نشاء ڪنول
ڪنهن پَر رُئان پرينءَ کي؟
زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي. پر ان کان وڌيڪ هي وقت
عجيب آ. ڪيئن ٿو گذري وڃي. خبر ئي نٿي پئي. خوشيءَ
جا لمحا، اک ڇنڀَ ۾ گذريو وڃن ته ڏکن جون گهڙيون
طويل کان طويل ٿيو وڃن، اهي سڀ وقت جون هيرا
ڦيريون آھن، ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل وري ڪيئن.
بهرحال ڏکيو سکيو گذري وڃي ٿو.
آھَه! بختاور جي ماءُ ٿڌو ساھُ ڀريندي، ڌيءَ ڏي
نهاريو. بختاور خاموشيءَ سان، ماءُ جون ڳالهيون
پئي ٻڌيون. ”اُٿ ڌيءَ! هٿ منهن ڌوئي وٺُ ته ماني
کڻي اچان. اجايو پريشان نه ٿيءُ، ڪجھه بندوبست ڪري
ٿا وٺون، فيس ويس به ڀري وٺنداسين. الله مالڪ آھي.
تون الڪو نه ڪر جيسين تنهنجي ماءُ جيئري آھي،
تيسين توکي ڪوسو واءُ نه لڳڻ ڏيندي، شاباس هٿ منهن
ڌوئي اچ.“ بختاور جيڪا ڪاليج کان واپس اچڻ کان
پوءِ يڪي گوڏن ۾ منهن ڏئي، اداس ويٺي هئي، سا ماءُ
جا آٿٿ ڀريا لفظ ٻڌي، هڪدم ھٿ منهن ڌوئي آئي،
تيسين سندس ماءُ ماني گرم ڪري کڻي آئي ۽ اچي ڌيءَ
اڳيان رکيائين. بختاور ماني کاڌي ۽ پوءِ پڙھڻ لاءِ
ويٺي، ماڻس چانھِه جو ڪوپ اچي اڳيان رکيس، بختاور
مرڪي ماءُ ڏانهن نهاريندي، چيو، ”امان تون ڀلا
منهنجو ايڏو خيال ڇو رکندي آھين؟ ”بشيران جي چپن
تي به مرڪ تري آئي. ڌيءُ جي معصوم سوال تي،
کِلندي، وراڻايائين، ”ڀلا اها ڪا ڳالھه ٿي، جي
ماءُ پنهنجي ٻچن جو خيال نه رکندي ته پوءِ ڪيرُ
رکندو. “
بختاور معصوميت مان چيو، ”امان تون ٿڪجي ناهي
پوندين؟ ماني، پاڻي توڙي چانھِه اڳيان اچي رکندي
آھين. گهر جو ٻيو ڪم ڪار به ڪندي آھين. ٽوپي ٽَڳي
جو ڪرين. ٿڪجي ته پوندي هوندينءَ نه امان؟“ بختاور
جي معصوم سوالن تي بشيران کان ٽھڪ نڪري ويو.
هاهاهاهاهاهاها... کلندي کلندي اکين ۾ پاڻي ڀرجي
آيس. لوڻياٺي پاڻيءَ کي اکين ۾ جلهيندي،
وراڻايائين. “ڌيءُ ڪم ڪار ناهي ٿڪائيندو، اولاد جو
ڪم ته صفا ناهي ٿڪائيندو … ٿڪائيندو انسان کي ڏک ۽
ڏوجهرو آھي،زندگيءَ جو اڻانگو سفر ٿڪائي وجهندو
آھي. راھه اڇليل پنهنجن پراون جا پٿر، جن تي هلندي
هلندي پير پٿون ٿي پوندا آھن، سي ٿڪائي وجهندا
آھن، جڏھن سماج جا ڏنل ڏنڀ، انسان کي هيڻو ڪري
وجهندا آھن. ها! تڏھن انسان ضرور ٿڪجي پوندو آھي،
پر بختاور ڌيءَ خبر اٿئي.“ بشيران کان بي اختيار
ٿڌو ساھُ نڪري ويو. ”اولاد جي معصوم مُرڪ، زماني
جا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندي آھي. اولاد کي خوش ٿيندو ۽
مرڪندو ڏسي، زماني جا سڀ ڏک ڏولاوا وسري ويندا
آھن، منهنجي ڏاهي سدوري ڌيءُ…شل! ڪوسو واءُ نه
لڳئي، جڙي هجين.“ بشيران جا چپ بختاور کي دعائون
ڏيندي نه پئي ڍاپيا.
