ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جَنِين اَجهي
گهارِيان
الا! جُنگ جِين، اَجهي جَنِين گهارِيان،
شالَ مَ سُڪِي وِيرِي، جئان پَهي پِيَنِ،
مَرَڪَڻُ اَکڙِيَنِ، جن ڏِٺي مون سُکُ ٿئي.
(سُر بلاول-3-2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، انساني اعليٰ قدرن جي
ترجماني ڪندي، زندگيءَ جي هر ان رويي کي همٿايو
آهي، جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي. هو انهن
سخي جوانن جي حياتيءَ جو طالبو آهي، جن جي آسري
حياتي گهارجي. شل اهي وِيئريون يعني ننڍيون کُهيون
به آباد هجن، جن مان ايندڙ ويندڙ پاڻي پي اُڃ
اجهائين. اهي مَرَڪڻا مرد فخر لائق آهن، جن کي ڏٺي
اکيون ٺرن، هو سچن سخين کي مڃتا ٿو ڏئي. کيس چڱيءَ
پر ڄاڻ هئي ته سخاوت جو جذبو ايمان جي نشاني آهي ۽
سخين کي ڌڻيءَ سڳوري بي حد پسند ڪيو آهي. فرمايل
آهي ته، ”اِنَ الله جَوادُ يُحِبُ الجَواد“ ترجمو:
”بيشڪ خدا پاڪ سخي آهي ۽ سخين کي پسند ڪندڙ آهي.“
سخاوت اعليٰ انساني خوبي ۽ خدائي صفت آهي. هيءُ
اُتم جذبو پيغمبرن، نبين ۽ ولين کانسواءِ ڪجهه سچن
۽ نيڪ انسانن جو ورثو آهي. ڏاتار ته ڏيندڙ آهي.
اُن ۽ گهرندڙ جي وچ ۾ وسيلو فقط، اها ”گهرج“ آهي،
جيڪا گهرندڙ گهري ٿو. ڏاتار ته چاهي ٿو ته کانئس
گهريو وڃي، پر جڏهن بندو کيس ڇڏي، سکڻن درن جو
سوالي ٿو ٿئي، تڏهن هو پاڻان ڏک ٿو ڪري. شاهه صاحب
فرمائي ٿو ته:
ڏاتارَ ڏُک ڪَيا، پاڻان مٿي مَڱڻين،
”مُون دَر ڇڏيو، مَڱڻا! مَنگيِن، ڪوهُه ٻيا،
تيلاهين پِئا، تو وِچئان وِلها ڏِينهڙا.“
(سُر پرڀاتي، 1-13)
خالي ڏينهن انهن کي ئي نصيب ٿيندا، جي ڏاتار کي
ڇڏي، دَرِ دَرِ پنندا. سخاوت ۾ انسانيت جي سونهن
سمايل آهي. جاني يا مالي طور ڪنهن به انسان جي
لاءِ بغير غرض جي ڪم اچڻ ۽ بيريا خدمت ڪرڻ به
سخاوت آهي. بنان ڪنهن اجوري جي ٻين کي علم عطا ڪرڻ
به سخاوت آهي. کوهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ، خدا پاڪ جي
ڏنل رزق مان ٻين کي کارائڻ، مدد ڪرڻ، مطلب خلق
خدائيءَ جي هر طرح هڙئون ۽ وڙئون ڪم اچڻ، سخاوت جا
درجا آهن. انهيءَ ڪري شاهه صاحب اِن اڻ مُلهه جذبي
کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي، مڃتا ڏيندي، بُخل کي
ناپسند ڪيو آهي.
”الا!
جُنگ جِين“ مان شاهه سائينءَ جي مراد تمام وڏي
ڄمار آهي، ڪيترائي سال، سوين سال يعني شل سندن
ڄمار کُٽي ئي نه ۽ سندن نه کٽندڙ حياتي ئي هن
ڌرتيءَ جي مخلوق جي خوشي، سڪون ۽ آسائش آهي. اهڙا
سخي اُن کوهه جيان آهن، جيڪي سخت گرميءَ ۾ اڃايلن
جي اُڃ پنهنجي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ٿا اجهائين.
