بيگم عبدالله چنه
رانديڪو
جلد ئي مان ۽ اصغر هڪ ٻئي سان هري مري وياسين.
اصغر منهنجي ڀاڄائيءَ جو ڀاءُ هو. هو پنهنجي پيءُ
ماءُ جو هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ هو. هتي ”لا ڪاليج“ ۾
پڙهندو هو. سندس پيءُ کي چڱي خاصي زمينداري هئي.
منهنجي ڀاڄائي ڏاڍي کلمک ۽ خوش مزاج هئي، سڄو وقت
مسڪراهٽ، سندس چپن تي پئي نچندي هئي، انڪري سندس
ڀاءُ به اهڙو ئي خوش مزاج هو. سڄو وقت مونکي پيو
چيڙائيندو هو. ڪڏهن ڊگها بحث ڪندو هو ۽ ڪڏهن وري
چيڙائيندو هو. مان به آڻ مڃڻ واري ڪو نه هيس،
انڪري اسان جو چڱو خاشو جڳهڙو رهندو هو. منهنجا
ماءُ پيءُ اهو جڳهڙو ٻڌي، مشڪندا هئا ۽ منهنجو
ڀاءُ ته اصغر جو پاسو کڻي، مون کي وڌيڪ چيڙائيندو
هو. البت ڀاڄائي منهنجو طرف وٺندي هئي. چڱو چهچٽو
لڳو پيو هوندو هو. اصغر جي بي تڪلفي ۽ سندس نگاهن
جي عجيب تابش مون کي نرالي لڳندي هئي، پر مان
پنهنجي پڙهائي جي دائري کان ٻاهر ڪو نه نڪرندي
هيس. هڪ دفعي مان کاڌي جي ڪمري ۾ ويس. سامهون ڪٻٽ
۾ تازا پڪل انب ڏٺم ته دل سُرڪِي. هڪدم ٻه چار
انب، پلاند ۾ وجهي اُٿڻ لڳس ۽ اڃان ڪٻٽ بند ڪو نه
ڪيم ته پٺيان ڪنهن پلاند ڇڪيو ۽ چيو، ”چور!“ مون
پٺيان ڏٺو، اصغر مشڪي رهيو هو. ڊپ ۾ سڀ انب ڪِري
پيا ۽ هن رڙ ڪري ڌمڪي ڏني ته روز، روز انب تون
چورايو کايو ڇڏين ۽ ڏوهه پوي ويچارن نوڪرن تي.
بيهه! مان ماميءَ کي سڏيان.“ مان ڊڄي ويس ته الائي
ڪهڙيون اُبتيون سبتيون امان کي ٻڌائيندو ۽ هوءَ
مون کي دڙڪا ڏيندي ته هيءَ خوش ٿيندو. جيستائين هو
مون کي ڏسندو ۽ معنيٰ خيز نموني مشڪندو رهيو،
تيستائين ته مان ششدر رهيس، پر هو مرڪي انبن طرف
جهڪيو ته مون هڪدم سختيءَ سان چيو ته، ”هيل تائين
اسين توکي بلڪل بي ضرر سمجهندا هئاسين، پر تون پڪو
چور ٿو ڏسجين.“ پوءِ رڙيون ڪري، سڄي گهر کي کڻي گڏ
ڪيم. ”اصغر چور!“ ٻار ٻچا، نوڪر چاڪر ۽ امان اچي
گڏ ٿيا. نوڪر چوڻ لڳا: ”روز، روز اسان تي پوندو
آهي“ ۽ امان چوڻ لڳي، ته، ”ابا اصغر توکي انبن جي
ضرورت هئي ته مون کان گهرين ها. قربان ٿيان تنهنجي
مٿان، پر تو ٻڌايو نه.“ ٻارن ته هڪ، انب کڻي دعا
ڪئي. مون سڀني جي نظر کان بچندي، اصغر کي جهڪي
سلام ڪيو، هن مون کي اهڙي نظرن سان ڏٺو ته ڄڻ چوي
پيو ته، ”ڏسجانءِ ڪهڙو سخت بدلو ٿو وٺانءِ“. بس ان
بعد ته منهنجو گهر ۾ ناڪو بند ڪري رکيائين، بس سڄو
وقت امان سان منهنجيون شڪايتون، ٻارن جي ساري فوج
منهنجي پٺيان، منهنجي ڪمري جي ڪا به چيز سالم ڪو
نه. وري امان جون دٻون ته، ”ها! تون جيئن وڏي
ٿيندي وڃين ته بي حيا ٿيندي وڃين. وڏي ڀاءُ کي
جواب. سڳي ماروٽ سان جهڳڙو- ٻارن جي پٺيان هٿ ڌوئي
لڳي آهين. واهه تنهنجي پڙهائي، اهو پڙهڻ ڪهڙي ڪم
جو؟ تون وڃين ٿي بي جوابدار ٿيندي.“ بس مان بنهه
رُئڻهارڪي ٿي ويندي هيس. پر خير اصغر جي آڻ ڪو نه
ٿي مڃيم. اصغر جو ته سڪو ٿي هليو. سڄو وقت ڪنهن نه
ڪنهن تماشي ۾ رڌل، ڪڏهن ڪنهن جي تعريف ۾ مُدِلِل
تقرير پيو فرمائي ۽ ڪنهن جي برخلاف بحث پيو بڪي.
