آغا سليم
نيٺ بهار
آيو اڄ شفق جو
رنگ تيز، تِکو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهو هو. ڄڻ سج کي به سلهه
ٿي پيئي هئي، ۽ سج اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان ٿوري
دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو ڪري
ڇڏيو هو. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت ۾، ڀر
وارن وڻن جي ساون ساون پنن به ڳاڙهاڻ جي جهلڪ ٿي
ڏني. سانجهيءَ جو پنهنجن پنهنجن آکيرن ڏانهن
موٽندڙ پکين چرچر لائي ڏني هئي. هوا جي هلڪي،
غيرمحسوس جهوٽي سان فضا ۾ عجيب پراسرار چرپر پيدا
ٿيو ٿي وئي. ڄڻ موت جو فرشتو، پنهنجا پَرَ ڦڙڪائي
رهيو هجي. ڀر وارن وڻن جي پرينءَ ڀَرِ ڪڇي مزدورن
جون جهوپڙيون هيون. هڪڙي ڪڇي مزدور پنهنجيءَ سارو
ڏينهن محنت مزدوري ڪندڙ، ساري ڪٽنب لاءِ ماني تيار
ڪندڙ، ۽ رات جو مڙس جي ميري، ڦاٽل ۽ بدبودار بستري
تي چادر وانگر وڇائجي ويندڙ زال کي مار ڏني هئي، ۽
هوءَ رڙيون ڪري روئي رهي هئي – ”هاءِ ڙي، ماءُ!
تو مون کي ڇو ڄڻيو ڙي! تو مون کي هن راڪاس جي
ٻائڙي ڇو بڻايو ڙي!“
اهي سڀئي مزدور، سامهون واريءَ نئين تعمير
ٿيندڙ سڙڪ تي مزدوري ڪندا هئا. اها سڙڪ ويهه ميل
ڊگهي هئي، ۽ هڪ ننڍڙي شهر کي وڏي شهر سان ڳنڍڻ
لاءِ تعمير ڪرائي ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو
ننڍو ڀاءُ، ”جلال“، پي ڊبليو، ڊي کاتي ۾ ننڍو
انجنيئر هو، ۽ اها سڙڪ جلال جي نگرانيءَ هيٺ ئي
تعمير ٿي رهي هئي. جلال مون کان رڳو هڪ سال ننڍو
هو. عمر جي ان معمولي تفاوت جي ڪري، اسين ٻئي
هڪٻئي جا ڏک سک جا ساٿي ۽ هڪٻئي جا رازدار هئاسين.
جلال کي قدرت سونهن به ڏني هئي، ته صحت به. هن جي
ڳالهين ۾ الاجي ڪهڙو جادو هوندو هو، جو هن کان
سواءِ دوست پنهنجين محفلن کي ويران سمجهندا هئا، ۽
وڏيون وڏيون امير ڇوڪريون، هن جا ٻه ٻول ٻڌي، ساري
رات پنهنجن ريشمي بسترن تي پاسا ورائينديون
رهنديون هيون. هن کي دنيا جي هر ڳالهه جي ڄاڻ هئي،
۽ هر موضوع تي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ڳالهائي سگهندو
هو. هن کي رڳو اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته
شاعر ۽ افسانا نويس بک ٿا مرن، ته به شاعري ۽
افسانا نويسي ڇو ٿا ڪن. پي . ڊبليو .ڊي کاتي ۾
ٺيڪيداري ڇو نه ٿا ڪن؟ هن مون کي به صلاح ڏني هئي
ته مان ايم اي ڪرڻ ۽ ڪهاڻين لکڻ جي بجاءِ وٽس
ٺيڪيداري ڪريان. پر مون اڃا ايم اي پاس مس ڪئي ته
مون کي سلهه ٿي پيئي ۽ مان هت ٺيڪيدار بڻجي اچڻ جي
بجاءِ آرام ڪرڻ آيو هوس. ڊاڪٽر مون کي صلاح ڏني
هئي ته مان ڪنهن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي، سلهه جو
باقاعدي علاج ڪرايان، پر مون علاج ڪرائڻ نه ٿي
چاهيو، ان لاءِ جو مون جيئڻ نه ٿي چاهيو. جي به ڇا
ڪريان ها؟ ساري عمر بيمارين ۾ گهاري هيم. هن هيڏي
ساريءَ دنيا ۾ نه ڪو دوست هو، ۽ نه ڪو ساٿي. جيئڻ
جو نه ته ڪو سبب هو، ۽ نه ئي ڪو بهانو. ڪاليج ۾
پاڻ جيڏن ۾ به ويڳاڻو ويڳاڻو گهمندو هوس. پنهنجي
چوڌاي اڪيلائيءَ ۽ ويرانيءَ جا برپٽ ڦهليل نظر
ايندا هئم، جتي خوشيون رڃ جيان پيون منهنجا چٻرا
ڪڍنديون هيون. ان اڪيلائيءَ جي ڪري منهنجي شخصيت،
منهنجي انا ۽ منهنجو روح، منهنجي وجود ۾ ئي قيد ٿي
ويا هئا، ۽ گهٽتائيءَ جو احساس منهنجي اعصاب تي
سوار ٿي ويو هو. زندگيءَ کان لاشعوري طور نفرت ٿي
پيئي هيم. ايم اي پاس ڪيم ته سلهه ٿي پيئي. ان
بيماريءَ کان پوءِ مائٽن به منهن موڙي ڇڏيو.
زندگيءَ کان نفرت واري جذبو، ڦري، پنهنجو پاڻ کان
عذاب ڏيئي انتقام وٺڻ وارو جذبو ٿي پيو، ۽ مان
سينيٽوريم ۾ داخل ٿي علاج ڪرائڻ جي بجاءِ هت
پنهنجي ننڍي ڀاءُ وٽ هليو آيو هوس. هن مون کي
پنهنجي تنبوءَ کان گهڻو پري (ڄڻ مان اڇوت هجان!)
تنبو هڻائي ڏنو هو، ۽ مان ان تنبوءَ ۾ اڪيلو رهندو
هوس.
