خليل جبران
شاعر
هُو آهي ڪَڙي
هن ۽ ايندڙ دنيا وچ ۾
هو آهي هڪ نج نبار بهارُ
جنهن مان سڀ اُڃيارا روح پيئندا آهن
هو آهي وڻُ،
جنهن کي حسن جي ندي پاڻي ڏيندي آهي
جيڪو اهو ميوو جهليندو آهي،
جنهن جي تمنا بکايل دل ڪندي آهي.
هو آهي بُلبل،
جيڪا پنهنجن مڌر گيتن سان
اُداس روح کي وندرائيندي آهي
هو آهي اڇيرڙو بادلُ،
جيڪو اُفق وٽان پڌرو ٿيندو آهي-
مٿي چڙهندو ۽ وڌندو آهي،
ايستائين جو گگن جو مُک ڍڪي ڇڏيندو آهي
تنهن پڄاڻا هو زندگيءَ جي کيت ۾، ڦولن مٿان ڇڻي
پوندو آهي
پوءِ روشنيءَ کي موڪل ڏيئي، ڦولن جون مکڙيون
ٽڙائيندو آهي
هو آهي هڪ فرشتو،
الوهي پُستڪ جي پرچار لاءِ ديويءَ جو موڪليلُ
هو آهي هڪ چمڪندڙ ڏيئو،
جنهن کي اونداهه مات ناهي ڏني
۽ جنهن جو انت هوا نه آڻي سگهي آهي
هو محبت جي ”اِسطر“ جي تيل سان ڀريل آهي
۽ هن ۾ اپالو جي موسيقيءَ جي روشني آهي
هو آهي هڪ وياڪل وجود،
سادگيءَ ۽ همدرديءَ ۾ ويڙهيلُ
جيڪو پنهنجي اُتساهه ماڻڻ لاءِ
فطرت جي هنجه ۾ ويهندو آهي
رات جي سانت ۾ ترسندو آهي
۽ ڪنهن روح جي لهڻ جو منتظر هوندو آهي
هو آهي پوکيندڙُ،
جيڪو محبت جي ماٿرين ۾ پنهنجيءَ دل جا ٻج ڇٽيندو
آهي
۽ تنهن جي اُپت انسانذات لڻندي آهي
هيءُ آهي شاعرُ،
جنهن کي ماڻهو زندگيءَ ۾ نظرانداز ڪندا آهن
۽ هُن کي مڃتا تڏهن ملندي آهي،
جڏهن هو مٽيءَ جي ماڳ کان موڪلائي،
آسماني گهر ۾ وڃي آباد ٿيندو آهي
هيءُ آهي شاعرُ،
جيڪو انسانذات کان هڪ مرڪ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نه گهرندو آهي
هيءُ آهي شاعرُ،
جنهن جو روح اُڏامندو آهي
۽ پنهنجن سندر ٻولن سان اُڀ ڀري ڇڏيندو آهي
تڏهن به دنيا وارا سندس تاب کان انڪار ڪندا آهن
ڪيستائين ڀلا ماڻهو ننڊ ستل هوندا؟
ڪيستائين ڀلا اُهي اهڙن جي عظمتن جا ڳُڻ ڳائيندا
جيڪي وقت جو فائدو وٺي عظيم بڻجي وڃن ٿا؟
ڪيستائين ڀلا اُهي نظرانداز ڪندا اُنهن کي، جيڪي
سندن روح کي ان لائق بڻائين ٿا ته اهي حسن،
امن جي اهڃاڻ ۽ محبت کي ڏسي سگهن
ڪيستائين ڀلا ماڻهو مئلن کي مان ڏيندا
۽ جيئرن کي وساريندا،
جيڪي پنهنجيون زندگيون بدحاليءَ ۾ گذارين ٿا
جيڪي گمراهن لاءِ ٻرندڙ ڏيئن وانگي راهه روشن ڪن
ٿا
۽ انهن کي روشنيءَ جي دڳ لائين ٿا
اي شاعر! تون زندگيءَ جي زندگي آهين
تون ايامن تي، سختين هوندي به، فتح ماڻي آهي
اي شاعر! هڪ ڏينهن تون دلين تي حڪومت ڪندين
۽ تنهنڪري تنهنجيءَ بادشاهيءَ کي ڪوبه زوال ناهي
اي شاعر! پنهنجي ڪنڊن واري تاج کي جاچي ڏس
تون ان ۾ فتح جي گلن جا هار لڪل ڏسندين.
