سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر 2024ع

باب:

صفحو:3 

 

 

Text Box:  
 

 

 

 

نشاءِ ڪنول

 

قسمت

 

اڌ ڪلاڪ کان لاريءَ جي انتظار ۾ بيٺي بيٺي هاڻي ڄنگهون ساڻيون پئي محسوس ٿيون. سڄي ڏينهن جي هڻ ھڻان کان پوءِ گهر واپس ايندي اڪثر رات ٿي ويندي هئي. اڄ ڪو پهريون ڏينهن ڪونه هو، جو آئون لاريءَ جو انتظار ڪري رهي هيس، اهو سڀ ته روز جو معمول هو، لاري ڪڏھن دير ته وري ڪڏھن سوير ملي ويندي هئي، پر اڄ اچڻ ۾ ڪجهه مڙئي سرس ئي دير ڪئي هئائين. گهڻي انتظار کان پوءِ نيٺ لاري آئي، ماڻھن جي ريڙھ پيڙھ ۽ رش ۾ هڪٻئي کي ڌڪا، مٿان غضب جي گرمي ٻيو وري ماڻھن جي پگهرن جي ڌپَ، اصل ساھ ٿي ٻوساٽيو، نڪ تي رئي جو پلوُ رکي، آئون به سوڙھه سنگهوڙ ۾ لاريءَ ۾ چڙھي پيس. زوريءَ ويهڻ جي جاءِ ملي، نه ته لقمان اسٽاپ تائين بيهڻو پوي ها. شروع شروع ۾ اهو سڀ ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو، پر آھستي آھستي عادت پئجي وئي. لوڪل سفر ڪرڻ جو به پنهنجو هڪڙو الڳ مزو آ. ڀانت ڀانت جون مختلف مايون، مرد ۽ انهن جون مختلف ڳالهيون ٻُڌي، ڪڏھن ته عجيب به لڳندو هو ۽ ڪڏھن پيو مزو وٺبو هو. اڄ منهنجي ڀرسان جيڪي ٻه مايون ويٺيون هيون، انهن مان هڪ ڇوڪري ڀانيان ٿي ته ويهن ٻاويهن سالن جي هوندي، جيڪا ٻي مائي هئي، سا اڌڙوٽ عمر جي هئي. اڌڙوٽ مائيءَ، کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي، چپٽي ڀري وات ۾ وڌي. چپ ڀڪوڙيندي، ڀرسان ويٺل ان ڇوڪريءَ کي چيائين، ”اَئي مائي! ڏي خبر، تو وارو مڙس سُڌريو يا نه؟ هاڻي ڪو ڪم ٻم ڪري ٿو يا اڃان وتي جانٺا هڻندو؟“ اڌڙوٽ مائيءَ هڪ ساهيءَ ۾ کانئس ٻه ٽي سوال ڪري ورتا. ڇوڪريءَ کيس ڦڪي مرڪ مرڪندي وراڻيو، ”نه ڪو. ولو سڌرڻ جو ڪٿي آ.“ اڌڙوٽ مائيءَ دريءَ کان ٻاهر ٿُڪَ اُڇلائي ۽ چپن تي آڱر رکندي چيائين، ”اَئي مائي، نشي پتي جا پئسا ڪٿان آڻي؟ توکان وٺندو هوندو؟ تون وتين سڄو سڄو ڏينهن پراون گهرن جا ڪم ڪار ڪندي، ۽ مڙسين وري اهڙا ڪم ڪري، اَئي امان! حياتي سورن ۾ اٿئي.“ ڇوڪري وري به ساڳيءَ مرڪ سان وراڻيو، ”هائو امان! ڏنا جو ڏاتار، جهولي پائي ورتم، بس ڇا ڪجي. حياتي ملي آھي ته جيئڻي ته آھي نه. مالڪن شادي ڪرائي، پنهنجو فرض پورو ڪيو شادي ٿي ته جلدي ٻار به ٿي ويا. ٻارن کي ڇڏي ڪاڏي وڃان. ٻچڙن جو پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ته ڪرڻي آھي نه.“

اڌڙوٽ مائي، ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”ها امان! سچ پئي چوين. بس امان قسمت جي مار آ... خبر نه چار آ...“

 

 

 

هارون اياز ابڙو

آزاديءَ جو پڙلاءُ

 