جنهن زندگيءَ جي مون کي تمنا هئي (جا تمنا
ٻين هزار تمنائن جيان، منهنجي سيني جي قبرستان
دفن ٿي وئي هئي)، ان زندگيءَ کي جلال جي جهولي ۾
ڏسي، مون کي پراڻا داستان ۽ ڪهاڻيون ياد اچي
وينديون هيون ته ڪيئن ڪوه قاف ۾ رهندڙ نيل پريءَ
کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو شهزادو گهران نڪتو هو، ڪيئن
هو ڪارن ديون جي چنبي ۾ ڦاسي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، ۽
ڪيئن وري ننڍي شهزادي، ڪارن ديون کي ماريو هو ۽
نيلم پريءَ کي حاصل ڪيو هو. زندگي به ته ڪوه قاف ۾
رهندڙ نيلم پري ئي آهي! جلال ان کي ماڻيو هو، مان
سلهه جي ڪاري ديو جي چنبي ۾ ڦاسي ويو هوس.
منهنجي تنبوءَ کان گهڻو پري جلال جو تنبو
هو. هن جي تنبوءَ سان لڳ اوورسيئرن جا تنبو هئا.
کاٻي طرف گهاٽا وڻ هئا، وڻن جي پرينءَ ڀر، ڪڇي
مزدورن جون جهوپڙيون هيون. انهن جهوپڙن ۾ ”هري“
به رهندي هئي.
هريءَ کي پهريون دفعو مون ان سڙڪ تي ڪم
ڪندي ڏٺو هو. هوءَ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ گجريءَ سان
گڏ، سڙڪ کان ٿورو پرڀرو، وڻن جي اوٽ ۾ ويٺي پٿر
ڪٽي رهي هئي. ٻئي ڀينر اڪيليون هيون، ۽ سندس آسپاس
ڪير به ڪو نه هو. ايتري ۾ هڪڙي داروغي، هريءَ جي
ويجهو اچي چيو هو: ”هري جاني! اسان ڏي به ته
نهار!“
هري
ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي هئي- ڄڻ هن جي وڏي گهيردار پڙي ۾
ڪو ڦلڦلو، غليظ ۽ زهريلو نانگ گهڙي ويو هجي. اکيون
ڦوٽاري، ڏند ڀڪوڙي ۽ مترڪو اڀو ڪندي، هن چيو هو:
”حرامي جا ڦر! ماڻهين جانيءَ کي چئه ته تو ڏي
نهاري!“
”ٻيو دفعو وري مان هريءَ کي، واهه تي پاڻي ڀريندي
ڏٺو هو. مان صبح جو سوير، پرهه ڦٽيءَ مهل، تازي
هوا کائڻ لاءِ جهنگ ڏانهن هليو ويندو هوس. اسان جي
ڪئمپ کان ٻه فرلانگ کان پري هڪڙو واهه هو. واهه جي
پرينءَ ڀر ”واپڊا“ وارن جي ڪئمپ هئي. ان ڪئمپ سان
لڳ هڪ باغ هو، جنهن ۾ صرف انبن جا وڻ بيٺل هوندا
هئا، ۽ زمين تي گاهه جي چادر وڇايل هوندي هئي.
مان صبح جو سوير ان ماڪ مان ڌوتل گاهه جي سائي
چادر تي ويهي، نئين سج ڏانهن نهاريندو هوس، ۽ انبن
جي ٻور جي کٽڙي کٽڙي خوشبو ڀاڪر ۾ کڻي ايندڙ هوا
مان، زندگيءَ جا ساهه کڻندو هوس. هتي اچي مان
وساري ويهندو هوس ته منهنجن ڦڦڙن ۾ ٽُنگ آهي. هتي،
هنن وڻن جي هيٺان ليٽي، سج جي انتظار ۾ افق ڏانهن
نهاريندي، مون کي ائين محسوس ٿيندو هو. ڄڻ مان
ساري زندگي روئندو رڙندو، ڀٽڪي ڀٽڪي، ٿڪجي ٽٽجي،
ماءُ جي گود ۾ اچي ڪريو آهيان، ۽ ٿڌيري هير منهنجي
پيشانيءَ ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيري، مون کي آٿت ڏيئي
رهي آهي.
هڪڙي ڏينهن مان گاهه تي ليٽيو پيو هوس ته مون کي
زنانو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”او ٻاپو! هي مَٽُ ته
کڻاءِ-“
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو، واهه جي ڪپر تي هري
بيٺي هئي. هن پاڻيءَ جو مٽ ڀريو هو، ۽ مٽ کڻائڻ
لاءِ مون کي سڏي رهي هئي. مون اٿي، هن جي مٽ ۾ هٿ
وجهرايو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪا جوان ڇوڪري،
منهنجي ايترو ويجهو آئي هئي. ان ويجهڙائيءَ کان
مون ڏٺو ته هريءَ جي محنت ۽ مزدوريءَ ۾ پيٺل جسم
جو رنگ کوري ۾ تتل ٽامي جيان هو، ۽ هن جي جسم مان
هلڪي هلڪي بوءِ اچي رهي هئي – اهڙي بوءِ، جنهن
کان منهنجا حواس اڻ سونهان هئا – جنهن کي مان نه
ته بدبوءِ چئي ٿي سگهيس ۽ نه ئي خوشبوءِ. الائي،
اها، هن جي جوڀن جي بوءِ هئي، الائي بهار جي! اها
بوءِ جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهان ايندي آهي!
مون کي پنهنجي سانوڻيءَ جي درياءَ جيان اٿلون
کائيندڙ جوڀن ڏانهن ڏسندو ڏسي، هن چيو:
”اکيون ڦاڙي ڇا ٿو ڏسين، ڙي؟ اکيون ڪڍي
ڇڏينديسانءِ! مٽ کڻائڻو اٿئي ته کڻاءِ، نه ته هل،
وٺ پنهنجو رستو!“
”مان .... مان ته ڪجهه نٿو ڏسان.“ مون
هٻڪندي چيو.
”----“ مان ته ڪجهه نٿو ڏسان.“!“ هن وات
چٻو ڪري، منهنجي اهل ڪئي. رئي جو پلاند ورائي، هن
پنهنجو سينو ڍڪيو، ۽ نوڙي مٽ ۾ هٿ وڌئين. مٽ مٿي
تي رکي، چيلهه کي موڙو ڏيئي، وڏي گهيردار پڙي کي
لهرائيندي، نچائيندي، هوءَ هلي وئي.
