جي قبرن تي وڃي، انهن کان دعا گهرو ۽ چؤ ته اسان
جون مرادون پڄايو يا انهن تي مڃتائون ڪريو ۽
چوٽيون ۽ وار ڪوڙايو ۽ انهن جي چوڌاري ڦرو ۽ انهن
کي چميون ڏيو، ۽ زالون، دهلن ۽ شرناين سان، انهن
تي وڃن، ۽ خوشيون ڪن ۽ مٺايون ۽ مانيون وراهين ۽
ناچ ڪن ۽ راڳ ڳائين ۽ انهن تي پوش ۽ پڙ چاڙهين يا
مٺو ۽ اڳڙيون ٻڌن.
نڪي قرآن جي اها تعليم آهي ته درياهه يا کوهه تي
وڃي، خواجه خضر جي نالي، يا بهاني، هار يا ڏيا
ٻاريو يا ناريل وغيره، خواجه خضر جي نالي، پاڻيءَ
۾ وجهو، يا پيران پير يا ڪنهن ٻئي بزرگ جي بهاني،
ڪنهن مڪان يا ٿان کي مقرر ڪري، اتي پوڄا لاءِ وڃو
۽ دعائون گهرو ۽ مٺايون وراهيو ۽ مانيون ڪريو، يا
وري هوليءَ جي موقعي تي يا ڪنهن ٻئي هنڌ، ڪي
ڏينهن، سيتلا ماتا جي پوڄا لاءِ، پاڻيءَ جا ڇنڊا
هڻو يا ٻيا سڳڻ ساٺ ڪريو يا باهه جي چوڌاري ڦرو يا
ڏياريءَ تي، کڏڻا ٺاهي، ڏيا ٻاريو ۽ پهڻ ۽ ڪاٺ ۽
ڪاغذ تي، شاهه جا قدم ڪڍي يا اوليائن جون تصويرون
ڪڍي، انهن کي چمو ۽ اکين تي رکو ۽ پوڄيو يا عاشورن
جي ڏينهن ۾ باهه جا مچ ٻاري، انهن جي چوڌاري ڦرو ۽
”يا حسين! يا حسين!“ ڪري لڏو ۽ ڦرو ۽ پٽيو يا سيج
۽ تابوت ۽ گهوڙي ۽ دلدل کي پوڄيو ۽ انهن کي پيرين
پئو ۽ چمو ۽ انهن تي پتاشا ۽ ٻيا نذرانا رکو ۽
انهن کان دعائون گهرو ۽ انهن کي گهمايو ۽ گشت
ڪرايو ۽ انهن سان مرثيا پڙهندا گهٽين ڪوچن ۾ ڦرندا
وتو.
(هه) ظلم ۽ زيادتيءَ جهڙن ڪمن جي نسبت ۾، ڪهڙيون
ڳالهيون، اسلامي تعليم ناهن!
قرآن جي اها تعليم ناهي، ته ظلم ۽ زيادتيءَ جهڙا
ڪم ڪريو، جي گهڻن قسمن جا آهن، جيئن ته ڪنهن کي
ناحق قتل ڪرڻ يا ايذا رسائڻ، زور زبردستي يا ڦر
مار ڪرڻ، چوري ڪرڻ، باهه ڏيڻ، ڌاڙو هڻڻ، ٻئي تي
ڪوڙي تهمت رکڻ، گلا غيبت ڪرڻ، دست درازي ڪرڻ، ظالم
کي مدد ڏيڻ، رشوت وٺڻ، ٺڳي ۽ دغا بازي ڪرڻ، انجام
نه پاڙڻ، بيوفائي ۽ نمڪحرامي ڪرڻ، خيانت يا ڪپت
ڪرڻ، زنا ڪرڻ، مذهبي تعصب ڪرڻ، اولاد کي تربيت ۽
تعليم ڏيڻ کان غفلت ڪرڻ، بيوه زال کي نڪاح کان
روڪڻ، ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن شرعي ڪم ڪرڻ کان
منع ڪرڻ، جانورن کي ايذا رسائڻ يا ستائڻ، ٻئي
ماڻهوءَ جي توهين ڪرڻ يا ڪنهن کان حقارت رکڻ، اهي
سڀ بڇڙا ۽ ظلم جا ڪم آهن، جن کان اسلام منع ٿو ڪري
۽ قرآن ۾، ظالمن تي لعنت ڪيل آهي.
