سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

 

 

سوچ ويچار 

خود احتسابي

 

زندگيءَ جي تجربي ۽ مشاهدي مان محسوس ٿيو آهي ته، هر انسان پنهنجو پاڻ کي بهتر کان بهتر سمجهي ٿو. هر سماجي نقصان ۾ هر ٻئي ماڻهوءَ جو هٿ آهي، اڄڪلهه هر ماڻهوءَ جي اها سوچ آهي. فرض ڪيو جيڪڏهن اسين سڀ اهڙا ڀلا آهيون ته پوءِ اها ڀلائيءَ سماج ۾ نظر ڇو نه ٿي اچي؟ جيڪڏهن سڀ احساس وارا، سچار، وفادار ۽ ايماندار آهيون ته پوءِ ملڪ ۽ سماج جا راڱا ڪنهن ڪيا؟ اسين پنهنجي ذات کان گهر پاڙي راڄ ۽ سماج تائين، پاڻ کي آجو قرار ڏيون ٿا، پر اسان کي هر ذميواريءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پوندو! باقي رڳو هٿ ملي افسوس ڪرڻ، ٻين کي الزام ڏيڻ يا ٻين کي ڏوهي قرار ڏيڻ سان انسان پاڻ بي ڏوهي ڪونه ٿي سگهندو!

مون کي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي، بلڪ کِل ايندي آهي ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن پليٽ فارم تي پنهنجي اندر کي اظهاريندي، فقط ٻين تي هر ڳالهه هڻندا آهن، جيئن هڪ مفڪر چيو ته: ”هر ماڻهو سمجهندو آهي ته جهنم ۾ ٻيا ويندا، آئون پاڻ ته بهشت جو حقدار آهيان.“ اهڙي نموني ماڻهو پنهنجي نجي حياتيءَ جي ناڪامين جو ڪارڻ به ٻين کي سمجهندو آهي، مثال مون ۾ ته سڀ گُڻ هئا، دنيا جو اخلاق مون تي دنگ آهي، پر ماڻهن مون کي ڪيرائي ڇڏيو..... يا آئون ته خوشگوار زندگيءَ جو حقدار هئس، پر ماڻهن جيون زهر بڻائي ڇڏيو.

پهرين ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻو پوندو، پاڻ کي پرکڻو پوندو، پنهنجي مقصد ۽ منزل جو تعين ڪري، پنهنجي عمل يعني ڪوشش ۽ جدوجهد تي نظر رکڻي پوندي. اهو پڻ سمجهڻ گهرجي ته زميني حقيقتن کي سمجهي، پنهنجي جيون کي ڌرتيءَ تي رهڻ لائق بڻائجي، پنهنجي عيبن، پنهنجي ڪوتاهين ۽ پنهنجي ڏوهن کان ڌڪجي اندر اجارجي ته سڀ ڪجهه سٺو ٿي ويندو.

انسان کي هڪ ئي حياتي ملي ٿي، جيڪا پڻ بي ڀروسي جهڙي شيءِ آهي، ان کي پُرسڪون ۽ سڀاويڪ بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري جاکوڙجي. هڪ جيون سڦل ٿيڻ سان، سماج جو هڪ ايڪو سڦل ٿيندو. ائين هرڪو جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي جيون کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اها بهتري سماج تي سٺا اثر وجهندي. حقيقت ۾ گهڻا ڏک، رنج ۽ درد هر انسان جي پنهنجي اندر جي پيداوار هوندا آهن. سٺي ۽ معياري زندگي گذارڻ، هر انسان جو حق آهي، ان لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪجي. پر فرض نڀائڻ جي اهميت کي پڻ سمجهڻ گهرجي. جيئن ننڍڙو مثال ته هر ماڻهو چاهيندو آهي ته مون کي ٻيا ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسن. سوال اهو آهي ته اسان کي پهرين پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي ته اسان ماڻهن کي ڪيتري عزت ڏني، ڪيتري اهميت ڏني. هڪڙو هوندو آهي لفظن جو رابطو ۽ ٻيو هوندو آهي احساسن جو رابطو- ڇا اسان پنهنجي محسوسات ۾ ٻين ماڻهن کي عزت ۽ آبرو ڏني؟ يا انهن جي غير موجودگيءَ ۾ اسان کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو؟ بلڪ ڏٺو وڃي ته سڀ ان تلاش ۾ هوندا آهيون ته ٻئي جي عيب جوئي ڪيئن ڪجي! ڪنهن ۾ ڪا ڪمي پيشي آهي ته ان کي ڪيئن لوئجي! ٻئي ماڻهوءَ جي عزت ۽ شهرت تي حملو ڪيئن ڪجي! اهي ڳالهيون اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ شامل آهن. پر اڃا وقت ڪونه ويو آهي. پنهنجي نفس جي اصلاح ڪندي، پنهنجو ڪردار ادا ڪجي! قدرت جي قانون موجب، ڪائنات جي مظهرن تي سوچڻ گهرجي. رب پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي! رب پاڪ جي فرمايل حڪمن جي پيروي ڪرڻ سان هوند ٻئي جهان موچارا ٿيندا.