مان ته سندس جهڳڙي کان بنهه ڊڄندي هيس. پر هو جڏهن
جڏهن مون کي اڪيلائيءَ ۾ ملندو هو، تڏهن تڏهن سندس
عجيب حالت ٿي ويندي هئي. ائين پيو سمجهه ۾ ايندو
هو ته هو گهٻرائجيو ٿو وڃي. انڪري مون هر حالت ۾
ڪوشش پئي ڪئي ته مان هن سان اڪيلائيءَ ۾ نه ملان.
منهنجي ماءُ، پيءُ جو رخ اهڙو هو، جو مون لاءِ
اصغر پري ڪو نه هو، پر مان الائي ڇو؟ محبت جي شادي
جي برخلاف هيس. اهو انڪري جو هڪ دفعي مون پنهنجي
پياري ساهيڙي زبيده کي آئيني اڳيان زرد ڳلن ۽ خشڪ
چپن کي ڏسندي. آهون ڀريندي ڏٺو. منهنجي گهڻي زور
ڀرڻ تي هن مون کي ٻڌايو ته سندس رياض جي ننڍي
هوندي کان تمام گهڻي محبت هئي. رياض سان شادي ڪرڻ
۾ زبيده جا مائٽ راضي ڪو نه هئا، انڪري رياض کي
گهڻئي ڏاکڙا ۽ تڪليفون ڏسڻيون پيون. زبيده هڪ حساس
۽ شعريت پسند ۽ نهايت جذباتي ڇوڪري هئي. رياض شادي
بعد ڪجهه وقت ته هن جي جذبات جو تمام گهڻو خيال
رکندو هو، پر پوءِ بدلبو ويو، آخر زبيده روئندي
چيو ته، ”هو مون کي پنهنجي خواهشن جو وسيلو ٿو
سمجهي، منهنجي صحت ۽ منهنجي خوراڪ جو ڏاڍو خيال
رکندو آهي، منهنجي اڳيان ڪپڙن ۽ زيورن جا انبار
لڳا پيا هوندا آهن، جيئن مان وڌيڪ کان وڌيڪ سهڻي
لڳان ۽ هن جون خواهشون بهتر کان بهتر نموني پوريون
ٿين. پر هو اهو نٿو ڄاڻي ته عورت ڪپڙن لٽن کان
زياده پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي زياده گهري ٿي.
جنهن ڪري منهنجي خوابن جو راجا اصلي رنگ ۾ مون کي
نظر اچي ٿو.“ ان بعد زبيده آهه ڀري ۽ سندس منهن تي
زردي ڇانئجي وئي، جنهن چهري تي هميشه گلاب مثل تا
بناڪي ڇانيل هوندي هئي.
هڪ دفعي اوچتو اصغر مون کي سندس نيڻن ۾ تڪيندي ڏسي
ورتو. اهي نيڻ، جن جي ڊگهن پلڪن ۾ منهنجي زندگي جي
هر تار منجهي پئي هئي، ڪوريئڙي جي ڄار مثل! ڪهڙا
نه هئا، اصغر جا خوبصورت نيڻ.....
هن مون ڏي رڙهندي پڇيو، ”ڇو، پئي منهنجن نيڻن ۾
نهارين؟“
مان منجهي پيس ته ڇا چوان؟ آخر جواب ڏيڻو هو، ”ها!
تنهنجي اکين ۾ منهنجي شڪل صاف پئي نظر اچي، اها ٿي
ڏٺم“ مون منجهندي وراڻيو.
”ها! اها تصوير هميشه هنن اکين ۾ رهندي آهي. ورائي
ڍڪيانس ته ڍڪجيو وڃي.“ هن اکيون بند ڪندي، چيو ۽
زياده قريب ٿيو.
