سيڪشن؛ مضمون

تقريرون ۽ تحريرون

باب: --

صفحو :6

[12]

سنڌي شعر

 

سنڌ جي شعر جي بيان شروع ڪرڻ کان اڳي، مختصر طرح، ديباچي طور، ڪي ڪجهه عام شعر بابت، چوڻ ضرور آهي، جو سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم يا ٻوليءَ سان لاڳو ٿي سگهي. سڀ ڪنهن مشرقي يا مغربي قوم جو لٽريچر، يعني ڪتابي علم، شعر سان  ئي شروع ٿو ٿئي. بلڪ ائين چوڻ به بيجا ناهي ته انسان، جو ”حيوان ناطق“ يعني ڳالهائيندڙ جانور آهي، سو پنهنجي سڀائي حالت ۾ دل جي شوق مان، جڏهن پنهنجي اندر جا خيال ظاهر ڪري ٿو، تڏهن سندس واتان شعر ٿو نڪري. انهيءَ جو سبب توڙي اثر، اڪثر اهو آهي ته ٻڌندڙن کي اهو مٺو ٿو لڳي ۽ انهن جو ڌيان ڇڪي ٿو ۽ انهن جي دل تي، اهو ڄمي وڃي ٿو ۽ پوءِ گهڻي وقت تائين، اُهو آسانيءَ سان ياد رهي ٿو.

شعر لفظ عربي آهي، جنهن جي معنى ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ، انهيءَ ڪري شعر، ضد (مخالف) ٿيو جهل يا نادانيءَ جو، ۽ شاعر جو ضد ٿيو جاهل. سڀڪو رواجي ماڻهو، ڄاڻندڙ ۽ پروڙيندڙ ڪين هوندو. ڪو دانا يا حڪيم يا فيلسوف يا ڪو پيغمبر ۽ اولياءُ انهيءَ نالي جو لائق ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري، قديم وقت ۾، اڪثر شاعر اولياءُ شمار ڪيل هو. سمجهيل هو ته شعر، خدائي ڏات آهي، ۽ خدا جي الهام وانگي، ماڻهوءَ جي دل ۾ ٿو اچي. انهيءَ ڪري، شاعرن جي تعظيم به، پيغمبرن ۽ اوليائن جهڙي هوندي هئي. اسان جي قرآن ۾، شاعرن ۽ ڪاهنن جي نندا لکيل آهي ۽ انهن جي ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ يا هلڻ وارون کي، گمراهه ۽ ڪافر چيل آهي. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته شعر جو، سچائيءَ ۽ حقيقت سان، ڪو به واسطو ڪونهي. ڪو قدرتي نظارو يا ڪا خدائي موجودات ڏسي، جيڪي خيال، شاعرن جي دم ۾ يا انهن جي واتان پيدا ٿا ٿين، اهو آهي شعر. انگريزي لفظ ”پوئيٽريءَ“ جي به اها ئي معني آهي. پوئيو (Poieo) لفظ جي معنى To Create or Produse يعني پيدا ڪرڻ ۽ انهيءَ جي اصطلاحي وصف آهي. خوش ڪرڻ يا خوشي، جا ڪنهن به موزون عبارت جي آسانيءَ سان سمجهڻ مان، اسين حاصل ڪري سگهون ٿا. اها وصف، لارڊ جيفريءَ جي آهي. مثلا رواجي ماڻهو چوندو ته سج اڀريو آهي ۽ پره ڦٽي آهي يا صبح جو سوجهرو ٿيو آهي، پر شاعر چوندو ته صبح، گهورڙين وانگي، سونو ٿالهه مٿي تي رکي نڪتو آهي. پارسي شعر جو مثال ڏسو، جنهن ۾ شاعر، خيالي سبب ڏنو آهي ته محبوب، ڇو برقعو وجهي، باغ ۾ ٿو اچي؟ چوي ٿو ته:

برقعه به رخ افگنده برد ناز بباغش،

تا نگهت گل بيخته آيد بدماغس.

پر سچو سبب، برقعي وجهڻ جو، ٻيو آهي.

هاڻي رواجي عام جاهل ماڻهو، جيڪي چوي ٿو، سو سچ ٿو چوي ۽ شاعر، ڪوڙ ٿو ڳالهائي، اگرچه انهيءَ مان، دل کي خوشي حاصل ٿئي ٿي. تنهنڪري، جيڪو، شاعر جي ڳالهه کي سچو ڄاڻي ويساهه ڪندو، اُهو ضرور گمراهه ٿيندو. دنيائي ڳالهين ۾، ته شاعر جي ڳالهه کڻي روا رکبي، پر مذهبي يا خدائي ڳالهين ۾ ته، اهڙيون تشبيهون ۽ مبالغا، روا رکڻ نه گهرجن. انهيءَ هوندي به، اسان جو نبي صلي الله عليه وسلم، شعر کي گهڻو پسند ڪندو هو ۽ حضرت علي، سندن سؤٽ ۽ خليفو، قابل شاعر هو. عربي قول موجب، شاعر ”تلاميذ الرحمان“، يعني خدا جا شاگرد سڏيل آهن. شيخ فريد الدين عطار، مشهور صوفي شاعر چوي ٿو ته:

شاعري جزوي است از پيغمبري،

جاهلاش کفر خوانند، از خري.

حقيقت هيءَ آهي ته شعر جي چڱائي يابڇڙائي يا ان جو روا يا نا روا هئڻ، منحصر آهي، انهيءَ جي مضمون تي. جو مضمون، خدا جي حڪمن جي بر خلاف آهي، يا جو انسان جي دل ۾، شيطاني ۽ نفساني خيال پيدا ڪري ٿو ۽ اخلاقي نور گهٽائي ٿو، سو خراب آهي ۽ ڪفر آهي. پارسي بيت آهي (جو شايد سعديءَ جو آهي) ته:

به نطق آدمي بهتر است از دواب،

دواب از توبهه، گرنگوئي صواب.

شعر، علم به آهي، ته هنر به آهي. علم يا حقيقت جي نظر تي شعر، سائنس يا حڪمت جو ضد آهي، جنهن جو ڪم آهي، شين جي سچي حقيقت ڏيکارڻ، جوڪم شعر جو ناهي، ۽ هنر جي نظر تي، شعر، نثر جو ضد آهي. انهيءَ وقت، انهيءَ کي ”نظم“ ٿو سڏجي. عربي اصل موجب، نثر جي لفظي معنى آهي موتي، هيٺ هاري، پکيڙي ڇڏڻ، ۽ نظم جي معنى آهي، اُهي هاريل موتي، وري ڌاڳي ۾ پوئڻ. اهو پوئڻ جو ڪم، هنر آهي، جو ڪو به ماڻهو سکي سگهي ٿو. نظم ٿيو موزون يا وزن دار ڪلام، يعني تريل ڪلام. نثر ٿيو بي وزن يا اڻ تريل ڪلام. انهن موتين يا لفظن جي تورڻ جي ساهمي يا ميزان آهي علم عروض يا پراسڊي. انهيءَ جو قانون آهي، نظم جي پورائيءَ يا اڻ پورائيءَ پرکڻ جي ڪسوٽي. نظم چوڻ لاءِ، انهيءَ هنر يا قانون جو ڄاڻڻ، بالڪل ضرور آهي نه ته نظم چوڻ وارو، اهڙيون غلطيون ڪندو، جي کيس بالڪل معلوم ٿي نه سگهنديون، پر عروض ڄاڻندڙ کي، هڪدم ڏسڻ ۾ اينديون. انهيءَ هوندي به، ڪو نثر، وزندار يا قافيه وارو به ٿي سگهي ٿو. ساڳيا لفظ، پهرين نثر آهن، پر انهيءَ هنر موجب، اُهي ساڳيا لفظ، اڳي پوءِ ٿي، وزن ۾ اچڻ ڪري، نظم ٿي سگهن ٿا، ۽ پوءِ جيڪو اثر، انهيءَ جو دل تي ٿو ٿئي، سو اڳي نه ٿي ٿيو. ويتر، جي مضمون  به مناسب ۽ اثر ناڪ آهي، ته پوءِ ته انهيءَ جو اثر، تمام گهڻو ٿو ٿئي. قدرتي يا سچي شاعر جو ڪم، اڪثر دل جي شوق ۽ ذوق ۽ خيال جي نزاڪت سان آهي، لفظن جي تور تڪ، يا پڙهڻ لکڻ واري علم سان نه آهي. انهيءَ ڪري، آڳوڻا قدرتي شاعر، بلڪ نبي، اڻ پڙهيل ماڻهو ٿي گذريا آهن. چڱو شاعر، چڱو ناظم نه به هوندو ۽ چڱو ناظم، ضرور ناهي ته چڱو شاعر هجي. شيخ عطار جي بيت وانگي، شعر، نبوت جو ڀاڱو آهي يا انهيءَ جهڙو آهي. اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم، جن جي قول موجب ”نبي، علم جو شهر آهي ۽ علي، انهيءَ شهر جو در آهي“ پر نبي صلي الله عليه وسلم جن پاڻ، امي هئا ۽ لکي پڙهي نه ڄاڻندا هئا.

انهيءَ ڪري شعر يا نظم، رڳو چڱن هنرن مان هڪڙو شمار ٿيل آهي - جيئن نقاشي، عمارت سازي، بت تراشي، موسيقي وغيره. انهن سڀني هنرن جو ڪم آهي، اڳوڻن استادن کي نقل ڪرڻ، ۽ انهن جو مدعا آهي، انهيءَ نقل ڪرڻ سان، پنهنجي توڙي ٻين ماڻهن جي دل ۾، خوشي پيدا ڪرڻ. تنهنڪري، قديم استادن جي شعر جي نموني تي شعر چوڻ، جنهن کي تتبع چون ٿا، سو عيب ناهي، پر شعر جي استعمال ۽ ترقي آهي  انهيءَ مان درجي بدرجي، ماڻهو چڱو شاعر ٿي سگهي ٿو. سڀني وڏن شاعرن، پهرين تتبع تي شعر پي چيو آهي. سڀني چڱن هنرن جو اهو ئي حال آهي، پر هر هڪ جا رستا ۽ اوزار، علحدا علحدا آهن، اگرچه مطلب ۽ مدعا سڀني جو، ساڳيو هڪڙو ئي آهي. جيئن نقاشي جو ڪم، رنگن سان آهي، عمارت سازيءَ ۽ بت تراشيءَ جو، پهڻ يا سنگ مر مر سان، موسيقيءَ يا راڳ جو آواز، سر ۽ تال سان، تيئن شعر يا نظم جو، لفظن ۽ خيالن سان. شعر، گويا ڳالهائيندڙ نقش آهي ۽ نقاشي، گويا بي آواز شعر آهي، ليڪن ٻين سڀني هنرن مان، شعر جو واسطو، راڳ سان، اصل کان زياده رهيو آهي. اڪثر ٻيئي، گڏ هلندا آيا آهن. راڳ کي کڻي گهوڙو سمجهو ۽ شعر کي سوار. جڏهن شعر، راڳ تي چڙهي، سير تي نڪري ٿو، تڏهن تمام سهڻو ٿو لڳي ۽ وڌيڪ پسند ٿو اچي ۽ ماڻهن جي دل تي ڏاڍو عجيب اثر پيدا ڪري ٿو! جيڪا خوشي، چڱي شعر چوڻ ڪري، خود شاعر کي ٿي ٿئي، سا خيال ۾ اچڻ مشڪل آهي! شاعر، شعر جوڙڻ لاءِ، فقط ڪنهن ڪنهن مهل ٿو ويهي، مگر حقيقت ڪري، هر هنڌ، هر وقت ۽ هر حال ۾، هن جي دل ۽ دماغ ۾، شعر يا شاعرانا خيال، ائين پيا ڊوڙن ۽ ڀون ڀون ڪن، جيئن ماکيءَ جي ماناري ۾، مکيون ڪنديون آهن! شاعر جهنگ ۾، يا وڻ جي ڇانو ۾، يا واٽ هلندي، يا اڪيلو ڪوٺي ۾ وٺل هجي يا  هو ڪنگال ۽ خسته حال هجي، يا ڪهڙي به مرض ۽ مصيبت ۾ گرفتار هجي، ته به هو، طبيعت جو سڪندر بادشاهه آهي ۽ دل جو حاتم طائي آهي. هڪ بادشاهه، خزانا خرچي ۽ لشڪر مارائي، ملڪ فتح ڪري، خوشي حاصل ٿوڪري، ليڪن اسان جي هن خيالي بادشاهه کي، هڪڙو چڱو يا نازڪ خيال دل ۾ آيو، يا هڪڙي عمدي سنجيدي مصراع، دل گهرين لفظن ۾، ۽ مزي جهڙي معنى سان اچي وئي، ته هن جي خوشيءَ جي ڪا حد ڪانهي! هو ڀانئيندو، ته هفت اقليم جي بادشاهي، منهنجي آهي!

انهيءَ طرح، ڏسڻ ۾ ايندو ته سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي شروعات جي تصنيف، اڪثر شعر ۾ آهي ۽ انهيءَ جو مضمون، اڪثر بهادري يا جنگ جي شوق بابت آهي، يا وري مذهبي جوش بابت آهي. شوق ۾، حد کان زياده، خوشي يا غم اچي وڃي ٿو. مدعا آهي، قوم کي همتائڻ. قومن جي تواريخ پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو، ته سڀ کان قديم شعر، هندستان جو ئي آهي، ڇالاءِ جو آرين کي، سڀني کان اڳي، سڀائي قابليت حاصل هئي. انهن ۾ به شعر، درجي بدرجي، سڌرندو ويو. پهرين ويد، پوءِ رامايڻ ۽ مهاڀارت، پوءِ ُپران، پوءِ ڪاليداس  جو سنجيدو شعر ظاهر ٿيو. سڀني قومن کان پوءِ، انگلنڊ جي ماڻهن کي، سڌاري سان گڏ، شعر جو حوصلو پيدا ٿيو.

قدامت ۽ پوءِ ايراني آيا، جي پڻ آرين هئا. انهن جو قديم شعر، گم  ٿي ويو هو، جو وري عربن جي فتح کان پوءِ، ظاهر ٿيڻ لڳو. انهن ۾ پهرين، فردوسي  آيو ۽ عرصي کان پئي، سعدي ۽ حافظ پارا شاعر آيا. ايرانين کان پوءِ، عبراني يا هيبرو ماڻهن جو شعر، قديم آهي. پهرين، حضرت دائود جي زبور آهي، پوءِ ٻيو شعر ظاهر ٿيو. انهيءَ کان پوءِ، يونانين جي شعر قديم آهي، جو سڪندر جي وقت ڌاري ظاهر ٿيو. يونانين جي نقل ڪرڻ ۽ صحبت ڪرڻ مان، رومن ماڻهن، شعر جي قابليت پرائي. پوءِ جرمنن، پوءِ پورچو گيزن، پوءِ اسپين جي ماڻهن، پوءِ فرانس وارن، شعر جي ميدان ۾ قدم رکيو. فرانس کان پوءِ، نارمن، فرينچ ۽ انهيءَ کان پوءِ اسڪاٽلنڊ ۾، شعر جو حوصلو پيدا ٿيو.

انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته هند جا رهاڪو، جي هاڻ رعيت آهن، سي علمي قابليت يا شعر جي نظر تي، اول نمبر هئا، ۽ انگريز ماڻهو، جي هاڻ انهن تي حاڪم آهن، سي آخرين نمبر هئا. زماني جي بلندي ۽ پستي ۽ اٿل پٿل جو اهڙو مثال، ٻيو ڪو مشڪل ملندو! ۽ هيءَ ڳالهه به انهيءَ مان ظاهر آهي هر قسم جو اوائلي شعر، اڻ سڌريل ۽ جهنگلي قسم جو هو ۽ اڪثر، اڻ پڙهيل ماڻهن جو چيل  آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ساز تي، ڳائڻ ۾ پي آيو آهي. پوءِ، اهو جهنگلي شعر، ويو آهي سڌرندو، ۽ جيڪي اثر، وقت جي ٻوليءَ تي پي ٿيا آهن، سي ويا آهن اُن وقت جي شعر تي به ٿيندا - يعني، ٻين پاڙي وارن يا فتح ڪندڙن قومن جا لفظ، ويا آهن، داخل ٿيندا ۽ انهن جا ڪتاب، ويا آهن، ترجما ٿيندا. مثال لاءِ، سڀ کان پوئينءَ سڌريل قوم جو شعر وٺو، جنهن سان اسين زياده واقف آهيون، يعني انگريزي. هاڻي انگريزن ۾ پهريون شخص، جو شاعر چوڻ  ۾ ٿو اچي، سو آهي سيڊمن، جو ستين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ اُنهيءَ جي شعر ۾ رڳو بائبل جو مضمون آهي، ۽ ٻين ڪن وقت جي جنگين جو بيان ڏنل آهي. پوءِ ناليرو شاعر چاسر آيو، جو چوڏهين صديءَ ۾ پيدا ٿيو. اهو، اُهو زمانو هو، جڏهن هندستان تي، تغلق گهراڻي جي بادشاهن، راڄ ٿي ڪيو. چاسر جي شعر تي وري، فرانس ۽ اٽليءَ جو اثر پيو. انهيءَ کان پوءِ، وري، سڌارو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪئڪسٽن، ڇاپڻ جو هنر ڪڍيو ۽ قديم مصنفن جا ڪتاب ترجمو ٿيا، ۽ پهرين، مذهبي بحث ۽ پوءِ، علمي بحث شروع ٿيو. اتي، اٽليءَ جي معرفت، عشق جو مضمون به اچي سهڙيو. اُهو زمانو، راڻي ايليزبيٿ جي راڄ جو هو، جنهن ۾ سپينسر پيدا ٿيو، جنهن اڃا به چاسر جي تتع تي شعر ڇيو. پوءِ شڪسپيئر آيو ۽ انهيءَ طرح، قصن ۽ ناولن ۽ ناٽڪن منهن ڪڍيو. پوءِ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾، ملٽن، گري، ورڊس ورٿ، ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽيني سن جهڙا شاعر پيدا ٿيا، جن شعر کي ڪماليت جي درجي تي پهچايو ۽ جن جو اثر، خوب، وقت ۽ قوم ۽ ٻوليءَ تي پيدا ٿيو. هاڻي ڏسو ته سڀ ڪنهن هنڌ، پهرين جهنگلي شعر آيو، جنهن کي بئلڊ ٿا چون، جنهن جو خاص راڳ سان واسطو هو، ۽ اڪثر تاريخي ننڍيون لڙايون، انهيءَ ۾ ڏنل آهن، پوءِ، وڏن قصن ۽ داستانن جو شعر آيو، جنهن کي ايپڪ پوئيٽري چئجي ٿو، جيئن ته اليڊ، آڊسي، مهاڀارت، شاهنامو - جي مجلسن ۾ پڙهبا به هئا ۽ ڳائبا به هئا. پوءِ ڊراما يا ناٽڪ آيو، جنهن ۾ اهي قصا، نقل ڪري ڏيکاربا هئا، جنهن ڪري ماڻهن تي زياده اثر پيدا ٿي ٿيو. سڀ کان پوءِ، عشقيه ۽ ٻئي قسم جو شعر آيو، جو دل جي حالت ۽ شوق ۽ جوش بابت هو، جنهن کي لئرڪ پوئيٽري ٿا چون. غزليات وغيره، انهيءَ ۾ داخل آهن، جي ساز تي به ڳائبا هئا ۽ پڙهي به ٻڌائبا هئا.

انهيءَ مٿين بيان مان، مون کي هيءُ ڏيکارڻو هو ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي شعر جو، گهڻو ڪري، ساڳيو اهڙو حال آهي، جهڙو ٻين قومن ۽ ملڪن جي شعر جو آهي. اسان جو گهڻو واسطو، ٻين پرانهن ملڪن سان ڪونهي، هندستان سان آهي، جنهن جو سنڌ، هڪ ڀاڱو آهي. هند جا اصل رهاڪو، آرين ماڻهو هئا، ۽ هماليه جبل جي پريان، جبل لنگهي، پهرين پنجاب ۾ آيا ۽ پوءِ هندستان ۾ پکڙيا، ۽ سنڌ اڳي پنجاب سان گڏ، شمار ٿيندي هئي. عجب جي ڳالهه اها، ته وري جڏهن عرب فتح ڪندڙ آيا، تڏهن به پهرين سنڌ ۽ پنجاب ۾ آيا! تڏهن هند جي اصل ٻولي، آرين هئي، جا بدلجي نيٺ سنسڪرت ٿي ۽ آرين جي ٻي شاخ، يعني ايرانين وٽ، اُها ساڳي آرين ٻولي، زندوستا ٿي. انهن ٻنهي جا اصلوڪا گهرو لفظ وغيره، هڪ جهڙا آهن. اهي ٻئي، انهن اصلوڪيءَ آرين ٻوليءَ جون ڌيون چئبيون ۽ پاڻ ۾ ڀيڻون ٿيون. اهي ٻئي قديم هئڻ ڪري، پاڪ ٻوليون شمار ۾ آيون، ۽ فقط ڪن خاص ڌرمي ماڻهن جي ڪم جون ٿيون. نيٺ، انهن ماين، وري ٻيون ڌيون ڄڻيون - هڪڙيءَ  پراڪرت ڄڻي ۽ ٻي پهلوي يا پارسي - جي رواجي ماڻهن لاءِ مقرر ٿيون. هند جي خاص اصل ٻولي برج ڀاشا هئي، جا سنسڪرت مان نڪتل ناهي، مگر سنسڪرت جو اثر پوءِ، انهيءَ تي پوڻ لڳو. پر جڏهن اسلام جي فتح جو اثر پهرين، ايران تي ۽ پوءِ هندستان تي پوڻ لڳو، تڏهن اُهو ساڳيو اثر، اصلوڪين ٻولين جي ڌين ۽ ڏهٽين تي به پوڻ لڳو. اسانجي سنڌي، سڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي، پر پراڪرت مان نڪتل آهي، تنهنڪري، سنڌ جي ٻوليءَ توڙي شعر جي حالت، پراڪرت ۽ ڀاشا جهڙي ٻي رهي آهي. قديم سنڌي، کريل پراڪرت يا کريل ڀاشا هئي، جيئن بلوچڪي، کريل پارسي آهي. عربي ٻوليءَ جو اثر ته اڳئي پارسيءَ جي معرفت، پراڪرت ۽ برج ڀاشا تي پيو هو، ويتر عربن جي سنڌ تي فتح هئڻ ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾، پاڻ زياده عربي لفظ داخل ٿيڻ لڳا. يارهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن شهاب الدن غوريءَ کي، پرٿوي راءِ تي فتح حاصل ٿي، تڏهن انهيءَ وقت جي ڪوين جي ڪلام ۾، پارسي ۽ عربي لفظ موجود آهن - جيئن ته پيگام، فرمان، حجرت، سرطان، باتشاهه، سلام وغيره. اڪبر جي زماني ۾، جڏهن مسلمان ۽ هندو، پاڻ ۾ شير شڪر ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن هندو، مسلماني پوشاڪن ڍڪڻ کان عار نه ڪندا هئا ۽ مسلمان، ڏاڙهين کي صفائي ڏيندا هئا ۽ جڏهن مسلمان، راجائيءَ جي لقب کي فخر سمجهندا هئا ۽ هندو، مرزا ۽ نواب جي خطاب کي مان سمجهندا هئا، تڏهن مسلمان، چاهه سان، هندڪا لفظ ڪم آڻڻ لڳا، ۽ هندو مسلمانڪا لفظ. انهيءَ وقت، برج ڀاشا جو شعر، اڪثر دُهرن جي صورت ۾ هوندو هو، جو نمونو، تڏهن سنڌ جي شعر  جو به هو. مسلمان شاعرن جو مثال، امير خسرو دهلوي، مشهور پارسي شاعر آهي، جنهن کي ”طوطي هند“ چوندا هئا ۽ چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ هو، تنهنجو به انهيءَ نموني جو ڀاشا ۽ شعر آهي. اسان وٽ، سنڌ ۾، جو اڳي آمدن نامي ۽ ڪريما سان دووايو ۽ سه وايو پڙهندا هئا، سو به امير خسروءَ جو آهي. شروع هيئن ٿئي ٿو:

خالق باري سر جنهار، واحد ايک بدا کرتار.

مرد منس، زن هي استري، قحط کال وبا هي مري.

بيا برادر! آري ڀائي! بنشين مادر! بيڻهه ري مائي!

آتش آگ، آب هي پاني، خاک دُهول جو باؤ اڙاني.

۽ آخري بيت:

مولوي صاحب سرن پناه - گدا بهکاري خسرو شاه.

ملڪ جائسي، هڪ ٻئي مشهور شاعر، جنهن پدماوت جو قصو، پارسي شعر ۾ لکيو آهي، تنهن گهڻا ڀاشا جا لفظ، ڪم آندا آهن. هندو شاعرن جو مثال، وري اڻ پڙهيل ڪبير شاعر، بنارس واري جو وٺو، جو سڪندر لوڌيءَ جي زماني ۾ هو. انهيءَ کان پوءِ گرونانڪ صاحب آيو، جنهن جو جپ صاحب آهي. بابا تلسيداس برهمن، جنهن رامايڻ جو ڀاشا ۾ ترجمو ڪيو، بابا سور داس، جنهن شري ڪرشن جو ذڪر، شعر ۾ لکيو آهي - اهو سڀ شعر، ڀاشا جي دُهرن ۾ آهن. انهن سڀني ۾، عربي ۽ پارسي لفظ موجود آهن. نمونو هيءُ آهي:

ڪبير صاحب جو دهرو:

دين گنوايو دُني سي، دُني نه آيو هاتهه،

پير کهاڙي ماريو، گاپهل اپني هاتهه.

اتي، دين ۽ دني يا دنيا ۽ غافل، عربي لفظ آهن. ٻيو دهرو:

ڪبير! سيري سراءِ هي، کيون سوئي سکهه چين؟

کوچ نگارا سانس کا باجت هي دن رين.

اتي، ڪوچ ۽ نغاره، پارسي ۽ عربي لفظ آهن. گرونانڪ صاحب جو دهرو:

ساس ماس سب جيو تمهارا لوهي کهرا پيارا-

نانڪ شاعر ايو کهت هي سچي پروردگارا.

جپ صاحب ۾:

وارن جاؤن ان ايڪ بار!

تو سدا سلامت جي نرنکار.

اتي، پروردگار ۽ سلامت، فارسي ۽ عربي لفظ آهن.

بابا تلسيداس جي دهرن ۾ به، گريب، نواج ۽ کله جهڙا لفظ ملن ٿا:

مايا کو مايا ملي، کر کر لمبي هاتهه،

تلسيدار گريب کو، کوئي نه پوچهي بات.

سورداس جي هڪڙي شعر ۾ ته قافين جي لفظ ساج، اواج، جهاج، گريب نواج آيا آهن، سي ته ٺهيا پر پڇاڙيءَ واري مصراع ۾ آهي ته:

سنت سبهي جانت هون، تو نه آيو باج.

يعني، تون باز نه آئين - پارسي اصطلاح ”نازنيا مدن“، عجب جهڙو آهي!

تيرهين عيسوي صديءَ ۾، شيخ فريد آيو، تنهنجا به دهرا، انهيءَ نموني جا هئا:

فريدا! جوتي مارن مڪيان تنا نه ماري گهُم،

اپنڙي گهر جائي پير تناندي چُم،

رکي سکي کاءِ ڪي، ٺيڍا پاڻي پي،

فريدا! ديکه پرائي جهوپڙي نا ترسائي جيءَ

فريدا! دک سک اڪ ڪر دل ئي لاهه وڪار ،

الله ڀاوي سو ڀلا تا لڀي دربار.

اهي آهن ڀاشا جي دهرن جا نمونا. اها ڀاشا آهي، جنهن کي اسين هندوستان ٻولي ٿا سڏيون. انهيءَ هندستانيءَ مان، شاهه جهان بادشاهه جي زماني ۾، اردو پيدا ٿي. اردوءَ جي معنى آهي اڙد يا لشڪر جي بازار. لشڪر جي بازار ۾، جدا جدا قومن جون زبانيون، ڳالهائڻ ۾ آيون - سنسڪرت، ڀاشا، عربي، پارسي سڀ گڏ، تنهن ڪري ريخته، به انهيءَ کي چوندا هئا، يعني جدا جدا قسم جا ذرا ذرا يا ڪريل ٽڪر. سگهوئي، اردو، سرڪاري دفترن جي ٻولي ٿي. برج ڀاشا مان ڪتاب، اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا.  انهيءَ وقت جي پارسي شعر ۾، هندي ڀاشا جا لفظ اچڻ لڳا. جهانگير بادشاهه، پنهنجي تزڪ جهانگيريءَ ۾، لفظ ”لاڏله“ ڪم آندو آهي.

اين خواهر خود که لاڏله من ست.

خسرو دهلويءَ جو بيت:

پان خورده بمن داده، اگال ان بت مهندي،

اين بوسه به پيغام چه رنگين مزه دارد؟!

اشرف شاعر جي هڪڙي بيت ۾ آهي ته:

چوکهندي شکوهش اگر سايه افگند.

عرفي شاعر جي هڪڙي بيت ۾ آهي ته:

سر گشتم ز کچره ايام.

پوءِ ايران ۽ ترڪستان جا لفظ ۽ اصطلاح ۽ شاعرانا خيال، اچي داخل ٿيا، ۽ انهن اهڙو مزو ڏنو، جو هندستان جون خاص اصل ڳالهيون، گم ٿي ويون ۽ انهيءَ وقت جون پارسي قديم مشابهتون وغيره، اڃان تائين، اردو شعر ۾ ڪم پيو اچن.

سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر جو به، ساڳيو اهو ئي حال آهي، پهرين، ستين صديءَ ۾، آرين يعني برهمڻ ۽ ٻڌ ڌرم جا راجا هئا. ڏهين صديءَ تائين، سيميٽڪ يعني عرب ۽ عجم جا حاڪم آيا. پوءِ مونگل يا مغل آيا. پوءِ وري به موٽي آرين جا حاڪم آيا، يعني انگريز. انهن سڀني طبقن ۽ حڪومتن جو اثر، سنڌجي ٻوليءَ ۽ شعر تي رهيو. ڀاشا وانگي، پهرين انهيءَ ۾، سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظ پيا، پوءِ عربي، پارسي ۽ ترڪي لفظ پيا. پوءِ افغاني يا پٺاڻڪا ۽ بلوچڪا ۽ سرائڪا لفظ پيا. پڇاڙيءَ ۾، انگريزي لفظ به اچي داخل ٿيا. نج سنڌي هرف ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ڻ، اصل واري تر جي ٻوليءَ جون نشانيون آهن. ڪوڏر، گڏهه، ڏٻرو، ڄمڻ وغيره سنسڪرت لفظ پراڪرت منجهان حرف بدلائي آيا، ٿوم، دٻلو، سٽ، ڪَڃر، ڀنڀو، ڏڌ، ڍولڪ وغيره عربيءَ ۽ پارسي مان آيا. اوطاق. چقمق، تڪمون، چلمچي بورچي وغيره، ترڪيءَ مان آيا. ٻوڙو، ڊکڻ، سوٽهڙ، چڱو، ڌاڳو، وغيره هندستانيءَ يا ڀاشا مان آيا. ڏون، ڏهاڙو، ڀرائي، ڪنا وغيره سرائڪيءَ مان آيا. وڳ، اٽالو ڄانگهون، گهٽو، ليڙو، ڊوم، وغيره بلوچيءَ مان آيا. ڊوڊو، ڌاڙو، گيدي، گهل، ڍال وغيره پٺاڻڪيءَ يا پشتوءَ مان آيا. ٻاٽلي، پلٽڻ، ڇاپ، درجن، بٽن، ڪيٽلي، اسپتال رپورٽ وغيره انگريزيءَ مان آيا. اها آهي اسان جي اڄوڪي سنڌي يا سنڌ جي اردو يا ريخته جا نثر ۽ نظم ۾ آئي آهي.