”امان! جي فيس جو ڪو بندوبست نه ٿيو ته منهنجو سال
رهجي ويندو.“ بختاور ڏکاري آواز ۾ ماءُ کي چيو.
”امان بختاور، تون هروڀرو ايترو ڏکاري نه ٿيءُ.
الله وڏو آھي، سڀ بهتر ٿي ويندو. تون صرف دل لائي
پڙھُه“. بشيران کيس هڪ ڀيرو وري آٿٿ ڏيندي چيو،
”چڱو ڌيءَ، هاڻي تون ويهي لک پڙھُ، اجهو سانجهيءَ
پاڇا ورايا. آئون تيسين رڌڻي جي صفائي ڪري وٺان
وري رات لاءِ به سانجڻ ڪرڻي اٿم.“
سياري جو سج لهندي دير ئي ڪيتري ٿي ٿئي. سياري جو
سج تڪڙو لهي ويو ۽ آھستي آھستي رات پنهنجا پر
وڇايا. بشيران ۽ بختاور رات جي ماني گڏجي کاڌي،
ماني کائڻ کان ڪجھه دير بعد بختاور کٽن تي هنڌَ
وڇايا. تيسين بشيران چانھه ٺاهي کڻي آئي، ٻنهي
گڏجي چانھه پيتي. پوءِ ٻئي رڌڻو صاف ڪري، سمهڻ
لاءِ کٽ تي آهلي پيون. ڪڏھن ڪڏھن بختاور کي ننڊ نه
ايندي هئي يا ڪو ڊپ محسوس ڪندي ھئي ته اچي ماءُ کي
ڀاڪرُ پائي سمهندي ھئي.
بشيران کي ننڊ نٿي آئي، هونئن ته کٽ تي آھلڻَ سان
ئي ننڊَ اچيو وڃي. اڄُ الائي ڇا ٿيو آھي، جو ننڊَ
نٿي اچي، بشيران بيچيني محسوس ڪري ٿي. ماضيءَ جا
اولڙا بشيران جي اکين آڏو ڦرڻَ لڳن ٿا. بشيران
زندگيءَ ۾ مليل سمورا گهاوَ وساري به ڇڏي کڻي، پر
سنگهار جي ياد سندس سمورا گهاوَ تازا ڪري ڇڏيندي
هئي. بشيران پنهنجي ڳلن تي آلاڻ محسوس ڪئي. اکين
جا بند ڀڄي پيا هيس. بي اختيار سنگهار جو نانءُ
زبان مان نڪتس. سنگهار جي ڏنل زخمن تي اڻويھَه
سالن جو ڊگهو عرصو به ڪو پَھو نه رکي سگهيو هو،
اڻويھَه سال! معمولي عرصو ڪونهي ڪو، زندگيءَ جو اڌ
حصو آھي. بشيران ماضيءَ جي درياهه ۾ ٻڏندي وڃي ٿي.
کيس اڄُ به چٽو ياد آھي، جنهن ڏينهن هوءَ گهران
نڪتي هئي. تنهن ڏينهن کان ٺيڪ هڪ ڏينهن بعد سندس
ڀاءُ راجو جي سنت (طهر) جي ٻڪي هئي، گهر ۾ مٽَ
مائٽ، سڪ وارا ۽ سنگت ساٿ سڀ آيل هئا.