هن جو گرم گرم ساهه، مون پئي محسوس ڪيو، هن جون
اکيون منهنجي اکين کي تڪي رهيون هيون. ڇا ته هو
انهن نيڻن ۾؟ شوق... اميد.... التجا ۽ سڀ ڪجهه....
منهنجي روح کي متاثر ڪرڻ سان گڏ، منهنجي جسم کي
ڏڪائي ڇڏيو. مان لڇي رهي هيس ۽ ان لڇ پڇ ۾ ڇا نه
لذت هئي! پر اتي ئي زبيده جو زرد چهرو اکين اڳيان
ڦري ويو. پر مان.... انهن نيڻن کي نهاريندي رهيس،
جن ۾ منهنجي حياتيءَ جي هر تار اٽڪي پئي هئي،
منجهي پئي هئي. هو ان وقت آسماني مخلوق پئي معلوم
ٿيو ۽ منهنجي دل پئي چيو ته هن جي پيرن تي جهڪي،
سڀڪجهه چئي ڏيان، جيڪي اڄ تائين نه چئي سگهي
آهيان. الائي...... ڇا..... ڇا؟ پر وري زبيده
منهنجي ذهن تي اڀري آئي، ڄڻ ته پنهنجي خشڪ چپن سان
پئي چوي ته، ”منهنجي حالت مان سبق ڪو نه پرايئي.
انهي ڄار ۾ ته مان به ڦاٿي هيس....“ مون هڪدم
پنهنجي دل کي سنڀاليو. رڙهي بيٺس ۽ هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪيم.
”ڇڏي ڏي انهن ڳالهين کي رضو.“ بيزاريءَ سان اصغر
چيو، ”تون ڪيترو وقت اڻ ڄاڻ رهندينءَ ۽ پاڻ کي ۽
مون کي ڌوڪي ۾ رکندينءَ ڇا؟ تون بلڪل نٿي سمجهين.
منهنجي جذبات ۽ ..... منهنجي محبت کي.“
”ڇا، اها بيهودگي نه آهي؟“ مون وراڻيو، پر مون
ائين سمجهيو ته مون پنهنجو گلو گهٽيو آهي يا ته
منهنجي شهه رڳ ۾ نشتر چڀي ويو آهي ۽ ان چڀڪي کان
مان رڙ ڪرڻ تي هيس.... هن جو چهرو هڪدم اداس ٿي
ويو ۽ ..... هن چيو ته، ”هي سڀ ڇا هو؟“ هن پاڻ سان
ڳالهائيندي چيو.
”ڇا“، مون رکائي سان چيو.
”مون کي ڏسي تنهنجي منهن جو رنگ کلي وڃي ۽ .....۽
منهنجي ٿوري تڪليف تي تنهنجو بيقرار ٿيڻ ۽ ....
اکين جو اکين کي پيغام..... ۽ .....۽...!“
”غلط فهمي،“ مون جلديءَ سان ان باغي آهه کي
دٻائيندي وراڻيو.
”غلط فهمي!“ هن ڪنجهندي چيو. اتي پيرن جو آواز ٿيو
۽ ڀاڄائي نمودار ٿي.
”ڇا ٿيو ادا.“ هن مون کي ڏسي، شرارت سان مشڪيو.
”ڪنڊو لڳو هو، اصغر آهستي چيو، ”پر نڪري ويو.“
”ڀلا ڪنڊي جو چڀڪو ته ڪو نه اٿئي“ ڀاڄائيءَ تسلي
لاءِ پڇيو.
”چڀڪو ته رهندو،“ اصغر مون ڏي نهاريندي وراڻيو- هن
جي ويران نگاهن کي مان به ڏسي نه سگهيس. مون اکيون
کڻي جهڪايون، مون ائين سمجهيو ته ڪنڊو، هن کي ڪو
نه لڳو آهي، پر ڄڻ منهنجي دل ۾ چڀي ويو آهي!
ان ڏينهن بعد اسان جي گهر جي وايو منڊل ۾ اداسائي
پکڙجي وئي. جنهن گهر ۾ سڄو وقت کل خوشي لڳي پئي
هوندي هئي، ان ۾ ماٺ، ماٺ جو راڄ هو. اصغر پڙهڻ جي
بهاني پنهنجي ڪمري ۾ بند رهندو هو. ڀاڄائي ڀاءُ کي
چپ، چپ ڏسي پاڻ به اداس ۽ ماٺ رهندي هئي. انهن
ٻنهي ڀاءُ، ڀيڻ جي ڪري گهر ۾ رونق هئي. هاڻي ٻار
به ڇڙوڇڙ ٿيو پيا گهمندا هئا ۽ گهر تي ويراني
ڇانيل هوندي هئي.
هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ڪتاب کنيو، بيخياليءَ
۾ ورق گرداني ڪري رهي هيس ته ڀاڄائي اندر آئي. مون
کي ڳراٽڙي پائي چوڻ لڳي، ”پياري رضو! تون ڪهڙي نه
مٺي ڀيڻ آهين، پر سدائين شل منهنجي هجين!“
مون ذري گهٽ رئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”تنهنجي نه
آهيان ته ڪنهن جي آهيان؟“ مون انهن ڏينهن ۾ پاڻ کي
بي سهاري پئي سمجهيو، پر جهٽ پلڪ لاءِ مون کي
ڀاڄائيءَ جو پيار ڏسي، وسري ويو ته ڪو مان اڪيلي
آهيان. ڀاڄائيءَ چوڻ لڳي، ”پياري رضو! اصغر منهنجي
مٺڙي ڀاءُ جو ڳرڻ جهرڻ مون کان ڏٺو نٿو وڃي. هو
تنهنجي نفرت برداشت ڪري ڪو نه سگهندو. مون ذري گهٽ
رڙ ڪندي وراڻيو، ”نفرت!“ منهنجي اکين مان ڳوڙها
ڳڙڻ لڳا. مون ائين سمجهيو ته منهنجي ڀريءَ بازار ۾
ڪنهن بي عزتي ڪئي آهي يا مون کي ڪنهن جرم ڪندي
پڪڙيو آهي.“
”تو هن ۾ ڪهڙو عيب ڏٺو. شڪل، تعليم، اخلاق ۾- ڪهڙي
به ڳالهه ۾ هو گهٽ ڪونهي.“ ڀاڄائيءَ چوندي رهي،
”وڏي ڳالهه ته هو تنهنجو رشتي ۾ ماروٽ آهي ۽ اهو
ماروٽ جو توکي پنهنجي جان کان به پيارو سمجهي ٿو ۽
.... ۽ ....“ مون ڀاڄائي جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو
ته، ”ڀاڄائي الا! تون به مون کي ڪو نه ٿي سمجهين؟“
منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا رهيا.....
”هو مڪمل انسان آهي، هن ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانهي، هو
پوڄا لائق آهي، مان هن کي بي حد محبت ڪيان ٿي.
منهنجو هن کانسواءِ ڪو وجود ڪونهي ۽ .... ۽ منهنجي
محبت پنهنجي ديوتا کي هڪ معمولي ادنيٰ درجي جي روپ
۾ ڏسي نه سگهندي. مان پنهنجي محبت کي بلند رکڻ ٿي
گهران، مان اهو برداشت نه ڪري سگهندس ته هو فقط
منهنجو ادنيٰ طور تي محبت ڪندڙ هجي. مان پنهنجي
خوابن جي طلسم کي قائم رکڻ ٿي گهران.“ مون بي
بسيءَ مان روئندي چيو.
”ادنيٰ!..... معمولي! .... روپ! ..... ڇا زبيده؟“
هن مون کي غور سان ڏسندي وراڻيو ۽ مون سمجهيو ته
ڀاڄائيءَ منهنجي دل جي اونهي تهه تائين پهچي وئي ۽
مون ڏٺو ته هن جو چهرو نهايت اداس ٿي ويو.
ڪجهه دير بعد هن چيو، ”اهڙن لطيف ۽ خوبصورت
احساسات جي ڇا وقعت؟ جواني ۽ شادي لازم ملزوم
آهي....“
”ها! پوءِ ڇا؟“ مون چيو.
”نادان،“ عجيب مايوسيءَ سان ڀاڄائي چيو ته، ”بيشڪ
اسان جي محبت جي شادي شده زندگي به ڪارو باري ٿيو
وڃي ٿي. اهي ساڳيا انسان جي اسان جي هر ادا تي فدا
ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن، اهي شاديءَ بعد فقط
تجارت جو تعلق رکندا آهن. – چي، اسين تنهنجي لاءِ
سارو ڏينهن محنت ٿا ڪريون ۽ ان ڪري تون به اسان جي
خواهشن جو احترام ڪر- ۽ ”خواهشن!“ ...، ڀاڄائي
آسمان جي خلائن ۾ نهاريندي چيو- شايد هن جي ذهن تي
ڪا ناگوار ياد اڀري رهي هئي.... هن جو آواز ڌيمو ۽
جهڪو ٿيندو ويو. هن چيو ته، ”اسين ته رانديڪو
آهيون بس رانديڪو.... سماج جي هٿ ۾، پيءُ ماءُ جي
هٿ ۾.... مردن جي هٿ ۾.... ۽ ...۽.... محبوب جي هٿ
۾ پڻ.... ان بلند خياليءَ جو ڪو به داد ڪو نه
ملندو، ان مقدس جذبات جو احترام ڪو نه ڪندو....