انهيءَ طرح، جيڪو سنڌي شعر، پهرين چوڻ ۾ آيو، سو ٻين ملڪن جي شعر وانگي، قصن ۽ جنگين بابت هو ۽ اڪثر، اڻ پڙهيل ماڻهن جو چيل هو ۽ اهو، ڀٽ يا چارڻ يا مڱڻهار چوندا هئا ۽ ڳائي، پنندا وتندا هئا، جيئن انگريزن ۾ بارڊ ڪندا هئا ۽ اڃا تائين به، سرندائي، اُهي چوندا وتندا آهن. راءِ ڏياج، سسئي پنهون، عمر مارئي، هير رانجهو، سهڻي ميهار، مومل راڻي، دودو چنيسر، ليلان چنيسر، شاهه بهرام ۽ ٻيا اهڙا قصا، سڀ لوڙائو بيتن جي صورت ۾ هوندا هئا، ۽ پوءِ لکڻ ۾ آيا. انگريزن ۽ ميرن جي جنگ به انهن سرندائين کان، اوهان ٻڌي هوندي:

مير نصيروءِ جنگ ته لائي سڙئي صوبدار،

۽ لڳو گورو، ڀڳو ٺوڙهو، لس لغارين لائي.

اڄوڪي وقت جو بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير کي به، ماڻهن نه ڇڏيو آهي ۽ اهڙي شعر ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ساڳئي انهيءَ وقت ۾، مداحون ۽ معجزا ۽ مولود به چوڻ ۾ ايندا هئا. جيئن هندستاني يا ڀاشا ۾، اوائل جو شعر، دهرن ۾ هو ۽ مضمون، جنگي يا ڌرمي هو، تيئن سنڌيءَ ۾ به دهرا يا ڏوهڙا هئا، يعني ٻه سٽون يا مصراعون، ساڳيءَ طرز تي، قافين سان. ابوالحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، مخدوم ابراهيم جي سنڌي، ميان عبدالرحيم گرهوڙ واري جي سنڌي، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي سنڌي، شاه عنايت صوفيءَ جي سنڌي، انهن سڀني قديم بزرگن جو ڪلام، انهيءَ قسم جو شعر آهي، يعني دهرن ۾ ۽ مضمون، اڪثر مذهبي آهي، يا جي قصن بابت آهي، ته به تصوف يا مذهب جي پيرائي ۾ آهي. مثال لاءِ ٻه چار دهرا يا بيت، ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ڏجن ٿا، جن مان طرز توڙي ٻوليءَ جو نمونو ملي سگهي ٿو:

جيئرن کي جان ڏئي مئن کي مرهي،

ايڏا احسان رب ري ٻيو ڪير ڪري؟

اَت اُپايا پاتشاهه عالم گهڻا الک،

ڪي هلن، ڪي سرن، ڪن ڏنائين پک،

هاڻي سڻ سڄاڻ تون هنئن جي ڪنن،

ته صحي پڇيو سڀ ڪو، ڪارڻ پاڻ ڪمن.

پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ،

ٿيندي صحيح صلوات جي شڪ م ڀائي ڪوءِ

تاته ترسي، پانهنجا، شرط سڀئي سک،

ڪندا ڄيري ڄڀئين، پاڻ پراهون رک.

۽ شاه ڪريم جي سنڌيءَ جو مثال:

(1) هنيون ڏجي حبيب کي، لڳ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.

(2) مٽ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽين ته واءُ،

جم پڌر وڌيئي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي سماءُ.

(3) ڪن هي وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا گنيج،

سندي پريان ڳالهڙي تني سان سڻيج.

(4) پڙهيا جي پاڻان، سيئي سيلهه ٿيام،

اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام.

اهو سنڌي شعر، سترهين صديءَ جي شروعات تائين هليو. پوءِ، انهن دهرن يا بيتن ۾، هيتري ڦير گهير ٿيڻ لڳي، ته هر هڪ بيت جي جدا جدا قافين هئڻ جي بدران، ڳچ جيترن بيتن جو هڪڙو قافيو رکي، پوءِ وري ٻيو قافيو وڌائون، جيئن مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي جي ڪتاب ”بيان العارفين“ يا ڪتاب ”تنبيهه الجاهلين“ يا ”نور نامي“ ۾ آهي. نمونو هيءُ آهي:

هاڻي هِنيان پوءِ ٿو سو ڪري بيانا،

۽ ٿو فرمائي اُن رسالي ۾ ڪري اعلانا،

ته جڏهن رسالو فارسي آءٌ ڪندس تماما،

تڏهن مور نه رهندو مخفي طالبن ڪنا.

جهنگلي شعر جي نشاني، مٿئين بيت ۾ ظاهر آهي، يعني، قافيو اڪثر الف جو آهي ۽ جنهن به لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ الف ٽنبي، قافيو ڪري آڻيندا هئا.

ٻيو نمونو هيءُ آهي، جو ”نور نامي“ مان آهي:

تن سڀني کي ٿو رسائي، مون ڌڻي رزقا،

ڪو نه وساري ڪٿهين برين منجهه بحرا،

توڻي نيڪ بندا هون سي، عبادت وارا،

توڻي سي بخيل هون،توڻي متڪبرا،

توڻي ظالم هون سي، ڪه وري فقيرا،

توڻي صالح هون سي، ڪه وري بدبختا.

ٻي ڦير گهير، وري مداحن، جي حالت ۾ ٿيندي هئي، جن ۾ هر هڪ دهري ۾، ننڍيون ننڍيون تڪون رکندا هئا  ۽ مهڙ واري مصراع ”بند“ يا ”ڪورس“ وانگي، بيت بيت جي پٺيان آڻيندا هئا. ميان سرفراز ڪلهوڙي مداح، مسلمانن جي نبي صلي الله عليه وسلم جن جي بابت ڏسو:

”ڀلا ڄام! هن غلام سندو سوال سڻين تون!“

اهو آهي ”ڪورس“ يا ”بند“، جو ذري ذري اچي ٿو.

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻين تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون - ڀلا ڄام....

لنگهيا لڪ، لٿا شڪ، هلي حق، گڏياسون،

۽ في الحال، منجهه وصال، اچي محب ملياسون - ڀلا ڄام...

سرفراز کي، اداس، آهي آس اوهان ڏهن،

رهه راس، بند خلاص، خوبي خاص ڏئين مون - ڀلا ڄام......

جمن چارڻ نابين واري ٻي مشهور مداح، ۽ پيران پير کان اکين جي روشنائيءَ گهرڻ بابت:

”يا پير پيران بادشاهه!  رحمه الله عليه“

اهو آهي بند.

 

فرزند آهين حسنين جو

-

آئون سائل تنهن ثقلين جو،

درگهه مٿي دن رين جو

-

اوجر مڱان عينين جو،

دارو ٿئي دارين جو

-

يا پير پيران بادشاهه!

”جمن“چوي جاهل آهيان

-

ڪرتن ڪچو ڪامل آهيان،

تو در سندو سائل آهيان

-

يا پير پيران بادشاهه!

انهيءَ طرح، بند بند ڏيندو هليو ويو آهي.

اهو آهي عام نج سنڌي شعر جو اوائل وارو نمونو، جي عيسوي سورهين ۽ سترهين صديءَ تائين هليو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ظاهر ٿيو، سو به دهرن يا بيتن ۾. پوءِ هو، انهن ۾ نئين ڦير گهير ڪرڻ لڳو. مضمون به بدلجي، ظاهري قصن جي صورت ۾، مگر باطني مذهب يا تصوف جي صورت ۾ ٿيو، جو زياده اثر ناڪ ٿيڻ لڳو. اهي بيت، ماڻهو دل وندرائڻ لاءِ، وڏي آواز سان، سر بيهارڻ لاءِ، پوئين مصراع جو پويون اڌ، قافئي وارو، يا ڪڏهن پهرئين  جو به، اڳي ڪري چوندا هئا، يا وري ٻيو ڀيرو چوندا هئا. پوءِ انهيءَ طرح، بيتن چوڻ جو رواج پئجي ويو. مثلا:

سک منهنجا سپرين! نهائينءَ کان نيهن،

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، سڙي سارو ڏينهن.

انهيءَ دهري يا بيت کي، چوڻ يا ڳائڻ ۾، فاقئي وارا اڌ،  پهرين چوڻ ۾ آيا. هن طرح:

نهائينءَ کان نينهن، منهنجا سپرين!

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

انهيءَ ڦير گهير ڪري، زياده لذت ٿي اچي ۽ مضمون جو اثر، زياده دل تي ٿو بيهي. شاهه صاحب جي دهرن، يعني ٻن مصراعن وارن بيتن جا، ٻه چار مثال ڏيڻ گهرجن، جنهن مان انهن جي ٻوليءَ يا مضمون جي خوبي معلوم ٿيندي.

(1) ڪانهي جاءِ جلڻ جي جان جيئين تان جل،

ڪانهي ويل وهڻ جي تتيءَ ٿڌيءَ هل.

(2) ويٺن ڪونهي وراڪو، ستن ڪونهي سنگ،

هوت هلندي کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.

(3) روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم!

او ڪو ٻيو فهم جنهن ۾ پسجي پرينءَ کي.

(4) ستي نه سرندياءِ، ڪر پڇاڙ پرينءَ جي،

وهامي ويندياءِ گهڻا هڻدين هٿڙا.

(5) اٺئي پهر آرٽ سين، ڪي ڪتن ۽ ڪنبن،

تنجو صرافن، ڦورو ڦولهيو ڪينڪي.

(6) هنج نه رهيو هيڪڙو، ويا مور مري،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

(7) يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،

آهي آساني، پر ڪم پئي ٿي ڪل پوي.

ٻي ڦير گهير، شاهه صاحب، هيءَ وڌي، ته ٻن مصراعن جي بدران، وڌيڪ مصراعون وجهڻ لڳو. چئن، پنجن، اٺن، ڏهن تائين. مثلا:

اڻ چوندن ڪيم چؤ، چوندن چيو وسار،

آٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار،

پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،

مفتي منجهه وهار ته قاضي! ڪانيارو نه ٿين.

۽ ڪن مصراع ۾، ڪا وڏي آيت يا ڪنهن ٻئي شاعر جي مصراع وجهي، وزن کان وڌائي، تمام ڊگهي ڪري به آندائين. مثلا:

ڪونهي قادر ڪو ٻيو انهيءَ جو اڀاڳ،

قل لن يصيبنا الا کتب الله لنا هو مولانا، ايءَ معذرت ماڳ،

سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ڪيو.

يا:

”سر در قدم يار فدا شد، چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ.“

اهي آهن اوائل جي شعر جون نشانيون. اگرچه شاه صاحب، پارسي شعر مان واقف هو ۽ بحر ۽ وزن جي خبر پئجي سگهيس ٿي، ته به هن، نئون پارسي طرز، پسند نه ڪيو ۽ نه وري پارسي لفظ استعمال ڪيائين. پراڻو، دهرن وارو طرز، وٺيو آيو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي، ته سندس ڪلام تي، جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جو، گهڻو اثر پيل هو، خصوصا شعر جي مضمون تي. انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ، رسالي چوڻ جو شوق ٿيس ۽ انهيءَ جو مضمون، ڪن ۾ آندائين. پهريون بيت، جو انهيءَ خيال سان چيائين، سو مثنويءَ جي پهرئين بيت جو ترجمو هو. مثنويءَ جو پهريون بيت هيءُ آهي:

بشنو از ني چون حکايت ميکند؟

از جدائيها، شکايت ميکند.

اڄ جيڪر، اسين، انهيءَ جو ترجمو، ضرور، هيئن ڪريون - ساڳئي بحر ۽ مضمون ۾:

نڙ کان ٻڌ، جڏهين صدائون ٿو ڪري،

۽ جدائيءَ جون گلائون ٿو ڪري.

پر شاهه صاحب، ائين پسند نه ڪيو. دهري جي صورت ۾ هيئن چيائين:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏ هن لئي هاري.

يا وري، مثنويءَ جو بيت آهي ته:

ان ندا که اصل بربانگ ونواست،

خود ندا آنست واين باقي صداست.

تنهنجو ترجمو، شاهه صاحب، دهري ۾، ڪهڙو نه سهڻو ڏنو آهي!

سو پڙاڏو سو سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،

هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

يا وري مثنويءَ ۾ آهي ته:

صبر را باحق قرين کرد اي فلان!

آخر والعصر را آگه بخوان.

۽ شاهه صاحب، وڌائي،  ٽن چئن مصراعن ۾ هيئن ٿو چوي ته:

پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،

دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،

آخر والعصر جو، اُنهين اتائون،

تنهان پوءِ آءٌ، سڪان ٿي سلام کي!

آخر والعصر جو دارون يا علاج آهي صبر، جيڪو لفظ، قرآن جي ”والعصر“ واريءَ سورت جي آخر ۾ اچي ٿو.

انهيءَ طرح، رومين ۽ چينين وارو مثنويءَ جو ذڪر، ڪيترن بيتن ۾، هن آندو آهي، جن ۾ منڍ  جي مصراع آهي:

طالب قصر، سونهن سرايءَ، روميءَ جي روءِ

(يا روميءَ جي راهه، يا روميءَ جي رهاڻ وغيره)

انهيءَ ۾ بالڪل شڪ ڪونهي ته مثنويءَ جو اثر، شاهه صاحب جي ڪلام تي گهڻو پيو، پر مضمون تي پيو ۽ نه بحر يا طرز تي.

ٻيون به ڪي ڦيريون گهيريون آهن، جن جي ذڪر ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. جيئن مداحن وانگي، هر بند جي مصراع ”ڪورس“ وانگي، ذري ذري آڻڻ. جيئن ڪاپائتيءَ جي مت ۾ آهي ته:

چر کو چوري، ڪت ڪا تار.

اگرچه شڪ آهي، ته اُهو، شاهه صاحب جو ڪلام نه آهي، يا ڍٽڪي يا بلوچڪي ٻوليءَ جو شعر چوڻ، يا بيتن کان پوءِ، وايون آڻڻ.

سنڌي بيتن جي رواج وجهڻ سان گڏ، شاهه صاحب، سنڌي راڳ جو به پايو وڌو. هندستاني ڳائڻا، شاهه صاحب وٽ رهندا هئا، ۽ ٻيا ڪلام ڳائيندا هئا، جي شاهه جي رسالي جي 15، 16 ۽ 17 سر ۾ ڏنل آهن. جدا جدا راڳڻن ۾، پهرين ڪي ڏوهڙا ڳائي، پوءِ غزل يا ٺمري يا لاوڻي ڳائيندا هئا. انهيءَ نموني تي، شاهه صاحب به جدا جدا سرن ۾، بيت چئي، پڇاڙيءَ ۾ ڪي وايون آنديون، ۽ انهن واين وري، پوءِ سنڌ ۾، ڪافين جو بنياد وڌو.

هڪڙي ننڍڙي وائيءَ جو مثال، هتي ڏجي ٿو، جا اڪثر، ڪافيءَ جي سر ۾ ڳائبي آهي:

پسي ڳاڙها گل، متان ڪو چانگي کي چاري!

1-      ملڪ به ايند ئي موت جا، ڪري هيبتون هل،

2-     نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، مٿئون پڙهندئي ڪل،

3-     اديون! شاهه لطيف چئي، مون تان لاهج ڀل.

دل پئي چوي، ته شاهه صاحب جي ڪلام مان، ڪي چونڊيل خيال ٻڌايان، پر وقت ڪونهي. اهو ئي هڪڙو شعر آهي، جو هن پوئين صديءَ لاءِ، شعر جو استاد يا ڏاڏو شمار  ۾ اچي ٿو - جيئن فردوسي، پارسيءَ ۾، ۽ چاسر ۽ پوءِ شيڪسپيئر، انگريزيءَ ۾ شمار ڪجي ٿو ۽ جنهن جو ڪلام، اڄ تائين، هر دلعزيز آهي ۽ اُن جو گهڻو ڀاڱو، گڏجي حل ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ جون اڪثر مصراعون، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، چوڻين ۽ پهاڪن وانگي، ڪم اچن ٿيون. انهيءَ قديم استاد جي ڪلام تي، اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ۽ ڪوشش ڪري، انجي وڌيڪ خوبين ڪڍي ظاهر ڪرڻ لاءِ، سڀني سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر جي خير خواهن کي منهنجو عرض آهي. مون، پنهنجي وت آهر، ٿوري گهڻي ڪوشش ڪئي آهي. سندس تاريخي احوال لکيو اٿم، سندس رسالو، جو اڳي اڻ پورو هو، سو وري نئون ڇاپايو اٿم، سندس رسالي جي خلاصي لغت، ”لغات لطيفي“ نالي ڇپائي اٿم، سندس رسالي جون جيڪي مصراعون، ضرب المثل ٿي ويون آهن، سي ”لطيفي لات“ جي نالي هيٺ ڇپايون اٿم، سندس رسالي ۾ ڪهڙو مضمون يا ڪهڙو بيت ڪٿي لڀندو، تنهن لاءِ ”رسالي جي ڪنجي“ ٺاهي اٿم، نموني لاءِ، سندس هڪڙي سر سهڻيءَ جي مفصل شرح ۽ سمجهاڻي ڏني اٿم ۽ سسئيءَ  وارن سرن جا ڀاڱا، جي مئٽريڪيوليشن امتحان لاءِ مقررر آهن، تن جي مختصر  شرح، ٻارن لاءِ ڏني اٿم ۽ سندس چونڊيل بيتن جو منتخب ڪڍيو اٿم. اهو سڀ ڪم، شاهه صاحب جي ڪلام سان محبت جي پٺيان ڪيو اٿم. سنڏ جي ڪن ٻين صاحبن به، اهڙو پورهيو ڪيو آهي. اميد آهي ته اسان جا نوجوان پڙهندڙ، انهيءَ قسم جي، اڃا به زياده محنت ڪندا ۽ پڪ آهي، ته انهيءَ مان کين خوشي، ۽ ٻين کي فائدو حاصل ٿيندو.

