ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
سلطانه
صديقي ستارن کان اڳتي
ڪي خاص ماڻهو هوندا آهن ۽ سندن ڪم به خاص ئي هوندا
آهن . پنهنجي سماج ۾ نظر ڦيرائي ڏسجي ته جيڪي به
خاص ڪم آهن، سي ڪن خاص ماڻهن ئي ڪيا آهن. ائين به
هوندو آهي جو ڪي خاص ڪم وري ڪن عام ماڻهن کي به
خاص ڪري ڇڏيندا آهن، پر سلطانه صديقي هڪ خاص عورت
آهي ۽ هن جيڪي به ڪم مڪمل ڪيا آهن، سي خاص ئي چئي
سگهجن ٿا. هوءَ هڪ باوقار عورت ته آهي ئي آهي، پر
سندس هڪ حقيقت هڪ فرد هئڻ سان گڏوگڏ، هڪ اداري
واري پڻ بڻجي چڪي آهي. هڪ ڪامياب پروڊيوسر، ذهين
ڊائريڪٽر، بهترين منتظم، ملڪ جي عورتن توڙي مردن
جي رول ماڊل، اڻ ڳڻين خوبين جي مالڪ، هڪ نَوَ لکي
هار ۽ اسان سڀني جي سلطانه آپا، پاڪستان جي ميڊيا
انڊسٽريءَ جي سلطانه ئي ته آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته زندگيءَ ۾ ڪنهن به شعبي جو ڪو
به ڪم ڏکيو ضرور هوندو آهي، پر ان ڏکئي ڪم کي سولو
۽ دلچسپ بڻائڻ جي لاءِ مستقل مزاجي ازحد ضروري
هوندي آهي . ڪامياني رڳو انهن ماڻهن جي قدم بوسيءَ
لاءِ آتي هوندي آهي، جيڪي لاڳيتي جاکوڙ ۽ محنت کي
پنهنجي ۽ محنت کي پنهنجي زندگيءَ کي سلهاڙي رکندا
آهن. اهڙن ئي جنوني ماڻهن جي قطار ۾ سلطانه آپا
سڀني کان اڳيان بيٺل آهي. ائين چوڻ ۾ ڪو عار نه
آهي ته هوءَ ستارن کان به اڳتي آهي. گهڻو اڳتي!
سلطانه صديقيءَ، پي.ٽي.ويءَ جي نرالي ۽ سهڻي دنيا
۾ هڪ ميزبان ۽ اداڪاره جي حيثيت سان پير ڌريا. اها
1974ع جي ڳالهه آهي. پاڻ پي.ٽي.ويءَ جي ميزبانن جي
پهرئين قافلي ۾ ڳڻي ويندي آهي. پاڻ سڀ کان پهرين
عورتن جي پروگرام ”سرتين سٿ“ جي ميزباني ڪيائين،
ان کان پوءِ وري ”سنڌي- اردو بول چال“ ۽ ٻارن جي
مشهور پروگرام ”روشن تارا“ جي ميزبان پڻ رهي. ڪجهه
ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪيائين. انهن ڊرامن ۾ سندس
هيرو پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جو اڳوڻو جنرل مئنيجر
منظور قريشي هوندو هو.
سلطانه آپا پنهنجي آئيندي جي پهرين سِر 1 مارچ
1975ع تي، پي.ٽي.ويءَ ۾ پروڊيوسر جي حيثيت سان
رکي. پي.ٽي.ويءَ سان 26 سال کن سلهاڙيل رهڻ کان
پوءِ، هن پري ميچوئر رٽائرمينٽ ورتي ۽ پنهنجو
پرائيويٽ چئنل قائم ڪري، پاڪستان جي ڊراما
انڊسٽريءَ کي نوان لاڙا ۽ رستا ڏنائين.
پي.ٽي.ويءَ ۾ رهندي، هن گهڻ پاساوان پروگرام پيش
ڪيا، جن ۾ خاص ڪري موسيقيءَ جا پروگرام، ڊراما ۽
ٻارن ۽ عورتن جا پروگرام شامل آهن، انهن پروگرامن
جي فني حيثيت، نواڻ ۽ فڪري عظمت ڪيڏي مٿانهين هئي،
تنهن جو اندازو، انهن ماڻهن کي هوندو، جن، اهي
پروگرام، ان زماني ۾ ڏٺا هوندا.