خوابن جي دنيا مان زوريءَ گهلي، حقيقتن جي تلخين ۾
وڌو ويندو ۽ جتي ڏسبو ته ”محبت“ هڪ ڪميڻي خواهش جو
مهذب نالو آهي ۽ بس ...“ مان حيران ڀاڄائيءَ کي
ڏسي رهي هيس ته هڪ معصوم کلمک عورت جي اندر ۾ به
ايتريون چڻگون دٻيل آهن. اف! يا خدا! ڀاڄائيءَ جو
چهرو ڪومائجي ويو هو ۽ سندس ڊگهن پلڪن ۾ ٻه ڳوڙها
اٽڪي پيا هئا، ۽ سندس چپن تي هڪ تلخ مشڪ هئي.
هن منهنجين اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو ته، ”رضو،
اهو قانون قدرت آهي يا انسان جو من گهڙت فلسفو ته
جواني آغوش جوانيءَ ۾ جذب ٿئي ٿي، خوش نصيب آهن،
اهي انسان، جن کي اها آغوش سڃاتل آهي.“ ڀاڄائيءَ
جو آواز تبديل ٿي ويو. پوءِ اوچتو ٻاهر آواز ٻڌم
ته، ”اکيون کوليان“ مون مٿي نهاريو ڀاڄائي ڪو نه
هئي، ٻاهر ٻارن جي فوج سان ”اک ٻوٽ“ ڪري رهي هئي.
سندس مڌر مڌر کل منهنجي ڪنن تي پئي، الائي ڪيڏي
مهل وئي هلي.
۽ مان پنهنجي خيالن جي ڄار جي تاڃي پيتي ۾، اهي
لفظ دهرائي رهي هيس ته، ”اسين ته آهيون
رانديڪو..... سماج جي هٿ ۾! ماءُ پيءُ جي هٿ ۾! ۽
محبوب جي هٿ ۾ پڻ رانديڪو آهيون....“!
ثمينه ميمڻ
جي سَڃئين
ته سونُ ٿيان....!
ڏهه سال پراڻو لکيل خط، هن کي، تڏهن مليو، جڏهن هن
پنهنجي زندگيءَ جون سڀ بهارون، پاڻ کي ارپي ڇڏيون
هيون.
سڳنڌ جون اکيون، خط تي ڄمي وڃن ٿيون. پني کي
اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳي ٿي. نالو پڙهندي، هن جا هٿ
ڏڪڻ لڳن ٿا: هوءَ ڪجهه به نه سمجهڻ چاهي پئي.ڄڻ
هُن، اهو پنو پڙهيو ئي نه هجي. ڪرسي تي آ هلي پوي
ٿي.
پر پوءِ نه چاهيندي به ننڍڙي پرزي کي پنهنجي
زندگيءَ جو سمر سمجهي، هٿ ۾ ائين ڀڪوڙي ڇڏي ٿي، ڄڻ
زندگيءَ جي هارايل پلن کي قيد ڪندي هجي.
سڳنڌ اڄ چاهي پئي ته وِيل ويرَکي واپس ورائي، پر
ڪيئن ممڪن هو! ڇو ته زندگيءَ جي جنهن حصي ۾ هئي.
اُتي ڪير به پنهنجي مرضيءَ سان سهارو نه ٿي ڏئي
سگهيو. ها..... عمر جي هن حصي ۾ ته صرف مجبورين
سان ئي سمجهوتو ڪيو ويندو آهي. جيڪو هن کي الائي
ڪڏهن کان قبول نه هو، پر جڏهن زندگيءَ جا سڀ رنگ
هن جا هئا. پر ان ويل هن نه ڄاتو هو ته انهن رنگن
جي معنيٰ هن لاءِ ڪهڙي هئي.
جڏهن سُڳنڌ پاڻ کي، گهر جي ڀاتين ۾ ڀيٽڻ لڳندي
هئي، ته لڳندو هئس صفا ننڍڙي ٻار ٿي وئي هجي، پر
پنهنجي آيل سوچ کي جهٽڪو ڏئي سوچيندي هئي ته اهڙا
احساس هن کي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن به محسوس نه ٿيا هئا.
