سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر 2024ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ

عورتن جي خوراڪ بابت ڪجهه اهم ڳالهيون

خوراڪ بابت، ڪجهه خيال ۽ عقيدا هاڃيڪار آهن. خاص طور تي جڏهن ماڻهو اِهو سمجهن ته عورتن کي مردن جيترو نه کائڻ گهرجي يا مختلف قسمن جي خوراڪ نه واپرائڻ گهرجي.

ڇوڪرين کي ڇوڪرن کان گهٽ خوراڪ ڏيڻ ٺيڪ ناهي:

ڇوڪرين کي به ڇوڪرن وانگر، خوراڪ گهربل هوندي آهي ته جيئن سندن به صحيح طريقي سان واڌ ويجهه ٿئي. جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي مناسب خوراڪ نه ملندي ته سندس هڏيون مضبوط نه ٿينديون. اِهي شيون حمل ۽ ڊليوريءَ دوران، پيچيدگيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ جو اُن وقت ڇوڪري، عورت بڻجي چڪي هوندي آهي ۽ ٻار ڄڻڻ واري ڄمار ۾ هوندي آهي.

سڄي گهر کي کارائي آخر ۾ ماني کائيندڙ عورت کي کائڻ لاءِ گهٽ ٿو ملي:

عام طور تي عورتن کي سيکاريو ويندو آهي ته هو پاڻ ماني کائڻ کان اڳ، گهرڀاتين کي کارائين. اهو ڪجهه ڪندڙ عورتون فقط اُهو ڪجهه کائينديون آهن، جيڪي باقي گهر وارن کان بچي پوي ۽ اڪثر کين، ٻين گهر ڀاتين کان گهٽ کاڌو ملندو آهي. اِهو صحتمند وهنوار ناهي ۽ جڏهن عورت ڳورهاري هجي يا تازو ئي ڊليوري ٿي هجي ته خوراڪ صحيح نموني نه واپرائڻ ڪري، سندس صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجيو پوي.

گهر ۾ ٺهيل کاڌو، بازار جي کاڌي کان چڱو ٿئي ٿو:

اڄڪلهه جي لاڙي موجب، ماڻهو بازار جا پيڪ ۽ تيار ٿيل کاڌا، شوق سان کائڻ لڳا آهن. ڪجهه ماڻهو اهڙي خوراڪ کي مزيدار سمجهي پسند ٿا ڪن، جڏهن ته ڪن جو خيال آهي ته پيڪ ٿيل خوراڪ، وڌيڪ صحتمند ٿئي ٿي.

اشتهارن ۾ اِهوئي ڄاڻايو وڃي ٿو ته پيڪ ٿيل خوراڪ سڀ کان وڌيڪ صحت بخش آهي، پر اِها ڳالهه ڪجهه معاملن ۾ ئي درست هوندي آهي. اشتهاري ادارا ته پنهنجون شيون وڪڻڻ لاءِ ڪجهه به چئي سگهن ٿا. ڪجهه پيڪ ٿيل کاڌن ۾ وٽامن ۽ معدنيات ملائي، انهن کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، پر اسان جو جسم، اهي اضافي وٽامن هضم نه ڪري سگهندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جسم تازي ۽ مڪمل خوراڪ استعمال ڪري، وڌيڪ وٽامن حاصل ڪري سگهي ٿو. گهڻي ڀاڱي پيڪ ٿيل کاڌن ۾ کنڊ، لوڻ ۽ سڻڀ جو مقدار، اسان جي گهرجن کان وڌيڪ هوندو آهي. تمام گهڻن کاڌن ۾ تمام گهڻا ڪيميڪل هوندا آهن ته جيئن انهن جي مدد سان خوراڪ تازي نظر اچي ۽ کائڻ ۾ به تازي لڳي، انهن ڪيميڪلن مان ڪيترائي اهڙا ڪيميڪل هوندا آهن، جن کي محفوظ نٿو ليکي سگهجي، ڇاڪاڻ جو انهن کي محتاط طريقي سان تجربن مان نٿو گذاريو وڃي.

