سوچ ويچار
هن دور ۾ جهڙي نموني، نياڻين ڪميشن جي امتحان ۾
نمايان ڪاميابي ماڻي آهي، اها ڪاميابي سنڌ جي نئين
۽ سهڻي تاريخ مرتب ڪري رهي آهي. زندگيءَ جي هر
شعبي ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي شموليت ۽ نمايان
ڪارڪردگي واضح طور نظر اچي رهي آهي. سڌريل سماجن ۾
عورتن کي فرد واري حيثيت مليل هوندي آهي، موجوده
وقت ۾ ڪنهن حد تائين اسان جي سنڌ جي عورت کي تعليم
حاصل ڪرڻ، بزنس ڪرڻ يا جنهن به هنر ۾ موقعو مليو
آهي ته اتي هن پاڻ مڃايو آهي.
انسان جي ڪاميابيءَ جو مدار سندس صلاحيتن ۽ محنت
تي آهي. محنت ڪڏهن به رائگان ناهي ويندي، سو جيئن
ته آڊٽ جو شعبو، پوليس جو شعبي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ۽
ٻين ڪيترن محڪمن ۾، عورتون پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏئي رهيون آهن. قانون جي شعبي کي به ڏسنداسين ته
اتي به جج جي حيثيت ۾ خواتين تاريخي فيصلا ڏيئي
رهيون آهن ته وري وڪيل جي حيثيت ۾ تمام مشڪل ۽
ڏکيا ڪيس وڙهي رهيون آهن.
علم ۽ تعليم انسان کي سگهه ڏيندو آهي، بهادر
بڻائيندو آهي، ذهين، بهادر ۽ ڏاها ماڻهو ئي سماج
جي بهترين جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ سوسائٽي کي هلائڻ ۾
اهم رول ادا ڪندا آهن. انڪري پنهنجي اولاد کي خاص
ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارجي، انهن
جي تربيت تي خاص ڌيان ڏجي، ته هوند سماج ۾ خوشحال
۽ امن ايندو!
گلبدن
جاويد
نسرين
نوري
غزل
تنهنجي سينڌ سدائين سجايان مان،
جيجل ٿڃ تُنهنجيءَ کي ملهايان مان.
جيڪي آهن تنهنجا ويري ٿيا،
تن کي جيئرو شال جلايان مان.
ڪو اُبتا پير جي توتي ڌَري،
تنهن تي اُبتيون ڪاتيون وهايان مان.
تنهنجي نانءُ تي ڇو نه هي جان وڃي،
پنهنجو سِر نه مگر هي نمايان مان.
جنهن جي نَس نَس ٿي توتي ناز ڪري،
ها، تُنهنجي اهائي ڄائي آهيان مان.
نياز نزاڪت ۽ نِوڙت مون ۾،
سنڌ ديس سندي ”نوري“ آهيان مان.
سوچ
ساگر جي ڪناري واريءَ تي،
سوچن ۾ ٻڏل،
گُم سُم، واريءَ جو گهرڙو پاڻ ئي ٺاهي،
پاڻ ئي ڊاهي ڇڏيائين.....!!
وري هُن سوچيو،
ڪيسين تائين ٺهندو؟
مُنهنجو پنهنجو پيارو گهر....!
جيڪو جيون ۾،
ڪڏهن نه ڊهي،
ڪڏهن نه ٽُٽي،
ڪڏهن نه ڦِٽي....!!
آس ۽ نراس
آس ۽ نراس
جي وچ ۾،
ڪيڏي نه وڏي وِٿي آهي....!
جنهن ۾،
ساري عمر انسان،
ٻڏندو، ترندو ٿو رهي.....!
روبينه ابڙو
دوها
ڳيريلي جي ڳلين مان اڄ، مون وٽ پهتي ماٺ،
اهڙي جهڙي منهنجي من ۾ ترسيل ڪاري رات.
ڳيريلي جي ڳلين مان اڄ، مون وٽ پهتو مِينهن،
منهنجي من تي سارنگ برسيو سرلو سارو ڏينهن.
ڳيريلي جي ڳلين تي اڄ، ڇانيل آهي سانت،
ويڇا ڪيڏا وڍ وجهن ٿا، ڪاڏي وئي ايڪانت؟
ڳيريلي جي ڳلين ۾ اڄ، اٽڪيل منهنجو ساهه،
نازڪ ڪائي تند ٽُٽي پئي، ڀُري پيو ويساهه.
ڳيريلي جي ڳلين ۾ اڄ، برسيا هوليءَ رنگ،
منهنجو منُ جي رنگ رهيو بس، رڱيا سارا انگ.
ڳيريلي جي ڳلين ۾، ٿو ڳائي چاچو مير،
اڄ ڀي سي آلاپ ٻُڌان ٿي، نيڻن ۾ آ نير.
ڳيريلي جي ڳلين ۾، سا ٻارن جي آ ڊوڙ،
نورشاهه جي ميلي پُڄندا، مُڙندي ئي ٽي موڙ.
ڳيريلي جي ڳلين مان اڄ، غائب ڳيرن گهوڪ،
امن پکيئڙا ڪير ڪُهي ويو، دل مان نڪتي هُوڪَ.
ڳيريلي جي ڳلين مان اڄ، مون وٽ پهتي سار،
اڄ ڀي مون ۾ ساهه، کڻن ٿا آڳاٽا آثار.
نجمه پنهور
غزل
ڪوئي ڪنهن کي ڪٿي سنڀاري ٿو،
هر لمحو ٻي لمحي کي ماري ٿو.
سارا سپنا ۽ خواب ڇڏي پٺيان آيس،
هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو.
پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،
ڪير ڪنهن سان گڏ ڪٿ گذاري ٿو.
سال گذري ويا مون کان وسري ويو،
ڪلهه مليو ته هو مون کي ساري ٿو.
ٽهڪ تي ٽهڪ ورهائڻ وارو،
پاڻ لڙڪن سان گڏجي گهاري ٿو.
غزل
سارا ڏوهه بخشائڻ ايندس،
پيارن کي پرچائڻ ايندس.
بسنت رُت ۾ تڙپي پوندس،
پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ ايندس.
خوشيون ڏک جو ڪجهه هوندو،
پيارن ۾ ورهائڻ ايندس.
گيت لکي مان گهوٽن تي،
جذبن کي جاڳائڻ ايندس.
ڪوبه نه هوندو واٽن تي،
واٽن کي سجائڻ ايندس.
سچ ڇا آهي مورک ماڻهو،
توکي سو سمجهائڻ ايندس.
تنهنجي ڪُلهي مٿو لاڙي،
سارا لُڙڪ وهائڻ ايندس.
گل گيت کڻي مان نڪري پوندس،
در در سڀ ورهائڻ ايندس.
ريحانه چنڙ
چؤنرا
لهرون لوڙهي ويون
چؤنرا سڀئي ڳوٺ جا،
بس رهجي ويا پويان،
رڳو جهرڪين جا آکيرا.
ٽونٽي (20)
ڪرولا ڪار ٻاهران
چتين لڳل گهاگهري ۾
نينگري آڱرين تي سڪا پئي ڳڻيا
۽
ايئرڪنڊيشن ڪار اندر ويٺل ٻالڪ،
گهاگهري ۾ لڳل
رنگ برنگي چَتيون ڳڻي
خوشيءَ مان رڙ ڪئي
مما!
مون کي ٽونٽي (20)
تائين نمبر (انگ)ڍ
ڳڻڻ اچن ٿا.
کير کنڊ
ڌريون هڪ ٻئي جا
ڏنڊ ڏوهه معاف ڪري
خوني هٿ صاف ڪري
مٿي تي پڳ پائي
هڪ ٻئي کي ٻک پائي
پنهنجي دشمني کي
مائٽي ۾ بدلائي
کير کنڊ ٿي ويون
بس ڪجهه نينگرين
جي زندگيءَ ۾ زهر
ملي ويو.
اياز ابڙو
آزاد نظم
زندگيءَ جي رڻ ۾،
پٿون ٿيل پيرن،
اُداس دلين،
۽ پريشان سوچن سان
پنهنجي وجودن جا اڌڙ کڻي،
ڀٽڪندا ٿا رهون،
پورڻتا جي ڳولا ۾،
۽ هلندي هلندي نيٺ
گم ٿي وڃڻا آهيون
فنا جي گُگهه اوندهه ۾،
هيءَ زندگي،
تجسس جي پاڇي پويان
مسلسل ڊوڙڻ جو نالو آ شايد!؟؟
غزل
تو ڏنو دل کي آهه زلزلو، هر وار نئون،
عشق به آهه ڏنو حوصلو، هر وار نئون.
دل جا سڀ زخم ئي منهنجي وفا جا ساکي هن،
تو وڌايو آ فقط فاصلو، هر وار نئون.
رسڻ پرچڻ به رهيو هن لئه هڪ راند مثل،
منهنجي ساهن جو جڙيو سلسلو، هر وار نئون.
هجر ۾ ٿا نيڻ ڀِِڄن، وصل ۾ بادل برسن،
پيار ۾ موسمن جو معاملو، هر وار نئون.
لٽجندو ئي رهيو آهه سدائين راهُن ۾،
عشق جو پوءِ به روان قافلو، هر وار نئون.
خودفريبيءَ ۾ رهي، وقت جا ٿا وار سهون،
دل ۾ ويتر وڌي ٿو، ولولو، هر وار نئون.
نجمه شيخ
وائي
مون تي ڪيچ ڌڻي ڪندو،
مهر گهڻي،
آءٌ آهيان سندس آسري.
آهيان خوش انهيءَ ۾،
جيڪا کيس وڻي،
آءٌ آهيان سندس آسري.
وڻي ڪين پنهون بنا مون کي،
تيل ڦڻي،
آءٌ آهيان سندس آسري.
مان ڪاڻ پنهون جي،
ڪنديس هنڌ هڻي،
آءٌ آهيان سندس آسري.
رَسنديس وڃي ڪيچ کي،
آءٌ تڪڙا قدم کڻي،
آءٌ آهيان سندس آسري.
بيت
جيڏو آهين سونهن ۾،
ساجن يار سرس.
تيڏو ناهي تو ۾،
مون لئه محبت ترس.
ڪڏهن کاءُ ڪا ڪَسُ،
پرين پنهنجي پيار ۾.
عين سحر
وائي
روڳي ٿي ويو جيئڙو!
من آهي جوڳيئڙو!
ساهي ناهي سار کي!
ٻاري مون آهي رکيو،
آشائن جو ڏيئڙو،
ساهي ناهي سار کي!
تون ئي آهين جيءُ ۾،
ڀَلِ پائي ڏس ليئڙو،
ساهي ناهي سار کي!
توکي ساري ٿو ”سحر!“
هيڻو منهنجو هينئڙو،
ساهي ناهي سار کي!
چوسٽو
تنهنجو سفر
صبر منهنجو آزمائڻ تون ڇڏي ڏي،
بي وفا دل کي ڏکائڻ تون ڇڏي ڏي.
غرض کان تنهنجو سفر هو غرض تائين،
خوامخواهه ئي جيءُ جلائڻ تون ڇڏي ڏي. |