بشيران پنهنجي ماسات کي ساڻ ڪري، اهو چئي گهران
نڪتي هئي ته هوءَ شھر مان سهرن واريءَ کي وٺي
ايندي ۽ ڪجھه رهيل سامان به وٺي، تڪڙي موٽندي.
بشيران سوچي سمجهي، سنگهار کي ان ڏينهن ملڻ جي پڪ
ڏني هئي. شھر پهچڻ کان پوءِ سمورا ڪم تڙ تڪڙ ۾
اُڪلائي، واپس موٽڻَ لاءِ ماسات زيبيءَ سان اچي
لاريءَ ۾ چڙھي ويٺي. ڪجھه دير گذري ته بشيران
زيبيءَ کي اهو چئي لاري مان لٿي ته جيسين لاري
هلي، تيسين هوءَ سامهون واري دڪان تان پاڻيءَ جي
بوتل وٺي موٽي ٿي اچي.
بشيران لاريءَ مان لٿي ۽ ڪار ۾ سنگهار سان هلي
وئي، جيڪو سندس ڪار ۾ انتظار ڪري رهيو هو. لاري
آھستي آھستي هلڻ لڳي، پر بشيران ڪونه موٽي.
سنگهار جو ساٿ، ائين ٿي محسوس ڪيائين، ڄڻ سڄي دنيا
فتح ڪري ورتي هيائين، هوءَ ڄڻ هوائن ۾ ٿي اُڏامي!
زماني جي هر ڳالهه کان بيخبر، سنگهار جي سحر ۾
قيد... ويتر وري سنگهار جي ڳالهين ٿي مدهوش ڪيسُ.
”ڏسُ بشيران! پاڻ ٻئي آخر هڪ ٿي ئي وياسين. مون
چيو هو نه توکي ته ڪا به مخالفت پاڻ ٻنهي کي هڪ
ٿيڻ کان نٿي روڪي سگهي.“ سنگهار فاتحانه مرڪ سان
بشيران ڏانهن نهاريندي چيو. موٽ ۾ بشيران به مرڪي
پئي. سنگهار جي ساٿ، کيس اڻ مئي خوشين جو احساس ٿي
ارپيو، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کين وقت جو احساس ئي
ڪونه ٿيو. سنگهار ڪار اچي هڪ علائقي ۾ بيهاري.
پهرين پاڻ ڪار مان لٿو ۽ پوءِ ڪار جو دروازو کولي،
بشيران ڏانهن هٿ وڌائيندي، چيائين، ”اچ منهنجي
شھزادي!
پنهنجي منزل پنهنجو خواب نگر اچي ويو.“ بشيران
ڪار مان لٿي. سنگهار کيس هٿ کان وٺي، فليٽ ڏانهن
وکون وڌايون. جڏھن دروازي جي ويجهو پهتا ته سنگهار
بشيران کي چيو، ”ٿورو ترس راڻي،“ بشيران حيرانگيءَ
مان سنگهار ڏانهن ڏٺو. سنگهار مرڪندي، شوخ لهجي ۾
بشيران کي چيو، ”بشيران منهنجي راڻي، منهنجي
شھزادي، آئون توکي پنهنجي هنجَهه ۾ اندر کڻي هلڻ
ٿو چاهيان.“ بشيران ٿورو شرمائيندي، ڪنڌ سان هاڪار
ڪئي ۽ سنگهار کيس پنهنجي هنجهه ۾ کڻندي چيو، ”اها
ٿي نه ڳالھه. اچي هي چاٻي وٺُ، دروازو پنهنجن سهڻن
هٿن سان کولجانءِ.“ بشيران خوشيءَ ۾ نٿي ماپي،
سنگهار کيس پنهنجي ۾ هنجهه ۾ کڻي ڏاڪڻ تي چڙهڻ
لڳو. هر ڏاڪي تي گل وڇايل هئا. دروازي تي بشيران
جي تصوير لڳل هئي. بشيران دروازو کوليو، اندر داخل
ٿيندي ئي بشيران کي گلن جي خوشبو ويتر معطر ڪري