سلطانه صديقي پي.ٽي.ويءَ تي پنهنجي تخليقي ڪم جي
شروعات، سنڌي پروگرامن سان ڪئي. سندس پهريون
پرگرام ”چندن هار“ هيو. جنهن جي پهرين قسط 27
جنوري 1976ع تي نشر ٿي. خاڪن ۽ ڳالهه ٻول تي ٻڌل
اهو پروگرام هڪ ٽه ماهي هليو ۽ پوءِ وري هن
موسيقيءَ جو پروگرام ”مهراڻ رنگ“ شروع ڪيو، جنهن ۾
شيخ اياز، اُستاد بخاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي،
شمشيرالحيدري، امداد حسيني، بردي سنڌي، علي محمد
مجروح ۽ ٻين ڪيترن ئي هاڪارن شاعرن جا گيت، رڪارڊ
ڪرائي نشر ڪيا ويا. سوالن ۽ انهن جي جوابن تي
آڌاريل پروگرام ”پارس“ لاڳيتو ٽي سال ڪيائين. ان
پروگرام جو اسڪرپٽ ۽ سوال شمشير الحيدري لکندو
هيو. ان کان پوءِ موتين مالها، سنڌ سينگار، روشن
تارا، سوجهرو، ساڻيهه جا سينگار، گيت گُلن جا
وغيره پروگرام سندس ڪريڊٽ تي آهن. ڊرامن ڏانهن
سندس لاڙو فطري هو. تنهنڪري هن ”ناٽڪ سڀا“ سلسلي
هيٺ ڳچ ڊراما پيش ڪيا. سندس پهريون ڊرامو ”لالڻ“
هو. جنهن کي ماهتاب محبوب لکيو هو، جيڪو 30 جولاءِ
1976ع تي سنڌ جي ناظرين ڏٺو. ان کان پوءِ هن
نورالهدى شاهه، علي بابا، طارق ابڙي ۽ آغا رفيق جا
ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا، جن کي بيحد ساراهيو ويو.
لطيف فنن جي هڪ سهڻي ۽ روح پرور شاخ ”موسيقي“ به
آهي. سلطانه صديقي کي موسيقيءَ سان هڪ خاص لڳاءُ
هيو. تنهنڪري هن موسيقيءَ جا ڪيترائي پروگرام پيش
ڪيا، جن ۾ شامل گيت گهٽي گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳا.
مهراڻ رنگ، موتين مالها، سنڌ سينگار، اُمنگ، سُر
سنگم، ايڪ آواز تين انداز، آواز و انداز، آپ ڪي
خدمت مين، سُرسنگيت، بربط، ڌنڪ، لوڪ تماشا، پاپ
ميوزڪ ڪا سفر ۽ جوان سنگيت جهڙن پروگرامن کان علاه
ڪيترائي خاص نغما پڻ شامل آهن.
سلطانه صديقيءَ جا پيش ڪيل موسيقيءَ جا اهي
پروگرام، پنهنجي سموري سونهن سميت، سندس تخليقي
شخصيت جو هڪ سهڻو عڪس پيش ڪن ٿا. انهن مڙني
پروگرامن ۾ شامل ڪيترن ئي گيتن جو پڙاڏو، اڄ به
گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. سلطانه آپا جا پيش ڪيل،
موسيقيءَ جا پروگرام ڏسي، گذريل وقت جون ڪيتريون
ئي دريون ۽ دروازا کُلي پون ٿا. انهن پروگرامن ۾
شامل فنڪارن ۾، محمد جمن، مهدي حسن، عابده پروين،
محمد يوسف، فريده خانم، طفيل نيازي، بلقيس خانم،
مُني بيگم، نازيه حسن، زوهيب حسن، عالمگير، ٽينا
ثاني، علڻ فقير، مائي ڀاڳي، محمد علي شهڪي، عذرا
رياض، نيره نور، مسعود ملڪ، ناهيد نيازي، زرينه
بلوچ، سرمد سنڌي، جنيد جمشيد، سلامت علي خان، حميد
علي خان، بُشرى انصاري، ثمينه ڪنول، بينجمن سسٽرز،
علي عظمت، ڪومل رضوي، نگهت اڪبر، سلمان احمد، گل
بهار بانو، فيروز اختر، علي حيدر، سلمان علوي،