آشا ابڙو
غزل
ڪنهن پل ڊھي پوان ٿي، ڪنهن پل وري بڻان ٿي،
تو مان ڦٽي ٽڙان ٿي، تو مان ئي پو ڇڻان ٿي.
هڪ واعدو ته پنهنجو انجام تي پڳو آ،
ٻئي واعدي جو وڻ مان دل جي اڱڻِ هڻان ٿي.
هڪ رات خواب ۾ هُن وارن کي هو سنواريو،
آئينو آ اڳيان ۽ مان پاڻ کي وڻان ٿي.
تو ساڻ ست جنم جو مان نينهن ٿي نڀايان،
سڪ ٿي ٻڌان سڳيءَ ۾ الزام سڀ کڻان ٿي.
غزل
جهونو سَرنهن جو وڻ آ، هڪ ياد آ پُراڻي،
پيرن ۾ هڪڙو رڻ آ، ھڪ ياد آ پُراڻي.
اوسيئڙو اکين ۾ ٻاري صدين کان ويٺل،
اوطاق جو اڱڻ آ، هڪ ياد آ پُراڻي.
هرڻي شڪار ۾ ٿي ماري وڃي ٺڳيءَ سان،
حيران ٿيو هرڻ آ، هڪ ياد آ پُراڻي.
پاتل آ پيار وانگي هڪ پل به مون نه لاٿو،
تنهنجو ڏنل ڪنگڻ آ، هڪ ياد آ پُراڻي.
تنھنجي نِگاھَ جو هي سارو ڪمال آ جو،
”آشا“
جو ارپجڻ آ، ھڪ
ياد آ پُراڻي.
غزل
هيءَ رات
آ مسافر هڪ رات جا مسافر،
اچڻو هو توکي آخر هڪ رات جا مسافر.
نيڻن ۾ پئه تون ترسي مان نيڻ ٻوٽيان ٿي،
ڪنهن کان نه ٿي پو ظاهر هڪ رات جا مسافر.
تون مان ملياسين ايئن مصور جي مصوري جيئن،
جيئن چيلهه تي آ گاگهر هڪ رات جا مسافر.
تون راز آن، مخاطب توسان پئي ٿيان ٿي،
توکي لکان ٿي شاعر هڪ رات جا مسافر.
محبت ۾ فاصلا ڀي جيون ڇڏن ٿا ڳاري،
پاڻيءَ ۾ جيئن
ڪاڳر هڪ
رات
جا
مسافر.
غزل
اکين جي شهر جي گهٽي گهٽي رُلي ٿو خواب ڪو
،
الائي آءُ ٿي ڀُلان الئه ڀُلي ٿو خواب ڪو.
سمندرن جي ڀاڳ ۾ رهيا اهي نه پير هن،
اسان جي ديد جو اُتي اڃا ڇُلي ٿو خواب ڪو.
جڏهن ٿي آسمان ۾ ڪا انڊلٺ کِڙي پوي،
۽ آءُ ٿي حسين ٿيان اڳيان کُلي ٿو خواب ڪو.
سڄي سڄي حيات جي سنڀاريان ٿي ساٿ کي،
هوا جي جهوٽي جهوٽي سان پيو گهلي ٿو خواب ڪو.
سلهاڙجي وئي ساھه سان تنوار هڪڙي تات جي،
پرينءَ سان پينگهه تي ڪٺي سدا،
جهُلي ٿو خواب ڪو.
ثريا ياسمين
چونڊ ڪهاڻي
جي توڙ نباهي ڄاڻن!
ڊاڪٽر جي وڃڻ بعد نرس نهايت خبرداريءَ سان مريضه
جي پيشانيءَ تان پگهر اگهيو. ٽن ڏينهن جي بيهوشيءَ
بعد کيس ڪالهه هوش آيو هو. هوءَ ننڊ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري
رهي هئي، پر ڏاڍو هوريان. نرس ڪنڌ جهڪائي غور سان
ٻڌڻ جي ڪوشس ڪئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو سواءِ
هنن لفطن جي، ”هيءَ اونده..... مان اڪيلي!.... مان
اچان ٿي.... مان اچان ٿي.“ نرس آهستگيءَ سان سندس
ڪمبل ٺيڪ ڪيو. هن اکيون کوليون. نرس جي منهن تي
اطمينان ۽ خوشي جي جهلڪ پيدا ٿي. مريضه حيرانيءَ
مان پهريون دفعو نرس کي ڏٺو ۽ پوءِ چوڌاري نظر
ڦيرائي.