ڇڏيو، ٻاهرين دروازي کان ڪمري تائين، گل ئي گل
وڇايل هئا. ڪمرو به ائين ئي سهڻو سجايل هو، جيئن
بشيران ڪڏھن سنگهار کي چيو هو. هر پاسي گلاب ۽
چنبيليءَ جا گل هئا. سيج ڳاڙھن گلابن سان سجيل،
جنهن تي گلن سان وڏي دل ٺھيلَ هئي. سنگهار کيس
سيجَ تي ويهاريو. بشيران تمام گهڻي خوش هئي، پر
کن پل لاءِ ڇرڪي پئي هئي… نڙي خشڪ ٿيندي محسوس
ٿيس. ڳيت ڏيندي، سنگهار کي چيائين، ”سنگهار هي
سڀ...!“ سنگهار بشيران جي چپن تي هٿ رکندي، شوخيءَ
مان چيو، ”مٺي! هي منهنجي خواب جي تعبير، منهنجي
انتظار جو مٺو ڦل. منهنجو مطلب ته اسان جي خوابن
جي تعبير آھي.“
”پر سنگهار! پنهنجو نڪاح....“ بشيران جي نڙيءَ ۾
لفظ اٽڪي پون ٿا. سنگهار پنهنجو هٿ بشيران جي هٿ
تي رکندي وراڻيو، ”نڪاح جو مطلب آھي، ٻن دلين جو
راضپو، هڪٻئي کي دل سان قبول ڪرڻ ۽ تو مون کي دل
سان قبول ڪيو آھي، تڏھن ته مون سان پنهنجي ماءُ
پيءُ جو گهر ڇڏي هلي آئي آھين. نڪاح به ٿي ويندو،
تون پريشان نه ٿيءُ. ڏس مون تي اعتبار اٿئي نه.
پنهنجون دليون ته راضي آھن نه هڪٻئي سان باقي نڪاح
جي خانا پوري به ڪري وٺبي. مون تي اعتبار ته اٿئي
نه بشيران.“
”سنگهار تو مٿان ته پاڻ کان به وڌ اعتبار اٿم
...هاڻي زندگي تو حوالي. مون پنهنجي زندگي، تنهنجي
نانءِ ان وقت ئي ڪري ڇڏي هئي، جڏھن پاڻ ٻئي پهريون
ڀيرو مليا هئاسون.“
”پوءِ ڊڄين ڇو ٿي. ڏس پريشان نه ٿيءُ. منهنجي
هوندي، هتي زماني جي ڪوسي هوا توکي ڇهي به نٿي
سگهي. هروڀرو منهنجو موڊ خراب نه ڪر… ڏس ڪيتري
حسين رات آھي. اچ ته ان کي ماڻيون.“ سنگهار پيار
مان هن کي سمجهائڻ کان پوءِ مرڪندي چيو. ته بشيران
جي چپن تي به مرڪ اچي وئي. صبح جو جڏھن بشيران جي
اک کلي ته سنگهار سندس ڀر ۾ ڪونه هو . سنگهار کي
پنهنجي ڀر ۾ نه ڏسي، هوءَ هڪدم اُٿي ويهي رهي.
پريشان ٿي هيڏي هوڏي سنگهار کي ڳولڻ لڳي. سوچيائين
شايد باٿ روم ۾ ھجي، پر اتي به ڪونه هو. ڪمري کان
ٻاهر نڪتي، پر سڄي گهر ۾ سنگهار نظر ڪونه آيس،
ساھُ مُٺِ ۾ اچي ويس. ٻاهريون دروازو به ٻاهران
بند هو. بشيران کي اچي ڳڻتيءَ ورايو. سوچي ٿي ته
هوءَ سڀ ڪجھه سنگهار جي آسري ڇڏي، واپسيءَ جا سڀ
دروازا به بند ڪري آئي آهي. وقت ڏٺائين ته صبح جا
يارنهن پئي ٿيا. بشيران جي پريشاني وڌندي ٿي وئي،
پر سنگهار جو ڪو نانءُ نشان ڪونه هو.