قرآن جي اها تعليم ناهي، ته بالغ ڌيون، گهر ۾
وهاري ڇڏجن ۽ اجاين وهمن ۽ خيالن ۽ عذرن سبب، انهن
کي شادي ڪرڻ نه ڏجي، يا وري انهن جي پڇڻ ۽ شرعي
اجازت کان سواءِ، سندن مرضيءَ جي برخلاف، پرڻائي
ڇڏجي، اهو به ظلم ۾ داخل آهي. نڪي، قرآن اها تعليم
ٿو ڏئي، ته شادي ۾ اهڙا وڏا مهر يا ڪابين ٻڌو، جي
ادا ڪري نه سگهن ۽ پوءِ، جي اتفاق سان مڙس ۽ زال
جي وچ ۾، حد کان وڌيڪ ناسازي پيدا ٿئي، ته مهر جي
بندش ڪري، ڇڪتاڻ ٿئي ۽ طلاق ڏئي نه سگهي، ائين
ڪرڻ به هڪڙو ظلم آهي.
قرآن جي اها تعليم به ناهي، ته جي اوهان کي شادي
جي لاءِ پئسو به نه هجي ته قرض کڻي، شادي ڪريو يا
جوان ڌيون، انهيءَ عذر تي وهاري ڇڏيو، جنهنڪري
خرابيون پيدا ٿي سگهن ۽ پنهنجيءَ وسعت آهر ٿوري
خرچ تي اصل شادي نه ڪريو.
قرآن جي اها تعليم ناهي ته جي اوهين مفلس ۽ غريب
ٿي وڃو ته پوءِ، پورهيو نه ڪريو ۽ فقير ٿي سوال
ڪندا ۽ پنندا وتو يا چوري، ٺڳي ۽ ڪپت جا ڪم ڪريو
يا نوڪريءَ ۾ رهي، بي ايماني ڪريو ۽ رشوت وٺو. نڪي
وري، قرآن جي اها تعليم آهي ته جڏهن دولتمند ٿيو،
تڏهن اجايا خرچ ڪريو ۽ عيش عشرت ۾ گذاريو يا ٻين
جا خانا خراب ڪريو يا زنا ڪريو ۽ شراب پيو ۽ جوا
ڪريو يا پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهي، ٻين کان حقارت
ڪريو ۽ انهن جي گلا غيبت ڪريو.
قرآن جي اها تعليم به ناهي، ته ٻين مذهبن وارن کي،
اجايو سجايو ڳالهايو ۽ تعصب جي ڪري، انهن کي تڪليف
۽ ايذا رسايو يا زور ڪري يا ٺڳاري، ٻئي کي، پنهنجي
دين تي آڻيو، يا مذهب جي ڪري ملڪ ۾ فساد مچايو ۽
حاڪمن جي برخلاف، ڪو تحرڪ ڪريو، جنهنڪري خونريزي
۽ دنگو ٿئي يا سرڪار جي نمڪ حلالي ۽ وفاداري ڇڏي
ملڪ ۾ بگاڙو وجهو.
(و) خدا جي پرستش جي نسبت ۾ ڪهڙيون ڳالهيون اسلام
ناهن؟
قرآن جي تعليم، خدا جي پرستش بابت هيءَ آهي ته خدا
کي هڪڙو ڪري مڃيو ۽ ٻئي ڪنهين کي به، انهيءَ سان
شريڪ نه ڪريو. انهيءَ کي، نه ماءُ آهي ۽ نه پيءُ
آهي، نه زال آهي نه ٻار. انهن سڀني کان هو پاڪ
آهي. انهيءَ هڪڙي جي عبادت ڪريو ۽ جيڪو انهيءَ جي
بندگيءَ ڪرڻ ۾ ٻيو، ڪو، انهيءَ سان، شامل ۽ شريڪ
ڪندو سو مشرڪ ۽ ڪافر ٿيندو ۽ دوزخ ۾ ويندو. شرڪ
جهڙو، ٻيو وڏو گناهه ڪونهي ۽ اهو، معاف ٿيڻ جو
ناهي، ٻيا سڀ گناهه معاف ٿي سگهن ٿا.
