ڊاڪٽر زڪيه ڏاهري
پڇتاءُ
اڄ حميرا کي پورا ٻه مھينا ٿيا ھئا، جو ھن سک جو
ڪو ساھه کنيو ھجي.
گھر جو سمورو سامان سندس مڙس جي بيماريءَ جي نظر
ٿي ويو. حميرا اڄ تمام گھڻي پريشان ھئي ۽ ماضيءَ ۾
ڪيل شاھه خرچين تي روئڻ لڳي. پنھنجي پيٽ بکين
ٻارڙن جي نظرن ۾ حميرا کي ڪيترا سوال نظر آيا. ڇھن
سالن جي ننڍڙي عاطف چيو، ”امان بک لڳي آھي.“
حميرا پوتيءَ جي پلئه ۾ ٻڌل ويھه روپيا اٺن سالن
جي راحيل کي ڏيندي چيو,
ٻچا وڃ اٽو وٺي اچ.
ايتري ۾ گھر جي ڪنڊ ۾ ڇڳل کٽ تي سُتل بيمار سومر
ڪنجھندي چيو، ”الله ھن بيماريءَ مان جند ڪڏھن آزاد
ٿيندي. حميرا! مون کي دوا ڏي يا ڊاڪٽر کي گھراءِ
منھنجو ساھه ٿو منجھي.“ ”جيءُ راحيل جا پيءُ.“
حميرا چيو.
ايتري ۾ راحيل دڪان تان واپس موٽي آيو. اکين مان
ڳوڙھا ڳاڙيندي چيائين، ”امان ويھه روپين جو اٽو
نٿو ملي“. حميرا لڙڪ لڪائيندي چيو، ”بچڙا سمھي پئو
صبح کوڙ ماني.“
حميرا هاڻي زندگيءَ جي تلخين کي برداشت ڪري ڪري
ٿڪجي پئي ھئي. هن پاڻ کي اونداهي ڪُن ۾ پئي محسوس
ڪيو. اڄ ھوءَ سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏل ھئي. بيمار مڙس جي
دانھن، ڄڻ ڪنھن تيز ڀالي وانگر سندس اندر کي چيري
ڇڏيو.
”حميرا او حميرا! آئون مري ويندس منھنجو مرض لا
علاج آھي، آئون مري ويندس سومر چيو، ”ائين نه چئو،
هن مڙس کي آٿت ڏيندي چيو. پوءِ پاڻ پاڙي جي عطائي
ڊاڪٽر جي اسپتال تي مڙس کي وٺي آئي. جيڪا وک پنڌ
تي ھئي. رات جو وقت هو. اسپتال ۾ دوائن ۽ سُين جي
ڌپ ۽ گرميءَ ۾ بخار، کنگھه ۽ ڪيترين بيمارين ۾
مبتلا مريضن کي ڊاڪٽر چڪاسيو پئي. سومر جو نمبر
آيو. ڊاڪٽر چنجھيون اکيون کڻي، مريض ڏي ۽ پوءِ
حميرا ڏي نھاريو. ڊاڪٽر سومر جون اکيون ۽ نبض
چڪاسيندي چيو، ”ڪمزوري وڌي وئي آھي. طاقت جون سيون
لڳنديون ۽ طاقت جا ڪيپسول به لکان ٿو. مريض کي
ٻاڪرو گوشت، کير، بيدا ۽ ميوا جام کارايو.“ ڊاڪٽر
اهو سڀ يڪ ساھيءَ ۾ چئي ويو. جڏھن ڊاڪٽر خاموش ٿيو
۽ فيس گھريائين ته حميرا چيو، ”ڊاڪٽر صاحب اسان
غريب آھيون فقط ويھه روپيا آھن.“
ڊاڪٽر جي شڪل ان وقت ڏسڻ لائق ھئي. ڪاٺ ڪُٺي وانگر
جھٽڪو ڏيئي، ڊاڪٽر اٿيو ۽ بيمار سومر کي ٻاھر ڌڪو
ڏئي، ڊاڪٽر چيو، ”جي پئسا نه اٿو ته وڃي سرڪاري
اسپتالن ۾ مرو.“ حميرا سومر کي ٻانھن کان جھلي گھر
وٺي آئي. گھر جي در تي مس پھتا ته در تي گھر جو
مالڪ ڪرائي لاءِ بيٺو ھو. مالڪ ڪجھ چئي، ان کان اڳ
حميرا چيو: ”ادا اسان جي گھر جي حالت توھان جي
سامھون آھي. ڇھه مھينا ٿيا آھن جو سومر بيمار آھي.