ٻئي ڏينهن اتي مان ويس ته هري اڃا ڪا نه
آئي هئي. مان واهه جي ڪپر تي ويهي، هن جو انتظار
ڪرڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ آئي. اڄ هوءَ
دلو کڻي آئي هئي. مون کي ڏسي، هن جي نراڙ تي گهنج
پئجي ويا. منهن ۾ سونڊ وجهي، مون کان پرڀرو ويهي،
هوءَ دلو ڀرڻ لڳي. مون هن جي ويجهو وڃي چيو:
ڇو،
اڄ دلو نه کڻائيندينءَ ڇا؟“
”روز روز هِري پئين ڇا، ڙي؟“ هن مون ڏانهن شوڪي
نهاريندي چيو.
مان لڄي ٿي ويس، ۽ وڌيڪ ڪڇي نه سگهيس.
هوءَ دلو مٿي تي رکي، چيلهه مٽڪائيندي، هلي وئي.
مان هر روز هن جو انتظار ڪندو هوس. هوءَ
هر روز پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. مان هن سان ڳالهائڻ جي
ڪوشش ڪندو هوس. هوءَ به ڳالهائيندي هئي، پر ڏيڍيون
ڇڙٻيون ڏيئي – ڄڻ وڙهڻ ايندي هئي.
هڪڙي ڏينهن هوءَ پاڻي ڀري رهي هئي ته مون
هن کي چيو: ”هيڏي! ڳالهه ته ٻڌ-“
هن ڪاوڙ مان اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن
نهاريو ۽ چيائين: ”اڙي، ”هيڏي هيڏي“ ڪري ڇو ٿو
ڳالهائين؟ مان ڪا تنهنجي..... سڌيءَ طرح نالو ڇو
نه ٿو وٺين“
”مون کي تنهنجي نالي جي خبر ڪانهي.“
”تو کي منهنجي نالي جي خبر ڪانهي؟“ هن
حيرت وچان پڇيو. ”اڙي، منهنجو نالو ته هري آهي!“
هري! مون پهرين به ته توکي ڏٺو هو. تون
سڙڪ تي ڪم ڪندي آهين نه؟ مان به اتي رهندو آهيان.
اتي جيڪي تنبو لڳل آهن، مان انهن ۾ رهندو آهيان.“
هن
مون ڏانهن نهاريو. هن دفعي هن جي نهارڻ ۾ ڪاوڙ ڪا
نه هئي.
”سرويل آهين ڇا؟“ هن پڇيو.
”نه.“ مون وراڻيو.
”داروغو آهين؟“
”نه، مان ته هڪ عام ماڻهو آهيان.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي، هن کان ٽهڪ نڪري ويو، ۽ کلندي
چيائين: ”سرويل ۽ داروغا ماڻهو نه ٿيندا آهن ڇا؟“
”ماڻهو ته ٿيندا آهن.“ مون چيو، ”اصل ۾ منهنجو
مطلب هو ته مان غريب ماڻهو آهيان“
”غريب ماڻهو ته آهين، پر ڪو ڪم ڪار ته ڪندو
هوندين؟“
”ڪم
ڪار ته ڪو نه ڪندو آهيان.“
”پوءِ وري غريب ماڻهو ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار
به ڪو نه ڪرين، ههڙا وڳا به ڍڪين، پوءِ به چوين ٿو
ته غريب ماڻهو آهيان!“
”مان شهر ۾ پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هوس. ڪم
ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان. سو ڪجهه ڏينهن لاءِ هت
آرام ڪرڻ آيو آهيان. سارو ڏينهن تنبوءَ ۾ اڪيلو
پيو هوندو آهيان، هري، توکي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت
پوندي ڪري ته مون کان وٺي ويندي ڪر. مان تنبوءَ ۾
اڪيلو رهندو آهيان. منهنجو تنبو ڏٺو اٿئي؟ سڀني
تنبن کان ڌار، وڻن جي ڀرسان جيڪو تنبو لڳل آهي نه،
مان ان ۾ رهندو آهيان.“
”اڙي، جيڪا ڳالهه من ۾ اٿئي اها کولي ڇو
نٿو چوين؟ مان سڀ سمجهان ٿي. هر روز هتي ويٺو
منهنجو انتظار ڪندو آهين، اڄ وري تنبوءَ ۾ پيو
سڏائين! مان سڀ سمجهان ٿي. مان ڪا ٻار ڪا نه
آهيان. مڙد کي هڪ دفعي ڏسڻ سان پرکي وٺندي آهيان.
تون مڙيئي چڱو ماڻهو پيو لڳين.“
”هي
هي هي ......“ مان ڦڪي کل کلڻ لڳس: مان تو کي کولي
ڪيئن ٻڌايان، هري، ته تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين!
تنهنجون ڳالهيون ڏاڍيون مٺيون لڳنديون اٿم. دل
چوندي آهي، سارو ڏينهن تون مون سان ويٺي ڳالهيون
ڪندي رهين، ۽ مان ٻڌندو رهان“.
”واه ڙي واه! چڱي ڳالهه ٻڌايئه. سارو ڏينهن جي
توسان ويهي ڳالهيون ڪندي رهان، ته پوءِ منهنجي
بدران ڪم ڪير ڪندو؟“
”هري، مان هن دنيا ۾ صفا اڪيلو آهيان. منهنجو ڪير
ڪونهي. جنهن سان ويهي اندر جو حال اوريان. تون جهٽ
پلڪ لاءِ ايندي ڪر ته توسان ويهي رهاڻ ڪندو
ڪريان.“
”مون کي ته واندڪائي ڪا نه ملندي آهي. سارو ڏينهن
پٿر ڪٽيندي آهيان، يا مٽي ڍوئيندي آهيان. شام جو
ساري ڪٽنب لاءِ ماني تيار ڪندي آهيان. رات جو
واندي ٿيندي آهيان. چڱو، ڪڏهن واندي ٿيس ته
اينديسانءِ.“
ان ڏينهن ئي رات جو، جڏهن هر طرف سانت
ڇانئجي وئي، تڏهن هري آئي، ته تنبوءَ جي در وٽ
بيهي، نيڻ کڻي مون ڏانهن نهارڻ لڳي. هن جي نيڻن ۾
خود سپردگي ڇوليون هڻي رهي هئي، ۽ هن جي چپڙن تي
حيا ۾ ٻڏل هلڪي هلڪي مرڪ هئي. مون اٿي، هن کي
ٻانهن کان جهليو. منهنجي هٿ جي ڇهاءُ سان هوءَ
شرمائجي ويئي، ۽ شرم وچان، رئي جي پلاند سان کڻي
منهن ڍڪيائين. اڄ هن جو هٺ ۽ هن جي بي حجابي
الائي ڪيڏانهن هليا ويا هئا. عورت ڪيتري به هٺيلي،
ڪيتري به بي حجاب ڇو نه هجي، پر جڏهن هوءَ مرد جي
گهر جي چانئٺ ٽپندي آهي، تڏهن هن جو سارو هٺ، ساري
بي حجابي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندي آهي.مڙد جي
پاڇي پوڻ سان ئي هوءَ، شرم ٻوٽيءَ وانگر پاڻ کي
ويڙهي سيڙهي، پنهنجو پاڻ ۾، پنهنجي وجود ۾ لڪائڻ
جي ڪوشش ڪندي آهي. ائين، هڪ وار مڪمل طرح سان بند
ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ٽڙندي آهي. ائين، هزار پڙدن ۾
پاڻ لڪائي، پاڻ ڇپائي، هوءَ پنهنجي ازلي اسرارن ۽
ڳجهن سميت ظاهر ٿيندي آهي، مون هن کي ٻانهن کان
جهلي، کٽ تي ويهاريو، ۽ هن سان رهاڻ ڪندو رهيس.
ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي ته انهن ڪڇي مزدورن جو وطن
ڪهڙو هو، ۽ ديس ڪهڙو. جتي هنن کي ڪم لڳندو هو، اتي
اچي پنهنجا پکا اڏيندا هئا، ۽ اها جاءِ ئي هنن جو
ديس ٿي ويندي هئي. پوءِ جڏهن ڪم ختم ٿي ويندو هو،
تڏهن گڏهه تي سامان لڏي، مزدوريءَ جي تلاش ۾، ڳڀي
جي ڳولا ۾ نڪري پوندا هئا. ڪنهن گڏهه تي ڪڪڙيون
ويٺيون ڪُڙ ڪُڙ ڪنديون هيون، ته ڪنهن تي ڪڇي
عورتون ويٺيون پنهنجن ڪارن، ڪوجهن ۽ گر چڙهيل ٻارن
کي کير پيارينديون هيون، ۽ مرد مزدور پنڌ ئي پنڌ
گڏهه هڪليندا هلندا رهندا هئا – هڪ نئين ماڳ
ڏانهن، جتي سَنڌُ سَنڌُ ڏکوئيندڙ مزدوري، ٺيڪيدار
جا وڏا وڏا ۽ ڪڏهن نه ڀرجڻ وارا پيٽ ۽ اڻپوري
خوراڪ، ازدها وانگر وات ڦاڙي، هنن جي انتظار ۾
هوندا هئا.
ڪڇي عورتون ڏاڍيون محنتي ۽ مضبوط هونديون
هيون. هنن جي جسمن ۾ نه ته شاخ گل واري لچڪ هوندي
هئي، ۽ نه رابيل جي گلن واري هٻڪار، هنن جا جسم ڪٽ
چڙهيل ٿانون جيان ڪارا هوندا هئا، ۽ منجهانئن پگهر
جي بدبوءِ پئي ايندي هئي. ڪڇي مرد، عورتن جي ڀيٽ ۾
ڏاڍا سست هوندا هئا. هو پاڻ سولو ڪم ڪندا هئا، ۽
پنهنجين عورتن کان ڏکيو ڪم وٺندا هئا. سارو ڏينهن
چرس پيئندا هئا، داروغين ۽ ٺيڪيدارن جي منشين جون
گاريون کائيندا هئا. جمعي رات جو ڪچو شراب پي،
بدمست ٿي هڪٻئي سان وڙهندا هئا، يا ساري رات
پنهنجين زالن جون ٻوٽيون پٽيندا هئا.
جنهن ننڍي شهر کي وڏي شهر سان ملائڻ لاءِ اها
سڙڪ تعمير ٿي رهي هئي، ان شهر ۾ جلال جي آفيس
هئي. هو هفتي مان ٽي ڏينهن اتي رهندو هو، ۽ باقي
چار ڏينهن هتي اچي گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن جلال
آيو ته هن سان گڏ، هڪ وڏيءَ عمر جو شخص ۽ هڪ
نوجوان ڇوڪري به هئي. جلال جڏهن اسان جي واقفيت
ڪرائي، تڏهن مون کي خبر پئي ته اهو پوڙهو شخص
رٽائرڊ انجنيئر هو ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ”واپڊا“
کاتي ۾ ساڳي نوڪري ڪئي هئائين. هن جي عمر پنجاهه
يا سٺ ورهيه هئي، پر مون کان ۽ جلال کان به وڌيڪ
جوان ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن جو قد ڊگهو هو. جسم مضبوط ۽
اکين ۾ زندگيءَ جي چمڪ هيس. هن جا وار صفا اڇا
هئا، ڄڻ چانديءَ جي تارن جو ڇٽ مٿي تي رکيل هوس.
هن جو آواز هن جي شخصيت وانگر رعبدار ۽ گجندڙ هو.
هر سنجيده ڳالهه کي شسته ۽ وڻندڙ مزاج جو رنگ
ڏيئي، ڪو ٽوٽڪو ٻڌائي، وٺي ٿي ٽهڪ ڏنائين. هو اصل
۾ ڪشمير جو رهاڪو هو، پر گهڻي وقت کان لاهور ۾ اچي
رهيو هو. اها نوجوان ڇوڪري هن جي ڌيءُ هئي. هن جو
نالو نسرين هو، ۽ هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪاليج ۾
ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهي رهي هئي. هينئر ڪاليج
۾ موڪلون هيون، ۽ هوءَ موڪلن گذارڻ لاءِ پيءُ وٽ
آيل هئي. هن ۾ به پيءُ واريون سڀ خوبيون هيون. فرق
رڳو ايترو هو، جو هن جي آواز ۾ رعب بدران عجيب
ميٺاج هو. هن به ٿوريءَ گهڻي ڳالهه تي ٽهڪ ٿي ڏنو.
هن جي ٽهڪ جي آواز ٻڌڻ مان ائين ٿي احساس ٿيو، ڄڻ
تهه سيءَ ۽ جهڙ ۾ يڪدم گرم ۽ روشن اس نڪري آئي
هجي، يا ملهار جي موسم ۾ اوهين ماٺ ڪري چانهه پي
رهيا هجو ۽ ڪنهن ”سارنگ“ ڇيڙي ڇڏيو هجي. اڄ جڏهن
جلال هيڏانهن اچي رهيو هو، ته هن نسرين ۽ سندس
پيءُ کي رستي تي وڻ هيٺ بيٺل ڏٺو. ٻيئي ٻاهر گهمڻ
لاءِ نڪتا هئا، پر هنن جي گاڏي خراب ٿي پئي هئي، ۽
هو ٻيئي وڻ هيٺان پريشان بيٺا هئا. جلال هنن کي
پنهنجيءَ جيپ تي هتي وٺي آيو هو، ۽ هنن کي چانهه
وغيره پياري هئائين- (نسرين سان ملڻ لاءِ قدرت
جلال کي ڪهڙو نه سهڻو موقعو ڏنو هو!)