قرآن جي تعليم، آهي ته پيغمبرن، اوليائن، مرشدن يا
عالمن کي، خدا جهڙو درجو نه ڏيو ۽ خدا کان سواءِ،
ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کان، دعا يا مراد نه گهرو.
خدا اوهان کي، تمام ويجهو آهي ۽ اهو، اوهان جو هر
ڪو سوال ٻڌي ٿو. انهيءَ جي بندگي ڪريو ۽ انهيءَ کي
ياد ڪريو ۽ انهيءَ کان ڊڄندا رهو ۽ انهيءَ جي
نعمتن جي شڪر گذاري ڪريو ۽ مصيبت جي وقت، صبر ڪريو
۽ انهيءَ کان مدد گهرو.
قرآن جي تعليم آهي، ته خدا کان، سواءِ ٻئي ڪنهن
کي، غيب جي خبر ناهي. دين جو علم سکو ۽ هنر سکو، ۽
جاهل نه بنجو. جيڪا اوهان کي خبر نه هجي، سا پڇي
معلوم ڪريو. پنهنجي خيال يا مرضيءَ موجب يا نفس جي
چئي تي نه هلو، يعني بدعت جهڙا ڪم نه ڪريو.
قرآن جي تعليم آهي، ته ڀلائي ۽ برائي، خدا جي هٿ ۾
آهي، ۽ انهيءَ جي تقدير آهي، ليڪن هو پاڻ چڱو آهي
تنهن کان هميشه ڀلائي ٿي رسي، برائي ماڻهوءَ کي
پنهنجن ئي خراب اعمالن کان ٿي رسي.
قرآن جي تعليم آهي، ته خدا، ماڻهن جي هدايت لاءِ،
پيغمبر موڪليا آهن ۽ اهو، هن جو، انسانن تي، نهايت
وڏو احسان آهي. اهي، خدا جو حڪم پهچائين ٿا ۽ انهن
کي مڃڻ گهرجي ۽ انهن جي حڪمن تي هلڻ گهرجي ۽ انهن
کي تعظيم ڏيڻ گهرجي. جيئن الله تي ايمان آڻجي،
تيئن سندس موڪليلن پاڪ ڪتابن تي ۽ قيامت جي ڏينهن
جي حساب ڪتاب تي پڻ ايمان آڻجي.
قرآن جي تعليم آهي، ته ايمان سان گڏ چڱا عمل به
ضروري آهن. عبادت، يعني نماز، روزو، حج ۽ زڪوات
فرض آهن، ۽ اهي، سچيءَ دل سان ادا ڪرڻ گهرجن، ۽
گناهه جهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ
جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
قرآن جي تعليم آهي، ته دين جي ڪمن ۾ ڪوڙ نه ڪريو،
۽ نه ماڻهن کي گمراهه ڪريو. جي عالم، بي عمل آهن،
۽ دنيا جي دولت کي، پنهنجو دين ٿا ڄاڻن، سي ڍورن
وانگي آهن، بلڪ قرآن جي تعليم آهي، ته حق کي نه
لڪايو ۽ سچ ۾ ڪوڙ نه گڏيو ۽ نه ڪوڙيون معنائون
بنائي، ماڻهن کي گمراهه ڪريو ۽ ملڪ ۾ فساد برپا
ڪريو. جيڪي به ڪريو، سو خدا ڪارڻ ڪريو ۽ پنهنجي
فائدي يا مطلب تي ڪي به نه ڪريو، ۽ نه ڪوڙو قسم
کڻو.