تحسين جاويد، جمال اڪبر، وهاب خان، شهزاد راءِ،
صدف منير، افشان احمد، فيصل ڪپاڊيا، انور بلوچ،
سليم جاويد، نديم جعفري، فاخر، خالد انعم، سجاد
علي، فيصل لطيف، وحيد علي خان، ظفر علي، اسرار
رضا، طاهر علي، بلال مقصود، شهپارا، خالد وحيد ۽
تعمير حسين کان هرڪو واقف آهي. هي، اهي فنڪار آهن،
جن اسان جي پاڪستاني موسيقيءَ جي سفر ۾ هڪ سونهري
دؤر جو واڌارو ڪيو. غلام علي، فيروز گل، فيروز
دين، نثار بزمي، نياز احمد، جاويد الله دتا، ارشد
محمود، عارفين، فيصل صالح، محسن رضا ۽ مجاهد حسين
جهڙن باڪمال موسيقارن، اعلى درجي جون ڌُنون
جوڙيون، جن ۾ لهرون هيون، نغمگي هئي ۽ ترنم جو هڪ
جادو هيو. اهي سڀ ممتاز ۽ منفرد موسيقار، موسيقيءَ
جا روشن ستارا هئا، جن جون ٺاهيل ڌُنون، اڄ به
فضائن ۾ سُر وکيريندي، سندن ياد ڏياريندي، کين وقت
سان گڏ، امر بڻائينديون رهنديون. انهن مڙني قابل
موسيقارن کان سلطانه صديقيءَ اهو ڪم ورتو، جيڪو
اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ ۽ ايندڙ نسلن جي رهنمائي
ڪندو رهندو.
پي.ٽي.ويءَ جا ڊراما فن جي معيار ۽ فن جي ڪمال جي
ڏس ۾ هڪ خاص درجو رکن ٿا. جن ڊرامن کي پي.ٽي.ويءَ
جو هڪ سدا بهار ۽ مهڪندر گلدستو سڏيو ويندو آهي،
تن ۾ بلاشڪ سلطانه صديقي جا ڊراما به ڳڻيا ويندا
آهن. پنهنجي بي پناهه شوق لڳاءَ ۽ محنت ڪري، هن پي
ٽي ويءَ جي ڊرامن جي روايت کي بيحد سگهارو موهيندڙ
بڻائي ڇڏيو. سندس اردو ڊرامن ۾ ذرا سي عورت، ايڪ
ٿي مهرو، سنهرا دؤر، هم ڪون؟، دل دل دا معاملا،
واپسي، پهلا انعام، ناڪيل ۽ تصويرين شامل آهن. هي،
اهي ڊراما آهن، جن ۾ دماغ کي ڌوڏيندڙ ڪهاڻيون شامل
هيون ۽ جن جي نشر ٿيڻ کان پوءِ اسان جي سماج ۾
ٿرٿلو مچي ويندو هو.
نور الهدى شاهه جي لکيل ۽ سلطانه صديقيءَ جي
هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل ڊرامي ”مارئي“ کي جيڪا
شهرت ملي، سا رڳو ڀاڳوند ڊرامن کي ئي ملندي آهي.
17 جنوري 1994ع تي پهريون ڀيرو نشر ٿيندڙ هن
ڊرامي، سنڌ جي روايتي سماج ۾ زندگيءَ جو ساهه وجهي
ڇڏيو. مارئي ڊرامي وسيلي، پي.ٽي.ويءَ جي ڊرامن جو
ڪنڌ مٿي ٿيو. مارئي ڊراما سيريل جي صورت ۾ سلطانه
صديقيءَ، سنڌي سماج کي هڪ نئون دڳُ ٻڌايو. هڪ نئين
واٽ گهڙي ۽ نئون ڏيئو جلايو، سو به هوا جي سامهون.
ان ڊرامي ۾ انقلاب هيو. گٺل پيٺل روايتن کان بغاوت
هئي ۽ عورت جي عظمت ۽ سنڌي معاشري ۾ سندس عزت ۽
حيثيت جي بحالي جي ڳالهه ڪيل هئي. سچ ته اهو آهي
ته ان ڊراما سيريل هڪ ساڃاهه وندر، باشعور، خود
مختيار ۽ روشن خيال سنڌي عورت جي جوڙجڪ جا امڪان
روشن ڪيا. ان ڊرامي وسيلي، سلطانه صديقيءَ، سماج
کي ڇرڪائي ڇڏڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو.