ماهوار رسالو سرتيون آگسٽ 2024ع اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي سهڪار  سبب، هي رسالو گذريل 35 سالن کان باقاعده شايع ٿي رهيو آهي، اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جو آجيان ڪئي ويندي.

اها سنڌ واسين جي خوشقسمتي آهي جو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ هڪ سنڌ پرست ۽ آدرشي انسان آهن. پاڻ اداري کي جيڏو خوبصورت بڻايو اٿن، ان کان وڌيڪ توجهه علمي ادبي سرگرمين تي ڏنو اٿن ته وري تمام شاندار ۽ شاهڪار ڪتاب ڇاپي، اداري جي ناماچاري ڪرائي اٿن، اسان سندن سرپرستيءَ تي فخر محسوس ڪريون ٿا.

گلبدن جاويد

 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

 

 

 

تان مڃ مُحمّد ڪارِڻي

 

جڏهن پوريءَ دنيا تي، جهالت، مايوسي ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ انسان حرص، هٻڇ، لالچ، دشمني ۽ بي حسيءَ جي ڪُن ۾ ڪريل هو، تڏهن ڌڻيءَ سڳوري کي مٿس گهڻي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ جن کي شمس الضحيٰ، بدرالدّجيٰ، صدرالعليٰ، نورالهديٰ، جهڙين ۽ ٻين انيڪ خوبين سان معمور ڪري موڪليو. غير مهذب ۽ ڪريل اخلاقي قوتن جي خاتمي لاءِ رحمت اللعالمين جن اخلاق جا علمبردار ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ، ڪائنات جي خالق نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي. عاشقاڻي رسول جي عقيدي مطابق، اهو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه به ڪونهي، فقط خدا جو نور ”نُورٌ مِنّ نُورِاللهِ“ نبي نورِ مجسم محمد مصطفيٰ جن آهن. جن جو سوجهرو تارن ڪتين کي تائب ٿو ڪري ته سج ۽ چنڊ سندن جلوي اڳيان جهڪيا آهن. جانب جو جمال، سڀني کان سرس آهي. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي آيا ۽ عرب جي اڻ سڌريل ۽ ضدي قوم کي پنهنجي اعليٰ اخلاقي وصفن سان پنهنجو ڪري ڇڏيائون. اهو احسان ڌڻيءَ سڳوري جو مڃيندي، ڀٽ ڌڻي شڪر گذار آهي. سندن موجب ته، ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن، جنهن ههڙو هادي مهربان، هن دنيا جي تاريڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ عطا ڪيو.

شاهه جي رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي قرآني آيتن ۽ حديثن جي مثالن سان، اهڙا اشارا موجود آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته هُن فرضن، سنتن ۽ واجبن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۽ نفس کي مارڻ سان گڏ، صوفين جون منزلون پڻ ڄاڻايون آهن. ايمان جي قُوت، شريعت ۾ ڪامل ٿيڻ، توبهه کي رسڻ، طريقت ۾ ڪامل ٿيڻ، زهد سان حقيقت حاصل ڪرڻ ۽ عبادتن سان معرفت جي مقام تي پهچڻ. اهي سڀ درجا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن محمد مصطفيٰ جي سنتن جي تابعداري الله پاڪ جي حڪمن سان گڏ ڪبي. ڇو جو پاڻ جيڪي فرمايائون، اهو ته خود ڌڻيءَ سڳوري فرمايو.