بشيران مٿي کي هٿ ڏئي، دروازي جي چانئٺ تي ويهي
رهي، ڪجهه دير گذري ته در کليو. بشيران کان هڪ
لمحي لاءِ ڇرڪ نڪري ويو. سنگهار اندر داخل ٿيو، ان
جي هٿ ۾ ٻه ٿيلهيون هيون. بشيران گهڻو گهٻرائجي
وئي هئي، سنگهار کي ڏسي، لڱن ۾ ساھُه پيس. ”او
سنگهار! تون اچي وئين. شڪر آھي خدا جو، منهنجو ته
ساھ ٿي نڪتو.“ بشيران گهٻرايل آواز ۾ چيو. سنگهار
مرڪندي، چيو، ”آئون تولاءِ نيرن وٺڻ ويو هيس. تون
اجايو پريشان ٿي آھين، اچي هي وٺُ نيرن ڪر. آئون
ٻاهران ئي نيرن ڪري آيو آھيان.“
ائين وقت گذرندو رهيو، هڪ ڏينهن... ٻه ڏينهن...
هفتو... مهينو... ائين هڪ مهينو گذري ويو، پر
سنگهار هِن سان نڪاح نه ڪيو، صرف آسرا ۽ ڪوڙا
دلاسا ڏيندو رهيو. گهر کان ٻاهر ويندو هو ته ڪلف
ڏئي ويندو هو. ماني ڪڏھن ٻاهران آڻيندو ته ڪڏهن
وري بشيران گهر ۾ تيار ڪري وٺندي هئي. هڪ ڏينهن
بشيران کيس چيو، ”سنگهار! تون ٻاهران ڪلف ڇو هڻي
ويندو آھين؟“ سنگهار کيس ورندي نه ڏني. بشيران وري
پُڇيس، ”سنگهار! پاڻ نڪاح ڪڏھن ڪنداسين. هڪ مهينو
گذري ويو آھي. روز ٿو رڳو ڪوڙا دلاسا ڏين.“ سنگهار
يڪي ڪا ورندي نٿي ڏني، تنهن هڪدم سخت ڪاوڙ منجهان
وراڻيو، ”نڪاح. نڪاح... تنهنجي ان روز روز جي ڪِر
ڪِر مون کي بيزار ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن سڀ ڪجھه بنا
نڪاح جي ٿي پيو ته ڇا جي لاءِ نڪاح... رڳو ٿي سوال
مٿان سوال ڪرين. بيزار نه ڪر، مون کي گهڻو. نه ته
...“
”نه ته ڇا سنگهار...! بشيران روئڻهارڪي آواز ۾
چيو.
”ڇا وري ڇا، جتان آئي آھين، اتي واپس وڃُ ڀاڄوڪڙ
ڪنهن جاءِ جي... سنگهار تيز آواز ۾ چيو.
”ڇا... ڇا... سنگهار. اهو تون ٿو چوين، جنهن جي
ڪري مون سڀ ڪجهه ڇڏيو... جنهن کي مون پنهنجو سڀ
ڪجھه ڏنو، جنهن جي نانءِ مون هي زندگي ڪئي آهي.“
بشيران ڳوڙھا اگهندي، چيو، ”نه سنگهار نه. تون اهو
سنگهار ناهين، جيڪو منهنجو سنگهار هو.“ بشيران
ڳوڙھن کي پيئندي چيو.