جي سَڃئين ته سونُ ٿيان....!
ثمينه ميمڻ
|
پر جڏهن کان ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن جي روز جي ماراماريءَ
کان پوءِ سندس پيءُ شهر ۾ اچي ڪنهن اسڪول ۾ ماستر
ٿيو هو ته شهر جي زندگي، هن کي خواب لڳي هئي، جتي
هن کي پنهنجو پاڻ مان ساهه نڪرندي محسوس ٿيندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن رات جو جڏهن سڀ سمهي پوندا هئا ته هوءَ
گرميءَ جو بهانو ڪري آڳنڌ ۾ اچي، پنهنجو پاڻ کي
پوري طرح جاچڻ لڳندي هئي ۽ اکيون بند ڪري، وڏا وڏا
ساهه کڻڻ لڳندي هئي. ائين لڳندو هئس، ڄڻ هوءَ گهُٽ
۽ ٻُوسٽ مان هاڻ نڪتي هجي.
ان ويل سندس احساسن کي جذبن جو روپ ملي ويندو هو،
احساسن کي هڪ نئين اميد ملي ويندي هئي. پر.......
سڳنڌ ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ لڳندي هئي ته هن جي احساسن ته
ڪڏهن به ڪا شڪايت ڪانه ڪئي هئي، هوءَ مشين جو اهو
پرزو هئي، جنهن جو هر ڪانٽو ٻين جي مرضيءَ سان هلڻ
جو عادي ٿي ويو هو. پوءِ هوءَ ڇو بيچين ٿي پئي
هئي، هن جي احساسن ڇوڪَرُ کنيو هو. پاڻ کي ڌونڌاڙڻ
جي ڪوشش ڪندي هئي.
ها..... هن کي جواب ملي ويو هئو، ان احساس هن جي
اندر کي ڪوري وڌو هو ته هوءَ پڙهيل ناهي، پر هوءَ
هاڻ ڇو پئي سوچي! شايد ان لاءِ ته هوءَ شهر جي
زندگي ۽ گهر ڀاتين ۾ پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ناممڪل
سمجهي پئي. پاڻ تي جکَ اچڻ لڳندا هئس.
وڏي ڌيءَ هئڻ ڪري، هوءَ ڇو پئي ڀوڳي! ڪڏهن ڪڏهن
هوءَ قسمت سان شڪايت ڪرڻ چاهيندي هئي ته آخر هن کي
ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي هئي، معذور ماءُ، جيڪا
اڌ رنگ جي مرض ۾ ورتل هڪ کٽ تي، ڪڏهن کان موت جو
اوسيئڙو ڪندي، سڄيون راتيون جاڳي گذاريندي هئي ته
هن جا احساس ازخود ماٺا ٿي ويندا هئا.
سُڳنڌ اڃا سانڀر ۾ آئي ته هن کي سڄي گهر جو بار
سنڀالڻو پيو، ننڍن ڀائرن ڀينرن کي ماءُ وانگر پالي
وڏو ڪيو ۽ هن کي چار پنج درجا پڙهائي، گهر ۾
ويهاريو ويو.
پر..... ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هئي ته ان کان ڄمان ئي
نه ها ته چڱو هو! پر ڄمان ڇو نه ها، کڻي پهريون
نمبر نه هجان ها. پوءِ پڙهان ته ها. هوءَ سوچيندي
هئي. هوءَ پنهنجي هٿن کي ڏسڻ لڳندي هئي. جيڪي گهر
جو سڄو ڪم ڪندي، جهيرون جهيرون ٿي پيا هئس. تڏهن
هٿن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. دل چوندي هئس ته
اهي هٿ ڪپي ڇڏي، سندس ساهيڙي مارئيءَ جا هٿ ڪيڏا
نه نازڪ نفيس هوندا هئا، هوءَ جڏهن هن جي هٿن کي
لڪي جاچيندي هئي ته سندس هٿ ازخود رئي ۾ لڪي ويندا
هئا.
هوءَ پنهنجي ڀائرن ڀيڻن کان پاڻ کي صفا ننڍڙو
سمجهندي هئي، جڏهن هُو ڪنهن موضوع تي پاڻ ۾ بحث
ڪندا هئا ته هوءَ ان ويل رڌڻي ۾ وڃي، هروڀرو به ڪو
ڪم ڪار ڪرڻ ويهندي هئي ۽ اندر ۾ ڀُرڻ لڳندي هئي.
