سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

 

 

دنيا جون مائر  امن ٿيون چاهين!

 

عورت هميشه امن جي متلاشي رهي آهي. عورت ڄاڻي ٿي ته وطن ۾ بدامني، جهيڙا ۽ جنگيون ڪنهن به صورت ۾ چڱيون ناهن، ڇو ته بدامني سبب، سماجي ۽ معاشي ترقي رڪجي ٿي، ماڻهو بُک ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ٿين ٿا. قبائلي يا ملڪ ۾ اندروني جهيڙن سبب، هڪ ته وڏي رتوڇاڻ ٿئي ٿي، ٻيو وري جيڪي نوجوان ملڪ جي ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪن ها، انهن جو ناحق خون وهايو وڃي ٿو، نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي فضا ڇانئجي وڃي ٿي، جيڪا پڻ سماجي توڙي ملڪي خوشحالي کي وڏو ڇيهو رسائي ٿي، اهڙي نموني هڪ ملڪ جي ٻئي ملڪ سان جنگ به هڪ وڏو انساني سانحو آهي.

عورت به هڪ انسان آهي، پر جيئن ته قدرت کيس مامتا جي رتبي ۽ احساس سان نوازيو آهي، انڪري منجهس مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ حساسپڻو آهي. هوءَ ڌيءَ آهي ته پنهنجي پيءُ جو اونو ڪري ٿي، ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڀاءُ تان قربان ٿئي ٿي، بلڪ ڀاءُ تي ڪک نٿي سهي. جيڪڏهن زال آهي ته پنهنجي وَرَ سان همقدم رهي ٿي. جيڪڏهن ماءُ آهي ته پنهنجي ٻچن تان گهور وڃي ٿي. بلڪ کين اعليٰ قدر ن جي سڃاڻ ڏئي ٿي.

 

 

 

گلبدن جاويد

 

 

 

 

 

 

 

ريحانه چنڙ

 

نثري نظم

گهارو

پاڻيءَ ڌڪي جي آ ندا جسم

تن ۾ نه سهڻي نه ميهار

نه ڪاري نه ڪارو هو

بس هڪ ڳورهاري جي ڇاتيءَ لڳل ٻارڙو هو

ڪالهه رات بند کي لڳو جو گهارو هو

لڙهي سڀ ڪجهه ويو، بچيو نه ڪو ٻارو هو

ڏنگيو پئي ڄڻ وڇن،

تنرن، پنبڻن ۽ ڇپرن کي

جڏهن

گهر جي لوڙهي سان گڏ

تسبيح، مصلو لڙهندي ڏٺو

پوڙهيءَ جو وڃڻو

ٻالڪ جو جهنجڻو ۽

مانيءَ جو لولو به

ترندي ترندي ٻڏي ويو،

اميد جو آخري ڪرڻو به

وڏي وهڪري ۾

وهي ويو

چار سو

پاڻي ئي پاڻي هو.

رڳو اکين مان واري

ڇڻي رهي هئي

بک ۾ بدحال

مايوس، اداس

ماڻهو

ڪنهن معجزي طور

هيلي ڪاپٽر اچڻ

جي آس ۾

بار بار آسمان ڏانهن

واجهائن پيا

کين ڪو ڪيئن ٻڌائي

ته معجزن ٿيڻ کي

ڪي زمانا گذري ويا

هاڻي من وسلوا اچڻ

جو زمانو ڪونهي.

****

ننڍيون نينگريون

 

نينگريون ننڍيون نيٽيون

ڪاپيون قلم ڳنهڻ لاءِ

چونڊين پيون ڦُٽيون.

****

مؤرخ

بک ۾ ٻچڙي لاءِ

جا بچائي پئي ٻولي.

 

 

 

 

 

 

روبينه ابڙو

 

 

 

غزل

ڪنڀر ڄاڻي موهه مٽيءَ جو،

ٿانوَ سَهن ڪيئن تاءُ بٺيءَ جو.

 

ڪيڏا نيڻ ڳرا ٿي ويا هن،

اوجاڳو آ اڌ صديءَ جو.

 

کاري ساگر ڏي ڊوڙي ٿو،

پرکي ڪوئي نينهن نديءَ جو.

 

تارو تارو جرڪي پيو، جيئن،

چنڊ چميو منهن گرڀ وتيءَ جو.

 

اونداهيءَ سان جنهن هو جهيڙيو،

ساهه گهٽيو ڪنهن ميڻ بتيءَ جو.

 

ذات نه ڪائي آهه خوديءَ جي،

نانءُ نه ڪوئي سَرمستيءَ جو.

 

وڏڦڙا ڇو هاڻ وَسين ٿو؟

خاڪ ٿيو بُتُ هاءِ ستيءَ جو!

 

سِج تڪڻ جي ڏوهه ۾ آهي،

ڪنڌ ڪٽيو ڪنهن سج- مُکيءَ جو.


 

وائي

ساجن توکان پوءِ

سڙي مرندا ووءِ،

هي نيڻ اسان جا ٻاٻيها.

 

ڪيئن ڪجل مان تن کي پايان،

ها ها تون ئي چوءِ،

سڙي مرندا ووءِ،

هي نيڻ اسان جا ٻاٻيها. 

سارون لوءَ جيان ئي لڳنديون،

سڙندا سُک سڀوءِ،

سڙي مرندا ووءِ،

هي نيڻ اسان جا ٻاٻيها.