ڪجهه کاڌا نه کائڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو:

ڪجهه علائقن ۾ ريت آهي ته ڳورهارين کي ڪجهه شيون کائڻ کان جهليو ويندو آهي. اِن پابندي جو سبب، انهن علائقن جي رهواسين جو اِهو خيال آهي ته اِهي شيون ٻار کي نقصان رسائي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اهڙي پابنديءَ جي صورت ۾ ڊاڪٽر يا مڊوائف ڳورهاريءَ کي ٻُڌائي ته فلاڻي شيءِ کائڻ، هن لاءِ فائديمند آهي ته اِها صورتحال عورت کي پريشان ڪري سگهي ٿي ته هوءَ ڪنهن جي ڳالهه مڃي ۽ ڪنهن جي نه مڃي.

خوراڪ کان گريز، عورت جي صحت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. عورت کي حمل دوران ۽ ان کان پوءِ صحتمند رهڻ لاءِ مختلف قسمن جي خوراڪ واپرائڻ گهرجي، جن ۾ بنيادي خوراڪ، واڌ ويجهه ڏيندڙ خوراڪ، چهري کي رونق ۽ تازگي ڏيندڙ خوراڪ، ٻل ڏيندڙ خوراڪ شامل آهن. رڳو هڪ قسم جي ئي خوراڪ واپرائڻ ڪافي نه ٿيندو.

جيڪڏهن ڪا عورت ڪجهه غذائون کائڻ ڇڏي ڏي ته اوهان کي اِها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته هوءَ هر طرح جي خوراڪ پوري مقدار ۾ واپرائي ته جيئن کيس وٽامن ۽ معدنيات جو مناسب مقدار ملندو آهي.

گهٽ خرچ ۾ کاڌو، ڪهڙي ريت حاصل ڪري سگهي ٿو:

ناڪافي غذائيت جو سڀ کان وڏو سبب غربت آهي. خوشحال ۽ شاهوڪار ماڻهو، پنهنجي لاءِ جيڪا خوراڪ چاهين خريد ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته غريبن لاءِ اِهو ممڪن ناهي. هر علائقي ۾ ڪجهه ماڻهو بهتر کاڌو کائي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه نٿا کائي سگهن.

بهرحال اهو  جيستائين ممڪن بڻجي، تيستائين، جيڪڏهن پئسا ڏوڪڙ عقل سان خرچ ڪجن ته ڪو انتهائي غريب ڪٽنب به چڱيءَ ريت کائي پي سگهي ٿو. اهڙي ڪٽنب جو ڪو مرد ماڻهو موبائيل فون جو هروڀرو استعمال، پان، گٽڪو، هوٽلائي چانهه، شراب يا تماڪ جو عادي هجي ته پنهنجي اِها عادت ڇڏي، ان بدران کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪري سگهي ٿو يا ڪُڪڙ پالي، ان جا بيضا حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي ٻارن لاءِ کٽمٺڙا يا سوڊا واري بوتل وٺڻ بدران، بيضا، ڦريون ۽ ٻيون اهڙيون شيون خريد ڪري جيڪي سستيون به آهن ته صحت بخش به.

هتي ڪجهه طريقا ڏجن ٿا، جن تي عمل ڪري گهٽ خرچ مان عمدي خوراڪ حاصل ڪري سگهجي ٿي:
 

ماءُ جي ٿڃ:

ماءُ جي ٿڃ مفت هوندي آهي ۽ ان ۾ ٻار جي ضرورت جون سموريون شيون ٿين ٿيون. ٿڃ ڌائيندڙ ٻارن کي فورٽيفائيڊ يا دٻي جو کير ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي، بشرطيڪ هو ماءُ جي ٿڃ ڌائي رهيو هجي ۽ ٻي گهربل خوراڪ کائي رهيو هجي.

ڦريون، مٽر ۽ داليون:

ڦريون ۽ ان قسم جون ٻيون شيون، پروٽين ۽ وٽامن سان ڀرپور ٿين ٿيون ۽ عام طور تي سستيون هونديون آهن. جيڪڏهن کائڻ کان اڳ انهن کي دير تائين پاڻيءَ ۾ پُسائي رکبو ته وٽامن جو مقدار وڌي ويندو.

ڦرين واريون سبزيون پوکڻ سان زمين زرخيز ٿي ويندي آهي. جن ٻنين ۾ پهرين ڪڏهن ڦرين واريون سبزيون پوکيون ويون هونديون ته انهن ۾ ٻيا فصل به ڀلا ٿيندا.