هڪ احساس هن جي اندر کي جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،
پر هن جهٽڪو ڏئي، ان احساس کي پاڻ کان پري ڪري
ڇڏيو هو. ڇو ته هن کي خبر هئي ته اهو احساس هن جي
اندر ۾ هميشه لاءِ ڪڏهن به جاءِ وٺي نٿي سگهيو.
اهو احساس سُڳنڌ کي تڏهن ٿيو هو، جڏهن هوءَ گهر
کان ٻاهر نڪتي هئي. ان وقت هن کي زندگي هڪ بيٺل
پاڻي نه، پر وهندڙ درياءَ وانگر لڳي هئي. هن جي
سوچ کي هڪ نئون موڙ مليو هو، پر...... ان موڙ کي
ڪو به نالو ڏيڻ نه چاهيو هو. هن جي اندر جو
سمهاريل احساس، چاهڻ جي باوجود سگهه ساري نه سگهيو
هو.
هوءَ جڏهن پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي اسڪول ڇڏڻ ويندي
هئي ته ٻه اکيون هن کي پاڻ ڏانهن گهوريندي محسوس
ٿينديون هيون، پر پاڻ جڏهن ان جي ويجهو لنگهندي
هئي ته نهاري نه سگهندي هئي، ساهه بند ٿيڻ لڳندو
هوس ۽ گهر اچي وڏا ساهه کڻڻ لڳندي هئي.
خبر پئي هئس ته اهو ڇوڪرو سندس پاڙي ۾ رهندو آهي،
نالو دانش هئي. يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ صبح جو بس جي
اوسيئڙي ۾ بيٺل هوندو هو.
پر هيءَ ته هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه هئي، روز معمول
ٿي پيو هو. هوءَ چاهيندي هئي ته جيڪر ڀيڻ کي اسڪول
ڇڏڻ نه وڃي، وري نه چاهيندي به هن جي اندر ائين
ڪرڻ ٿي گهُريو.
هن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هوءَ ائين ڇو ٿي
چاهي؟ هن ائين ڇو پئي ڪيو، شايد هن جي دل ۾ هُن
لاءِ ..... نه نه ائين نٿو ٿي سگهي. پر هِن به
دانش سان ڪڏهن ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پوءِ
هُو ڪيئن سمجهي ته هُو، هِن کي ڇو ٿو ڏسي. هن ته
پنهنجي احساسن کي گهڻو وقت اڳ سمهاري ڇڏيو هو.
ڏينهنِ گذرندي، هن کي، تڏهن احساس ٿيو، جڏهن هُو
هتان هليو ويو هو. ڇو هليو ويو هو، هن کي ڪا خبر
نه هئي، پر ڄاڻيندي به هن جون اکيون، دانش کي ڳولڻ
لڳنديون هيون، پر........ اهي پل، هن کي وري ملي
نه سگهيا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ لڳندي هئي ته هوءَ ان ماڻهوءَ کي
ڇو پئي ياد ڪري، جنهن ڪڏهن به هن کي ڪجهه چيوئي نه
هو ڪجهه سمجهيو ئي نه هو، جنهن سندس دل جي ڳالهه
سمجهي نه هئي، ڀلا نهارڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.
نهاري ته ڪير به سگهي ٿو، پوءِ هن نهاريو ته ڇا
ٿيو؟ هوءَ پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳندي هئي، پر ان
ڳالهه جو جواب هن کي ڪڏهن به نه ملي سگهيو.
پر...... هن جي غير موجودگيءَ، سڳنڌ جي احساسن کي
هڪ نئون موڙ ڏنو، هن جي دل ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو. هُن
ماءُ پيءُ کان پڙهڻ جي اجازت گهري، جيڪا هُنن ڏني،
ڇو ته شهر ۾ رهندي، هن جي ماءُ پيءُ وقت جي گهُرج
سمجهي هئي. جڏهن سندس ننڍڙا ڀائر ڀينر رات جو
ڪاليج جو ڪم ڪرڻ لڳندا هئا ۽ هن کي ڪو به ڪم نه
هوندو هو، پر پوءِ به چاهيندي هئي ته ڪو ڪم ڪرڻ
ويهي ته جيئن ڪير محسوس نه ڪري، پر سندس ماءُ پيءُ
اها ڳالهه هاڻي ڄاڻي ورتي هئي، پڇتاءَ جو جيڪڏهن
ڪو ازالو ٿي سگهيو ٿي ته صرف ان صورت ۾ ته هن کي
پڙهائجي. سندس پيءُ اهو سوچي ڇڏيو هو ته سڳنڌ اسان
جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، انهن مڙني احساسن کي جڏهن
ڪا معنيٰ ڏيڻي هئي ته سڳنڌ کي پڙهائڻو آهي.