دڪان ۽ ڪاروبار به سندس بيماريءَ جي نظر ٿي ويا.
مالڪ بنا ڪنھن احساس جي چيو، ڪرايو ڏيو يا صبح
تائين خالي ڪيو. ائين چئي، سخت ڪاوڙ ۾ بڙ بڙ ڪندو
ھليو ويو.“
حميرا کي وري ھڪ دفعو پنھنجا سکيا ڏينھن ياد آيا.
جڏھن ھوءَ روز گوشت جو ٻوڙ رڌيندي ھئي. گھر ۾ مند
جا ميوا به جام ھوندا ھئا. وٽس ٻه ڪنڍيون مينھون
به ھيون، جنھن ڪري کير، مکڻ ۽ ڌونرو جام ھوندو ھو.
سومر به ته چڱو ڀلو ڪمائيندو ھو. سومر جا مٽ مائٽ
به وٽن عام جام ايندا ھئا.
ڪاريھر جھڙي ڪاري رات حميرا زندگيءَ مان بيزار ٿي
ٿڪجي پئي ھئي.
اڄ حميرا کي پنھنجو کليل ھٿ ياد آيو. جڏھن ھوءَ
مٽن مائٽن کي مھانگا تحفا ڏيندي ھئي پر ڪڏھن به
ڏکئي سکئي وقت لاءِ ڪجھه جمع نه ڪيائين.
ڪٿي ھئا، اھي سمورا مٽ مائٽ، جيڪي ھميشه وٽن پيا
ايندا ويندا ھئا. اڄ ڏکئي وقت ۾ حميرا اڪيلي ھئي ۽
سندس تڪليفون ھيون.
حميرا ڏڪندڙ هٿن سان موبائل کنئين ۽ پنھنجي وڏي
ڏير سالار کي فون ڪئي.
”ھيلو.... ادا آئون حميرا آھيان.“
سالار کهري آواز ۾ چيو، ”جي ڀاڄائي حڪم ڪيو.“
ادا! اڄ توھان جي ڀاءُ جي طبعيت ٺيڪ نه آھي گھر ۾
به کائڻ لاءِ ڪاشيءِ نه آھي.“
سالار ھيلو ھيلو ڪري فون ڪٽي ڇڏي. حميرا وري نمبر
ملايو، کيس نمبر بند مليو. سالار سرڪاري
يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ھو. جڏھن سالار پڙھندو ھو
ته سندس پڙھائيءَ جو سمورو خرچ سومر ڏيندو ھو.
ان وقت حميرا کي پنھنجي والد جي نصيحت ياد آئي.
سندس والد مرحوم چوندو ھو، ايندڙ وقت لاءِ ڪجهه
پيسا بچائي رکو، جو مشڪل وقت پڇي نه ايندو آھي، ڇو
ته وقت ھميشه ھڪجھڙو نه ھوندو آھي.
گذريل وقت ڪڏھن به واپس نه ايندو آھي! سو حميرا به
روشن چنڊ کي تڪيندي، پنھنجي قسمت تي ڳوڙھا ڳاڙيندي
سوچيندي رھي، ڪاش! وقت ھميشه ھڪجھڙو ھجي ھا، حميرا
ان وقت ھڪ ننڍڙي ٻار وانگر سڏڪا ڀريندي، پنھنجي
معصوم پيٽ بکين ٻارن کي ڏسندي رھي....!
ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو
ھڏڪي
Hiccups
ھڏڪي ڊايافرام
Diaphragm
جو ھڪ غير ارادي طور سُسڻ
contraction
جو عمل آھي .
(پيٽ ڇھه/ڊايافرام
diaphragm
مشڪن
muscle
مان ٺھيل ھڪ اھڙو عضوو آھي، جيڪو ڇاتيءَ کي پيٽ
کان الڳ ڪري ٿو ۽ ساھ کڻڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري
ٿو.)