سستي گوشت جو ذريعو:

رت ۽ جانورن جي گوشت جي ڪجهه حصن جهڙوڪ: ڪليجي، دل ۽ گُڙدن ۾ تمام گهڻو فولاد هوندو آهي ۽ اهي خالص گوشت جي ڀيٽ ۾ سستا به ٿين ٿا. مڇي ۽ ڪُڪڙ به گوشت جي ٻين قسمن جيان صحت بخش آهن، جيڪڏهن ڪٽنب پنهنجي سر مڇي ٿو شڪار ڪري يا ڪُڪڙيون ٿو پالي ته اِهي شيون ان کي مفت ملي سگهن ٿيون.

بيضن ۾ تمام گهڻو پروٽين، فولاد ۽ وٽامن اي هوندو آهي. بيضن ۾ موجود پروٽين، ايتري گهٽ پئسن ۾ ٻئي ڪٿان ملڻ ممڪن ناهي.

اَناج:

جيڪڏهن ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي جهڙي اناج کي ڇاڻڻ کانسواءِ مڪمل حالت ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اِهي وڌيڪ غذائيت ٿا ڏين. کلون صاف ڪرڻ ۾ خرابي اها آهي ته اناج جون گهڻيون ڪارائتيون شيون به نڪري وڃن ٿيون.

سبزيون ۽ ميوا:

سبزيون اُٻاريون وڃن يا انهن کي ٻاڦ تي ڳاريو ويندو ته ان جا ڪجهه وٽامن پاڻيءَ ۾ شامل ٿي ويندا آهن. اِهو پاڻي ضايع ڪرڻ بدران، ان جو سوپ ٺاهي پيئڻ گهرجي.

سبزين جا پن عام طور تي اُڇلايا ويندا آهن، پر انهن مان ڪجهه کائي سگهجن ٿا. ڪجهه ٻوٽن جي پنن ۾ وٽامن ۽ پروٽين، انهن جي پاڙ کان وڌيڪ ٿا ٿين. تمام گهڻن جهنگلي ميون ۽ ٻيرن ۾ ڀرپور وٽامن ۽ قدرتي کنڊ موجود هوندي آهي، جنهن سان توانائي ملي ٿي.

وٽامن خريد نه ڪريو:

جيڪڏهن مختلف قسمن جي خوراڪ استعمال ڪنداسين ته پنهنجي ضرورت جا وٽامن ۽ معدنيات پوري مقدار ۾ اسان کي ملي سگهن ٿا. وٽامن جون گوريون خريد ڪرڻ، پنهنجا پئسا ضايع ڪرڻ آهي.

پر حمل ۽ ٿڃ ڌارائڻ وارا ڏينهن، اهڙي صورتحال آهي، جڏهن عورت کي اضافي وٽامن استعمال ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، يعني کيس پنهنجي خوراڪ مان گهربل مقدار ۾ وٽامن نه ملي سگهندا آهن. وٽامن جون گوريون، وٽامن جي انجيڪشن جيتروئي ڪم ڏيکارينديون آهن ۽ سستيون به ٿين ٿيون.

 

 

پونم بلواڻي

 

 

گجرن جو آچار

 

 

 

 

 

گهربل شيون:

هڪ ڪلو گجرون، 16 گرام ڳاڙها مرچ، 30 گرام اهر، 12 گرام هئڊ، 15 گرام ڌاڻا، 10 گرام جيرو، 175 گرام لوڻ، 50 گرام ڪڙو تيل.

ٺاهڻ جو طريقو:

ڳاڙهين گجرن کي چئن ٽڪرن ۾ ڪپيو. مٿين سڀني مصالحن کي پيسيو ۽ تيل سان ملائي گجرن ۾ وجهو. لڳ ڀڳ ٽن ڏينهن تائين تيز اُس ۾ رکو. ان کان پوءِ آچار تيار ٿي ويندو.

گل گوبيءَ جو آچار

 

 

 

 

گهربل شيون:

هڪ ڪلو گل گوبي، 50 گرام اهر، 25 گرام سونف، 10 گرام ڳاڙها مرچ، 10 گرام جيرو، 10 گرام ڌاڻا 15 گرام تيل.

ٺاهڻ جو طريقو:

گوبيءَ کي وچولي آڪار جي ٽڪرن ۾ ڪپيو. انهن کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ٻن منٽن تائين وجهو. پوءِ تيز اُس ۾ اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين سڪايو. سڀ مصالحا پيسيو. تيل ۽ سڀ مصالحا گوبيءَ ۾ ملائي شيشي يا چينيءَ جي برتن ۾ وجهي ڌوڏيو ۽ ڍڪي رکو. ٻن ڏينهن کان پوءِ آچار تيار ٿي ويندو.