شاهه صاحب جي وقت جا، يا انهيءَ کان پوءِ جا شاعر به سندس پيروي ڪرڻ لڳا ۽ اڃان تائين به اڪثر، قصن يا جنگين جهڙو بيان، انهيءَ نموني جي بيتن ۾، چوڻ ۾ ايندو آهي، جو نج سنڌي شعر جو نمونو آهي. شاهه صاحب کان پوءِ، سگهو ئي، يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، ٻيو هڪڙو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جو درازن وارو سچل فقير فاروقي هو. انهيءَ جو به سنڌي ڪلام، گهڻو ڪري، شاهه صاحب جي تتبعي تي چيل آهي، باقي سندس ٻيو ڪلام، سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي، جا رياست خيرپور جي ٻولي آهي  ۽ درازا، رياست آهي. مضمون جي ڪري، سارو ڪلام، تصوف جو آهي. چڱو ۽ اثرناڪ آهي. ڏوهڙا ۽ بيت به آهن ۽ ائين جي بدران ڪافيون آهن، جي جدا جدا سرن ۾ آهن. سچل فقير جا ڪي مشهور ٻالڪا يا مريد ۽ شاگرد ٿيا، جي پڻ مشهور آهن - جيئن ته يوسف فقير کوکر، گهرام فقير جتوئي، عثمان چاڪي، خير محمد جسڪاڻي ۽ ٻيا. انهن سڀني جون ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام مشهور آهي. سچل فقير جي پارسي غزلن جو ديوان به آهي، جنهن کي ”ديوان آشکارا“ ٿا چون، جو انهيءَ ۾، سندس تخلص ”آشکارا“ آهي.

سچل فقير جي سرائڪي ڏوهڙي يا بيت جو نمونو هيءُ آهي:

خيال بزرگي ڏهون نه ميرا، نا منگان مخدومي،

ناوت پير مشايخ ٿيوسي، ناوت نانئن نجومي،

دعوت دي دائري نه سکيوسي، ناوت علم رسومي،

ناوت هندي، سنڌي، شامي، ناوت زنگي رومي،

سچو! ڪٿ نهين ڪوئي پيدا هوندا وچ معدومي.

۽ سندس سنڌي بيت جو نمونو هيءُ آهي:

الهه لڳ اُڏام،  تون موٽي محبوبن ڏي،

وڃي ڏيج پرين کي، پڄيءَ جا پيغام،

ڪري قدمن تي پئي، سؤ لک ڏيج سلام،

آهي اوهان ري پرين! هت مڙئي ماتام،

اچڻ جو انجام ڪر، سگهو طرف سچوءَ جي.

۽ سندس هڪڙي ننڍي سنڌي ڪافي به، نموني لاءِ، ڏجي ٿي، جا اڪثر، سر بروي مان ڳائبي آهي:

ڀول نه پئي ڪنهن ڀل - تون ته آدم يار ناهين!

1-      ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي! تنهنجو ملهه!

2-     لڪو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل،

3-     ڪير ٽپائي، ڪير ڪڏائي، شاهه بنا دلدل؟

4-     احد منجهارون عبد سڏايئي، هوئين پاڻ اصل،

5-      سچل چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تل.

سرائڪي ڪافيون، زياده عمديون اٿس.

سچل فقير جو ٻالڪو يوسف فقير، جنهن کي نانڪ يوسف سڏيندا هئا، توڙي روحل فقير ۽ مراد فقير ڪنڊڙيءَ واري جو ڪلام، نه رڳو سنڌي  ۽ سرائڪيءَ ۾ آهي، پر هندي ڀاشا جي نموني تي، ٻاڻين وانگي به آهي ۽ انهيءَ ڪري، هندو ماڻهو، انهن کي گهڻو چاهيندا آهن. نمونو هيءُ آهي-

روحل فقير جو سنڌي بيت:

هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٿيو وچ وڌائون وير،

انڌن اوندهه نه لهي، تنکي، سچ چوندو ڪير،

روحل! راهه پرينءَ جو، جان گهڙي ڏٺوسين گهير،

ته رب مڙوئي هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي پير جا ستي ڪعبه الله ۾؟

۽ پاڻيءَ وارن ڏوهڙن جو نمونو هيءُ آهي:

(1) جل ڀبتراڪ، اگن جلت هي اجواڙا  بن ڏيوي،

انبرت ڌار امين پڙت هي ڪوجن ورلا پيوي،

پريم پياس لڳي ارانتر، اور ڪڇو نهين ڀاوي،

ڏيهڙي ڀبتر الک براجي، جو کوجي سو پاوي،

امرا پور ۾ آسن ڪينا درجن مار هٽايا،

روحل! رات گئي دن پايا، منشا منگل گايا،

(2) چت ڪو ڪهيو نه من ڪري، من ڪو ڪهيو نه چت،

ڪايا ننگري گام مهه، دونون جهڳڙن نت،

سنڌي بيتن ۾، جن هندو شاعرن به، تمام چڱو ڪلام چيو آهي، جيئن ته لعلو ڀڳت جو، ڪامسين ڪامروپ وارو قصو، ۽ سامي مينگهراج يا سندس ٻالڪي ڀائي چينراءِ شڪارپوريءَ جا سلوڪ. انهن جو نمونو به، ڏيڻ گهرجي:

(1) ٻيائي منجهه ٻڏي، مورک ويا ڪيترا،

ڪو سامي ساڌ لنگهي پيو، ڪر پاساڻ ڪڏي،

چاڙهي جنهن گر گيان سان، گگن منجهه گڏي،

توڙي ڪري لاڏ لڏي، نه به سيتل رهي سڀاءَ ۾.

(2) مومن مسلمان، ڪوڙئن ۾ ڪو هڪڙو،

جو واصل ٿي وحدت ۾، ڪڍي غير گمان،

نورمحل جي نانوَ تي سيل ڪري سجان،

تنهن کي سڀ جهان، ڄاڻي دوست خدا جو.

(3) جاڳي جنهن جوڌي، جيتو من مواس کي،

ڪڍيو تنهن ڪلپت جو، لشڪر سڀ لوڌي،

سامي: لايئين لک ۾ پنجئي پرٻوڌي،

ويٺو گهر سوڌي، ساکي ٿي سنسار جو.

اهو، اڳوڻي نج سنڌي شعر جو نمونو، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۽ ميرن جي صاحبيءَ جي اڌ تائين هليو. پوءِ، انهيءَ ۾، ڦير گهير ٿيڻ لڳي. مير ڪرم علي خان جي راڄ ڌاري، يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، پارسي ٻولي، گهڻي رواج ۾ اچڻ لڳي. ايران جا قابل ماڻهو، سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ پارسي غزل، قصيدا، مسدس، وغيره، رواج ۾ اچڻ لڳا. پارسي شعر جي بحرن ۽ وزنن تي، خود مير صاحب ۽ ٻيا ڪي سکر ماڻهو، شعر چوڻ لڳا. پارسيءَ جي تتبع تي، شاعر، سنڌي شعر به، پارسي وزنن تي چوڻ لڳا. انهيءَ وقت ڌاري، سيد ثابت علي شاهه ظاهر ٿيو. هن، مرثيا ۽ منقبت، پارسي نموني تي، تمام عمدا چيا. بلڪ ڪي هجوون، سفرناما ۽ ٻين قسمن جو شعر به چيائين. تمام گهڻو شعر چيو اٿس، جو سڀ پارسي بحرن تي آهي. منجهس پارسي لفظ ۽ جملا، بالڪل آزاديءَ سان ڪم ۾ آندا اٿس. ڪنهن مرثيي ۾، ته سڀ ڪنهن بند جو بيت، پارسي زبان ۾ چيو اٿس، ٻيو سنڌيءَ ۾، ۽ ڪنهن بند ۾، ديوان حافظ مان مصراعون، تضمين ڪري آنديون اٿس. شاهه صاحب جي ڪلام وانگي، ثابت علي شاهه جا مرثيا به، سر سان ڳائيندا آهن. مرثين جا ٻه - ٽي بند، نموني لاءِ، هيٺ ڏجن ٿا:

بيدرد کؤن مَ پڇ غم درد دل يتيم،

درد دل يتيم کي ڄاڻي دل دونيم،

عرش عظيم ۾ پيو نت غلغلو عظيم،

عابد يتيم وبيڪس وبيمار کي غنيم،

باس ۽ ڀائر رڻ ڪهي قيدي ڪري عيال

ٿيا شام ڏي روانا، وٺي مصطفى جو آل.

ٻئي مرثيي جو بند، جنهن ۾ پارسي بيت آهي:

هئي هئي!  نبيءَ جي باغ جا نوري نول نهال،

هئي هئي عليءَ جا راحت جان فاطمه جا لعل،

اڃ کؤن اسارا ٿي هليا، هئي ظلم! هئي زوال!

ڪومائي، گل ڪري پيا ڀونءِ  تي ٿي خسته حال،

باد خزان وزيد به گلزار اهلبيت،

برق ستم رسيد به آنبار اهليت.

هن چؤ مصرعي بند ۾ حافظ جو بيت ڏنو اٿس. انهن جون گهڻيون ئي مصراعون، انهيءَ مرثيي ۾ ڏنل آهن:

خوشحال ٿي کڻج ايءَ زاري ۽ زبردستي،

سڀ ڀائنج سر بلندي، ايءَ عاجزي ۽ پستي،

هنگام، تنگدستي، در عيش کوش مستي،

کاين کيمياي هستي، قارون کند گدارا.

هن مرثيي جي بند ۾، امام قاسم جي پهلوانيءَ جي تعريف ۾، شاهنامي جا اشارا آهن، ڪهڙو نه چڱو چيو اٿس:

هن کي ڇا افراسياب ۽ هن کي ڇا اسفنديار؟!

ڇا هي بيزن؟ ڇا هي برزو؟ ڇا فرامرزالفرار؟!

گيو هت گوشو ڪري نرمي نريمان جو شعار

طوس جو ڇا تاب هت؟ گردرز وگرگين گيرودار،

هِي مڃي رب جي رضا سر ڏئي ته ڏئي، ورنه محال،

ناهي ملڪ الموت کي ان جي تقابل جي مجال!

ثابت علي شاهه جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس مرثيا به، مون ڇپايا آهن، ۽ ساڳيءَ طرح، شاهه ڪريم ۽ سچل فقير جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس ڪلام به، ڇپايو ويو آهي.

انهيءَ وقت کان وٺي، سنڌي عشقيه يا مدحيه شعر، پارسي وزنن تي شروع ٿيو، جو اڄ تائين هليو اچي. پارسي ديوان جي نموني تي، پريندي پريندي، خليفي گل محمد، هالن واري، گذري صديءَ جي وچ ڌاري، سنڌي ديوان لکيو، جنهن کي ديوان گل چون ٿا. انهيءَ ۾، سنڌي الف - بي جي سڀني حرفن جا قافيا ڏنل آهن ۽ انهيءَ ۾ به، گهڻا نج سنڌي لفظ، ڪم آندل آهن. نمونو هيءُ آهي:

غزل

سور ٿيو سينگهار جن جو ڏک تني جو آهه ڏيج،

ورهه ووءِ ووءِ ٿيو وروهڻ، هاءِ هئي هئي آهه هيج!

مرض محبت جو اندر ۾ ڪهه ڪندو تن کي طبيب؟!

درد ٿيو دارو، دلا! ٻڪيون ڦڪيون آزار ايج.

جوش جذبي ۾ زياده، منجهه طلب وڌو وڌن،

ڪو نه ڪن ٿا ٺاهه ٺرئي، جيئن تپن ڪن تاءُ تيج.

پوک تن جي پرت پڄرڻ، هيج هر لو نيهن نار،

برهه باهيون، ڪهڙ ڪاڍو، آب اکين آهه ريج.

ٿيا سڪي سرها سدا، آباد ۾ ارها مدام،

ٿيا وتن گلزار ”گل“ کاڻن کٽيو ڪو کوب کيج.

غزل ٻيو

دور دنيا جي مٿي اي دل! ڪئي آيا ويا،

سک مٿي سورن سٿي اي دل! ڪئي آيا ويا.

ڪي سوداگر راتو ڏينهان منجهه وٺڻ وڪڻڻ خراب،

ڪوڙ دنيا جا ڪٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ڪين ڪيون پوکون، ٿيون ڀرپور، پي پاڻي جڏهن،

پوءِ پڪيءَ هيون هٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ٻانڊ ڪيئي بحر ۾ لڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي،

پيا سڪيءَ پاڻي لٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ويا دنيا جا شاهه ڪئي، دنيا ڇڏي منجهه هيٺ ڀونءِ،

پاڻ مهٽيندا کٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

گل! حقيقت ٿو پڇين ڪهڙي، دنيا جي دور جي؟

ڪا خبر ڪنهن کي اٿي، اي دل ڪئي آيا ويا.

انهيءَ کان پوءِ ته انهيءَ طرز تي، گهڻن، هاڻوڪي زماني ۾، شعر چيا آهن، جي جدا جدا مضمونن تي آهن. اڳوڻي بيتن واريءَ طرز تي به، اڃا شعر چوڻ ۾ اچي ٿو - پر اڪثر هاڻ، پارسي وزنن تي شعر چوڻ ۾ اچي ٿو - مثنوي، قصيدا، غزل، رباعي، وغيره. هنن پوئين شاعرن مان گهڻن، ديوان به لکيا آهن، پر انهن سڀني مان، ٻن ماڻهن جو شعر، خاص تعريف جوڳو آهي - هڪڙو حمل خان لغاري، جنهن جو گهڻو شعر، سنڌي توڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. سچل وانگي، هن جو به سرائڪي شعر، سنڌي شعر کان چڱو آهي. اڳوڻي سنڌي شعر جو تتبع ڪيو اٿس. سندس سنڌي بيت جو نمونو، هيءُ آهي:

ياراڻي يارن مون، ويئي ڙي ويئي،

گڏيل هئي گمان ۾، سا پڌري ٿي پيئي،

محبت لڏي ملڪ مون، ڏک ويا ڏيئي،

دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب هئا جيئي،

سڄڻ مٺا هئا ساهه کون، سامهون ٿيا سيئي.

”حمل“ هاڻ نيئي ڪنهن کي سور سڻايان؟

سندس هيءَ سرائڪي  بيت، چرچي جهڙو ۽ اڄوڪي زماني جي ٽوٽ، رولو، ۽ ٽنڊي ماڻهو تي ٽوڪ آهي. چوي ٿو ته:

ڏنگي ٽور تي ڏنگي پٽڪي، انگليان پنج ڇهه ڇلي!

ٻٽوين ڪڍ ڪڍ تي وٺ ڏيندي ابتي پيچ اولي!

آڪڙ شاڪڙ نال شهر وچ، ٽوٽ نرن ڪر ٽلي!

طري ڇوڙ تڙان تي کڙندي، گانڊو ڪر ڪر گلي!

سارا ڏينهن گهٽئين وچ گهمندي، ول ول ڏيون ولي!