نسرين جو پيءُ، چانهه پيئندي، پنهنجي مخصوص رعبدار
لهجي ۾ مون کان پڇيو: ”اوهين ڇا ڪندا آهيو؟“
”مان-“ مون اڃا جواب ڏنو ئي ڪو نه، ته جلال
منهنجيءَ ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”هن ايم اي
پاس ڪئي آهي. في الحال ته ڪنهن نوڪريءَ وغيره جو
خيال ڪونهيس، سارو ڏينهن ويٺو ڪتاب پڙهندو رهندو
آهي.“
”الائي اوهين واندا ڪيئن ٿا ويهي سگهو. مان جڏهن
رٽائرڊ ٿيس، تڏهن سوچيم ته آرام ڪندس، پر ٻن ٽن
ڏينهن جي بيڪاريءَ ۽ واندڪائيءَ ۾ ساهه منجهڻ لڳم.
يڪدم هٿ پير هڻي، ”واپڊا“ ۾ نوڪري ورتم.“
”اصل ۾ ادبي ذوق وارا ماڻهو ٿيندا ئي ائبنارمل
آهن.“ جلال چيو.
”مان اوهان سان ان ڳالهه ۾ متفق ڪو نه آهيان.“ هن
گجندڙ آواز ۾ چيو. ”منهنجي ڌيءَ، نسرين، جو ئي
مثال وٺو. ”غالب“ ۽ ”مير“ پڙهي پڙهي، ڊاڪٽر ٿيڻ
واري آهي. منهنجي خيال ۾ ته منهنجي ڌيءَ جهڙيون
نارمل ڇوڪريون، اوهان کي ورلي ملنديون.“
پنهنجي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي، نسرين مشڪي ڏنو. عجيب
مشڪ، جنهن ۾ خوبصورتي به هئي ته اڻ لکي لڄ به.
هن
ڳالهه بدلائيندي، مون کان پڇيو: ”اوهين سارو ڏينهن
اڪيلا ويٺا ڇا ڪندا رهندا آهيو؟ اسان وٽ ايندا
ڪريو. مان به سارو ڏينهن اڪيلي ويٺي هوندي آهيان.
ايندا ڪريو ته ڳالهيون ڪري پيا وقت گذارينداسين.“
”مان ته هر روز اوهان جي ڪئمپ جي اورئين طرف واري
باغ ۾ گهمڻ لاءِ ايندو آهيان. هڪ ته مون کي اوهان
جي خبر ڪا نه هئي، ۽ ٻيو ته واقفيت به ڪا نه هئي،
نه ته جيڪر مان هر روز اچان ها.“ مون چيو.
”هاڻي ته واقفيت ٿي وئي، هاڻي ته ايندا ڪريو.“
نسرين چيو.
نسرين جي پيءُ اسان کي ٻئي ڏينهن لاءِ چانهه جي
دعوت ڏني، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ جلال هنن کي جيپ
تي سندن ڪئمپ ۾ ڇڏي آيو.
* * *
ٻئي
ڏينهن شام جو مان ۽ جلال هن جي ڪئمپ ۾ وياسين. هنن
ڏاڍيءَ حب سان، اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ۽ اسان کي
ساري ڪئمپ گهمايائون. اصل ۾ اها ڪئمپ، آمريڪي
انجنيئرن لاءِ بڻائي وئي هئي. انڪري ئي جهنگ ۾،
جتي دور تائين ٽمٽائيندڙ ڏيئو به نظر نه ٿي آيو،
اتي بجليءَ جو بندوبست ٿيل هو. رهائش لاءِ ريل جي
گاڏن جيان ٽين جا ٽي گاڏا بيٺل هئا، جن ۾ وري
ايئرڪنڊيشن جو بندوبست رکيل هو. پر پوءِ آمريڪي
انجنيئر واپس هليا ويا هئا، ۽ اهي گاڏا، نسرين جي
پيءُ کي رهائش لاءِ مليا هئا. هنن اسان کي هڪ گاڏي
۾ آڻي ويهاريو. اسان کي چانهه پياريائون، ۽ پيار
ڀريل ڳالهين سان اسان جي دل وندرايائون. نسرين جي
پيءُ ۽ جلال ته پنهنجي انجنيئرنگ جي ٻوليءَ ۾
ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون. مان ۽ نسرين پاڻ ۾
ڳالهائيندا رهياسين. جڏهن اسين موٽڻ لڳاسين، تڏهن
جلال چيو، ”يار، هيءَ مڇي ته تنهنجي ڄار ۾ اچي
ڦاٿي آهي، هتي اسان جو ڪم نه آهي.“ مون مشڪي ڳالهه
کي نٽائي ڇڏيو. جلال وري چيو، ”يار، عورت کي سمجهڻ
تمام گهڻو ڏکيو آهي. مرد جي الائي ڪهڙي ادا عورت
کي وڻي ويندي آهي. خير، ڪجهه به هجي، هي شڪار
تنهنجو آهي.“
ٻئي
ڏينهن تي، صبح جو سوير، باغ ۾ وڃڻ ۽ واهه جي ڪپر
تي هريءَ سان ملڻ جي بجاءِ، مان نسرين سان ملڻ
هليو ويس.