 

ٽماٽن جو آچار

 

 

 

 

گهربل شيون:

هڪ ڪلو ٽماٽا، 20 گرام اهر، 15 گرام ڳاڙها مرچ، 15 گرام سؤنف، هڪ وڏو چمچو کنڊ، 10 گرام هئڊ، سواد مطابق لوڻ، ڪڙو تيل.

ٺاهڻ جو طريقو:

ٽماٽن کي ڌوئو ۽ ڪنهن صاف ڪپڙي سان اُگهو. پوءِ  اُنهن کي چير ڏيو، اهو خيال رکو ته انهن جا ٽڪر الڳ نه ٿين. پوءِ اُنهن کي چينيءَ يا شيشي جي برتن ۾ وجهو. مٿيان سڀ مصالحا ڌيري ڌيري ان ۾ ملايو. ان برتن کي مٿان ڍڪي ڪري ستن اٺن ڏينهن تائين، اُس ۾ رکو. ٽماٽي جو آچار تيار ٿي ويندو.

آورن جو آچار

 

گهربل شيون:

اڌ ڪلو آورا، 50 گرام چونو، 15 گرام ڳاڙها مرچ، 15 گرام هئڊ، 15 گرام سونف، 15 گرام اهر، اڌ چمچو هنڱ، 250 گرام ڪڙو تيل ۽ لوڻ سواد موجب.

ٺاهڻ جو طريقو:

هڪ مٽيءَ جو برتن کڻو، ان ۾ چوني جو پاڻي ڀريو. پوءِ ان ۾ آورا وجهو ۽ اُنهن کي 12 ڪلاڪ چوني واري پاڻيءَ ۾ رهڻ ڏيو. پوءِ اُنهن کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٽي چار دفعا صاف پاڻيءَ سان چڱيءَ طرح ڌوئو. ان کان پوءِ اُنهن کي 5 منٽ کن باهه تي رکو. هينئر ان ۾ سڀ مصالحا ملايو. ٻه ٽي منٽ اُنهن کي هلايو ۽ پوءِ ٿڌي ٿيڻ تي شيشي يا چينيءَ جي برتن ۾ ڀريو. هڪ ٻن ڏينهن تائين آچار کي اُس ۾ رکو.

مورين جو آچار

 

 

 

گهربل شيون:

هڪ ڪلو موريون، 30 گرام اهر، 10 گرام ڳاڙها مرچ، 5 جاڻ، 5 گرام جيرو، 10 گرام هئڊ، لوڻ ۽ ڪڙو تيل ضرورت مطابق.

ٺاهڻ جو طريقو:

مورين کي گول گول ڦيٿن (سائيسن) ۾ ڪپيو. ٿورو لوڻ وجهي، هڪ ڏيڍ ڪلاڪ رکو. جڏهن انهن جو سڄو پاڻي نڪري وڃي تڏهن پاڻي هاري ڇڏيو ۽ مورين جي ڦيٿن ۾ مٿان سڀ مصالحا تيل سان ملائي وجهو ۽ اُس ۾ رکو. ٻن ڏينهن ۾ آچار تيار ٿي ويندو.

ٿوم جو آچار

 

 

 

گهربل شيون:

250 گرام وڏين ڳڙين واري ٿوم، 50 گرام ادرڪ، 100 گرام ٽماٽا، 50 گرام بصر، 50 گرام هئڊ، ٻه وڏا چمچا تيل، لوڻ مرچ ضرورت مطابق..

ٺاهڻ جو طريقو:

بصر ۽ ادرڪ کي ٿلهو ڪري پيسيو. اُنهن کي تيل ۾ ڀُڇو. ڀوري رنگ جو ٿيڻ تي ٽماٽي جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري، تيل ۾ بصر ۽ ادرڪ سان گڏ ڀُڃو. جڏهن ٽماٽا ڳري وڃن ته انهن ۾ ڇليل ٿُوم ملايو. اٽڪل 15 منٽن تائين، ڌيمي باهه تي رڌيو. جڏهن اهي ڳرڻ لڳن ته اُنهن کي لاهي، ٿڌو ٿيڻ ڏيو. پوءِ شيشي يا چينيءَ جي برتن ۾ ڀري رکو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org