”ڏس تون ڪجهه ٺيڪ آهين، هي دوا پي ڇڏ!“ نرس هڪ
ننڍڙو گلاس سندس چپن وٽ آڻيندي، نرميءَ سان چيو.
”دوا! نه، مون کي ان جي ضرورت نه آهي“ ائين چئي هن
ڪنڌ ڦيري ڇڏيو.
”پر مون کي خبر آهي ته توکي ان جي ضرورت آهي! ائين
ضد نه ڪر. جلدي پي وٺ. اجهو ڊاڪٽر وري ٿو اچي“
ڊاڪٽر نغمھ کي چڱيءَ طرح هوش ۾ ڏسي، پنهنجي ڪامياب
ڪوشش تي مرُڪيو.
”تون هاڻي گهڻو بهتر آهين نغمھ!“ ڊاڪٽر بي تڪلفيءَ
سان چيو. نغمھ کي عجب لڳو ته کيس، سندس نالي جي
خبر ڪيئن پئي! سندس دل ۾ آيو ته هو چئي ڏي ته مان
جيئڻ نٿي چاهيان.
ڊاڪٽر نرس کي اشارو ڪيو. هوءَ ٻاهر هلي ويئي.
ڊاڪٽر ڪرسي کي ريڙهي پلنگ جي وڌيڪ ويجهو ٿيو. نغمھ
جي نبض ڏسندي، هن مرڪندي چيو، ”نغمھ! پر تو ائين
ڪيو ڇو؟“
گهڙي پلڪ لاءِ نغمھ منجهي پئي، پر پوءِ چيائين،
”توهان ائين ٿا سمجهو ڇا؟ ته مان پاڻ ڪيو آهي! اهو
ته هڪ حادثو ٿي ويو.“
”مون کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر! تنهنجو نالو
نغمھ آهي! تون ڪيپٽن خالد جي بيگم ۽ سندس ننڍڙي پٽ
جي ماءُ آهين. مارٽن روڊ تي ”خالد ولا“ اوهان جو
آهي نه؟“
”ڊاڪٽر! پر.... ....!“
”ٻڌ ته سهي! مون کي اڌ ۾ نه روڪ! توکي چوٿون ڏينهن
اها خبر ملي ته ڪيپٽن خالد جي جهاز کي سخت حادثو
پيش آيو آهي. اها تار توکي منجهند جو ملي ۽ شام جو
تو پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪيو. منهنجي ڳالهه ۾ ڪابه
غلط ڳالهه آهي ڇا؟“
”ڊاڪٽر!“ نغمھ سڏڪن ۾ اچي پيئي.
”هان! اهو وري ڇا آهي؟ تون ته تمام بزدل ٿي ڏسڻ ۾
اچين! وري ڀلا ڇو ٿي روئين؟ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي! تون
ڪجهه ڌيرج ڌر!“ ڊاڪٽر، نغمھ کي تسلي ڏني.
”ڊاڪٽر!“ هن ڀنل اکين سان ڊاڪٽر کي ڏسندي چيو،
”منهنجي ڪائنات برباد ٿي چڪي آهي. توهان چئو ٿا ته
سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي! زندگي جي راهه ۾ منهنجو ساٿي
وڇڙي چڪو آهي، توهان چئو ٿا ته ڌيرج ڌر! اهو مان
مڃان ٿي ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، سو مان پاڻ ڪيو
آهي. مان هن ويران زندگيءَ جي مقابلي ۾ موت کي
وڌيڪ بهتر ٿي سمجهان. اُف! مون ۽ خالد گڏجي مستقبل
لاءِ ڪهڙيون اميدون ڪيون هيون. شادي کان پوءِ اسان
ڪيئن نه زندگيءَ جي ميلي ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي هميشه گڏ
رهڻ جو پڪو انجام ڪيو هو ۽ هاڻي جڏهن خالد هٿ
ڇڏائي الڳ ٿي ويو ته مان وڌيڪ جيئڻ نٿي چاهيان.