ٻاهر ٽور لکان دي ٽرندي، گهر وچ ٺڪر ٺلي!

گهم گهم تي گهر آون سانجهي، پيسا مور نه پلي!

اڳيون آکن ڪيا کٽ آئين؟ ورندي وات نه ولي!

زالان اڳيون زور سي تنهنڪو، خوب ماريندي کلي!

منٿان ڪر ڪر ماءُ ڇڙ واندي، اگهه اگهه اڱيان ملي!

گهر وچ کلا بجا، ٻاهر شير بهادر بلي!

حمل جنهن گهر حال اهو سو آک ڪيوين گهر هلي؟!

ٻيو آهي ميان محمد قاسم هالائي، جنهن کي مئي، ٿورا ورهيه ٿيندا. انهيءَ جو ديوان پڻ ڇپيل آهي. شعر پارسي شاعرن جي تتبع تي اٿس ۽ پارسي شعر، تمام گهڻو اٿس ۽ پڪو ۽ سنجيدو به اٿس. هن جهڙو، هن پونئين وقت ۾، ڪو ورلو هوندو.

ثابت علي شاهه جي تتبع تي، وري هزهائينس مرحوم مير حسن علي خان ٽالپر، تمام گهڻا مرثيا لکيا آهن ۽ چڱا چيا اٿس.

انهيءَ مان معلوم ٿيندو، ته هينئر، اسان جي زماني ۾، جيڪو سنڌي شعر چوڻ ۾ ٿو اچي، سو ٻن قسمن جو آهي - هڪڙو اوائل واري نج سنڌي شعر جي طرز يا نموني تي، يعني بيتن ۽ ڪافين ۾، ۽ اهو آهي، شاهه صاحب جي تتبع يا پيرويءَ تي، ۽ ٻيو آهي، پارسي شعر جي طرز تي، يعني مثنوين، قصيدن، غزلن وغيره ۾، ۽ اهو آهي تتبع، ثابت علي شاهه جي شعر جو. انهن ٻن قسمن جي شعر جا استاد، ٻه صاحب آهن. سڀني قومن ۽ ٻولين ۾، ڪن خاص استادن جي شعر تي، تتبع ڪرڻ جو دستور، اصل کان هلندڙ آهي، عيب ليکڻ ۾ نٿو اچي، ۽ اها ئي تجويز آهي، جنهن سان شعر، ترقي ڪري ٿو ۽ درجي بدرجي، ماڻهو چڱو شاعر ٿي سگهي ٿو. مٿي چيو ويو آهي، ته چڱن هنرن جو ڪم آهي، اڳوڻن استادن کي نقل ڪرڻ، ۽ ائين ڪرڻ سان، پنهنجي توڙي ٻين ماڻهن جي دل خوش ڪرڻ. ڪتابي علم جي سرمائي وڌائڻ لاءِ، عمدو اُپاءُ آهي، سڌريلن قومن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ، ۽ عمدي شعر جي سڌارڻ جو اُپاءُ آهي، استادن جي شعر جو تتبع ڪرڻ، يعني انهن جي نموني تي شعر چوڻ. اوهان کي عجب لڳندو، ته انگريزيءَ ۾، عمر خيام جي رباعين جي شوق کان، پارسي رباعيءَ جو طرز، اچي داخل ٿيو آهي، جيئن سنڌي ۾ به ٿيو آهي - يعني چئن مصراعن جي بند مان، پهرين، ٻين ۽ چوٿين مصراع جو قافيو، هڪجهڙو ٿو ٿئي.

مثال لاءِ، ٻه چار رباعيون، عمر خيام جون، سنڌيءَ ۾ ڏيان ٿو:

(1)     آءٌ آهيان گنهگار، رضا تنهنجي ڪٿي؟

دل منهنجي ٿي بيمار، شفا تنهنجي ڪٿي؟

ڏيندين جي بهشت تون، عبادت جي عوض،

سودو ٿيو اهو، پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي؟

(2)    ڪيسين اها عمر، خود پرستيءَ ۾ لنگهي؟

يا روح جي نيستي ۽ هستيءَ ۾ لنگهي؟

مئي بي جنهن عمر ۾ هجن اهڙا فڪر،

بهتر ته اُها خواب يا مستيءَ ۾ لنگهي!

(3)    اي قاضي! آهيان تو کان خبردار وڌيڪ،

نشي ۾ به تو کان آهيان هوشيار وڌيڪ،

ماڻهوءَ جو تون پين رت، آئون پيان ڊاک جو رت،

چؤ هاڻ ته آهي ڪير ، خونخوار وڌيڪ؟!

(4) خيام! گناهه لئه هي ماتم ڪهڙو؟

غم کاءُ نه، غم سان تنهنجو ٿيو ڪم ڪهڙو؟

جنهن ڪيو نه گناهه، تنهن کي بخشش نه ملي،

بخشش ٿي گناهه لاءِ پوءِ غم ڪهڙو؟

(5) شيطان ۽ نفس، شهوت ۽ غصو آهه،

جن چئني ٻڌي ڪري ڪئي مون تي ڪاهه،

يا رب! تون بچاءِ دشمنن کون مون کي،

هڪ ڪک آهيان آءٌ، ۽ چؤ طرف آهي باهه.

انهيءَ طرح، انگريزي ناٽڪن جي ڪتابن جي طرز تي هينئر، هندستان ۾، بلئنڪ ورس جو رواج پيو آهي - يعني بي قافيه وزندار شعر جو، ۽ ڪيترن انگريزي ٽيونن تي، ڏيهي راڳ چوڻ ۾ اچن ٿا، جي سڀ چڱا ٿا لڳن. انهيءَ طرح، استادن جي شعر چوڻ يا ٻين قومن جي عمدي شعر يا راڳ جو ترجمو، انهيءَ شعر جي طرز تي، سنڌي شعر ۾ آڻڻ، اها هڪڙي  عمدي ڪوشش آهي، سنڌي شعر جي ترقيءَ لاءِ.

پڇاڙيءَ ۾، مثال لاءِ، آءٌ سچل فقير جي هڪڙي ڪافي اوهان کي ٻڌائيندس ۽ انهيءَ جي تتبع تي، پنهنجي هڪ ڪافي به ٻڌائيندس. سچل فقير جي ڪافي هيءَ آهي، جا اڪثر سر جهنگلي مان ڳائبي آهي:

ٿل:    ڏسو عشق جو انصاف، مڙئي مذهب ڪيئين معاف!

(1)     مڪي وڃڻ مقصد ڪيهو؟ ڪريو اندر تن طواف

(2)    واديءَ ۾ وحدت جي، جڙي لام نه ڪاف

(3)    الانسان سري وانا سره، غازين آهي غلاف

(4)    جوئي مذهب عشق جو، سوئي آهي صاف

(5)     سچو انهيءَ ڳالهه ۾، خس نه آهي خلاف

انهيءَ جي تتبع ٿي، هيءَ ڪافي چئي وئي آهي:

ٿل:    منهنجو عشق ٿيو امام، ڪريان تنهن کي نت سلام

(1)     عدم منجهان آدم آيو، ڄمندي ٿيو ڄام

(2)    نوري ناري ذات سنديس، خاڪي سندس نام

(3)    ڪل شيءِ يرجع - آهي اصل جو انجام

(4)    عشق جو مذهب نڪو، نه ڪفر نه اسلام

(5)     الف بنا ٻيو نه سجهي، ميم نڪو لام

(6)    سچل ڏنو قليچ کي، جود ون ڀري جام!

قليچ بيگ

 

[13]

ڏاڙهياري جبل جو سير

 

نوٽ: اصل ۾ هيءُ ڪتابچو، رائل سائيز جي اٺاويهن صفحن تي مشتمل، سنه 1900ع ۾، منشي پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ جي، ليٿو ۾، اسلاميه پريس لاهور مان ڇپايو هو. هن ڪتاب ۾، مرزا صاحب مرحوم جن، سنه 1885ع ۾، پنهنجي ڏاڙهياري جبل جي سير جو احوال، ڊائريءَ يا روزنامچي جي صورت ۾ لکيو هو ۽ ان کي سنه 1900ع ۾ ترتيب ڏيئي، ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ڇاپايو هو. ان ڪتابچي جو ’منڍ‘ يا ديباچو، مرزا صاحب مرحوم جن، ’اطلاع‘ جي عنوان سان، هيٺئين ريت لکيو:

اطلاع

سنه 1885ع ۾، جڏهن آءٌ، شڪارپور ضلعي ۾، نصيرآباد تعلقي جو مختيار ڪار هوس، تڏهن، ٻه ٽي ڀيرا، ڏاڙهياري جبل تي ويو هوس. پهرئين ڀيري جي ڊائري، ۽ ٻيو متفرقو احوال، بروقت لکيو ويو هو. ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو ڪاغذ اٿلائيندي، اها ڊائري هٿ لڳي، ۽ گذريلن ڏينهن جو احوال پڙهي، گهڻي خوشي حاصل ٿي. ڏاڙهيارو جبل، سنڌ ۾، چڱيءَ ۽ موافق آبهوا جي ڪري مشهور آهي، جتي وڏا وڏا يورپي آفيسر ويندا آهن. اُتي جي سڀ شيءِ، سنڌ ملڪ کان نرالي آهي، تنهن ڪري مون ڄاتو، ته ڏاڙهياري جبل جي احوال پڌري ڪرڻ سان ماڻهن کي، هڪڙيءَ مشهور ۽ اڻ ڏٺل شيءِ جي واقفيت ٿيندي ۽ اڳتي، جيڪي ماڻهو، انهيءَ پاسي ويندا، تن کي به گهڻي سهولت ٿيندي.

”قليچ بيگ“

نوشهرو - فيبروري سنه 1900ع

تاريخ 6 جون سنه 1885ع ڏينهن ڇنڇر جي، وارهه کان روانا ٿياسين. سامان وارا، اڳڀرو روانا ٿيا هئا. آءُ ۽ نائڪ، اٺين بجي صبح ڌاري نڪتاسين. ڏيڍ ڪلاڪ ۾، حمل ۾ پهتاسين. سامان وارا، پوءِ آيا. ڏينهن گذاري، شام جو ڇهين بجي ڌاري نڪتاسين. علي خان، گانئچن جو چڱو مڙس ۽ عالم خان ڪمدار، غيبي خان چانڊئي جو، ٽن اٺن سان، اسان کي اچي گڏيو. هڪڙو سامان جو اٺ، پنهنجن ٻن نوڪرن - صابن ۽ پرئي سان - اڳي روانو ڪيوسين ۽ ٻه گائنچا اٺن وارا به، هنن سان گڏ ويا. آءٌ ۽ نبي بخش چپراسي، هڪ اٺ تي ۽ علي خان ۽ عالم خان، ٻئي اٺ تي چڙهي، پهين بجي شام جو، حمل مان نڪتاسين. ڳچ پنڌ ڪري، سامان واري اٺ کان لنگهي، ٽڪرن ۾ آياسين. پهريون گهٽ، جو لنگهياسين، ان جي اتر ڏي، بدربان ٽڪر هو ۽ ڏکڻ ڏي، ڪڪريو (ٽڪر) هو. بدربان ٽڪر تي، اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن بابت، علي خان ذڪر ڪري ٻڌايو  ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾، جڏهن ڪلهوڙن، کوسن کي ڀڄايو، تڏهن هڪڙي کوسي جو، بدر چانڊئي ساکاڻيءَ سان، هڪ گهوڙيءَ ۾ اڌ حصو هو. بدر کي جڏهن اها خبر پئي ته اهو کوسو، سندس بائٺي گهوڙيءَ تي چڙهيو، ڀڳو ٿو وڃي، تڏهن انهيءَ گهٽ ڌاري اچي پهتس ۽ چيائينس ته گهوڙيءَ جو اڌ نبيري وڃ! تنهن تي انهيءَ کوسي وراڻي ڏنيس، ته ”ٻيلي! هيئنر ته آئون، تنگ اچي ڀڳو ٿو وڃان، جڏهن صلح سانت ٿئي ته پوءِ تو کي، تنهنجي پتيءَ وارو اڌ، نبيرو ڪري ڏيندس“ پر چانڊئي، کانئس تنگ طلبي ڪئي. تنهن تي کوسي کي چڙ آئي. بدر کي ترار سان ڌڪ هڻي، ماري وڌائين، جنهن کي انهيءَ هنڌ جي آسپاس، دفن ڪري ڇڏيو اٿن. انهيءَ ڪري، انهيءَ ٽڪر کي بدربان جو نالو مليو. ڪڪريو نالو، انهيءَ ڪري پيو، جو اتي رورهين جا پهڻ، تمام گهڻا آهن، انهيءَ گهٽ ڌاري، ٻه ٽي قبرون به آهن، پر اهي، ٻين ساکاڻين جون آهن. اُهو گهٽ لنگهي، پوءِ سنگاني جي ٽڪريءَ مان لنگهياسين. پوءِ وري اتر ڏي بن ۽ ڏکڻ ڏي چرلو ٽڪر آيو. بن نالو انهيءَ ڪري پيو، جو اتي ٿوٻين جهڙا پهڻ آهن، جن تي جابلو ماڻهو، ماني پچائيندا  آهن. نئي مزاراڻي اڳيان آئي، جنهن ۾ تازو پاڻي آيل پئي وهيو، تنهنجي ڀر ڏيئي، سج اچي تيرٿ جي ڍوري وٽ لٿو، جتي ٻڪريون نظر آيون، تنهن ڪري کير جي لالچ تي اتي رهي پياسين. سماءُ ڪري ڏٺوسين ته پاسي ته هڪڙو ڌڻ ٻڪرين جو به هو ۽ هڪڙو ماڻهو به انهيءَ سان هو. پوءِ اتي، صفا جاءِ ڏسي، اٺ جهوڪائي، هنڌ وڇائي، ويهي رهياسين. سگهوئي، سامان وارو اٺ به اچي رسيو. پوءِ ماني رڌي، کائي پي، سمهي رهياسين. انهيءَ هنڌ، هڪڙو چانڊيو، ڌڻ سان ويٺل هو، نالو ڪنڊ وري هوس ۽ عمر جو نوي ورهين کن جو ۽ هڪڙو ٽيون ماڻهو به ساڻن هو، جو معلوم ٿيو ته ان زال جو مائٽ هو، جو ٽن چئن ڏينهن کان، وٽن مهمان هو، نه ته فقط زال - مڙس ٻه ڄڻا، پنهنجي ڌڻ ۽ هڪ ڪتي سان، اهڙي سڃي ٽڪر جي پاڙ ۾ رهندا هئا. مون، هن کان احوال پڇيو. چيائين ته: ”آءٌ، ڄائو به آسپاس واري ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ آهيان. پڪي خبر نه اٿم، جو منهنجا ماءُ - پيءُ، ننڍي هوندي مري ويا هئا.  سڄي عمر، هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ، ٽڪرن ۽ چرن ۾ پئي گذاريو اٿئون.“ کاڌ خوراڪ لاءِ چيائين ته پيرون ۽ ٻير، سندن لاءِ غنيمت آهن. عيد يا ٻئي چڱي ڏينهن تي، اٽو يا چانور کائيندا آهن. ٻيو کير ۽ ڏڌ، ڪم آڻيندا آهن، ۽ مکڻ،  شهر ۾ وڪڻي، ڪپڙو گندي ڪندا  آهن. ان ماڻهوءَ کي، هڪ جوان پٽ به هو، جو ٿورا ڏينهن ٿيندس ته مري ويو هو،  جنهن جو ڏاڍو ڏک هوس. جوڻس لاءِ پڇيومانس ته ههڙي جهنگ ۾، ڪيئن ويامندي هئي؟ چيائين ته جيئن ٻڪريون ٿيون ويامن! دائي، ڪانه هئي. پاڻيهي، ٻار ڄڻي، ٻئي -  ٽئي ڏينهن، چڱي ڀلي ٿي اُٿي. شهر ۾ وڃڻ، اصل پسند نٿي آيس، جو چيائين ته چور چڪار جيڪر، سندن مال چورائي وڃن.