 

ڪيئن وساريو ساجن توکي،

جنهن پل پڇندو ڪوءِ،

سڙي مرندا ووءِ،

هي نيڻ اسان جا ٻاٻيها.

 

بادل جيها رول ڍوليا،

هاڻي ڏور نه هوءِ،

سڙي مرندا ووءِ،

هي نيڻ اسان جا ٻاٻيها.

 

 

 

 

 

عين سحر

غزل

زماني جي فسادن ۾،

شهر سارا رُنا آهن!

 

کُٽي خوراڪ بُک آئي،

ثمر سارا رُنا آهن.

 

ڪٿي سقراط آهي ڪو؟

زهر سارا رُنا آهن.

 

لڳي ٿي شاعري منجهيل،

بحر سارا رُنا آهن.

 

زميني هن فسادن ۾،

شجر سارا رُنا آهن.

 

رُٺا بادل ڀٽن کان هن،

ڏهر سارا رُنا آهن.

 

چٺيون ۽ خط رهيا ناهن،

اکر سارا رُنا آهن.

 

قدر مزدور جو ناهي،

پگهر سارا رُنا آهن.

****
غزل

جواني آ، جواني هي، هلي ويندي،

حياتي ڀي، پري توکان، جلي ويندي.

 

وٺي نوڙت، سندو رستو، سدائين هل،

پرين تائين، اها آهي، ڳلي ويندي!

 

اسان جي آس ڦٿڪي ۽ لڇي ڪيڏو،

رکو ٿا فاصلا دل پو پلي ويندي.

 

گلن جهڙي ڏسو دل هي اسان جي آ،

وري ڪومائجي دل جي ڪلي ويندي.

 

ڪڏهن ڀي هيڪلو خود کي نه تون ڇڏجان،

لهر آهي، لهر سان ئي رَلي ويندي.

 

اوهان کان پوءِ اهو سچ آ ڏکيو رهيو،

”سحر“ سورن ڪَٿا ڪِٿ هي سَلي ويندي.

****

ڪَتيون

ٿر بر آيو آگم آهي!

مرڪيو مهڪيو آدم آهي!

دُور ويو ٿي هر غم آهي.

توبن اڄ رات ڀريا سڏڪا،

سوچيو مون ڏات ڀريا سڏڪا،

تنهنجي ئي تات ڀريا سڏڪا،

لڙڪن برسات ڀريا سڏڪا،

حال اسان جا هيڻا ٿي ويا،

بيوس بارات ڀريا سڏڪا.

منهنجي وئي اک ٿي نم آهي،

مونجهاري ۾ هردم آهي،

ساڻو ساڻو سرگم آهي.

 

نجمه شيخ

وائي

سنڌ صدين کان ئي سرهاڻ،

منهنجي سنڌ، ثقافت کاڻ.

محبت ڪر تون منهنجي سنڌ سان،

عظمت حيثيت تون رتبو هاڻ،

منهنجي سنڌ، ثقافت کاڻ.

جنت ڳولهين پاڻ پيو رولين،

تون رلين راهون ٻيون ڇاڪاڻ؟

منهنجي سنڌ، ثقافت کاڻ.

تنهنجا مارون توکي پڪارن،

وقت ورائي تون سک جو آڻ،

منهنجي سنڌ، ثقافت کاڻ.

هل ته هلون سنڌوءَ ڪناري،

اتي ڪيون ڪا روح رهاڻ،

منهنجي سنڌ، ثقافت کاڻ.

ساڀيان سانگي

غزل

هن جا نياپا دڳ ۾ آهن،

گل مهڪيا رڳ رڳ ۾ آهن.

هڙئي خواب اسان جا سائين!

قيد اوهان جي چڳ ۾ آهن.

جسم رهيو تو پويان پر هي،

ساهه اوهان جي اڳ ۾ آهن.

توکي مون کي ساڻ نه سهندا،

اهڙا ماڻهو جڳ ۾ آهن.

ڇڄ سورن جا روز ڇنڊيندي،

هو ويندا دل دڳ ۾ آهن.

ساڀيان ناهي ”ساڀيان“ سان ۽،

سپنا لڙڪن وڳ ۾ آهن.

***


 

گلزار احمد درس

تاريخ جا لڙڪ

اسين جيڪي

ڪنهن جا زخم ڏسڻ بعد

مرهم رکڻ نٿا ڄاڻون

اسين بند گهٽين ۾

رهجي ويل ڪوڪ ٻڌڻ کان

هر وقت لنوائيندا رهيا آهيون

اسين ساحل، طوفان ۽ هوا جهڙن

موضوعن کان ڊنل آهيون

اسين جيڪي ڪنهن جي

پوتيءَ ۾ جذب ٿيل

لڙڪن جي معنائن کان

بيخبر بت بڻيل آهيون

اسين جيڪي انسانيت جا

علمبردار سڏايون ٿا

اسين نئين تاريخ اڏڻ جون

ڳالهيون ڪيون ٿا

پر تاريخ هر دور ۾

اسان هٿان لٽجي رهي آهي

اسين ڪنهن جي

اک جو ڳوڙهو اُگهڻ نٿا ڄاڻون

سي وڏيون هامون هڻن کانسواءِ

ڪجهه به ناهيون

تاريخ روئي ڏنو آهي

۽ اسين هر دور ۾

کوکلن نعرن ۽ تقريرن

کوکلن ڪهاڻين سان

جنم وٺي رهيا آهيون.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org