سُسڻ جي ھر عمل کان پوءِ آواز جو تارن
vocal cords
جي اوچتو بند ٿيڻ سان، ھڏڪيءَ جو مخصوص آواز پيدا
ٿيندو آھي.
ھڏڪي اڪثر گھڻو کاڌو کائڻ، الڪوحل، ڪولڊ ڊرنڪس
پيئڻ يا اوچتو ڪنھن جوش جي نتيجي ۾ پيدا ٿي سگھي
ٿي .
ڪن حالتن ۾ ھڏڪي، ڪنھن بيماري جي نشاني به ٿي سگھي
ٿي.
گھڻن ماڻھن جي لاءِ ھڏڪي جو وارو صرف ڪجھه منٽن جو
به ٿي سگھي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن ھڏڪي مھينن تائين به
ھلي سگھي ٿي، نتيجو وزن جو گھٽجي وڃڻ ۽ ھيڻائي ۾
نڪرندو آھي.
ڊاڪٽر کي ڪڏھن ڏيکارجي:
1. جيڪڏهن ھڏڪي کي 48 ڪلاڪن کان مٿي ٿي وڃي يا
ايتري شدت سان ٿئي جو کائڻ، سمھڻ ۽ ساھ کڻڻ ۾
تڪليف ٿئي ته ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.
سبب
Causes:
48 ڪلاڪن کان گھٽ رھندڙ ھڏڪي کي چورڻ
trigger
جا ڪجھه عام سبب ھن ريت آھن :
- ڪولڊ ڊرنڪس پيئڻ.
- تمام گھڻو الڪوحل واپرائڻ.
- گھڻو کاڌو کائڻ.
- جذباتي يا ذھني دٻاءُ جو ھجڻ.
- گرمي پد ۾ اوچتو تبديلي.
- چيونگم کائيندي ھوا ڳھڻ.
48 ڪلاڪن کان وڌيڪ ھلندڙ ھڏڪي جا مختلف سبب ٿي
سگھن ٿا، جن کي ھن ريت ورھائي سگھجي ٿو.
- ويگس رڳ
Vegus Nerve
۽ فرينڪ رڳ
Phrenic Nerve،
جيڪي ڊايافرام کي سپلائي ڪن ٿيون، تن جي
irritation
ھڏڪي جو سبب بڻجي ٿي.
مثال طور:
1. ڪن جي پردي کي ڇُھندڙ ڪو وار وغيره.
2. ڳلي ۾ ڪا ڳوڙھي
Tumor.
3. نڙيءَ ۾ خارش يا انفيڪشن.
4. کاڌي جي نالي ۽ معدي جي ريفليڪس جي بيماري
GERD
5. دماغ جي ڪنھن انفيڪشن، ٽيومر يا ڌڪ جي نتيجي ۾
ھڏڪي ڪنٽرول ڪندڙ سينٽر ۾ خرابي جو ٿي وڃڻ .
6. دوائون ۽ بيماريون، جيڪي ڊگھي عرصي واري ھڏڪي
کي چورڻ جو سبب بڻجن ٿيون:
- بيھوش ڪرڻ واري دوا
- اسٽيرائڊس
Steroids
- باربچيوريٽس
Barbiturates
--Tranquilizers
- شراب واپرائڻ
- ڊائيبٽيز
- گردن جي بيماري
- جسم ۾ لوڻ پاڻي جي گھٽ واڌائي.
ھڏڪيءَ جو فطري عنصر:
- مردن ۾ عورتن جي نسبت ھڏڪي وڌيڪ ٿيندي آھي.
- ذھني يا جذباتي دٻاءُ وڌڻ جي نتيجي ۾ ھڏڪي ٿي
پوندي آھي.
- ڪجھه ماڻھن ۾ پيٽ جي عضون جي سرجري يا بيھوشي جي
دوائن سبب ھڏڪي ٿي پوندي آھي.
تشخيص جي لاءِ :
- ميڊيڪل چيڪ اپ
- ليبارٽري ٽيسٽون
- اينڊواسڪوپي
علاج
Treatment:
- اڪثر حالتن ۾ ھڏڪي پنھنجو پاڻ ڇڏي ويندي آھي .