نسرين ۽ مان واهه جي ڪپر تي نڪتاسين. جهونجهڙڪي جو
وقت هو. افق وٽ ڇانيل هلڪن سفيد بادلن ۾ شفق جا
رنگ رلجي ويا هئا – ڄڻ آسمان ۾ ديوين ۽ ديوتائن ڪو
ڏڻ ملهايو هو، ۽ رنگن جي پچڪارين سان هڪٻئي جي
لباس کي رنگارنگ ڪري ڇڏيو هئائون. هوا جي هلڪي
جهوٽي سان، نسرين جي وارن جي چڳ، هن جي ويڪري ۽
روشن پيشانيءَ تي لهرائڻ لڳي. هن شفق ڏانهن
نهاريندي چيو:
”هتي زندگي ڪيتري نه حسين ۽ ڪيتري نه
پرسڪون آهي! مون ته ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن به شفق کي ههڙو
حسين ڪو نه ڏٺو هو. هتي اچڻ کان پوءِ ائين ٿو
احساس ٿئي، ڄڻ اسين وڇڙيل ماءُ جي گود ۾ پهچي ويا
آهيون، ۽ اسان جي ماءُ اسان کي پکين جي لاتين جون
لوليون ڏيئي سمهاري رهي آهي.“
اسين جڏهن واپس ورياسين ته پريان پل وٽ، ”هري“
نظر آئي. هوءَ دلو ڀري واپس وڃي رهي هئي. اسان کي
ڏسي، هوءَ ٿوري دير بيٺي، ۽ پوءِ تکا تکا قدم
کڻندي. پڙو لهرائيندي، هلي وئي.
رات جو مان کٽ تي ليٽيس، ته منهنجين اکين
آڏو نسرين جا کلي بند ٿيندڙ ۽ بند ٿي کلندڙ چپ، ۽
هوا جي هلڪي جهوٽي سان، هن جي چنڊ جيان ٻرندڙ
پيشانيءَ تي لهرائيندڙ وارن جي چڳ ڦرڻ لڳي. هن جي
هلڪڙن هلڪڙن ٽهڪن جو سنگيت منهنجي روح ۾ اوتجڻ
لڳو. مون کي جلال جا لفظ ياد اچڻ لڳا. ”مرد جي
الائي ڪهڙي ادا، عورت کي وڻي ويندي آهي.“ منهنجي
دل ٽڙي پيئي ۽ مان مشڪي ويٺس. وري منهنجي اکين
آڏو هريءَ جو معصوم چهرو اچي ويو، هري ڪنهن سگهڙ
جو سادو، سلوڻو ۽ جذبن سان ٽمٽار بت هئي، نسرين
ڪنهن مها ڪويءَ جي ڪوتا. هري، ڪنهن تلاءَ جو بيٺل
ميرانجهڙو پاڻي هئي، ته نسرين آب زم زم! مون
پنهنجي ازلي اڃ جي شدت کان مجبور ٿي، ان ميرانجهڙي
پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري پيتو هو، نه ته جي آب زم زم ملي
وڃي، ته پوءِ ڪير ميرانجهڙو پاڻي پيئندو؟
مان
اهي ڳالهيون سوچي رهيو هوس ته تنبوءَ ۾ هري داخل
ٿي. هن جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو، ۽ هن جو سارو جسم
ڏڪي رهيو هو. هوءَ سڌي اچي منهنجي مٿان بيٺي ۽
ڪاوڙ مان پڇيائين:
”اڙي، اها ڀوري ڀولڙي ڪير هئي؟“
”ڪهڙي؟“ مون کٽ تي اٿي ويهندي چيم.
”ڪهڙي؟“ هن منهنجا ويچارا ڪڍيا. ”ڄڻ توکي خبر ئي
ڪانهي! اها رن، جيڪا صبح توسان ساڻ هئي!“
”ڪير؟ نسرين؟ اها ته انجنيئر جي ڌيءُ آهي.“
”انجنيئر جي ڌيءُ هجي کڻي لاٽ جي ڌيءُ هجي، جي وري
توسان ڏٺومانس ته مترڪي سان ميڄالو ڪڍي
ڇڏينديسانس!“
مون
هن کي ٻانهن کان جهلي کٽ تي ويهاريو، ۽ هن جي منهن
کي ٻنهي هٿن ۾ جهليندي چيو: ”توکي پنهنجي ٻاپوءَ
تي اعتبار ڪونهي؟ چري، مان ڪو توکان منهن موڙي
سگهان ٿو!“
هن
جي اکين مان لڙڪ وهي آيا، ۽ منهن منهنجي گود ۾
رکي، هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
مان
هر روز پرهه ڦٽيءَ وقت، نسرين وٽ ويندو هوس. نسرين
۽ مان گڏجي، واهه جي ڪناري تي سير ڪرڻ ويندا
هئاسين. جهنگلي پکين جن مٺيون مٺيون لاتيون ٻڌندا
هئاسين، شفق جو نظارو ڪندا هئاسين، ۽ سورج کي
اڀرندو ڏسندا هئاسين. اهڙيءَ طرح، اسين ٻئي هڪٻئي
جي ويجهو ٿيندا وياسين، ايترو ويجهو جو هن جو
صحتمند ساهه ۽ منهنجو بيمار ۽ سلهه جي جيوڙن سان
ڀريل ساهه هڪ ٿي ويا. پر ڪير ٿو چوي ته منهنجي
ساهه ۾ سلهه جا جيوڙا هئا؟ مان ته بنا علاج جي ئي
چڱو ڀلو ٿي ويو هوس. ڀلا، پيار ۽ سندرتا کان وڌيڪ
به ڪو علاج ٿي سگهي ٿو! مان زندگيءَ ۾ هن مهل
تائين انڪري ئي دک سهندو آيو هوس، جو قدرت مون کي
خوشين جو ههڙو خزانو سونپڻ ٿي چاهيو. مان هن مهل
تائين اڪيلائيءَ جي برپٽ ۾ ان لاءِ ڀٽڪندو ٿي
رهيس، جو قدرت مون کي ههڙو ساٿي سونپڻ ٿي چاهيو.
مبارڪ آهي اهو غم، جنهن جو عروج ههڙي خوشي آهي، ۽
مبارڪ آهي اها اڪيلائي، جنهن جي انتها ههڙو ساٿ
آهي!
رات
جو جڏهن کنگهه ٿيندي هيم، تڏهن احساس ٿيندو هوم ته
مون کي سلهه آهي، ۽ هي گذرندڙ هڪ هڪ گهڙي، هڪ هڪ
پل، مون کي موت ڏانهن ڌڪي وٺي ويندا آهن، نه نه
.... مان مرڻ نٿو چاهيان! مان جيئڻ ٿو چاهيان! مان
اها زندگي ماڻڻ ٿو چاهيان، جنهن ۾ شفق جا رنگ آهن،
پکين جون مٺڙيون لاتيون آهن، نسرين آهي، سونهن
آهي، سچائي آهي، پيار آهي..... پر، جيڪڏهن نسرين
کي خبر پئجي وئي ته مون کي سلهه آهي، ته ڇا پوءِ
به هن جي پيار ۾ اها سچائي رهندي؟.... مان هن کي
ٻڌائيندس ئي ڪو نه! جڏهن هوءَ موڪلون گذاري
ڪراچيءَ هلي ويندي، تڏهن مان ڪنهن سينيٽوريم ۾
داخل ٿي علاج ڪرائيندس – نئين صحت ماڻيندس، نئين
زندگي پرائيندس!