ڊاڪٽر! خدا جي واسطي مون کي مرڻ ڏي.“ هوءَ روئڻ ۾
اچي ڇٽڪي.
”نغمھ!“ ڊاڪٽر سنجيدگيءَ سان چيو، ”تون ته ٻارن
وارا ڪم ٿي ڪرين! ايترن ڏينهن بعد اڄ ته تنهنجي
حالت بهتر ٿي آهي! آخر هن نادانيءَ جي حرڪت ۾ ڪهڙو
فائدو؟ توکان پوءِ تنهنجي معصوم ٻار جو ڪهڙو حال
ٿئي ها؟ مون کي ته تعجت آهي ته پاشا جي هوندي تون
خودڪشي تي ڪيئن آماده ٿي هئينءَ؟ جنوري جي سخت
سرديءَ ۾ نديءَ ۾ ٽپو ڏئي، تو ننڍڙي پاشا جي حق
تلفي ڪئي آهي ۽ ويتر پاڻ کي نمونيا ۾ مبتلا ڪري
ڇڏيو اٿئي.“
”پر! ڊاڪٽر مان ٿي چوان ته مان زنده رهڻ نٿي
چاهيان. خالد کان سواءِ مان زندگيءَ جو تصور به
نٿي ڪري سگهان؟ ان گهر ۾ جنهن جي درو ديوار ۾ خالد
جو آواز ۽ سندس پاڇو جذب ٿيل آهي، مان ڪيئن وڃان؟
ان گهر کي ٺهي ڇهه مهينا به نه ٿيا آهن، مان ۽
خالد پنهنجي پسند تي اهو گهر ۽ باغ ٺهرايو هو.
خالد پنهنجن هٿن سان پينگهه وڌي هئي. هو روز شام
جو پاشا کي پينگهه ۾ ويهاري، هلڪا هلڪا لوڏا ڏيندو
هو. پاشا جا مٺڙا ٽهڪ ٻڌي، هو ڪيئن نه خوشيءَ کان
بي خود ٿي ويندو هو. خالد هڪ ڊگهي موڪل تي گهر آيل
هو. کيس وئي هڪ هفتو به نه ٿيو هو ته اها
خبر....!“ نغمھ جي اکين جا ڪٽورا وري ڇلڪي پيا.
”ڊاڪٽر! پاشا يتيم ٿي ويو! اها پينگهه....! اهو
باغ! اهو سڄو ماحول.... سڀ يتيم ۽ اڪيلا ٿي ويا ۽
مان....! مان اها اڪيلائي برداشت نه ڪري سگهندس.
مون کي مرڻ ڏي! مون کي ٻيو ڪجهه به نه کپي! ڪجهه
به نه!“
”چڱو هاڻي مون کي ۽ پاڻ کي تنگ نه ڪر! خدا چڱي
ڪندو!“ ائين ڊاڪٽر وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. نغمھ جي
اکين مان مھراڻ جا وهڪرا بس ٿيا، پر ساڳي وقت کيس
طرح طرح جا خيال اچڻ لڳا. هن کي تعجب لڳو ته ڊاڪٽر
هن ۾ ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيو آهي. نرس پلستر هڻي
چڪي ته هن کانئس پڇيو، ”مون کي هتي ڪنهن آندو
نرس؟“
”ڊاڪٽر ئي توهان کي آندو هو، پر خبر ناهي ڪٿان؟
سندس ڪپڙا ڏاڍا ڀڳل هئا. ان ڏينهن مون جيترو ڊاڪٽر
کي پريشان ڏٺو، ايترو ڪڏهن ڪونه ڏٺو هئم! هاڻي تون
آرام ڪر! اجايو ويچار نه ڪر!“ نرس جواب ڏنو.
”ڪيئن نغمھ! هاڻي پاڻ کي بهتر ٿي ڀانئين نه؟“ ٻئي
ڏينهن اسپتال جي رائونڊ بعد ڊاڪٽر وٽس آيو.
”پر مان بهتر ٿيڻ نٿي چاهيان!“
”ڏس! وري اهوئي ضد.“
”نه ڊاڪٽر! هڪ هڪ ساهه جيڪو مان کڻان ٿي مون تي
بار آهي! مون کي خالد وٽ وڃڻو ئي آهي! توهان مڃو
يا نه، پر ها! هڪ ڳالهه مان چوان ٿي! توهان جي وڏي
مهرباني جو مون کي همت ڏني آهي! مون کان پوءِ
توهان پاشا کي ڪنهن چڱي بورڊنگ ۾ داخل ڪرائجو.