”هاهاهاهاهاهاها…“ سنگهار وڏو ٽھڪ ڏنو. تنهنجو
سنگهار هاهاهاهاها… بيوقوف عورت... ”سنگهار ته
ڪنهن ٻيءَ جو آھي، سو تنهنجو ڇو ٿيندو....“
سنگهار جا ٽھڪ بشيران کي چهبڪ بڻجي ٿي لڳا.
ڏس سنگهار! ايئن نه چئُه… آئون ڪاڏي ويندس.“
بشيران ڄڻ منٿ ڪئي.
”ڪاڏي به وڃ. وڃي ڌوڙ پاءِ… اهو تڏھن سوچين ها،
جڏھن گهران نڪتي هئينءَ، اهو تنهنجو مسئلو آھي ته
ڪاڏي ويندينءَ.“ سنگهار ڪاوڙ مان چيو.
”سنگهار هي ٻار.“ بشيران پيٽ تي هٿ رکندي چيو.
”خبر ناهي ڪنهن جو پاپ پاليو اٿئي، ڀاڄوڪڙ ڪنهن
جاءِ جي. مان ڪيئن يقين ڪيان ته هي منهنجو ٻار
آهي، تنهنجو مون کان اڳ ۾....“ سنگهار جو لهجو سخت
هو. بشيران جا ڇھَه ئي ڇڄي پيا.
”سنگهار تو منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي. منهنجي
عزت داغدار ڪري ڇڏي. خدا توکي ڪڏھن ڪو نه بخشيدو.“
بشيران روئيندي چيو.
”ڪهڙي عزت مائي بشيران. ڪهڙي عزت جي ٿي ڳالھه
ڪرين. عزت واريون ڇوڪريون گهران ناهن ڀڄنديون.“
سنگهار، بشيران کي ٻانهن کان گهليندي، گهر کان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
اهو سوچيندي، بشيران جي لڱن مان سيسڙاٽي نڪري وئي.
ان مهل صبح جي ٻانگ ٿي آئي. بشيران اکين مان ڳوڙھا
صاف ڪري، نماز لاءِ وضو ڪرڻ لاءِ اٿي…
وفا ياسين آرائين
شاهه عبداللطيف جي
شاعريءَ ۾ هِمت ۽ جستجو جو پيغام
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾ سچائي، حقيقت
۽ همت جو پيغام آهي، جيڪو هر زماني جي ماڻهن جي
مزاج مطابق آهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجو جو
پيغام نه رڳو سنڌ لاءِ، پر سڄي دُنيا لاءِ هڪجهڙو
آهي، جنهن ۾ رنگ نسل جو ڪوبه مَتڀيد رکيل نه آهي.
لطيف جي بيتن ۾ پوئتي هٽڻ مِهڻو آهي، ڪٿي به طالب
کي مطلوب سان ملڻ جو ذڪر ڪونهي، پر سِڪ ۽ سار ۾
همت سان اڳتي وڌڻ جو بار بار ذڪر ڪيو ويو آهي.
شاهه صاحب پورهيتن ۽ ڪُڙمين کي همت جو درس ڏيندي
چوي ٿو ته:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
اي پورهيت! سخت گرمي، اُس ۽ سخت سياري ۾ به هلندو
هل، ويهڻ جي ويل ڪونهي، همت ڪر متان ڪاري ٻاٽ ٿي
وڃي، تنهنڪري مسلسل هلندو رهه، تتيءَ ٿڌيءَ جي
پرواهه ڪرڻ بدران ڪاهيندو هل، تڏهن منزل ملندئي.