تاريخ 7 جون، ڏينهن آچر - فجر جو سويرو، روانا ٿياسين. سامان وارا، اڳڀرو ويا. مزاراڻي نئي جي ڀر ڏيئي، ڇني بٺيءَ تي آياسين، جتي ڳائو مال ۽ ڪي ماڻهو ڏٺاسين. پوءِ، ڳاڙهي ڀر جي ٽڪريءَ تي آياسين. اهو ٽڪر، اڌ مان ڀڳل هو. معلوم ٿيو ته ڏهه پندرهن ورهيه اڳ، ڌرتي  ڏٻي هئي، تنهن ۾ اهو ٽڪر به، وچان ڀڄي پيو هو. پوءِ ڪرن واري لڪيءَ  تي آياسين ۽ پوءِ پيراچه مڪان ۾ آياسين، جتي ٻه - ٽي مڙس ۽ ٻه -  ٽي زالون، برپٽ ۾ ويٺيون هيون. هتي جا ماڻهو، انهيءَ کي ”ڳوٺ“ سڏيندا آهن. اتان هڪڙو ماڻهو، مزور ڪري کنيوسين. وري اڳيان، اونهڙ جي ڏاٺ  تي آياسين. هتي، ٽڪر جي پاڙ ۾، پاڻي به بيٺل هو، ۽ مٿي ٽڪر جي ڀر تي، هڪڙو ڊٺل  بنگلو به ڏسڻ ۾ آيو. اٺن وارن کي چيوسين ته ٽڪر پاسو ڏيئي اچن، جو ور گهڻو هو ۽ اسين، ٽڪر تان چڙهي، هن پاسي ماٿري ۾ لٿاسين. انهيءَ ٽڪر جو نالو، ڪاٺي لڪي هو. انهيءَ جي ڏکڻ ڏي، زال لڪڙي هئي، انهيءَ لڪ جو نالو، هڪڙيءَ زال تان پيو. چون ٿا ته انهيءَ ٽڪر جي هن پاسي، زال مڙس رهندا هئا ۽ هن پاسي، ڪنهن زماني ۾، هڪڙو سوداگر اچي لٿو هو، جنهن سان، انهيءَ زال جي دوستي ٿي ويئي. هوءَ زال، ٽڪر تان آرپار چڙهي، انهيءَ سوداگر وٽ ويندي هئي ۽ اهو لڪ، اهڙو سنهڙو ۽ ڏکيو آهي، جو لنگهڻ مشڪل آهي. چون ٿا ته جيسين، انهيءَ زال جو مڙس، پاسي کان ڦري، سوداگر وٽ ويندو هو، تيسين اها زال وري، اچي هن پاسي ويهندي هئي. هڪڙي ڏينهن مڙس، پنهنجي زال کي، سوداگر وٽ ڏسي شڪيو. وري اچي زال کان پڇيائين. جنهن چيس ته سوداگر جي زال، منهنجي ڀيڻ آهي ۽ نڪ وٽ تر اٿس، اگرچ ٻي سڄي، مون جهڙي آهي. پوءِ زال جڏهن ويندي هئي، تڏهن نڪ تي مسَ جهڙو ڪارو چٽو ڪري پوءِ ويندي هئي ۽ مڙسس، ائين ڀائيندو هو، ته اها، سنديس سالي آهي. نيٺ ائين ڪندي، هڪ ڏينهن سوداگر سان ڀڄي ويئي. اُها جاءِ لنگهي، ماٿر ڏيئي، ٻي ڳاڙهيءَ ڀر وٽ آياسين، جتي پاڻيءَ جو اونهو چشمو هو ۽ ٽي- چار کٻڙن جا وڻ هئا. اتي ڇانو ڏسي، وڻ هيٺ لهي پياسين ۽ جيسين سامان وارا آيا، تيسين پيرون کائي، ڍؤ ڪيوسين. جنهن هنڌ اسين لٿاسين، انهي کي ”صفر طوق ڍوري جو وات“ ڪري سڏيندا آهن. سڄو ڏينهن، جهولو پئي لڳو، ليڪن ڏکيو سکيو وقت لنگهي ويو. شام جو، چشمي ۾ وهنجي، اڳتي روانا ٿياسين.

اها صفرطوق جي ڍوري، نئي دالان منجهان آهي ۽ اوڀارئين پاسي کان، صفر طوق جو ٽڪر آهي، سو ڏئي نڪتاسين ته اڳيان، سڄي پاسي، ٻي ڍوري آئي، جنهن کي ”رکي رونئي جي ڍوري“ سڏيندا آهن، جو رکيو نالي گانئچو، گهڻا ورهيه ٿيا، جو اتان لنگهيو ٿي ويو ته مٿان رو آيو، سو گهلي، کڻي ويس. تنهن کان پوءِ، اها ڍوري، انهيءَ جي نالي سڏبي آهي. پيچرو  ڏيئي، رستي ۾ هلياسين ته ”ڪڙوال جي ڏيوري“ آئي جتي پاهڻن جو ڍڳ آهي ۽ انهيءَ جاءِ تي ”ڪڙوال“ نالي، ڪو ماڻهو مري ويو هو. هتي دستور آهي ته جتي ڪو ماڻهو مري ۽ اولاد نه هجيس ته پهڻ جو ڍڳ ڪري، ڏيوري جوڙي ڇڏيندا آهن، پوءِ سنديس لاش، ٻئي هنڌ نيئي، دفن ڪئي هوندائون، ته به حرڪت ناهي! انهيءَ کان پوءِ، اسان کي طوفان جهڙي واچ آئي، جا لنگهائي، اڳتي وڌياسين. اڳتي جو رستو سڌو، اتر ڏي، ٻن مٿاهن جبلن جي وچان آهي. اوڀر ڏي صفر طوق ۽ اولهه ڏي بن. گهڻين جاين تي ڏسڻ ۾ آيو ته پهڻن جي ڀت ٻڌل هئي، جا ڏينهن پئي ڊهي پئي هئي، پر گهڻو ڀاڱو سالم هوس. ظاهر آهي ته پاڻيءَ جي جهلي بيهارڻ ۽ آبادي ڪرڻ لاءِ، اها ڪوشش ڪيل آهي، پر هتي، مشهور ڳالهه هيءَ آهي ته مولى عليءَ جي ڏينهن ۾، هتي، ڪافر ديو رهندا هئا، سي پاڻي بند ڪري، آبادي ڪندا هئا، صبح جو پوکيندا هئا ته سانجهي جو فصل پچي، تيار ٿيندو هو. پوءِ هڪڙو هڪڙو ديو، خرار کن ان جو ڀڃي، ڏڻيون ڪري، گوڏ ۾ وجهندو هو ۽ ڪاسي ڪاسي جيڏو ڦڪ ڀريندو هو. انهن کي نيٺ، مولى عليءَ ماري مڃايو.

رستي ۾ ٻي ”بادارجي ڏيوري“ ملي. انهيءَ کان وري هيٺ، ماٿريءَ ۾ لهڻو ٿو پوي. پر ماٿر اهڙي هيٺ آهي، جو ان کي ڏسندي، مٿو ڦريو ٿو وڃي. انهيءَ ماٿر ۾، جا ڍوري آهي، تنهن کي ”ليهڙي جي ڍوري“ سڏيندا آهن. اتي چيروليءَ جا تهن جا تهه بيٺا آهن. اڳيان وري بن اچي ٿو، جو تمام وڏو جبل آهي، پر ڪچو، چيڪي مٽيءَ جهڙي شڪل جو آهي. پاڙ ۾ چار پنج ڳاڙهي رنگ جا وڏا گولا پيل هئا، جن لاءِ چيائون ٿي ته اڳئين زماني ۾، ڪافر هئا، جو مولا عليءَ جي هڪل کان، پنڊ پاهڻ ٿي پيا آهن. پوءِ جيڪو رستو اترئي اتر ڏي هليو ٿو هلي، سو ٻن جبلن جي وچان ٿو وڃي، يعني اوڀر ڏي بن جبل ۽ اولهه ڏي زرد جبل جنهن تي پيلي ڳاڙهي رنگ وارن پاهڻن جي ڪري، اهو نالو پيو آهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙو گائنچو ٻڪرار، سؤ کن رڍن سان مليو، تنهن کان کير ڏهائي پي ڍؤ ڪيوسين ۽ ٻيو رات لاءِ به کنيوسين. پوءِ سڌو آياسين ”منڌري جي ڍوري“ تي، جتي ٽڪر جي چر ۾، سم جو چشمو هو ۽ ٻه ٽي گهر به هئا، يعني ماڻهو، زالين مڙسين، ويٺل هئا. گهر جڙيل ڪو نه هو، ۽ مٿان رات به پيئي، تنهن ڪري اتي لهي پياسين. اتي چار همراهه ٻيا به گائنچن جا اسان کي گڏيا، جو هنن کي اتي ملڻ لاءِ چوايو ويو هو. رات چڱي گذري ۽ هوا به چڱي هئي. مڇر به ڪو نه هو، جهڙو اڳينءَ رات هو.

تاريخ 8- جون، سومر- صبح جو سوير، آءُ ۽ علي خان ۽ پريو ڇوڪر، پيادا اڳڀرو نڪري هلياسين، جو اُٺ، اڃان نه آيا هئا. اُتي ماٿري ڏيئي، اولهه ڏي زرد جبل منجهه هلڻو ٿيو. هن جبل ۾، عجب جهڙيون جايون ڏٺيون سين. چوڌاري ٽڪر، آسمان سان لڳا پيا هئا ۽ ڇانو ئي ڇانو لڳي پئي هئي. ٽي ڪتا به اسان سان هئا. جبل ۾ گهڙڻ کان اڳي، ٻٻر نالي گانئچي جي قبر آهي، جنهن کي ڪنهن بروهيءَ، ماري وڌو هو. پوءِ جبل جي ڏاٺ، جنهن کي ليهڙي جو گروک چون ٿا، سو آيو. اهو لنگهي، جبل ئي جبل ڏيو، لهندا چڙهندا، ٽڍاڪ تي آيا سين، جتي هيٺان چشمو پاڻيءَ جو به آهي ۽ مٿي، هڪ ڊٺل سرڪاري بنگلو به آهي. اتي هڪڙي زال ٻار سان هئي ٻه گڏهه به ساڻ هئس. معلوم ٿيو ته مڙس ماڻهو، پيرون چونڊڻ ويا هئا. اتان لنگهي وري جبل تي چڙهي، ڌياڻي جي جهڪ وٽ آيا سين. اتي، ٻه – ٽي کٻڙ جا وڻ ڏسي، ويهي رهيا سين، جو مٿي، ٻي ڇانو ته ڪانه ٿي ڏٺي، ٿوري کان پوءِ، سامان وارا به آيا. ٻيا اُٺ، ٽڍاڪ تي ڇڏي آيا، رڳو هڪڙو اُٺ، پاڻ سان آندائون ۽ ٻيو سامان، گائنچا، مٿن تي رکي، کڻي آيا.

شام جو سوير، پنجي بجي ڌاري، ويادا نڪتاسين. پيرن ۾ کڙٿڻ ڍڪڻا پيا ۽ هٿ ۾ لٺ کڻي پيئي، جو مٿي چڙهڻو هوسين. اهو ”پينيئري جو جبل“ جنهن تي هاڻ چڙهياسين، سو تمام اچوآهي ۽ چڙهڻ لاءِ اهنجو آهي. پهريائين، ”بروهيءَ واري تراري“ لنگهياسين. پوءِ هڪ ڍوريءَ ۾ آياسين، جنهن کي ”ڪارڙو جهڙ“ چوندا آهن، سا ڏئي، وري ڪارڙي ڀر ڏئي، پينئري جي چوٽيءَ تي آياسين. پوءِ وري هيٺ لهي، ماٿر ۾ آياسين، جنهن کي ”ڪڙڇ جي ڍوري“ چون ٿا، ليڪن، انهيءَ لهڻ ۽ چڙهڻ ۾، ڏاڍي مشڪلات ڏٺيسين. ساهيون کڻندا، ويهندا، پاڻي پيئندا آياسين. رستي تي ڳانڱن جا وڻ گهڻا هئا جي ڇنندا، کائيندا آياسين. گگر، هرمرو ۽ ٻيا ڪيترا مزي جهڙا وڻ ۽ ٻوٽا هئا. هڪڙو گاهه، جنهن کي پوئي سڌيائون ٿي، سو تمام سرهو هو. اُهو ڊڀ وانگي آهي ۽ انهيءَ وانگي گهڻو ٿو ٿئي، ڪجهه انهيءَ کان سنهو آهي.

چون ٿا ته مولا علي پٿر وڇائي، انهيءَ گاهه تي ستو هو، سو سندس پگهر جي بوءِ، منجهس رهجي ويئي آهي. ڪڙڇ ۾ رات پيئي. سامان جو اٺ، اوسيتائين  هليو آيو،  پر اهڙا لاها چاڙها، جو هر ڪو اٺ نه هلي سگهندو. مٿانهينءَ تي لهي پياسين ۽ ڪي ماڻهو، ٿوري پنڌ تان، پاڻي ۽ کير کڻڻ لاءِ موڪلياسين، جو آندائون ۽ ماني کائي سمهي پياسين. انهيءَ هنڌ جي ڏکڻ ڏي، هڪڙو پير آهي، جنهن جي قبر به اتي آهي، مٿانئس پکو آهي. هن کي پير حسن تڪڙو چوندا آهن. هن پير تي، روٽ ڏيندا آهن، سو پچائي ورهايوسين، ته جيئن خير سان وڃي، مٿي پهچون. انهيءَ پير جي پيءُ باري پير، وري مٿي کير ٿر ۾ آهي، جو انشاءَ الله تعالى، سڀاڻي وڃي ڏسنداسين. ڪڙڇ جي اوڀر ڏي آهي پينئروجبل، جو لنگهي آياسين ۽ اولهه ڏي آهي کيرٿر، جو انهن سڀني جبلن کان مٿانهون آهي. سنڌ ۾، پري کان ائين پيو ڀائنجي ته ڄڻ، اهو هڪڙو ئي وڏو جبل، اولهه کان بيٺل آهي، پر مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته هڪڙي جبلن جي قطار لنگهجي ٿي ته ٻي ٿي اچي ۽ ٻي لنگهجي ٿي ته ٽي ٿي اچي! ائين، ڪيتريون ئي جبلن جون قطارون آهن جيئن پوءِ تئن وڏيون! جڏهن پوئينءَ قطار جي چوٽيءَ تي چڙهي، اوڀر ڏي ٿو ڏسجي، تڏهن ائين ٿو ڀائنجي ته ڄڻ اُهي ننڍڙيون بيٺيون آهن - يعني، اُهي ننڍيون معلوم ٿيون ٿين، پر آهن وڏيون.