اسان جي آئيندي جا ابا به پي.ٽي.ويءَ جي پروگرام
پاليسيءَ جو مکيه حصو پئي رهيا آهن. سلطانه
صديقيءَ وڏي ڌيان، محنت ۽ مستقل مزاجيءَ سان، ٻارن
جي پروگرامن جي سهڻي روايت کي اڳتي وڌايو ۽ نهايت
سيبتائپ سان، انهن پروگرامن کي خوبصورت گلدستي
وانگر پنهنجي ننڍڙن ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
انهن پروگرامن وسيلي، ٻارڙن ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ جا
ڪيترائي نوان دروازا کُليا هئا. اهي پروگرام ٻارڙن
جو ذهن ٺاهڻ ۽ ذهن بدلائڻ وارا ثابت ٿيا. روشن
تارا، رنگ برنگ، هم سورج چاندستاري، ساري دوست
هماري، نٽ کٽ، بچون ڪا ٿيٽر ۽ اپنا اپنا کيل،
پي.ٽي.ويءَ تان نشر ٿيندڙ ٻارڙن جا، اهي مقبول
پروگرام هئا، جن کي اڄ به ڏسبو ته ماضيءَ ۾ هليو
وڃبو.
رونق ۽ ڪرنين سلطانه صديقيءَ جا پيش ڪيل عورتن
لاءِ پروگرام، پاڪستاني عورتن ۾ سجاڳي جو باعث
بڻيا ۽ کين پنهنجي حقن جي حاصلات جو حوصلو ۽ جذبو
پيدا ڪيو.
ان کان سواءِ ون مين شو، ساٿ ساٿ، ميري بچپن ڪي
دن، هيلٿ فورم وغيره سلطانه آپا جي اهم پروگرامن ۾
ڳڻيا وڃن ٿا.
ميڊيا انڊسٽريءَ اڻ ڳڻين خدمتن جي مڃتاطور سلطانه
صديقيءَ کي حسن ڪارڪردگيءَ جي ايوارڊ ۽ ستاره
امتياز سان به نوازيو ويو آهي.
سلطانه صديقيءَ ”ذرا سي عورت“ بنهه ڪونهي. هوءَ سج
جو پهريون ڪرڻو آهي، جنهن اسان جي اونداهي سماج
کي، روشن ڪيو. سندن ذات روشنيءَ جو هڪ عڪس آهي،
اهڙو عڪس، جنهن مان وري اڻ ڳڻيا عڪس پڌرا ٿيندا
پئي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو ڪڏهن به ڪونه بيهندو.
ڊاڪٽر فريده ڏاهري
سهڻي، مٺي سرتي
زبيده پروين ڏاهري، جيڪا ادبي دنيا ۾ زبي پروين جي
نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، سندس جنم شاهپور شاڪر
ويجھو ڳوٺ عمر آباد، تعلقو شهدادپور، ضلعو سانگھڙ
۾ 20- اپريل1971ع ۾ استاد جان محمد ڏاهري جي گھر ۾
ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري،
مئٽرڪ ۽ انٽر ميڊيٽ، جي تعليم شاهپور چاڪر مان
حاصل ڪيائين. سندس شمار سنڌ جي بهترين شاعرائن ۾
ٿئي ٿو، سندس شاعري ۾ همعصر دؤر ۾ موجود مسئلا چٽا
ملن ٿا، جنهن ۾ گھڻي قدر غريبن، ڏتڙيل ماڻهن خاص
ڪري، عورتن جا ڏک، اهنج، پيڙائون، ڀوڳنائون ظاهر
ظهور ملن ٿيون. سندس شاعري جو مجموعو ”اسان جون
نهارون“ نالي سان ڇپيل آهي، انهيءَ کانسواءِ سندس
کوڙ اڻڇپيل شاعري به موجود آهي. شاهپور چاڪر جي
شاعرن بابت هڪ ڪتاب ”جھڙا چني چٽ“ ۾ به سندس شاعري
ڇپيل آهي.