مون
هريءَ سان ملڻ صفا ڇڏي ڏنو. ويچاري هريءَ نه ته
مترڪي سان نسرين جو ميڄالو ڪڍيو، ۽ نه ئي مون کي
ڪجهه چيائين. هن رڳو مون سان ملڻ ڇڏي ڏنو. سارو
ڏينهن ماٺ ڪريو پيئي ڪم ڪندي هئي. هريءَ کي ڏسي،
مان پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي، ان جذبي کي ڳوليندو
هوس، جنهن هريءَ جي جسم مان بهار جي بوءِ سنگهي
هئي. پر مون کي پنهنجي اندر ۾ ان جذبي جو ڪو نشان
نظر نه ايندو هو – شايد اهو جذبو بدبودار پگهر
جيان، منهنجي جسم جي پورن مان نڪري ويو هو. هينئر
منهنجي اندر ۾ صرف هڪڙو جذبو هو – نسرين کي پنهنجي
بڻائڻ جو جذبو – نئين زندگي ماڻڻ جو جذبو!
* * *
هڪڙي ڏينهن مان نسرين سان ملڻ ويس. نسرين
اتي ڪا نه هئي. هن جو پيءُ ويٺو هو. مون کي ڏسي،
هن جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا، ڄڻ منهنجو اچڻ هن کي
ڏاڍو ناگوار گذريو هجي. مون هن کان نسرين جي باري
۾ پڇيو. هن ڏاڍي اڻ وڻندڙ ۽ رکي انداز ۾ جواب ڏنو:
”نسرين ٻاهر گهمڻ ويئي آهي.“ مان هن جي سلوڪ تي
حيران ٿي ويس. مون هن کان وڌيڪ ڪي پڇيو ئي ڪين ته
هن چيو، ”معاف ڪجو، مان ڏاڍو ٿڪل آهيان ۽ ڪجهه
آرام ڪرڻ ٿو گهران-“
منهنجي دل کي زور جو ڌڪو لڳو. مان سمجهي
نه سگهيس ته مون سان اهو برتاءُ ڇو ٿي ڪيو ويو.
مان گاڏي کان ٻاهر هليو آيس، ۽ گذريل واقعن کي ياد
ڪري، ڪنهن اهڙي واقعي کي ڳولڻ لڳس، جيڪو ان
برتاءُ جو سبب ٿي سگهيو ٿي، پر مون کي ڪو به اهڙو
واقعو سمجهه ۾ نه ٿي آيو. ٻاهر مون سان ڊرائيور
مليو. مون ڊرائيور کان نسرين جي باري ۾ پڇيو. هن
ٻڌايو ته، ”اوهان سان گڏ، جيڪو صاحب ايندو آهي،
بيگم صاحبه ان سان گڏ، گهمڻ ويئي آهي.“
مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. دماغ ۾
خيال برپٽ ۾ چڪر کائيندڙ واچوڙن جيان چڪر کائڻ
لڳا. مان اندر جي اڻ تڻ سان تکا قدم کڻندو ان طرف
وڃڻ لڳس، جنهن طرف جلال ۽ نسرين ويا هئا. مون کي
پريان جلال ۽ نسرين ايندا نظر آيا. مان يڪدم رستي
جي ڪناري تي بيٺل وڻن جي اوٽ ۾ لڪي ويس. نسرين ۽
جلال جي ڳالهائڻ جو آواز منهنجي ويجهو ايندو ٿي
ويو، ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪڻ جو شور بلند ٿيندو ٿي
ويو. مون ساهه منجهائي، هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي
ڪوشش ڪئي.مون کي نسرين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نسرين
چئي رهي هئي:
”هاءِ هاءِ! اوهين مون کي پهرين ته ٻڌايو ها! مون
هيترا ڏينهن هن سان گڏ گذاريا آهن، مون کي ته اهو
ڊپ آهي ته متان منهنجن ڦڦڙن تي به اثر نه پئجي ويو
هجي! مان سڀاڻي ئي ڪراچيءَ وينديس، ۽ وڃي ”ايڪس
ري“ ڪرائينديس ۽ سُيون هڻائينديس.“
منهنجو سارو وجود لڏي ويو – ڄڻ ڪنهن بيخبريءَ ۾
منهنجي دل ۾ زهر ۾ ٻڏل ڀالو ٽنبي ڇڏيو هجي. ڄنگهون
ٿڙڪڻ لڳيون، بت ڏڪڻ لڳو ۽ دل اجهامڻ لڳي. مان ٻئي
هٿ مٿي کي ڏيئي، اتي ئي زمين تي ويهي رهيس. ويٺي
ويٺي، مون کي رت جي الٽي آئي. زمين جو سارو ٽڪرو
ڳاڙهو ٿي ويو. اڇيءَ قميص تي ڳاڙهي ڳاڙهي رت جا
داغ چمڪڻ لڳا. مان آهستي آهستي، ڏاڍيءَ ڏکيائيءَ
سان اٿيس ۽ ٿڙندو ٿاٻڙندو، تنبوءَ ڏانهن هلڻ لڳس.
تنبوءَ کان ٿوري مفاصلي تي هريءَ جي ڀيڻ گَجري
لنگهي رهي هئي. هوءَ حيران ٿي مون ڏانهن نهارڻ
لڳي. تنبوءَ وٽ پهچي مون کي رت جي ٻي الٽي آئي ۽
مان اتي ئي تنبوءَ کان ٻاهر زمين تي ويهي رهيس.
گجريءَ اکيون ڦاڙي مون ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ وٺي
ڀڳي. مون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. سج لهي چڪو
هو ۽ افق تي شفق جي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي.