تاريخ 9 جون، ڏينهن اڱارو - فجر جو سوير، سنبت ڪئيسين. سامان واري اٺ جي اڳتي هلڻ جي جاءِ نه هئي، تنهن ڪري سڀ سامان، ماڻهن کي ڪلهن تي کڻڻو پيو. کيرٿر  تي چڙهڻ لڳاسين. ساڍي ڇهين بجي نڪتاسين. وچ ۾ هڪڙي ٿڙي جبل جي آهي، جنهن کي ٻلي ٿڙي ڪري سڏين ٿا، جو معلوم ٿيو ته هنڊرسن صاحب جي ڪا ولائتي ٻلي گم ٿي وئي آهي. اتي منزل ڪندي، ڪيترو انعام باسيو هئائين، جو ڳولا ڪندي ماڻهن، چر ۾ وڃي ٻلي لڌي، پر وٺڻ نٿي ڏنائين. نيٺ، صاحب جا ماڻهو، هيٺان آيا، جن اچي ٻليءَ کي جهليو، انهيءَ ڪري، انهيءَ هنڌ کي، ٻلي جي ٿڙيءَ جو نالو مليو. رستي ۾ ڪهو جا وڻ ۽ پيس جا تمام گهڻا وڻ آهن. چڙهندا چڙهندا، ساهيون کڻندا، ڏهين بجي ڌاري، چوٽيءَ تي آياسين. وري هيٺ، ميدان وانگي، زمين ڏسڻ ۾ آئي، جو کيرٿر جي چوٽي، رڳو ٽڪر ڪين آهي، ميدان لڳا پيا آهن، جهڙا شهرن ۾ ٿيندا آهن. سون جريبن ۾، ڪڻڪ جي پوک بيٺل هئي، جنهن ۾ لابارو، مس پورو ٿي رهيو هو. هنن ڏينهن ۾ هيٺ، سنڌ ۾، ڪا به پوک ڪانهي. جوار ۽ ڪڻڪ جي پوک بيٺل آهي. هتي ماڻهو هي ڏيئي، ناڙيون ڪري، ٻج وجهي، پوءِ هيٺ لهيو وڃن. وري نائين مهيني اچي لابارو ڪن، جو پوک پچڻ ۾ نو مهينا لڳن ٿا ۽ پوکيندڙن جي غير حاضريءَ ۾، ڪنهن مال يا ماڻهوءَ جي زيان جو ڊپ ڪونه ٿو رهي. هي، وڏيري غيبي خان جي جاگير جو ڀاڱو آهي، سو ماڻهن کي آباديءَ لاءِ موڪل ڏيندو آهي ۽ هنن کان ٻيو ڪجهه به ڪين وٺندو آهي. رڳو مٿن اهو ڪم رکيل آهي ته جڏهين ڪو به سرڪاري ماڻهو اچي، تڏهن ان جي خدمت ڪن. جنهن ميدان ۾ پوکن جي ڀرسان سرڪاري بنگلو جڙيل بيٺو آهي، تنهن ۾ وڃي لٿاسين. آسپاس ماڻهو، مڙسين زالين، ان جي گڏ ڪرڻ، وائرڻ ۽ ٻارين جي صفا ڪرڻ ۾ لڳل هئا. لهڻ سان، اسان وٽ گهڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هي ماڻهو، ذات جا نومڙيا آهن ۽ خان جي پاسي جا آهن، جي رڳو هتي پوک ڪندا آهن. هنن نومڙين جي پاڙي کي ڇٽا ڪري سڏيندا آهن. هي سڀ، دودي چنيسر جا ماڻهو هئا، جنهن کي جڏهن بادشاهه علاؤ الدين، شڪست ڏني تڏهن سڀ اُٿي ڀڳا. انهن مان جيڪي جندا ڇڏائي، ڀڄي ويا، تن کي ڇٽا چوندا آهن ۽ جيڪي کهيا، يعني ڀڄي  نه سگهيا، پر رهجي ويا، تن کي کهاوڙ سڏيندا آهن. هتي مزي مزي جهڙا وڏا درخت بيٺل آهن. ڪهو جا وڻ، تمام گهڻا آهن ۽ پيس به نهايت گهڻي آهي، شڪل ۾ پيس، ننڍي کجيءَ وانگي آهي. پيس توڙي ڪهو، ٻير جهلي ٿو، جي تمام مٺا ٿين ٿا. ٻيا وڻ ڊومڻ، ٿرهرو، وڻو ۽ بادام جا به آهن.

شام جو، هوا کائڻ وياسين. کير ٿر جي چوٽيءَ تي، جيڪو ميدان آهي ۽ جنهن تي پوک به ٿئي ٿي، تنهن کي ڏاڙهياڙو ڪري چون ٿا. جبل جي چوٽيءَ تي، هڪ ڦوڙ، چر وانگي، ڳچ پنڌ ۾ هليو هلي، جنهن جي مٿان ۽ پاسن کان روهڙي نالي گهاٽا وڻ ۽ انجير جا وڏا وڻ بيٺل آهن. منجهن ڦر، اڃا ڪچو هو. روهڙي وڻ جو ڦر، ٻيرن وانگي آهي، جو ڪـُـٽي، کير ۾ وجهي ثعلب مصريءَ وانگي کائين ٿا ۽ منجهس اثر به اهڙو ئي آهي. انهيءَ چر جي مهڙ وٽ، هڪ پهڻ تي، جن صاحبلوڪن جو هتي، وقت بوقت، اچڻ جو اتفاق ٿيو آهي، تن پنهنجا نالا، اُڪيري ڇڏيا آهن. ٻين نالن مان، هنڊرسن صاحب (سال1861ع) ۽ بولٽن صاحب (سال 1862ع) ۽ والٽن صاحب جا نالا به هئا. مون به پنهنجو نالو، اُتي اڪيري ڇڏيو.

تاريخ 10- جون، ڏينهن اربع- فجر جو، ڪـُـتا ساڻ  وٺي، ٻه - ٽي ڄڻا، گهمڻ نڪتاسين. بنگلي جي اولهه ڏي، جيڪا حد وارن ٽـَـڪرن جـِـي قطار آهي. تنهن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيوسين. رستي تي، واڻين جا ٻه هـَـٽ آهن. پنج ڇهه واڻيا هــَـٽُ ڪڍيو ويٺا آهن. عجب آهي ته واڻيا ماڻهو، پنهنجي فائدي جي اميد تي، ڪٿي اچي نڪتا آهن؟! جيڪي پوک ڪندڙ آهن، تن کي، اُهي واڻيا، پئسو پنجڙ به ڏين ۽ پوک لاءِ ٻج به ڏين ۽ ڪپڙو گندي به اڌارو ڏين، پوءِ ڇهه مهينا جيڪي سانوڻ جي هتي رهندا آهن، سي گذاري، حساب ڪتاب صفا ڪري، هليا وڃن. انهيءَ وچ ۾، پنهنجو واپار به پيا هلائين. هتي گيهه سهانگو آهي. هڪ رپئي ۾ ٻه سير ۽ هڪ آنو گهه جو ملي، سو به واڻيا وٺن ۽ ڪهو جي ڪاٺيءَ جا ٿلها ۽ ٽي فٽ ڊگها ٽڪر، هڪ رپئي ۾ ٻارهن وٺن ۽ ان سودي، هيٺ موڪليندا آهن. ڪڻڪ جو ٻج، هڪ ڪاسو ڏين، پوءِ فصل لٿي، ان جي عيوض پنج ٽويا وٺن. تمام آسودا آهن. وٽن، ماڻهن جي ڏاڍي رُجاعت آهي. ٽڪر تي چڙهي ڏکڻ ڏي هلياسين. انهيءَ قطار جي پريان، خان جو ملڪ آهي، سو به ڪوهن ۾، رڳي ٽڪر ئي ٽڪر آهن. هن پاسي، جيترو جبل لنگهڻ ۾ آيو، انهيءَ کان به گهڻو آهي ۽ ميدان ۾ ڪڻڪ جي پوک به تمام گهڻي ٿئي ٿي. هلندي هلندي هڪڙو هنڌ، هڪڙو ننڍو غار ڏٺوسين، جو هيٺ هليو ٿي ويو. منجهس وڏو پهڻ اڇلايوسين ته ڏهه سيڪنڊ برابر، کڙڪندو هليو ويو، پوءِ هيٺ تي آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. انهيءَ ٽڪر جي پريان، اولهه ڏي هيٺ، نئي گاج وهي، ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي، جا ليڪي وانگي پيئي ڏسجي. اها چوٽي، اهڙو مٿي آهي، جو هيٺ ماڻهو، ڌڻ وٺيو ويٺا هئا، ته مٿان، موچارن پٿرن وانگي، مس ڏسڻ ۾ ٿي آيا. وري هيٺ، هڪ ٻيءَ چر وٽ آياسين، جا سيڙهين جي ويهڻ جي جاءِ هئي، جو در تي، سيڙهه جو گند ۽ کنڀ پيا هئا. گهڻا کنڀ گڏ ڪياسين، جي قلمن وانگي آهن. ڪتا، چر ۾ گڏ پيا. تمام گهڻو اندر ويا ۽ شايد وڃي سيڙهه کي جهليائون، جو ڀؤنڪيا پي ۽ ٻاهر، سندن ڀونڪڻ جو آواز، اهڙو ٻڌڻ ۾ پي آيو، جو ڄڻ ته اڌ ڪوهه پنڌ تي ٿا ڀونڪن. آخر ۾ انهن مان جولي ۽ شمڪي نالي ٻه ڪتا، ٻاهر موٽي آيا ۽ روزيءَ نالي ڪتي، اندر رهجي ويئي. گهڻي وقت تائين ان کي سڏيوسين ۽ مٿا مونا هنياسين. پر نه نڪتي. آخر لاچار ٿي، اسين هلڻ لڳاسين. سمجهيوسين ته اندر، ڪنهن غار ۾ ڪري پيئي آهي، پوءِ اڳيان، وري جبل جي سڀ کان مٿانهين چوٽي آئي، تنهن تي ڇڙهياسين. اها چوٽي، پينئريءَ جبل جهڙي مٿي هوندي. مٿي چڙهندي، رستي ۾ بادام جي وڻ مان لڪڻ ۽ باداميون ڇنيونسين ۽ ڪيترن ئي قسمن جون ٻوٽيون، گلن سان ڏٺيونسين، جن ۾ طرحين طرحين جي سرهاڻ هئي. نيٺ چوٽيءَ تي آياسين. اُتي، دنگ جو نشان کتل هو. پهڻن جي ڍڳ ۾، بانس جي هڪ ٿلهي ڇڙهه، کتل آهي. هن پاسي، خان جو ملڪ ۽ هن پاسي، انگريز سرڪار جي حد آهي. انهيءَ هنڌ جي چوڌاري، عجب جهڙو نظارو آهي، جو ڳچ تائين، دوربينيءَ سان ويهي ڏٺوسين. ٻه - ٽي ڏينهن،  هي جبل، جي مٿا هڻي لگهياسين، سي ماڻهو جي قد جيڏا مس هئا. عجب جهڙو ڏيکاءُ هو ۽ خدا جي قدرت، ڏسڻ ۾ ٿي آئي!! انهيءَ نشان جي ويجهو، اوڀر ڏي، وري هڪڙي قبر، پهڻن جي ٺهيل آهي. انهيءَ کي، ”ڪتي جي قبر“ چون ٿا. روزي ڪتي لاءِ، اسان ارمان پئي ڪيا ته ڏسون ته اوچتو، اها پٺيان اچي نڪتي. ڀانئجي ٿو ته ڏاڍا مٿا مونا هڻي نڪتي آهي ۽ پوءِ اسان جي پيرو کڻي، هتي اچي پهتي آهي. هن کي ڏسي، گهڻو خوش ٿياسين. پنهنجن ٽنهي ڪتن کي ”ڪتي جي قبر“ جي زيارت ڪرائي سين، جو گويا، اهو ڪتو مڙني ڪتن جو مرشد هو ۽ ڪتن جي تيرٿ جي جاءِ هئي. جيئن ماڻهو، ڀيٽيندا آهن، تيئن ڪتن لاءِ به هيءُ، شرف جهڙي جاءِ هئي. انهيءَ ڪتي کي پڻ، اصحاب ڪهف جي ڪتي جهڙو شرف حاصل آهي، جو چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، هڪ ڪتو هو، تنهن تي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو، سؤ رپيا قرض هو، سو قرض ۾ هن، اهو ڪتو، کڻي هن کي ڏنو هو - ڳهه وانگي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پئسا ٿيا، تڏهن قرض موکڻ لاءِ، هن ڏي هليو. ڀانيائين ته قرض ڏيئي، پنهنجو ڪتو ڇڏائي، ته رستي ۾، اهو ساڳيو ڪتو گڏيس، جو به ڏانهس ئي ٿي آيو. هن ماڻهوءَ ڀانيو ته ڪتو بيوفائي ڪري، جنهن کي سنديس ٻانهن ڏني هئائين، تنهن کان ڀڳو ٿو اچي، تنهن ڪري غصي مان، هن کي بجو به ڏنائين  ۽ ٿڪ لعنت به ڪيائين، جو سندس نافرماني ڪري، ڀڳو ٿي آيو. اها ڳالهه ٻڌندي، ڪتو، اُتي جو اُتي مري پيو. جڏهن اهو ماڻهو، پنهنجي قرض خواه وٽ ويو، تڏهن پڇا مان معلوم ٿيس ته جنهن ماڻهوءَ وٽ، اهو ڪتو ڳهه پيل هو، تنهنجي گهر کي چورن کاٽ هنيو هو ۽ تمام گهڻي ملڪيت کنيو ٿي ويا ته ڪتي جي باهوڙ ۽ ٻيءَ ڏاهپ کان، ڌڻيءَ کي سجاڳي ٿي ۽ ڪتي جي پٺيان وڃي، چورن کي به پڪڙيائون ۽ مال به ڇڏايائون. اهو ماڻهو، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته انهيءَ ڪتي، گرويءَ جي پئسن کان به وڌيڪ پاڻ موکيو، تنهن ڪري هن کي آزاد ڪيائين ۽ موڪل ڏني هئائينس. جو پنهنجي اصلوڪي ڌڻيءَ وٽ ٿي ويو. ڪتو اهڙو وفادار هو، جنهن پنهنجي ڌڻيءَ جو قرض موکيو، تنهن کي، جو پنهنجي ڌڻيءَ بيوفائيءَ جي تهمت ڏني، تنهن ڪري اهڙو ڏک ٿيس، جو اتي جو اتي مري ويو ۽ سندس مرڻ جو هنڌ اهو ئي هو، جتي هن کي پوري، قبر ٺاهي ڇڏي اٿن. سگهوئي ”ڪتي جي قبر“ کان هيٺ لهڻ لڳاسين. جبل جي پاڙ ڌاري، وري، باري پير جو مڪان آهي، جتي زيارت لاءِ وياسين. هيءُ هڪڙيءَ مسيت جهڙي ڪوٺي ۽ اڱڻ آهي، اندر تڏا وڇايا پيا آهن. وچ ۾ جاءِ جي ٿوڻي کتي پيئي آهي، جنهن جي پاڙ ۾ خاڪ پيئي آهي. در تي هڪ رسي ۽ گهنڊ پيا لڙڪن ۽ ٻاهر، هڪڙو پهڻ پيو آهي، جنهن تي خيرات جي لاءِ، ٻڪريون ڪهندا آهن، ڀر ۾ وري هڪ وڏو وڻ، ڪهو جو بيٺو آهي، تنهن تي انهن پهرن جون کلون ٽنگيون پيو آهن، جيڪي مراد وارن ماڻهن، اُتي ڪٺا آهن. اسان به هڪڙو پهرو، اتي خيرات ڪيو. اتان وري هيٺ، ميدان تي لهجي ٿو، جتي ڪڻڪ جي پوک ٿئي ٿي، سا ڏيئي وري، منزل واري بنگلي تي آياسين. ڏينهن جو بنگلو ڇڏي، وڃي هيٺ ڦوڙ ۾، وڻن جي ڇانو هيٺ، کٽولو وجهائي ويٺاسين، جتي ڏاڍي فرحتي هوا پي آئي ۽ ڏينهن به جهڙالو هو. هيءَ ڦوڙ، گهڻي پنڌ ۾، اتر کان ڏکڻ ڏي آهي. ٻنهي پاسن کان اُڀو ٽڪر بيٺل آهي، ڪوٽ جي  ڀت وانگي ۽ انهيءَ سان لڳ، ٻنهي پاسي، انجيرن ۽ روهڙي جي وڻن جي قطار آهي. ڄڻ ته ڪنهن، هٿن سان، اهي وڻ، اتي پوکي ڇڏيا آهن، جيئن سڙڪن جي ڪناري کان، وڻن جون قطارون لڳائيندا آهن، ۽ وچ ۾ موڪرو به وڏيءَ سڙڪ جيترو آهي. هن ڦوڙ کي، بازار ڪري سڏين ٿا، جو بازار وانگي آهي- جيئن وڏن شهرن ۾، بازار جي ٻنهي پاسن کان ماڙيون بيٺل هجن ۽ سندن اڳيان وڻ پوکي ڇڏيندا آهن. سڄو ڏينهن، مزي ۾ گذريوسين شام جو وري، اوڀر ۽ اولهه جي ٽڪرن ڏي، سير لاءِ وياسين. چکن ۾، ٽي چار ڳوٺ ڏٺاسين. هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو ماڻهو بيمار هو. چئن ڏينهن کان، پيٽ ۾ سور هوس، تنهن کي، ڦودني جون ٽڪيون ڏنيون ويون، جي ساڻ هيونسين، ۽ سنا ۽ گلاب جي ڪلين جي جلاب جو ڏس ڏنوسين، جي واڻئي جي هٽ تان، ملي سگهيا هوندس. رات، بنگلي ۾ گذاريسين. مٿي، اهو لکڻ وسري ويو ته هتي،  شام ڌاري، سيءُ پوڻ لڳي ٿو ۽ رات سڄي، سياري وانگي، سيءُ پوي ٿو، جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سمهندا آهيون ۽ مٿان اوڇڻ وجهڻو پوي ٿو. هيٺ سنڌ ۾، هن وقت، آرڙهه جو چاليهو ۽ جهولا آهن.