هاڻي سڄي ملڪيت جو مالڪ اهو آهي! کيس ڪنهن به قسم
جي تڪليف نه ٿئي ۽ نه ئي ماءُ پيءُ جي ڪمي محسوس
ڪري! بس! مان اهوئي ٿي چاهيان!“ نغمھ جو گلو ڀرجي
آيو.
”نغمھ! ڪاش منهنجي سمجهائڻ کانسواءِ تون پاڻ ئي
ڪجهه سمجهين سگهين! تون چاهين ٿي بي قصور پاشا کي
ماءُ جو پيار به نصيب نه ٿئي! دولت ۽ پئسو پيار جو
بدل نه ٿي سگهندو آهي. نغمھ هزارين سک به ماءُ جي
هنجهه جي مقابلي ۾ تڇ آهن. تون چاهين ٿي ته سڄي
زندگي پاشا اڪيلو رهي. پيار جي ڇانوَ کان پري! تون
ائين سمجهه ته ڄڻ خالد تنهنجي آزمائش وٺي رهيو آهي
ته هن کان پوءِ تون هن لاءِ ڪيتري قرباني ڏيئي
سگهين ٿي! توکي خواهش نه هوندي به هاڻي زنده رهڻو
آهي. خالد جي نشانيءَ خاطر! پاشا جي زندگي ۽ روشن
مستقبل خاطر! توکي راهه تي آڻڻ لاءِ مون کي پنهنجي
پچار ڪرڻي ئي پوندي! مان به تو وانگر ئي بدنصيب
آهيان، بلڪه توکان به وڌيڪ.
مون کي شادي ڪئي ٻه سال ٿيا هئا.“ ڊاڪٽر جي آواز ۾
گنڀيرتا اچي ويئي. هو گهڙي پلڪ لاءِ خاموش ٿي ويو.
ڄڻ ماضيءَ جي منهن تان پردو هٽائي رهيو هو.
”ڊاڪٽر صاحب!“ نغمھ حيرت ۽ همدرديءَ سان کيس سڏيو
”ها نغمھ!“ ڊاڪٽر ڄڻ ننڊ ۾ ڳالهائيندي چيو.
”منهنجي پُرمسرت زندگيءَ جو دور مڪمل محرومي ۽
بدنصيبي ۾ ختم ٿي ويو ۽ پاڻ سان گڏ، منهنجي نجمھ ۽
ٻن ڪلاڪن جي معصوم گل کي به ختم ڪندو ويو. تون
خوشنصيب آهين! تنهنجو پاشا ته تو وٽ موجود آهي!
مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي. رڳو يادگيريون ۽ لڙڪ!
پر مان پاڻ کي سنڀالي ورتو! هاڻي تون مون کي ڏسين
ٿي نه ۽ هي اسپتال! هي سڀ مريض منهنجا عزيز ۽ قريب
آهن. سندن خدمت ڪرڻ، منهنجي زندگيءَ جو مقصد آهي!
نغمھ! توکي ڏسي، منهنجا سُتل سور جاڳيا آهن! ان
اتفاقي تعلق سبب ئي مون کي تنهنجي ذات سان ايتري
همدردي ۽ دلچسپي ٿي چڪي آهي!“
نغمھ جي اکين ۾ خلوص جا ڳوڙها تري آيا. ان وقت نرس
پاشا کي هنجهه ۾ کڻي، ڪمري ۾ داخل ٿي.
”پٽ پاشي!“ نغمھ، پاشا کي ڏسي پيار ۽ نرميءَ سان
پڪاريو، ”منهنجو روح! منهنجي زندگي! ڊاڪٽر صاحب!
پاشا گهڻن ڏينهن کان اڪيلو آهي! هاڻي جلدي مون کي
موڪل ڏجو!“ سندس اکين ۾ چمڪ هئي.
ڊاڪٽر کي ان چمڪ ۾ هڪ عزم ۽ ارادو نظر آيو. نرس
مرڪڻ لڳي، پر ڊاڪٽر جي چپن تي هلڪي مرڪ سان گڏ،
اکين ۾ پاڻي تري آيو.