ترجمو: ”۽ نڪي پنهنجي نفس جي سڌ (مرضيءَ) مان هو ڳالهائيندو آهي. اها ته فقط هڪ وحي آهي، جا مٿس نازل ڪئي ويئي آهي.“  (سورت النجم 27، رڪوع 1، آيت 3)

هو ته پنهنجي رب کي ايترو ته ويجهو هو جو سندن وچ ۾ ٻن ڪمانين جيترو فاصلو بچيو. ”فڪان قاب قوسين“ اهڙي هاديءَ جي هدايت ئي ڇوٽڪارو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ آخرت، ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد جن کي ڪارڻي ۽ وسيلو ڄاڻي، سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪيو.

وحدَهُ لاشَريڪَ لَھ، جان ٿو چَئين اِيئن،

مَڃُ مُحمدَ ڪارڻي، نِرتَئُون منجهان نينهن،

تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سِرُ ٻين کي.

                (سُر ڪلياڻ، 1-5)

جن محمد مصطفيٰ کي، دل جي گهراين سان مڃيو، انهن سچن لاءِ ڪو سور ڪونهي، دنيا ۾ هر ماڻهو، اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن دنيا جي حياتي وقتي آهي ۽ هڪ ڏينهن مقرر آهي، هر ڪنهن کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي ۽ هن حياتيءَ جو حساب ڪتاب پڻ هڪ مقرر ڏينهن ”يوم الحساب“ تي هر هڪ کي ڏيڻو آهي ۽ اتي شفيع المذنبين ۽ رحمت اللعالمين پنهنجي امت کي بخشائيندو. مومنين تي، الله جو اهو وڏو احسان ۽ ڪرم آهي، جو کين ههڙي هاديءَ جي حمايت حاصل ٿيندي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:

آسَرو آهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو،

جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهچان تان ڪاهي.

موٽُ منهنجا سُپرين، واڳُون وَرائي،

شفاعَتَ شفيعَ جِي، تنهن ۾ ڦيرُ هَڏهِين ناهي،

مِيرُ مُحمّد ڪارڻي اَڙئا ڇڏائي،

اهي ڪَمَ ڪَريم جا لڱا لنگهائي،

لطف ساڻ لَطيف چئي، مُوڙها ملائي.

(سُر بلاول، وائي-2)

اهو به فرمايو اٿن ته: ”ڪاري سا قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي“، سو بيشڪ انهن جي لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي، جن جا ساٿي رسول اڪرم جن آهن.

شاهه لطيف کي پياري نبيءَ سان تمام گهڻي محبت هئي، جنهن جو ذڪر رسالي ۾ جا بجا ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

سڄڻ سونهاري جي سَڄاين کي، ڀَلاين کي، شخصي سونهن کي، اخلاقي حسن کي، بي انت ساراهيندي، واضح ڪيو اٿن ته رب پاڪ مديني جي مير لاءِ مَلَڪَ ۽ ماڻهو خلقي، کين انهن جو مهندار ڪيو آهي، خود قرآن پاڪ ۾ ڪيترن هنڌن تي رسول پاڪ سان حُب رکڻ کي، الله تعاليٰ جو راضپو ڏسيو ويو آهي ۽ مٿن سلام ۽ درود پڙهڻ کي، افضل ترين عمل ڄاڻائيندي، فرمايل آهي، ”بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود ۽ سلام پڙهن ٿا، نبي صلواة سلام تي. اي ايمان وارو توهين مٿن درود ۽ سلام موڪليو“.