- بيماري جو علاج ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ مثلاً شگر ۽
گردن جي بيماري.
- ٻن ڏينھن کان مٿي رھندڙ ھڏڪي جي لاءِ
Chlorpromazine, Metaclopramide
به استعمال ٿينديون آھن.
- ڪا دوا اثر نه ڪري ته فرينڪ رڳ
Phrenic Nerve
کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ
Anesthetic
جي انجيڪشن لڳائي ويندي آھي.
- ھڪ ٻيو طريقو اھو آھي ته بيٽري تي ھلندڙ ھڪ اھڙو
پرزو جسم ۾ لڳايو ويندو آھي، جيڪو ويگس رڳ
Vegus Nerve
کي اڀارڻ
stimulate
ڪرڻ لاءِ اليڪٽريڪل سگنلز پيو
موڪليندو آھي.
ھي طريقو گھڻو ڪري مرگھي جي علاج ۾ استعمال ٿيندو
آھي، پر لاڳيتو ٿيندڙ ھڏڪي کي روڪڻ لاءِ به
فائديمند آھي .
علاج ٽوٽڪا:
ڪجھه منٽن کان وڌيڪ رھندڙ ھڏڪيءَ لاءِ ھي ٽوٽڪا
مفيد ٿي سگھن ٿا.
- ھڪ پيپر بيگ ۾ ساھ کڻڻ.
- برف جھڙي ٿڌي پاڻي سان گرڙيون ڪرڻ.
- ساھه روڪڻ
- ٿڌي پاڻي جا ڍڪ ڀرڻ.
پونم
بلواڻي
تورين جو آچار
گهربل شيون:
هڪ ڪلو سايون توريون، 50 گرام ڳڙ، 6 وڏا ڦوٽا، 30
گرام جيرو، 5 لونگ، 25 گرام سونف، 8 ليمن جي رس،
هڪ وڏو چمچو لوڻ، هڪ وڏو چمچو مرچ، هڪ وڏو چمچو
هئڊ، 20 گرام اَڇا تِر، 20 گرام ڪارا مرچ، 200
گرام تيل، 20 گرام آهر، 4 وڏا چمچا سرڪو، 10 ڳڙيون
ٿوم ڪُٽيل، هڪ ننڍو چمچو رتن جوت، 20 ڳريون ٻي به
ٿوم (جي وڻندي هجي ته)، هڪ ٽڪرو ادرڪ.
ٺاهڻ جو طريقو:
وچولي قد جون سايون توريون ڇِلي ڪري ڪانٽي سان نرم
ڪريو. پوءِ تورين ۾ سُرڪو وجهو. ٿورو لوڻ به
لڳايو. تئي تي 3 وڏا چمچا تيل وجهي ٿوم جي ڳرين کي
گلابي ڪري ڀُڃو، پوءِ ان ۾ تيل ملايو، جنهن ۾
توريون ترڻيون هجن. توريون 3 ڪلاڪ کن سرڪي ۾ رهڻ
گهرجن. لوڻ جي ڪارڻ، انهن جو پاڻي نڪري ويندو.
انهن کي 10 منٽ کن ڇاڻيءَ ۾ رکي سُڪڻ ڏيو. ڪڙاهيءَ
۾ هڪ وڏو چمچو تيل گرم ڪريو ۽ 8 ڳڙيون مصالحن کي
هلڪو ڀُڃو. ٻه منٽ ڀُڃي ٿڌو ڪري، ان کي ڪچي اهر
سميت، مڪسيءَ ۾ پيسيو. ڀُڃيل ادرڪ، ٿوم به ڪُٽي
رکو. ڪڙاهيءَ ۾ بچيل سڄو تيل وجهي، خوب گرم ڪريو.
توريون وجهي باهه جهيڻي ڪريو. جڏهن توريون لال ٿي
وڃن ته ڪڍي ڪري، هڪ ٿالهيءَ ۾ وجهو ۽ سڀ مصالحا
هئڊ، مرچ، لوڻ به ملائي تورين کي ڌوڏايو. هيءُ
آچار پراٺن، اِڊلي، ڊوسي سان به کائي سگهجي ٿو.
|