اهڙي کوهي، جيڪا واٽهڙن لاءِ خدائي نعمت ۽ رحمت
آهي، سا شل ڪڏهن به نه سُڪي. ائين ئي سخي مرد
پنهنجي ڪٽنب لاءِ، قبيلي لاءِ ۽ سڄيءَ قوم لاءِ
ڪارائتا آهن ۽ شل ڌڻي پاڪ منجهن برڪت وجهي ۽ سندس
اها ئي دُعا آهي ته اهڙن جُنگ جوانن جي سخاوتن سان
سنڌ جي سرزمين سُکي ۽ ستابي هجي.
ڀٽ ڌڻيءَ ڪيترن هنڌن تي سنڌ جي سخي ڏاتارن کي مانُ
ڏنو آهي. جادم جکرو ته سندس نظر ۾ سخاوت جو صاحب
هو. ڄڻ سنڌ جو حاتم هو. سمن جي هن سرتاج کي هو
مخاطب ٿئي ٿو ته، ”سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ
پاڳارا پُرسَ ٻيا“، شاهه لطيف جي نظر ۾ سرداريءَ
جي قابل ۽ پڳ جي قابل فقط سمو سخي سردار آهي، کيس
ئي پڳ سونهي، سمي جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي.
ابڙو سردار سخاوت جو سائين ۽ واعدي جو سچو هو ۽
سخين جي اها هڪ اضافي خوبي آهي ته هو واعدو وفا
ڪندا آهن. سو هُن به واعدي مطابق هندوستاني لشڪر
سان منهن مقابل ٿيو ۽ سومرين جي حفاظت ۾ سر قربان
ڪيو. عزتن جي حفاظت، سنڌ جي حفاظت ۽ واعدي وفائيءَ
تي سر ڏيڻ وارا، اهي تاريخي مثال آهن. جن کي شاهه
صاحب امر ڪري بيان ڪيو آهي.
سَرڻِيَنَ جي سُکَ لئه، سانگ کَنئي سَردارَ،
جي آيون ابڙي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيِنديوُن
سُومريون.
(سُر بلاول، 1-14)
راجا راءِ ڏياچ ڪاٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جي
بادشاهه گرنار تي حڪومت ڪئي. هن سخي سردار وڏي
اُتساهه سان، سر ڪلهن تان ڪوري، ٻيجل کي ڏيندي،
اهو چيو ته، ”تون انيراءِ سان منهنجي سِرَ جو وچن
ڪري آيو آهين. متان ٻيجل پنهنجي واعدي ۾ ڪوجهو
ٿئين، هي هڪ سر ته ڇا، پر جي ڪروڙين سِرَ هجن ته
به تنهنجيءَ تند تنوار ۽ واعدي اڳيان ڪجهه ناهن.“
مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپارَ،
ته واريو واريو وڍيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
ته پُڻ تَندُ تنوارَ، مُونهان مٿانهون مَڱڻا!
(سُر سورٺ، 3-14)
راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ کي ٻيجل آزمايو، سخين لاءِ
سوال موٽائڻ مهڻو آهي، هُو سِر ڏيندڙ سوال تي به
پريشان نٿو ٿئي، پر وريو وريو کيس چوي ٿو ته، ”جي
ڪم اچيئي ڪپار ته ويهه ڀيرا وڍي ڏيئين“ ۽ کيس اهو
به ڏک آهي ته جيڪڏهن ٻيجل کانئس ڪا اهڙي شيءِ گهري
ها، جا وٽس نه هجي ها ۽ هو نه ڏئي سگهي ها ته،
ڏاتارن تي هميشه لاءِ ٽِڪو اچي وڃي ها.
سوجيُ مڱڻهارَ! مَ هوءِ، جنهن تو مَٿي سِرُ سَٺو
ڪِيو،
جو مُون مُل مور نه سَپَڄي، تان جي سو گهُريوءِ،
تان جُڳان جُڳ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
(سُر سورٺ، 3-8)
ها! ڪيڏي نه سهڻي فلاسافي آهي؟ سخاوت جي آزمائش ۾
پورو لهڻ ۽ واعدو وفا ڪري اطمينان محسوس ڪرڻ ۽
شاهه صاحب جو ان کي اهڙي شان سان بيان ڪرڻ.