پياري نَبيءَ سان محبت کانسواءِ ايمان مڪمل نٿو ٿئي، جيڪي الله تعاليٰ سان محبت ڪن ٿا، انهن تي فرض آهي ته محمّد جن جي سنت تي هلن، سندن پيروي ڪن ۽ اها تيستائين ٿي نه سگهندي، جيستائين کين نبيءَ سان محبت نه هوندي.

محبوب سان محبت جي رڳو دعويٰ ڪافي ناهي، طالب جو انهيءَ لاءِ عملي ذوق هئڻ ضروري آهي. باقي فقط سکڻيءَ سَڌَ ڪرڻ سان محبوب جو مشاهدوملڻ محال آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:

نينهڻ نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،

ڪاريءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون.

محبت کي ئي ڪماليت حاصل آهي ۽ ان جي حاصلات جو ذريعو، صحيح حيلو ۽ وسيلو آهي. شاهه سائينءَ موجب ادبيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قربانيءَ جي وصف سان مالا مال ٿيڻ جي ضرورت آهي، ”فنافي الرسول“ جي سلوڪ جي مرتبي تي پهچڻ لاءِ ڪامل حُبَ ضروري آهي. پياري رسول جن جو ذڪر عبادت جي فضيلت رکي ٿو، جنهن سان نه فقط ڌڻي سڳورو خوش ٿيئي ٿو. بلڪه ايمان جي مڪمليت ٿئي ٿي.

مٿي ڄاڻايو اٿم ته پاڻ ڪريم جن جي ذات بابرڪت ۽ نورئي نور آهي، هدايت جو سرچشمو آهي، انسانيت جا اهي گڻ، جن سان هيءَ دنيا روشن ٿئي، سي فقط ۽ فقط قرآن پاڪ جي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏ، پياري نبيءَ جي سيرت جي مطالعي  سان پرائي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ”شاهه عبدالطيف ڀٽائي مقالا ۽ مضمون“ جي صفحي 337 تي لکيو آهي ته، ”حضرت محمّد جن انسانذات جي وحدت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ سنئين راهه طرف رهنمائي ڪئي، جيڪي مُوحِد انهيءَ سنئين راهه تي هليا، سي وڌيڪ سڌا سَوِلا منزل مقصود تي پهتا ۽  اَوَ تڙ ڪنهن نه اوليا“.

شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پياري نبيءَ جي اعليٰ وصفن کي عقيدت ۽ احترام سان بيان ڪيو آهي.

سَهسِين سِجَن اُڀري، چوراسي چَنڊَن،

با الله ري پِريِن، سَڀ اونداهي ڀانئيان.

(سُر کنڀات، 1-12)

هُو پياري نبيءَ کي پنهنجي اُمت جي لاءِ واهر ۽ وسيلو ڄاڻائي ٿو. کيس چڱيءَ پر خبر آهي ته اُمتين کي شفيع المذنبين مددگار ٿيندو. مديني جي مير جو ئي اسان عاصين کي آسرو رکڻو آهي، ٻي ڪا ڪنڌي سارڻي ناهي، هي اهو دَرُ آهي، جتان ڪو سوالي خالي نه موٽيو آهي. جيڪي به اندر جون اميدون، آسون ۽ ارمان به آهن ته به هن دَرَ جي اميدوار جا سڏڙا سِگها ٿا ٻڌجن. شرط آهي، دِلي عقيدت محبت قائم رکڻ لاءِ سچو سائل ٿيڻ.

مديني جا ڄامَ، سُڻ منهنجا سَڏِڙا،

آهيان تنهنجي سامَ، سگهو رسج، سِيرَ ۾،

(سُر ڏهر، 2-6)

شاهه سائينءَ موجب ته، ”مير محمد ڪارڻي هوت حبيب اڙين کي ڇُوٽائي، موڙهن کي مِلائي، لنگها لنگهائي، سڀ سندس وَسِ آهي، پڪو يقين ۽ سيد مُرسل جي سچي سِڪ گهرجي، مديني واري مالڪ جي مهر سان حضور قلب جو رشتو زيارت جي ذوق ۽ دِلي شوق سان درود پاڪ جي ذڪر سان ڳنڍڻو آهي،

وَنءُ مَديني مڱِڻا! اَکيون پير ڪَري،

جِتي ماڻڪي محمد ميرجي، جَهر ڪيو جوتَ ڪري،

پَسيو جوتَ جمال جي، جِتِ ُ اُمَتين نيڻ ٺري،

ڀريتئون پيرَ ڀري، ڪِجِ زيارت ذوق سين.