اڄ
شفق جو رنگ تيز تکو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهو هو – ڄڻ سج کي
به سلهه ٿي پيئي هئي ۽ اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان
ٿوري دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو
ڪري ڇڏيو هئائين. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت
۾، ڀر وارا وڻ خاموش هئا، ۽ سانجهيءَ جو پنهنجن
پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽندڙ پکين چرپر لائي ڏني
هئي. هوا جي هلڪي جهوٽي سان فضا ۾ عجيب، پراسرار
چرپر پيدا ٿي وئي هئي – ڄڻ موت جو فرشتو پر ڦڙڪائي
رهيو هجي. انهن وڻن جي پرينءَ ڀڪ، ڪڇي مزدورن جي
جهوپڙن مان عورت جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. مان
آهستگيءَ سان زمين تان اٿيس، ۽ تنبوءَ ۾ اچي کٽ تي
ڪري پيس. منهنجو سَنڌُ سَنڌُ وسامڻ لڳو، سَنڌَ
سَنڌَ ۾ ڪئليون چڪ پائڻ لڳيون. اکين اڳيان ڪارا
ڪارا پاڇا نچڻ لڳا، ۽ پوءِ هر طرف اونداهه ڇانئجي
وئي – ٻاٽ اوندهه، پوءِ چنڊ ۾ وات ڦاڙي ويٺل
اسرافيل ڦوڪ ڏني. آسمان ڦاٽي پيو. زمين ڏري پيئي،
ستارا ٽٽي پيا. سج جو ٻرندڙ ٿال، زمين تي ڪري پيو.
هر طرف موت، هر طرف ڳاڙهو ڳاڙهو رت، هر طرف روڄ
راڙو، دانهون، ڪيڪون ۽ رڙيون – بچايو! ......
بچايو! ..... بچايو!
مان
دانهن ڪري اٿي ويٺس، اکيون ڦاڙي پنهنجي چوڌاري
نهارڻ لڳس. ايتري ۾ هري تنبوءَ جو پڙدو هٽائي، رڙ
ڪري، اچي منهنجي مٿان ڪري – ”توکي ڇا ٿي ويو آهي،
ٻاپو!“ مون هن کي زور سان سيني سان چنبڙائي ڇڏيو ۽
روئڻ لڳس. هوءَ به منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي روئڻ
لڳي. ٻئي ڏکايل، ٻئي ڦٽيل، اوڇنگارون ڏيئي روئيندا
رهياسين. پوءِ جڏهن لڙڪن جي کاري پاڻيءَ ۾ هر دک،
هر درد ڌوپجي ويو ۽ دل هلڪي ٿي پيئي، تڏهن مون
هريءَ کي چيو:
”هري، تون مون کان پري ٿي، مون کي سلهه آهي! مون
رت جون ٻه الٽيون ڪيون آهن. تون منهنجي ويجهو
رهندينءَ ته توکي به سلهه جا جيوڙا چنبڙي پوندا!“
هن
منهنجي گود ۾ منهن لڪائيندي چيو، ”مون کي تنهنجون
ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن. ٻاپو! مان ته چاهيان
ٿي ته ڀڳوان منهنجو جيون به توکي ڏئي، تون سکي
رهين!“
ڪيتري نه سچائي هئي، هن جي پيار ۾! ڪيتري
نه سندرتا هئي هن جي اڻڄاڻائيءَ ۾! نسرين ڏاهيءَ
مون کي ڏک ڏنا هئا ۽ هيءَ اڻڄاڻ مون کي اننت پيار
ڏيئي رهي هئي! ڇا، سچائيءَ کان وڌيڪ به ڪا سندرتا
آهي؟ ڇا، هن دنيا ۾ اڃا ههڙي سندرتا ۽ ههڙو عظيم ۽
اننت پيار آهي، پوءِ زندگي حسين ۽ رهڻ جي قابل
آهي. يڪدم منهنجي بيمار ۽ ڦٽيل روح مان زندگيءَ جا
امنگ ڦاٽ کائي نڪري آيا. مون ٻئي ٻانهون ڊگهيري،
هريءَ کي سيني سان لائي ڇڏيو – ڄڻ مان هڪ نئين
زندگيءَ کي سيني سان لائي رهيو هوس.
مون
صبح سان، سوير، جلال کي پنهنجي تنبوءَ ۾ سڏرايو ۽
کيس ٻڌايم ته مان هريءَ سان شادي ڪري رهيو آهيان.
منهنجي ڳالهه ٻڌي، هن کان ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ
منهنجي منهن تي بکندڙ عزم کي ڏسي (يا پنهنجي ڪنهن
فائدي کي ڏسي) هو راضي ٿي ويو ۽ مون کي هر قسم جي
مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. ان ڏينهن ئي مان
سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪوهه مريءَ ڏانهن روانو
ٿي ويس.
* * *
چار سال گذري ويا آهن. مان سينيٽوريم مان
چڱو ڀلو ٿي واپس موٽي آيو آهيان ۽ هڪڙي ڪاليج ۾
پروفيسر آهيان. نسرين ۽ جلال جي شادي ٿي وئي. آهي
۽ ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن. نسرين اتي ڊاڪٽر
آهي ۽ جلال ڪنهن فرم ۾ انجنيئر آهي. منهنجي ۽
هريءَ جي به شادي ٿي وئي آهي. اسان جي شادي ڪيئن
ٿي، اها هڪ جدا ڪهاڻي آهي – ٻن جدا جدا مذهبن، ٻن
جدا جدا قومن جو پاڻ ۾ ٽڪرائجي، ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا
ٿي، هڪ ٿي وڃڻ جي ڪهاڻي!
هاڻي جڏهن مان ويٺو هيءَ ڪهاڻي لکي رهيو
آهيان، تڏهن هري ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ منهنجي ٽيبل
تي نوڙي (جيئن هوءَ مٽ کڻائڻ لاءِ نوڙي هئي) منهن
منهنجي منهن ۾ وجهي پڇي ٿي: ”ڇا ٿو لکين؟“ مان هن
جي جسم مان اٿندڙ بهار جي بوءِ کي ساهه سان سيني ۾
سانڍيندي چوان ٿو: ”لکان ٿو ته نيٺ بهار آيو!“
هوءَ ڪجهه نه سمجهي، مرڪي ٿي ڏئي – عجيب ۽ اڻڄاڻ
مرڪ. ان عجيب ۽ اڻڄاڻ مرڪ سان هن جي چپڙن مان ڄڻ
گل ڇڻي ٿا پون. مان دريءَ جو پڙدو هٽائي، ٻاهر
نهاريان ٿو. سج لهي ويو آهي، ۽ شفق ٽڙي بيٺي آهي.
اڄ شفق جو رنگ هلڪو گلابي آهي – ڄڻ افق وٽ گلاب جا
هزارين گل ٽڙي پيا آهن. |