سندس شاعري متعلق منصور ڏاهري لکي ٿو ته:”زبي مدي
خارج سماج جو روح رهڙيندڙ سٽون سرجي ڄڻ، ته
ماٺاريل تلاءَ ۾ پٿر اڇلايو آهي، ڇو ته هن اک ئي
اهڙي ماحول ۾ کولي هئي، جنهن ۾ ڇوڪري ته ڇا، پر ڪو
ڇوڪرو به پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلو ڪرڻ جو سوچي به
نٿو سگھي. اهڙي ماحول خلاف، سندس ذهن ۾ ننڍپڻ کان
ئي هڪ بغاوت جو ممڻ مچڻ شروع ٿئي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي
سچين ۽ کرين سٽن سان، مدي خارج سماج خلاف جھيڙي
ويهي ٿي، بنيادي طرح هوءَ هڪ ڪهاڻيڪارا آهي، پر
شاعريءَ ۾ به هن اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جو
جيڪو ڪجھه سندس ذهن ۾ اڀري ٿو، هوءَ ان کي نهايت
سادن لفظن ۾ جيئن جو تيئن ڪوري ڪاڳر تي اتاري وٺي
ٿي. هن ڪڏهن به لفظن جي رنگن جو ڀرت ڀرڻ جي ڪوشش
نه ڪئي آهي، تنهنڪري شاعريءَ ۾ به سادگيءَ جي حسن،
سندس سٽن کي لوهه مان پارس بڻائي ڇڏيو آهي.
پاڻ ڪيترن ئي ادبي رسالن مهراڻ، سرتيون ۽ ٻين ادبي
رسالن ۾ ڪهاڻيون، سفرناما ۽ مضمون لکندي رهي آهي.
سندس ڪتاب ”اسان جون نهارون“ جي مهاڳ جي عنوان:
’اڄ جي مارئي ‘ ۾ سندس والده مائي پٺاڻي جان محمد
ٻڌائي ٿي ته: ”زبيده، جنهن کي سڀ پيار مان بيبي
چوندا آهيون، ڄائي هيم ته ان جي ڄمڻ سان، اهائي
تمنا ڄائي هئي ته آءُ پنهنجي ڌيءٌ کي
پڙهائينديس......اڄ مون کي خوشي آهي ته زبيده
منهنجي ان خواب جي ساڀيان جي روپ ۾ آڏو آهي ۽ وڌيڪ
خوشي اها اٿم ته هن پنهنجي علم کي سجايو ڪيو آهي،
پڙهڻ جو ته جنون جي حد تائين شوق رهيو اٿس، پر ان
سان گڏ، هن جو لکڻ به مون کي وڻندو آهي، هوءَ
پنهنجي هر لکڻي، خاص ڪري ڪهاڻيون، مون کي پڙهي
ٻڌائيندي آهي.“
زبي پروين پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن کان گھڻو متاثر
ٿي ۽ جنهن جو کيس تي تمام گھڻو اثر رهيو آهي، اهو
سندس والد صاحب هو. زبي جي بقول ته منهنجو بابا
منهنجي ڪل ڪائنات هو، سندس وڇوڙي مون کي ڀوري ڇڏيو
آهي. پاڻ پنهنجي والد کي هن نظم ۾ ڀيٽا پيش ڪئي
اٿس.
هر پل توکي ساريان بابا!
پل پل پئي پڪاريان بابا!
ڄاڻان ٿي تون اچڻو ناهين،
موٽي ٻيهر ملڻو ناهين،
پوءِ به در ۾ ديد کپائي،
تنهنجي راهه نهاريان بابا
هر پل توکي ساريان بابا!
تو کان سواءِ ڏس تنهنجي نياڻي!
ڪيڏي ٿي وئي آ ويڳاڻي!
تو پڄاڻان پيءُ پرين!
ڪنهن سان سليان درد ڪهاڻي!
جيون جي هن جنگل ۾،
تو بن ڪيئن گذاريان بابا!
هر پل تو کي ساريان بابا!
ڪنهن کي پئي ڪل نه ڪائي،
دردن تنهنجي دل وڌائي،
پنهنجن توکي گھاءَ ڏنا جي،
روز نوان ايذاءَ ڏنا جي،
تن کي ڪيئن وساريان بابا!
هر پل تو کي ساريان بابا!
منهنجا بابل! تنهنجي شفقت،
پٽن کان وڌ ڏنئي اهميت.
ڇپر ڇانوَ هئين تون منهنجي،
هر هر ياد اچي ٿي تنهنجي،
روئي هنجون هاريان بابا!
هر پل تو کي ساريان بابا!
ڌيئرن جو پيار هميشه پيءُ سان وڌيڪ هوندو آهي، زبي
جي هن نظم کي پڙهندي، لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، ڄڻ ته
منهنجي اندر جي ڪيفيت هن نظم ۾ سمايل آهي.