(سُر ڏهر، 2-7)

هتي هِن دنيا ۾ ڪو به نه رهندو، جن کي بلند بادشاهيون هيون، سي به ماڳ موچارا ڇڏي، خدا جي حڪم سان، موت جو ذائقو چکي، روانا ٿيا. هاڻي ته فقط هاديءَ هدايت واري جو هٿ شال نصيب ٿئي، اها تمنا ڪندي، ڀٽ ڌڻي چوي ٿي ٿو ته.

ڍَڪَ ڍَڪيندو، مُون نَه ڇڏيندو،

شفيع شافعُ سُپرين،

انڌا اونڌا اَکُڙيا، سَڀَ نِباهِي نيندو،

شفيعُ، شافِعُ سُپرين.

اُتي عَبداللطيفُ جو، هادِي هَٿُ جَهلِيندو،

شفيع شافِعُ سُپرين.

             (سُر بلاول)

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

 

 

 

 

 

 

 

البرٽ وون هالر (Albrecht von Haller)

ناميارو فزيالوجسٽ

 

البرٽ وون هالر ارڙهين صديءَ (18th Century)  جو سويڊش ميڊيڪل سائنسدان هو. ساڳئي وقت ماهرِ علم بدن (فزيالوجسٽ) يعني ”فطرت“ ۽ انساني جسم جو ڄاڻيندڙ هڪ بي انتها ذهين، هوشيار (Naturalist) ۽ جسماني عضون جي جوڙجڪ يعني  (Anatomist) عضون جي ڪارڪردگيءَ متعلق ڄاڻ رکندڙ سائنسدان هو. هو هڪ نهايت اعلى درجي جو فزيالوجسٽ (Physiologist) هئڻ سان گڏوگڏ، هڪ بهترين شاعر (Poet) پڻ هو. هالر کي اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته هو هڪ جديد فزيالوجي جو ابو (Modern Physiologist) پڻ سڏيو ويندو آهي. اهو عظيم سائنٽسٽ (Scientist) 16 آڪٽوبر تي سال 1708ع ۾ برن (Bern) شهر، سوئزرلينڊ ۾ ڄائو. هالر سائنسي ميدان ۾ نهايت گران قدر، ڪارناما سرانجام ڏنا.

خاص طور تي عام زندگي گذاريندڙ هڪ انسان، جسماني ڪم ڪار ڪيئن ٿو ڪري ۽ ان جا ڪهڙا ڪهڙا عضوا، ڪهڙيءَ ريت هڪٻئي سان لاڳاپيل رهن ٿا ۽ گڏجي ڪري ڪم ڪار ۾ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. ان قسم جي علم جي ڄاڻ بهترين طريقي سان سمجهائي، اهو واضح ڪيو ته انسان جي جسم جي جوڙجڪ، جيڪا پيدائشي طور تي ڄمڻ کان اڳ مڪمل ٿي چڪي هوندي آهي، سا عضون جي جوڙجڪ سان گڏجي، ڪهڙي نموني ڄمڻ بعد ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا. خاص طور تي هن سڀ کان پهريون اوليت جي بنياد تي تنتي سرشتي يعني (Nervous System) ۽ ٻئي نمبر تي هڏائين پڃري مٿان چڙهيل ماس يعني (Muscular System) تي ڪم ڪيو.

سڄيءَ دنيا ۾ جتي ٻيا علم ضروري آهن، اتي فزيالوجي جي ڪيڏي نه وڏي اهميت آهي. ٻين علمن جي اڀياس لاءِ اسان کي جيئري جاڳندي انسان يا جانور جي ضرورت نٿي پوي، پر علمي ڪم ڪار لاءِ يعني مشاهداتي عملن لاءِ ضخيم، سائنسي، معلوماتي، ڄاڻ تي مبني ڪتاب، جيڪو ڪجهه حصن (واليومس) تي مشتمل هو، پيش ڪيو. هالر ان کي پيش ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا مقالا لکي پيش ڪيو. جنهن جو عنوان هو،

Knowledge in his multi volume: work

“Elemental Physiologiae corporis humani.” (Elements of Human Phisology.) which become a fundamental text in physiology.