فلسطين سان واسطو رکندڙ چترڪارا راوان عناني Rawan Anani فن جي ڪنٽيمپريري دور Contemporary Art Era کان بعد جي، مزاحمتي ھلچل Resistance Art Movement  2024ع جي جديد فني انقلابي دور جي تخليقڪار visual artist آھي. پنهنجي تخليق ڪيل ھر تصوير اندر، رنگن جي رچاءُ سان، فلسطين جي آزادي ۽ اتان جي عورتن جي ھنرمندي، سگھڙائپ رواداري، سمجھه، ساڃاهه ۽ بھادري جي ترجماني سان گڏ، اتان جي ھر فرد جي آزادي خودمختياري ۽ خوشحالي جا نياپا تصويرن ذريعي اجاگر ڪري ٿي.

هن جو والد نبيل عناني (Nabil Anani) پڻ فنون لطيفه سان واڳيل گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو پنهنجي آئل پينٽنگز ۾ مختلف عنوانن تي، ورهين کان چترڪاري ڪندو رهي ٿو، ان اثر ۽ تربيت هيٺ، راوان به ان فني سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سندس آرٽ جي صنف، آبي رنگ يعني Water color Medium آهي، جيڪا بصري فن Visual Arts جي ڏُکي ۾ ڏُکي صنف آهي. واٽر ڪلر سان، هن جي تيار ڪيل تخليقن اندر، نواڻ ۽ سندس ڪم جو انداز، ٻين جي ڀيٽ ۾ نرالو ۽ منفرد آهي. هن فلسطين جي عڪاسي هڪ اينٿروپولوجسٽ واري نگاهه سان ڪئي آهي.

فلسطين جي چترڪار ناري راوان عناني، جنهن جون سوچون، بحر جون بيباڪ لهرون ۽ ڪائنات جي وسعتن ۽ خلائن ۾ واءُ جيان آزاد آهن.

هڪ ڏينهن پنهنجي ڪِرت، ڪلاجي ڪڪرن سان اسرائيل جي نفرت جي باهه اجهائيندي!

- هارون اياز ابڙو

راوان، فلسطين جي شھر يروشلم ۾ 1978ع ۾ ھڪ تخليقڪار گھراڻي پيدا ٿي، سندس ٻالڪپڻ، فلسطين جي تاريخي شھر رمله Ramallah جي البيريه Al-Bireh  ۾ گذريو. ڪجهه سالن کان ھن جو ڪٽنب اسرائيلي ظلم سبب، لبنان جي شھر بيروت ۾ عارضي طور ترسيل آھي، پر سندس سوچون، خيال ۽ خواب پنھنجي اَباڻي ديس فلسطين سان ھميشه جڙيل رھن ٿا. جنھن جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جا سچا سپنا ۽ ساڀيان  سندس ھٿ جي ٺاھيل تصويرن ۾ پسجي ٿي.

فنون لطيفا سان جڙيل ھر تخليقڪار، جڏھن پنھنجو ڪم، سماج جي عڪاسي جي بنياد ھيٺ ڪري ٿو ته ان دوران ان سمورن مرحلن جي ڄاڻڪاريءَ کان پوءِ ئي ھڪ شاھڪار نتيجو ڏئي سگھي ٿو. ھڪ چترڪار ھڪ گھڻ رخي ڌارائن ۾ پنھجي ذھن کي مختلف ڏسائن ۾ پرکي ٿو. ان صورتحال کي سامهون رکندي، راوان پڻ علم بشريات Study of Humanity شعبي جي سگھاري ڄاڻ رکي ٿي. ھوءَ فلسطين جي مڪمل رھڻي ڪھڻي، ويس وڳا، ھنرمندي، مذھب لوڪ ورثو، ثقافت، مقدس عمارتون، مسجدون، واھڻ وستيون، پھاڙ، سامونڊي پٽي ۽ زيتونن جي وڻن جي واٽر ڪلر وسيلي، انهن جي عڪاسي ڪري، ھڪ قسم جو تاريخي علمي ذخيرو، پنھنجي پينٽنگز ۾ محفوظ ڪري، ھڪ تصويري ڀنڊار Visual Archive سانڍيو آھي. ھن جو ڪم ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ ساراھيو ويو آھي.