پاڻ به شوق سان پڙهڻ لڳي هئي، پرائيويٽ امتحان پاس
ڪري، هاڻي يونيورسٽي پهتي هئي. سڀني پڇتائن جو حل
ان ۾ ئي ٿي ڄاتو. هوءَ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. وقت
سڳنڌ کي اڳيان آڻي ڇڏيو هو ۽ هن ۾ هڪ نئون اعتماد
پيدا ٿيو. هن زندگيءَ کي هڪ نئون نالو ڏنو هو.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ رات جو دانش جي باري ۾ سوچيندي هئي
ته ڏاڍو سٺو لڳندو هئس ۽ دل ئي دل ۾ سَرهي ٿيڻ
لڳندي هئي، پر وري نراسائي اکين ۾ لهي ايندي هئس،
اهو سوچي ته هاڻ ته وقت الاهي پٺتي رهجي ويو هو.
هاڻ هوءَ زندگيءَ جي ان حصي ۾ هئي، جتي صرف سهارا
مجبور ٿي، اڳيان ريڙهيون پائيندي نظر ايندا هئا.
هن کي ڪنهن به اهڙي سهاري جي ضرورت نه هئي ۽ هاڻي
هن جي زندگيءَ جو مقصد صرف ٻار پڙهائڻ ئي ٿي ويو
هو. ۽ اندر ۾ هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ عقيدت پيدا ٿي
وئي هئس، جيڪو هن جي دل جو هميشه لاءِ ديوتا هو.
هن کي ته اها به خبر نه هئي ته جيڪڏهن هوءَ پاڻ
چاهي پئي ته ڇا! دانش کيس کي چاهيو هو؟ ان سان
ڪهڙو پيو فرق پوي، پر هن جي دل ۾ ته دانش لاءِ
پهرين کان وڌيڪ احساس وڌندو ويو هو، جنهن جو ڪو
نالو نه هو، پر هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته
اوچتو......هيءُ جذبو، پنهنجو نالو پاڻ ڳولي
لهندو.
اڄ جڏهن هوءَ پنهنجي ڪمري جي الماري ٺاهي رهي هئي
ته اتان ڊائري هيٺ پٽ تي اچي ڪري، جنهن مان هڪ پنو
ڪري، هن جي پيرن ۾ اچي پيو. هوءَ سوچڻ لڳي ته هيءَ
ڊائري ته مون کي رابيل ڏني هئي، جيڪا دانش جي ننڍي
ڀيڻ هئي، جيڪا اڳ ۾ ٽيوشن پڙهڻ ايندي هئي.
سڳنڌ ڊائريءَ ۾ رکيل خط کي پڙهڻ لڳي. هن جي اکين
کي اعتبار نٿي آيو، هوءَ اتي ئي نظرون کُپائي، ان
ننڍڙي خط جي پرزي کي ڏسڻ لڳي، جيڪو هن کي اڄ مليو
۽ اهي سڀ رنگ هن اڳيان چِٽا ٿيندا ويا، جيڪي هن
الائي ڪڏهن محسوس ڪيا هئا.
ته ڇا دانش کي خبر هئي ته هوءَ پڙهيل نه هئي. پوءِ
به...... پوءِ به هن مون کي پنهنجو ڪرڻ چاهيو هو ۽
مان چري ان احساس ۾ ته مون اڻ پڙهيل سان هُو شادي
ڪيئن ڪندو. هن ٿڌو ساهه ڀريو.
هوءَ هڪ ٽِڪ خط ۾ لکيل شاهه سائين جي بيت جي سِٽ
کي پڙهڻ لڳي ٿي. ”جي سَڃئين ته سونُ ٿيان“ ۽ پوءِ
هن جملي کي پڙهڻ لڳي، ”ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها ته
مون توکي چاهيو آهي، اندر جي سمورين چاهتن سان.“
هوءَ پنهنجي خيالن مان موٽي آئي ۽ هن جي اکين مان
لڙڪ لڙي پَٽ تي ڪِرندا رهيا. هوءَ پني کي پنهنجي
اکين اڳيان آڻي، هڪ نظر وري ٿي ڏسي. اڄ وري هڪ
دفعو نه حاصل ٿيندڙ محبت جي احساس هن کي جهوري
ڇڏيو هو.
|