(ز) خدا جي خلق جي نسبت ۾، ڪهڙيون ڳالهيون اسلامي
تعليم ناهن؟
قرآن جي اها تعليم آهي، ته پنهنجي عيال ۽ گهر جي
ڀاتين کي، دين جي تعليم ۽ تربيت ڏيو ۽ خدا جي
عبادت جي، انهن کي ترغيب ڏيو ۽ انهيءَ کان، هنن
کي، غافل رهڻ نه ڏيو. چڱن ڪمن ۾، هڪٻئي جي ڀلي مدد
ڪريو، پر جيڪڏهن اوهان مان، ڪن به ٻن ڄڻن يا فرقن
جي وچ ۾، نفاق يا جهيڙو هجي، ته انهن جو پاڻ ۾
صلح ڪرايو ۽ هميشه ضروري ڪمن ۾ پاڻ ۾ صلاح مشورو
ڪندا رهو.
قرآن جي تعليم آهي، ته ٻين تي ظلم نه ڪريو، پنهنجن
هٿن سان، پاڻ کي، هلاڪت ۾ نه وجهو. عدل ۽ انصاف کي
نه ڇڏيو. صبر ۽ شڪر ڪندا رهو.
فضول خرچي ۽ اسراف نه ڪريو، نه بخيلي (بخل) ڪريو،
سخا خيرات، نيڪيءَ ۾ احسان جي ڪمن ۾، پيسو خرچيو
۽ انهيءَ سان گڏ، قناعت ۽ توڪل به ڪريو. ٻئي تي
ٽوڪ يا ٺٺولي نه ڪريو ۽ نه ڪنهن جي گلا غيبت ڪريو.
اخلاق چڱا رکو. ٻين مذهبن وارن کي، اجايو سجايو نه
ڳالهايو. بحث مباحثي ۾ نرميءَ سان گفتگو ڪريو. ٻئي
کي نصيحت ڪرڻ ۽ فهمايش يا سيکت ڏيڻ ۾ نرمي ڪريو.
هٺ ۽ وڏائي يا شوخي، مور نه ڪريو.
قرآن جي تعليم آهي، ته زنا ۽ بيحيائي نه ڪريو.
ڪنهن کي تڪليف ۽ ايذا نه رسايو. شراب نه پيو، جوا
نه ڪريو، حرام نه کائو، خيانت نه ڪريو. ماپ ۽ تور
۾ گهٽتائي نه ڪريو. وياج نه کائو، ٻئي تي، ڪوڙي
تهمت نه لايو. ڪاوڙ ماريو، حسد نه ڪريو ۽ ٻين جا
قصور معاف ڪريو. يتيمن تي رحم ڪريو ۽ انهن جو مال
نه کائو، ۽ زالن کي ضرورت کان سواءِ، پردي کان
ٻاهر رهڻ نه ڏيو ۽ برقعي کان سواءِ ٻاهر وڃڻ نه
ڏيو، نه فقط، پاڻ جهڙن انسانن کي ايذا نه رسايو،
پر جيڪي گگدام جانور آهن، تن کي به، ايذا نه رسايو
۽ هميشه انهن تي، رحم جي نظر ڪندا رهو، جيڪي گناهه
ڪريو، تن جي، لاءِ سچيءَ دل سان توبهه ڪريو ۽ خدا
کان معافي گهرو ۽ ڄاڻي ٻجهي، گناهه جهڙا ڪم نه
ڪريو.
قرآن جي تعليم آهي، ته جيڪي غير شرعي ۽ بدعت
جهڙيون رسمون، اوهان ۾ اچي پيون آهن سي، نه ڪريو.
شادي جي يا مرڻ جي نسبت ۾، جيڪي ڪرڻو آهي، سو سنت
آهي ۽ اهو آهي عزيزن خويشن ۽ دوستن کي سڏي، نڪاح
پڙهائڻ ۽ کارڪون يا مٺائي ورهائڻ. ماني کارائڻ به
جائز آهي، پر جي وسعت نه هجي ته قرض کڻي، نه
کارائجي. نڪي مرڻي تي، رُئڻ پٽڻ اوسر ڪرڻ يا
ٽيجهي، چاليهي، ۽ سال تي ماني ڪرڻ جو ضرور آهي.
خيرات جي ماني، فقيرن ۽ محتاجن کي، کارائڻ ۾ حرڪت
ڪانهي، مگر دعوت ڪري، اهڙن وڏن ماڻهن کي کارائڻ ۽
انهيءَ تي اجايو خرچ ڪرڻ، اسلام جي تعليم جي خلاف
آهي.
|