زبي پروين لاءِ شاعر رياض ڏاهري لکي ٿو ته: ”جڏهن
مون کي زبيده جي شاعري متعلق راءِ ڏيڻ لاءِ چيو
ويو ته مون کي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڇا لکان، ڇو
ته زبي جي تخليقن جي آسمان تي ڪهاڻي، مضمون،
افسانا، غزل ۽ ٻين صنفن جي شڪل ۾ جيڪي ستارا چمڪن
ٿا، انهن ۾ سندس نظم، ڪنهن چنڊ وانگر لڳندو آهي،
ڇو ته زبي جي چونڊ ڪيل لفظن ۾ ايترو ته رڌم ۽
روانگي هوندي آهي، جو زبان ازخود لفظ اچاري ويندي
آهي. هن جي تخليق جي احساسن ۽ جذبن کي سمجھڻ، مون
لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه هوندو آهي، ڇو ته اهي خيال
منهنجي ويجھڙائي وٽان هوندا آهن. خاص طور پنهنجي
بابا سائين جي لاءِ لکيل سِٽون، ايتريون ته پر اثر
۽ جذبن کي ڇهندڙ آهن، جو اهي سِٽون پوريون پڙهي نه
سگھندو آهيان،
ڇو ته اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي ۽ ڌنڌ جا بند ٻڌي
ڇڏيندو آهي. منهنجي هڪ خراب عادت چئجي يا ڪمزوري
يا ڪجھه ٻيو ته آءُ ڪنهن جي تعريف، محبت يا نفرت
جو اظهار نه ڪري سگھندو آهيان، انڪري زبي کي به
اها شڪايت هوندي آهي ته آءُ هن جي شاعري چڱيءَ طرح
نه پڙهندو آهيان ۽ نه ڪو راءِ ڏيندو آهيان. ڪڏهن
ڪڏهن جيلسي به ٿيندي آهي، پر آئون اهڙا پختا ۽ پر
اثر لفظ، پنهنجي شاعري ۾ استعمال نه ڪري سگھندو
آهيان، پر اڄ اعتراف ٿو ڪريان ته واقعي زُبي جو
نثر ۽ نظم قابل تعريف آهن.“
زبي هڪ حساس شاعره آهي. سندس لفظ خاص ڪري ڳوٺاڻي
عورت جا ترجمان آهن، ڳوٺاڻي عورت ۽ انهن جي مسئلن،
انهن جي جذبن ۽ احساسن کي، زبي تمام باريڪ بينيءَ
سان ڏٺو آهي ۽ اهي ئي سندس ڪهاڻي ۽ شاعري جون
سورميون آهن. انهيءَ کانسواءِ سندس شاعري ۾ قدرت
جا رنگ پيش ڪيل آهن، ڪٿي ڪٿي قدرت جي فطرت کان
متاثر لڳي ٿي، مثلن: موسمن کان، فصلن کان (ڦٽين،
ڪڻڪ، سرنهن، سارين)، گلن کان، برسات کان، درياهه
کان، سمنڊ کان، رات کان، آڪاش کان، تارن کان، چنڊ
جي چانڊوڪي کان، لهندڙ سج کان، ۽ انسانذات کان،
مطلب ته هر انهيءَ شيءِ کان جيڪا قدرت طرفان پيدا
ڪيل هجي، انهيءَ مانڊاڻ جي خوبصورتيءَ تي سندس هڪ
نظم آهي ته:
رات جو آڪاش تي،
ٿا جھلملائن ستارا!
تن ڪهڪشائن ۾،
ڏور ڏسائن ۾،
ٿا اوهان کي ڳوليون.
چندرما جي چاندنيءَ جي،
چنري پاتل ڪا رهگذر هجي،
يا شام – ويلي بادلن جي اوٽ ۾،
لهندڙ سج جو منظر هجي.
زبي پروين سان منهنجي ملاقات پهريون دفعو ڪڏهن ٿي،
ياد نه آهي، پر ساڻس ويجھڙائي اسڪول ۾ ٿي، جتي
اسين گڏجي، پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا هئاسين.
زبي کان مون ڪافي ڳالهيون سکيون آهن. سماج جا
مسئلا، ريتون رسمون، ماڻهن جا رويا، قد کان وڏيون
منافقيون ۽ گھڻو ڪجھه. هوءَ مون کي چوندي آهي ته
صبر، نرمي، ڌيمو مزاج ئي انهن شين جو علاج آهي.