هالر جي ان ڪتاب، اڳتي هلي
”فزيالوجي“ جو بنيادي (عِلم بدن) ڪتاب جو درجو حاصل ڪيو.

سائنسي ميدان ۾ سرگرم عمل رهڻ سان گڏوگڏ، هيءُ هڪ شاعر، اديب ۽ عام زندگيءَ ۾ ڄاڻ رکندڙ دانشور پڻ رهيو هو. هالر سائنس جي اهميت کي اُجاگر ڪندي، هن، تمام بنيادي معلومات فراهم ڪئي. جيڪا نهايت اهم ڄاڻ آهي.

Ground work for the study of muscle cotraction and nerve function.

 

تنهن بعد هن مسلسل جدوجهد وسيلي، جسماني عضون سان جڙيل مشڪون (Body Muscle contraction) ۽ تنتي سرشتي ذريعي (Nerve function) تي مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. آخرڪار هُن هڪ شاهڪار سائنسي مقالو مڪمل ڪري ورتو. هالر پنهنجي بي مثال مشاهداتي، جسماني ساخت جي عضون جي بناوٽ ۽ ڪارڪردگيءَ جي متعلق ڄاڻ کي، سائنسي تناظر ۾ پرکي، عملي ڪم ڪري نتيجا حاصل ڪيا ۽ پوءِ هڪ انسان جي (Practical) ڪرڻ جي لاءِ زنده ساهوارن جي ضرورت پوي ٿي. ان بعد هالر ڪجهه ٻين عضون تي پڻ مشاهدو ڪيو. جيئن خاص طور تي نرم خلين جي ميڙ (Tissues) جي ڪارڪردگيءَ جي نوعيت جي باري ۾ نهايت ضروري معلومات حاصل ڪئي. (Irritability and sensibility of tissues). ان معلومات حاصل ڪرڻ بعد، ان ميدان ۾ وڌيڪ تحقيق جا دروازا کليا ۽ انساني جسم جون مشڪون (Muscles) ۽ تنتي سرشتو (Nervous System) گڏجي ڪري، انساني جسم کي ڪهڙيءَ ريت حرڪت ۾ آڻي سگهن ٿا ۽ ڪيئن عضوا هڪٻئي سان لاڳاپيل ڪم ڪار سرانجام ڏين ٿا. ان بنيادي ڪم ڪار کي سرانجام ڏيندڙ، زماني جو هڪ اهڙو ته علمي ۽ سائنسي معلومات سان گڏ، نمايان اديب، دانشور، ۽ شاعر ٿي دنيا جي آسمان تي ستاري جيان چمڪندو رهيو. سندس اعلى علمي صلاحيتن جي باعث خاص طور تي سائنسي ميدان ۾ هن نهايت بنيادي تحقيق ڪئي ۽ فزيالاجي، جنهن جي عرف عام ۾ معنى آهي، فطري علم. هالر فطرت جو علم، سائنسي ادب ۽ فنون لطيفه، آرٽ ۽ آرٽس جي علمن جو ماهر ڄاڻو هو، جيڪو اُن زماني ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر روشني مهيا ڪندو رهيو.

اهڙن عظيم انسانن کي  جن ”هالر“ وانگر
”بنيادي ڄاڻ“ فراهم ڪئي. سڀني کي واري واري سان ياد ڪرڻ ۽ انهن جي عظيم ڪمن کي نئين نسل اڳيان روشناس ڪرائڻ، اسان جو فرض آهي. انهن ماهر انسانيت انسانن جي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن تي روشني وجهڻ تمام لازمي آهي. جيڪي ”ماڊرن فزيالوجي“ جا ابا سڏجن ٿا.

Pivotal figure in modern physiology. Haller’s extensive research lead the ground work for the field

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org