اسرائيل جي وحشياڻي فضائي بمباري جو شڪار ٿيل عورتون، ٻار ۽ ٻڍا، پناهگير ڪيمپن اندر، مشڪل حالتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اھڙي ماحول کان اڳ جون خوبصورت ساروڻيون، راوان جي پينٽنگز ۾ پسي سگھجن ٿيون، جن ۾ خوشحال سماج ۽ آزاد انساني فضا جي رنگ سان ڀرپور عڪاسي شامل آھي، سندس خاص موضوع اتان جون ھنرمند ناريون آھن، جيڪي پنھنجي ڪرت ۾ ھٿ جو آڳاٽو ھنر، ثقافت ۽ پورھيت نارين جي نمائندگي ڪرڻ تي ڌيان ڌريل آھي.

ھن پنھنجي فني سفر جي شروعات بابت ويچار ونڊيندي چيو، ھن پهريون ڀيرو پينٽنگ شروع ڪئي، سا ايڪريلڪ آئل پينٽنگ Acrylic oil painting جي صنف ھئي، جيڪا ڪپڙي جي ڪينواس Canvas تي چٽي ھئي، ان کان پوءِ ھن پنھنجي فني صنف کي، آبي رنگ يعني واٽر ڪلر سان تجرباتي طور ٺاھي ڏٺو. جيڪو پاڻي اندر رنگ رَلائي ڪم ڪجي ٿو، ان ڪم جو لطف ئي نرالو آھي. ھوءَ پنھنجو پاڻ کي پاڻي سان تشبيھه ڏئي ڪري چوي ٿي ته: پاڻي اصل حياتيءَ جو سبب آھي ۽ فلسطين جو ديس پڻ بحريه روم Mediterranean Sea سامونڊي پٽي تي آباد قديم تاريخي حيثيت سان سرشار ۽ انبياءِ ڪرام جو مقدس ڏيھه آھي، جيڪو سمنڊ جي ڪناري آھي. راوان پاڻيءَ کي علامتي انداز ۾ پنھنجي فني ھنر سان گڏوگڏ، پنھنجي حياتيءَ اندر ملائي ڇڏيو آھي. سندس چوڻ آھي ته: منهنجون سوچون، آزاد بحر جي لھرن جيان بيباڪ آھن، جيڪي پنھنجي پاڪ ديس جي لوڪ جي آزادي گھرن ٿيون، فلسطيني قوم ھڪ عميق سمنڊ مثل بھادر قوم آھي، جيڪا ھڪ ڏينھن بارود ۽ نفرتن جي باھه کي پاڻيءَ جيان اجھائيندي.

فن جي دنيا ۾ ھن کي اتساھيندڙ ۽ حوصله افزائي ڪندڙ ھن جو والد نبيل عناني آھي، جيڪو پنھجي دور جو بھترين چترڪار رھيو آھي. راوان پنھنجي پيءُ سان ويجھو رھڻ سبب، آرٽ جون ٻيون به ڪافي صنفون ڄاڻي ٿي، جنھن ۾ آئل پينٽنگ، مينيچر پينٽنگ، خاڪا ڪشي ۽ سيرامڪس آرٽ، ڪنڀارڪي ڪرت پڻ سندس پسند جا ھنر ۽ صنفون آھن، پر ھن کي واٽر ڪلر گھڻو متاثر ڪري ٿو، جنھن جي ڪري، سندس گھڻائي ۾ ڪم، آبي رنگن جي رچاءَ سان جڙيل فنپارا آھن، ھن جي ڪم ۾ فلسطين جي شھرن جي قديم عمارتن جي منفرد انداز ۾ واٽر ڪلر ۾ لينڊ اسڪيپ آرٽ جا فنپارا پڻ دلچسپ انداز سان چٽيل آھن.جن ۾ ھن 2013ع جي شروعات ۾ فلسطين جا شھر قالقيليا ۽ هلهول، بيت المقدس قبلھ اول مسجد اقصيٰ سميت، انيڪ قديم آثار، جبل ۽ سمنڊ اندر ٻيڙين تي سوار ماھيگير ناريون، زيتون جي ڪاشت ڪندي، پورھيت عورتن جا ماسٽر پيس شاھڪار، ماڻھن جي نگاهن جو مرڪز رھيا آھن.

ھن جي خيال مطابق فلسطيني نارين جو ٻين قومن کان مختلف انداز ۾ رنگين ڌاڳن جي ڀرٿ سان ڀريل لباس ۾ منھنجي آرٽ ورڪ جي جمالياتي Aesthetics اضافي جو سبب آھن. جيڪو فلسطيني ورثي جو سڀ کان اهم حصو آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org