پر ان جي ٽن ڏينهن بعد نغمھ جي حالت اوچتو بگڙجي
ويئي. سندس پاسي ۾ سخت سور اچي پيو. سندس جسم ڄڻ
هڪ باهه جو شعلو هو. ٿرماميٽر جو پارو ڏسي، ڊاڪٽر
جي اکين ۾ نااميدي سبب پاڻي تري آيو. سندس بي چيني
وڌندي ويئي. لاتعداد دوائون، طرح طرح جون
انجيڪشنون هڻي، ڊاڪٽر بي وس ٿي ويو. نغمھ جي ساهه
۾ ڄڻ سندس ساهه اٽڪي پيو. زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾
نغمھ کي ڏسي ڄڻ هو پاڳل ٿي ويو.
لهندڙ سج سان گڏ، نغمھ جي دل به ٻڏڻ شروع ڪيو.
نغمھ جون اکيون بي وسي ۽ بي ڪسي سان ڊاڪٽر تي کتل
هيون. هن جي زبان هميشه لاءِ خاموش ٿي چڪي هئي، پر
سندس خاموش نگاهن ائين پئي پڇيو ته، ”هاڻي ته مان
زندگي کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيان، پوءِ ڇو ائين کسڪي
رهي آهي؟“
سج جو آخري ڪِرڻو اُفق ۾ لڪو ۽ نغمھ جون اکيون
هميشه لاءِ بند ٿي ويون!
ڊاڪٽر جو منهن، هن وقت، هر ڪنهن جذبي کان خالي ٿي
ڏٺو. هو بي مقصد خلا ۾ گهوري رهيو هو. ان وقت نرس
هڪ تار آڻي چيو، ”نغمھ جي نوڪر آندي آهي.“ ڊاڪٽر
ڇِرڪي لفافي کي چاڪ ڪيو: ”ڪيپٽن خالد ملٽري اسپتال
۾ رو بصحت آهي.“
نرس جي وات مان هلڪي چيٽ نڪتي! ڊاڪٽر نغمھ جي پلنگ
تي مٿو رکي، اچي سڏڪن ۾ پيو!
نشاءِ ڪنول
ڪنوار
واه! ڪنوار ته ڏاڍي سھڻي آھي. نه مائي گهوٽ وڌيڪ
سُھڻو آھي، جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. ڪنهن
ڪنوار کي ٿي سھڻي هجڻ جو لقب ڏنو ته ڪنهن گهوٽ کي،
ڪنهن ٿي چيو ته وليءَ ڪنوار ڏاڍي سھڻي آندي آھي.
مائي شاديءَ ۾ دير ڪيائين. پر اصل سڄي شھر جو نڪ
هٿ ڪيو اٿائين، ته ڪنهن صوفيه کي چنڊ کان به وڌيڪ
حسين پئي ڪوٺيو. هرڪو ڪنوار ۽ گهوٽ کي ساراهي رهيو
هو. هن اسٽيج تي ويٺي، ماين جي ڳالهين مان مزو پئي
ورتو. اڄ ھوءَ ڏاڍي خوش ھئي. غضب جي ٿي سُھڻي لڳي.
سهڻي ته هوءَ ڪجهه سرس هئي، ويتر وليءَ سان شادي
ٿيڻ جي خوشيءَ، صوفيه جي چهري جي رونق ۾ پئي
واڌارو ڪيو. ڀلا خوش به ڇونه هجي! جنهن کي چاهيو
هئائين، تنهن کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيائين.
پاڻ کي تمام گهڻو خوش نصيب ٿي سمجهائين.
وليءَ سان سندس ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنس ۾ ٿي
هئي. سلام دعا کان دوستي ۽ محبوبا کان وني ٿيڻ ۾
کيس پنجن سالن جو وقت لڳو هو. اڄ هن جي زندگيءَ جو
سڀ کان حسين ڏينهن هو. شھر جي سڀ کان وڏي ۽ مهانگي
شادي هال ۾ سندن شاديءَ جي تقريب رکيل هئي. نڪاح
ٿي چڪو هو ۽ هاڻي باقي رسمون پئي ٿيون. ھوءَ ڪنوار
جي لباس ۾ سچ ته اپسرا پئي لڳي. ڪڏهن ولي ڏانهن
ڏسي پئي ٺري ته ڪڏھن گهوٽيتن پاران ڏنل ڳاڙھي جوڙي
تي رشڪ پئي ڪيائين. وليءَ مان ته سندس سڪ ئي نٿي
لٿي. هنَ پاڻ کي ڪنهن ٻئي جهان ۾ پئي محسوس ڪيو.