تاريخ 11 جون، خميس جو ڏينهن - فجر جو ڏهاڙيءَ وانگي، سير لاءِ نڪتاسين. اتر ڏي هڪڙو ڦوڙ يا ڦاٽ  نڪري ٿو، جو ميلن ۾ هليو وڃي ۽ جنهن کي سير ڪري سڏين ٿا، تنهنجي ڀر ڏيئي، مٿان هلياسين. هيءُ سير وڃي مزاراڻيءَ جي نئي جي منهن وٽ ٿي بيهي. ڳچ پنڌ ڪري، وري هڪڙي اتانهين ٽڪري آئي، تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي، چوڌاريءَ جو تماشو ڏٺوسين، پوءِ لهڻ لڳاسين. رستي ۾ بادام جا ٻه ٽي وڻ بيٺل هئا، تن مان لڪڻ ڀڳاسين. پوءِ اڳيان هڪڙو ڳوٺ آيو، تنهن مان لنگهندا، منزل تي آياسين. ماني کائي، وري ڪالهوڪي ڦوڙ يعني بازار ۾ وڃي ويٺاسين. اتي روهڙي جي هڪ وڻ ۾ پينگهه ٻڌائي، ٻارن وانگي سڄو ڏينهن لڏياسين. في الحقيقت، هيءُ ڏاڍي مزي جهڙي جاءِ آهي. ڀائنجي ٿو ته هڪ خدائي باغ پوکيل آهي. وڻن ۾ به عجيب قسم جا ڳائڻا پکي ڏسڻ ۾ آيا.  هڪڙي جو، مينديءَ جهڙو رنگ هو ۽ ٻيو، اڇن ڪارن چٽن سان هو.  نر مادي هئا. نر کي پڇ ۾ ٻه ڊگهيون ڪلنگيون هيون. ڏاڍو سهڻو هو ۽ ٻوليون به ڏاڍيون مٺيون ٿي ڪيائين. چوڌاري ماٺ لڳي پيئي آهي. رڳو جيڪو واءُ، وڻن کي پيو لڳي، تنهنجو آواز آهي ۽ ٻيو انهن پکين جو! هيءَ اهڙي چڱي جاءِ آهي، جو جيڪر هن کي ”ارم جو باغ“ چئجي ته به سونهي! انهيءَ ڦوڙ ۾ به ماڻهو، ڪڻڪ  پوکين ٿا، پر گهڻي ڇانو جي ڪري، چڱي نٿي ٿئي.

تاريخ 12 جون، ڏينهن جمع جو- فجر جو ڇهين بجي، موٽڻ جو سعيو ڪري، روانا ٿياسين. اڍائي  ڪلاڪن ۾، کيرٿر جي چوٽيءَ کان، ساڳيا وراڪا ڏيئي، لهي تري ۾ آياسين، جتي ”ڪڙڇ جي ڍوري“ آهي. اتان لنگهي، وري پينئري جبل تي چڙهي، هن ڀر لهي، ”ڌياڻي جي جهڪ“ کان لنگهي، ٽڍاڪ تي پوري ٻارهين بجي ڏينهن جو پهتاسين. اتي، جبل جي هڪ چر ۾ لهي پياسين.  اهو پنڌ، ٽن منزلن جو هو، جو اسان ڪيو. سڀني ماڻهن، دانهون پئي ڪيون، پر اسان جو مطلب هو ته جلد هيٺ نڪري اچون. اتي ٻه -ٽي چشما، پاڻيءَ جا آهن. انهن ۾ وهنجي سهنجي، ٿڪ ڀڳوسين. انهيءَ هنڌ جي چوڌاري، اڀا جبل بيٺل آهن. چئين بجي ڌاري مينهن پوڻ لڳو. ڪلاڪ ٻه موچارو چڱو مينهن پيو، ته سڀني طرفن کان، جبلن جي مٿان، پاڻي ڪڙڪا ڪندو، هيٺ ڍوري ڏي وهڻ لڳو. اهڙو مينهن، هوند سنڌ ۾ پوي ته زمين چهي وڃي، پر جبل ۾ مينهن جو پاڻي، ذرو به بيهي نٿو سگهي. انهيءَ ساعت پاڻي، گهارن وانگي وهڻ لڳو. اسان کي مينهن وسندي، ٻي ڪا لڪڻ جي جاءِ ڪانه هئي. هڪڙي کٻڙ جي هيٺان، ٻه ٽي ڄڻا تڏو جهلي ويٺا ۽ ٻيا ماڻهو به، تڏو مٿان ڪري، لڪا ويٺا هئا. جنهن چر ۾ پريندي ويٺل هئاسين، انهيءَ ۾ پاڻي وهڻ لڳو. اتي اسان کان اڳ، اٺن جو ڪو ساٿ لٿل هو، جو ڏاڙهياري وارن واڻين جو گيهه ۽ سندس ڪهو جون ڪاٺيون کنيو ٿي ويو. انهن سان پڻ اها ساڳي جٺ ٿي، پر اسان کي، جنهن ٻيءَ ڳڻتيءَ اچي ورايو هو، سا هيءَ هئي ته ٽڍاڪ کان جو اڳتي رستو هو، سو جبلن جي پاڙ مان ڪيترن ئي ڍورن مان ٿي لنگهيو، جن کي ”لوهيون“ ڪري ڏي سڏيائون، تن ۾ جڏهن اهو مينهن وارو پاڻي پوندو ۽ ڀرجي پونديون ته لنگهڻ جو رستو صفا بند ٿي ويندو. چيائون ٿي ته جڏهن اهي ڍوريون، پاڻيءَ سان ڀرجي پونديون ته لنگهڻ جو رستو صفا بند ٿي ويندو. چيائون ٿي ته جڏهن اهي ڍوريون پاڻيءَ سان ڀربيون آهن، تڏهن، ست اٺ ڏينهن، ترسڻو پوندو آهي، تنهن ڪري صلاح ڪئيسين ته بسم الله ڪري، نڪري پئون. سامان ٻڌوسين. اتي، جيڪي سواريءَ جا اٺ ڇڏي وياسين،  سي به ساڻ کنياسين. اڳڀرو وڃي ڏسون، ته ڍورين ۾ پاڻي آهي، جو ڪڙڪا ڪريو پيو اچي! اسان کي وڌيڪ انتظار ٿيڻ لڳو. ٻن ٽن لوهين منجهان، ڪپڙن سوڌا لنگهي پياسين. چيلهه جيڏو پاڻي هو. اڳيان جيڪي ٻه ٽي ٻيون لوهيون هيون، تن ۾ پاڻي تار ٿي ويو هو. اٺ ئي ٻڏڻ تي آيا هئا! لاچار ٿي، ور ڪري، پاسن وارن ٽڪرن تي چڙهي، ڏاڍيءَ مشڪلات سان اڳڀرو ٿياسين. سڀ ڪپڙا گنديون هنڌ خرجينون، ڀڄي ڀت ٿي پيون! اٺن کي وڏين جٺين سان ڌڪي لنگهايائون. هڪڙي وڏي نئي، مٿان پري کان ايندي ڏٺيسين، جا درياهه وانگي ٿي آئي ۽ ڄاتوسين ته جيڪڏهن اها اچي پهتي ته پاڻي وڌي ويندو ۽ پوءِ، نه هيڏي ٿينداسين ۽ نه هوڏي! پر خدا ڪيو، جو مٿا مونا هڻي، ڌڪ کائيندا، رڙهي، رستي واريون لوهيون لنگهي پياسين ۽ منڌري جي ڍوري واري ميدان تي آياسي. انهيءَ گذرئي ڪلاڪ ۾، جيڪا مشڪلات اسان ڏٺي، سا خدا کي خبر آهي! جبل ۽ پاڻيءَ جو رنگ اسان کي ڏسڻو هو، سو ڏٺوسين! عجب جهڙو ڏيکاءُ آهي! پاڻي، ڄڻ ته آسمان تان ٿو، ڪري ۽ جيڪو ڪڙڪو ڪري ٿو سو جبلن جي پڙلاءَ يا پڙاڏي سبب، ڏهوڻو ٻڌڻ ۾ پيو اچي! يقين آهي، ته هيڪلي ماڻهوءَ جو هانءُ ڦاٽي پوي! اهي سڀ، جيڪي جبل جا جاکوڙا هئا، تن اسان کي ويچاري سسئيءَ جا سور ٿي ياد ڏياريا! اسان سان، جيڪي جابلو ماڻهو هئا، تن ڪيترا سسئي جا بيت پئي چيا، جي بالڪل اسان جي حال سان لاڳو هئا. المختصر، پوءِ اٺن تي چڙهي، منڌري جي بٺيءَ جي پاڙ کان لنگهي، زرد جبل ۽ بن جو وچ ورتوسين، جتان آياهئاسين. ڳچ پنڌ ڪري، رات پوڻ سبب، مٿانهين جاءِ ڏسي، لهي پياسين. مٿان ٽڪريءَ تي. هڪڙي گائنچي جو گهر به هو، تنهنڪري کير ملڻ جي اميد به هئي سين، جنهن پڄنديءَ آهر، اسان جي گهڻي خدمت ڪئي.

تاريخ 13 جون، ڏينهن ڇنڇر جو: رات گذاري، فجر ڌاري، اٺن تي چڙهي نڪتاسين. جبلن جو وچ ڏيئي، زرد جبل کي ڇڏي، بن جبل ۾ گهڙياسين ۽ ساڳيو رستو ڏيئي، صفر طوق کان لنگهي، نئي دالان منجهان اڪري، پيادائي پيادا، ڪاٺي واري لڪڙيءَ کان هن پر ٿياسين ۽ اٺن وارا، نئي جو ڪنارو ڏيئي ڦري آيا، جو پنڏ گهڻو هو. مينهن ڪالهه پيو هو، پر نئي منجهان پاڻي. اڃا تائين ڪڙڪا ڪيو پئي وهيو! اتي ميدان ڏسي، ڏينهن ٺارڻ لاءِ لهي پياسين. هاڻي، بن جبل لنگهي، ڪڪري ۾ اچي پياسين. اسان جي اوڀر پاسي ڏانهن، زال واري لڪڙي آهي، جنهن جو بيان، مٿي ڏنو ويو آهي، ۽ اولهه واري پاسي کان ڪاٺ واري لڪڙي آهي، جا هاڻي لنگهياسين. انهيءَ لڪ کي، اهو نالو هن ڪري پيو، جو ٻن چئن جاين تان ڪاٺيون ٻڌي، چڙهڻ جي لاءِ ڏاڪا جوڙيا هئائون، پر هاڻي، انهيءَ هنڌ تان پهڻ ڊهي، لنگهڻ جي لاءِ سولا ٿي پيا آهن.

شام جو پنجين بجي ڌاري، اتان منزل کي کنئين سين. ڏينهن جو جهولي، ڏاڍو خراب ڪياسين، کٻڙ جي ڇانو هيٺ، ڪپڙا ٻڌي گهڻيون اٽڪلون ڪيون سين، پر جهولي هڻي اڌ مئو ڪري وڌو! ڪڪريو جبل ڇڏي، ڀيراڇ جي پٽ ڀيڙا ٿياسين. هيءَ پٽ، ايندي به لنگهيا هئاسين. هن پٽ ۾، تمام گهڻا  هرڻ ڏٺاسين، جي هيڏي هوڏي پي آيا ويا. هتي ارادو ڪيوسين، ته سڌو حمل ڏي هلڻ جي بدران، رات هلي شاهه گودڙئي تي رهون ۽ دجر جو حمل هلون، تنهنڪري رخ، اوڏي رکيوسين. پٽ لنگهي، نئي دالان جو تروڏيئي، سڌو اوڀر ڏي هلياسين. پري کان، شاهه جي مسجد ۽ نشان، جيڪو جبل جي چوٽيءَ تي آهي، ڏسڻ ۾ آيو. سگهوئي وڃي اتي پهتاسين. پاسي تي ميدان ڏسي، لهي پياسين. انهيءَ مهل، ٽڪريءَ تي چڙهي وياسين، جتي نشان هو، جو اتي سرن جي دڪي ٺاهي، چن ۽ سيڙهي سان بيهاري ڇڏي اٿن ۽ هڪڙو جهنڊو، اڇي بيرق سان، کوڙي ڇڏيو اٿن، انهيءَ لاءِ ته آس پاس کان، جيڪو زيارتي اچي، تنهن کي پري کان ئي نظر پوي ۽ ڀلجي نه وڃي. رات جو، حيات خان، مجاور فقير جو پٽ، اسان وٽ آيو. گهڻي آڌر ڀاءُ ڪيائين. آخر، شاهه جي بٺي تان، اسان سڀني کي ماني ملي، جا کائي، سمهي پياسين. فجر جو سوير اٿي، وڃي شاهه جي زيارت ڪئي سين ۽ فقير کي نذرنياز ڏيئي، روانا ٿياسي. هن پير تي، ٻين پيرن وانگي ڪو قبو جڙيل ڪونهي، اگرچه پيداوار ۽ ماڻهن جي آمدروفت گهڻي آهي. انهيءَ رات پڻ، مسلمان ۽ واڻيا، ساٿن جا ساٿ، اتي لٿل هئا. چون ٿا ته اهڙو ميڙو، اتي سدائين لڳو پيو آهي!

ڪوس به گهڻو ٿئي ٿو. صبح ۽ شام جو نوبت وڄائين ٿا. مسجد، ٽن منارن سان آهي. اندر، چٽسالي چڱي اٿس، ليڪن پير جي قبر اگهاڙي آهي. پهڻن جو وڏو ڍير پيل آهي. ڊيگهه ۾ اها قبر، ماڻهو جي قد کان گهڻو ڊگهي آهي. اٽڪل ست يا اٺ  قدم ٿيندي. اهڙيون ڊگهيون ٻه قبرون سڄي پاسي ۽ ٻه کٻي پاسي آهن، جي شاهه جي چئن يارن جون قبرون سڏجن ٿيون. مٽيءَ سان هڪڙي ڪمان، در جي جاءِ تي جڙيل آهي ۽ ٽن هنڌن تي، رستي ۾ رسن ۾ گهنڊ ٻڌل آهن، جي لنگهندي کڙڪائجن ٿا. چوٿون گهنڊن جو رسو، وري قبر جي سيرانديءَ کان ٻڌل آهي، جتي ڏيئي ٻارڻ جي قبي به جڙيل آهي. مقام جي آس پاس، مسافرن ۽ گهوڙن ٻڌڻ لاءِ، لانڍيون جڙيل آهن. ڪوس جي جاءِ ۽ ڀنڊارو به آهي. پير جو وڌيڪ احوال، معلوم ٿي نٿو سگهي، مگر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته شايد اهو پير، ڪلهوڙن جي ڏينهن جو هوندو. پاڻ سيد هو ۽ عبدالله شاهه نالو هوس. فقيرن چيو ته پاڻ قبي جوڙڻ جو حڪم نٿو ڏئي! حيات خان فقير به، پيڙهين کان، اتي جو مجاور آهي. هو، پير مرد آهي، ڀنگ ۽ شراب، گهڻو پئي ٿو ۽ گهڻو ڪري مستيءَ ۾ رهندو آهي. هن فقير جي بابت ڳالهه آهي ته ڪي ڏينهن اڳي، پير گاجي ۽ ميان نصير محمد ۽ شاهه پنجي جي زيارت ڪري آيو، تڏهن مستيءَ ۾، شاهه گودڙئي کي اچي چيائين ته ”پيرن تي، چڱا چڱا قبا جڙيل آهن، تون به پاڻ تي، ڇو نٿو، ڪو چڱو قبو جوڙائين؟“ انهيءَ ئي خيال ۾، فقير کي، خواب ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته هڪڙي وڏي عمارت آهي، جنهن جي اندران ۽ ٻاهران، نقاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. هيري ۽ موتيءَ جو ڪم اٿس. اندر، مزي جهڙي کٽ وڇائي پيئي آهي. کٽ جي پيرانديءَ کان، هڪڙو فقير ويٺو آهي. شاهه گودڙيو، انهيءَ جاءِ تي در تي بيٺو آهي. فقير حيات خان کي ڏسي چيائين ته ”هيءَ جاءِ، منهنجي آهي. تون وڃي اندر ڏس!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org