لطيف رحه سُتلن کي جاڳائي ٿو ۽ سُست ۽ ڪاهلن کي
ڌُونڌاڙي، ڌُونڌاڙي اُٿاري ٿو، کين پنهنجي مقصد
لاءِ اُتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مُسلسل محنت ۽
جستجو جاري رکڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. لطيف وڏي واڪي
سنڌ ڌرتيءَ جي نوجوانن کي سُجاڳيءَ جو درس ڏيندي،
چوي ٿو:
سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سُلطاني سُھاڳ، ننڊون ڪندي نه مِلي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ ۾ سموري دنيا
لاءِ هڪ اهڙو پيغام آهي، جنهن ۾ همت جي تلقين ڪرڻ
۽ هر زماني ۾ بهادري ۽ جستجو سان اڳتي وڌڻ جي
اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي. شاهه صاحب اهڙي همت جا
مثال، ڪردارن جي حوالي سان پيش ڪيا آهن. ”سسئي“ ۽
”مورڙو“ اهڙا ڪردار آهن، جن کي همت ۽ جوش جذبي جي
مثال طور پيش ڪيو ويو آهي.
شاهه لطيف ”سُر ڪيڏارو“ ۾ همت ۽ جستجو جو پيغام
ڏيندي، چوي ٿو ته:
ڪَرَبلا جي پِڙ ۾، خيما کوڙيائُون،
جهيڙو يَزيدَ سامُهون، جُنبي جوڙيائُون،
مُنھُن نه موڙِيائُون، پَسي تاءُ تَرارِ جو.
شاهه صاحب همت ۽ جرئت جو پيغام ڏيندي، چوي ٿو ته،
ڪربلا جي پِڙ ۾ اچي، تنبو کوڙيائون، يزيد جي لشڪر
جي سامهون جوش ۾ اچي همت سان جنگ جوٽيائون، ترار
جوتاب ڏسي، پوئتي نه هٽيا. بلڪ همت سان بيهي
مقابلو ڪيائون.
ڀٽائي رحه جي شاعريءَ ۾ همت جو سڀ کان وڏو پيغام
سُر گهاتو ۾ ملي ٿو، جتي هڪ معذور مورڙو پنهنجي
ڀائرن جو هڪ وڏي مانگر مَڇ کان اڪيلي سِر پَلاند
ورتو. توڙي جو مورڙو معذور هو، پر همت نه
هاريائين.
اهڙيءَ طرح سسئي به همت ۽ عزم جو هڪ لازوال مثال
آهي، جيڪا ٽڪر کي چوي ٿي:
آڏو ٽَڪر ٽَر، متان روهه رتيون ٿئين.
سسئي چوي ٿي ته:
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لَکَ لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پير ڇِنن،
ويندي ڏانهن پِرين، جُتي، جاتَ نه پايان،
توڙي منهنجي پيرن ۾ لکين ڪنڊا لڳن ۽ پهاڙ منهنجا
پير، پِٿون ڪري ڇڏين، جو آڱر، آڱوٺي سان نه ملي ته
به همت ڪري، پرين ڏانهن پنڌ ڪنديس، پيرن ۾ جُتي نه
پائيندس.
انهيءَ سان واضح آهي ته لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾
قدم قدم تي ۽ زندگيءَ جي هر موڙ تي ڀرپور رهبري ۽
رهنمائي ڪندي، همت ۽ جستجو جو پيغام ڏئي ٿو. اسان
کي گهُرجي ته لطيف سرڪار جي ڏنل پيغام تي عمل
ڪريون، همت ۽ جستجو سان اڳتي وڌون، جيئن اسين
پنهنجي منزل ماڻي سگهون.
”وفا“ ياسين آرائين
(نظم)
ڪير چوي ٿو ڪاري آهي،
ڪاري ناهي ڳاڙهي آهي.
من انهن جا ميرا آهن،
اندر، تن جا، ڪارا آهن.
ڪاري ڪري هُوءَ ماري وئي،
ڪيڏي سُندر، ناري هئي.
ڪارو آهين، تون پاڻ ڀاءُ،
لالچ ۾ اچي ڪيئي اَنياءُ.
جيجل مون کي ”وفا“ لِڪاءِ،
ظالم کي نه ايندو، ڪَهڪاءُ.
|