آخر سڀ رسمون پوريون ٿيون ۽ رخصتي ٿيڻ لڳي هوءَ
وليءَ سان گڏ، پنهنجي گهر ۾ داخل ٿي. وليءَ جي گهر
جي هر شيءِ کيس پنهنجي ٿي لڳي. اکين ۾ انيڪ خواب
هئس، نئين زندگيءَ جا. ائين پئي ڀانيائين، ڄڻ جنت
۾ پهتي هجي. ولي جي هٿ ۾ ھٿ ڏيون، هن هوا ۾ ٿي قدم
کنيا. جنهن ڪمري ۾ کيس ويهاريائون، سو ڏاڍي
خوبصورتي ۽ نفاست سان سجايو ويو هو. ويتر تازن
گلابن جي سرهاڻ، سندس ساهن کي معطر ٿي ڪيو. چوڌاري
ڪيمرائن ٿي کيس فوڪس ڪيو. هر ڪنهن ٿي ساڻس فوٽو
ڇڪرايا. نيٺ فوٽن سميت، مڙئي رسمون پوريون ٿيون.
آخرڪار اها گهڙي به اچي وئي، جنهن جو انتظار هئس.
ولي ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته هن گهونگهٽ هيٺ ڪيو.وليءَ
کيس هڪ نظر ڏٺو ۽ اچي سندس ڀر ۾ ويٺو، ته هن ڄڻُ
پنهنجو ساهه بيهندي محسوس ڪيو. هن هڪ لمحي لاءِ
سوچيو ته اڄ ھوءَ موڙي جي رسم ۾ کانئس جيڪو
گهرندي، سو ولي کيس ڏيندو ۽ سندس دامن هميشه خوشين
سان ڀري ڇڏيندو، پر ان کان پهرين جو ولي، سندس
گهونگهٽ کڻي ۽ ھوءَ کانئس ڪجهه گهري، ولي هن سان
مخاطب ٿيو.
”ڏس صوفيه! هاڻ پنهنجو نڪاح ٿي ويو آھي. خير
خوبيءَ سان سڀ رسمون به ٿي ويون. مووي به ڀرجي
وئي، فوٽو به ڇڪجي ويا، هاڻي مهرباني ڪري، اهي ڳهه
ڳٺا لاهه ۽ وڃ وڃي هي ڪنوار وارو وڳو به تبديل ڪري
اچ. “
وليءَ جي لفظن ڄڻ کيس ڪنهن خواب مان ڇرڪ ڀري
جاڳائي وڌو هو. هن ڳوڙھن کي پنهنجين اکين ۾ ايندي
محسوس ڪيو. وليءَ ته پورو کيس ڏٺو به ڪونه. وليءَ
جا لفظ کيس تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيا هئا. ولي هو،
جو مسلسل ڳالهيندو ٿي ويو.
”مون کي صفائي پسند آ. گهر اچان ته گهر صاف سٿرو
هجي، امان ئي منهنجو سڀ ڪجهه آھي. هن جي هر ضرورت
جو خيال توکي ئي رکڻو آ.“
انهن سڀني ڳالهين ۽ نصيحتن ۾ ڪٿي به ڪنوار ۽ ڪنوار
جي ضرورتن جي خيال رکڻ جو ذڪر نه هو. ولي جي آخري
جملي، صوفيه جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين ڪڍي ڇڏي هئي.
هنپاڻ کي رُڃَ ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪيو.
صوفيه! ياد رکي ڇڏ ته مون کي پنهنجي ماءُ ۽ ٻيا
سمورا مٽ مائٽ بيحد عزيز آھن. انهن جي معاملي ۾
آءٌ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. ڇاڪاڻ جو آءٌ
سمجهان ٿو ته رَت جو رشتو ڪنهن ٻئي رشتي جو محتاج
ناهي هوندو. جڏھن ته نڪاح فقط ٽن لفظن جو محتاج
هوندو آھي. طلاق طلاق طلاق ۽ سڀ ڪجهه ختم…! |