اسين هن سماج ۾ رهون ٿا، هن سماج جو حصو آهيون،
انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي طاقت اسان ۾ هئڻ گھرجي
۽ منهن ڏيڻ کان پوءِ ان جي اثرن مان نڪرڻ جي به
طاقت هئڻ گھرجي، بهرحال زبيده سان گڏ گذاريل وقت
تمام بهترين هو. هن سان ڪيل سماجي ۽ ادبي ڪچهريون
به وسارڻ جھڙيون نه آهن. سندس شخصيت گھڻ پاسائين
آهي. سندس لاءِ هميشه اها دعا آهي، جتي هجو سکيا
هجو.
محمد رمضان شورو
روبينا ناز گوئندي
پاڪستان جي مشهور شاعره، ليکڪا، ڪالم نگار
روبينه
نازلي گوئندي المعروف بينا گوئندي 3 جولاءِ 1967ع
تي سرگوڌا ۾ ھڪ پڙهيل لکيل خاندان ۾ جنم ورتو، ھن
ابتدائي تعليم ڪانوئيبٽ ھائي اسڪول سرگوڌا مان
ورتي، بي ايس سي لاھور ڪاليج فار وومين مان ۽ علم
نباتات (باٽني) ۾ ماسٽرس پنجاب يونيورسٽيءَ مان
ڪئي.
ھن ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي
هئي ۽
ان سان گڏ،
مضمون
به
لکيا
۽
ڪالم نگاري به ڪئي.
ھن وقت به سندس ڪالم خبرين، مشرق، پاڪستان سميت
مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رھن ٿا، ھن وفاقي حڪومت جي
اداري اردو سائنس بورڊ ۾ پندرهن
سال نوڪري ڪئي، جتي ھن ڪيترائي سائنسي ڪتاب لکيا ۽
ترتيب
ڏنا.
وومين ڪاليج اوڪاڙا ۾ ليڪچرار / پروفيسر رهي،
اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ آمريڪا وئي.
ھن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي،
سندس ڇپيل شاعري جي مجموعن ۾ "سوچتی
آنکھیں"،
"جو تم نے
دیکھا"
۽ "مٹی
کی
پیالی"
شامل آهن، ان کان سواءِ سندس چار سفرناما به ڇپيل
آهن.
سندس ڪجهه غزل هيٺ ڏجن ٿا:
غزل
چاندنی
رات میں
بلاؤں
تجھے
دھڑکنیں
دل کی
میں
سناؤں
تجھے
تیرے
پہلو میں
رکھ
کہ دل اپنا
چاند راتوں
میں
گنگناؤں
تجھے
کچھ کہے
ان کہے
سوال کروں
اور
یوں
پھر سے
آزماؤں
تجھے
اپنی
ہستی
کو بھول سکتی
ہوں
کیسے
ممکن ہے
بھول جاؤں
تجھے
آنسوؤں
کی
تپش میں
جلتی
ہوں
کاش اس میں
کبھی
جلاؤں
تجھے
غزل
تیرا
ہر غم چرا لیا
ہوتا
کاش میرا
پتا لیا
ہوتا
زندگی
دھوپ میں
گزاری
ہے
سائے
میں
ہی
چھپا لیا
ہوتا
کچھ تو کم ہوتے
شب کے
اندھیارے
دل کا دیپک
جلا لیا
ہوتا
یا
سمندر کی
تہ میں
رکھ آتے
یا
بھنور سے
بچا لیا
ہوتا
چل دئے
میرے
مسکرانے
پر
پردۂ
گل ہٹا
لیا
ہوتا
اشک بیناؔ
بکھر ہی
جاتا ہے
تو نے
موتی
بنا لیا
ہوتا
غزل
آکاش پہ بادل چھائے
تھے
آنکھوں
نے
اشک بہائے
تھے
نیا
کو بھنور میں
دیکھا
تھا
جب موسم پیار
کے
آئے
تھے
اک لفظ نہ آیا
ہونٹوں
پر
لمحے
بے
درد تو آئے
تھے
کچھ گیت
سنے
تھے
بچپن میں
کچھ میٹھے
خواب چرائے
تھے
بیناؔ
کے
من میں
دھوپ رہی
آنکھوں
میں
ٹھنڈے
سائے
تھ
|