سخين کي آزمائڻ نه کپي. هو وڏيءَ دل وارا هوندا
آهن. پاڻ کي تڪليف ڏئي، ٻئي جي ڪم اچڻ ئي سندن ريت
۽ روايت آهي. اهڙا ئي سچار، بي خوف هجن ٿا، رسول
پاڪ
ﷺ
جن سخاوت کي گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به
ڪنهن سائل کي خالي هٿ ڪونه موٽايائون. هڪ دفعي جنگ
۾ وٽن بني طئي قبيلي جا ماڻهو جنگي قيدي ٿي آيا،
انهن ۾ حاتم طائيءَ جي ڌيءَ به هئي. جڏهن اُها
سامهون پيش ٿي ته چيائين: ”يا رسول الله
ﷺ!
منهنجو والد غريبن ۽ مسڪينن جي پرگهور لهندو هو ۽
کين کاڌو کارائيندو هو“. پاڻ فرمايائون ته، ”بيشڪ
اهي مومنن جون خوبيون آهن. تون سخيءَ جي ڌيءَ آهين
۽ هاڻي آزاد آهين“ ۽ سندس ڀاءُ کي به پاڻ سڳورن
آزاد ڪيو. جنهن تي سڄو بني طئي جو قبيلو مسلمان ٿي
ويو.
مطلب ته سخاوت هڪ وڏو اخلاقي قدر آهي، جنهن کان اڄ
جي دور ۾ اسين بلڪل وانجهيل آهيون. اسين اڄ اعليٰ
تعليم حاصل ڪريون ٿا ۽ اعليٰ عهدا حاصل ڪرڻ، اعليٰ
اسٽيٽس واري حياتي گذارڻ جا جتن ڪرڻ ۾ پورا آهيون،
پر اهو نٿا سوچيون ته زندگي ٺڪر جي ٿانوَ مثل آهي.
اسان اڄ آهيون سڀاڻ نه هونداسين. ڇو نه اهڙا ڪم
ڪري وڃون، جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو رسي. ڪو اهڙو
قائم رهندڙ چڱو ڪم ڪري وڃون، جنهن سان انسانيت کي
ڪا اُٻيل اچي. سخاوت اخلاقن کي سونهن ڏئي ٿي. محبت
کي ڇڪي ٿي، بخل ۽ بغض کان بچائي ٿي. هڪ اهڙي عمدي
اخلاقي خصلت آهي، جا ماڻهوءَ جي شرافت، بزرگيءَ ۽
بلنديءَ جو باعث بڻبي آهي. جنهن سان ماڻهو، ماڻهن
۾ محبوب ۽ محمود آهي. ڪن سٺن ۽ سچن جي صدقي ئي هن
سنسار ۾ سونهن ۽ سٺائي پيدا ٿيندي رهندي آهي.
شاهه صاحب هڪ آدرشي انسان هو. شاهه جي شاعري پڙهڻ
سان خبر پوي ٿي ته سندس طبيعت نيڪ نيت ۽ چڱين
خاصيتن واري هئي، انهيءَ ڪري، هن پنهنجي ڪلام
وسيلي، نيڪين جي پرچار ڪئي آهي ۽ نيڪين کي ساراهيو
آهي، فرمائي ٿو ته:
جَکِرا جيين شالَ، تُنهنجو ڪَنين مَندو مَ سُڻيان،
جِئن تو اَچي، ڪالهه، آزارِئا آجا ڪِئا.
(سر بلاول، 2-2)
پروفيسر رشيده ڀٽي
رني ڪوٽ جو قلعو
سڀ کان پهريان مون رني ڪوٽ جو قلعو سال 1982ع ۾
ڏٺو، رني ڪوٽ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ وقت. ٻيو ڀيرو
وري سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان فزيالاجي ڊپارٽمينٽ
وارن سان آخري پڪنڪ وقت جيڪا فزيالاجي ڊپارٽمينٽ
وارن سان گڏ ٿي، سو هيو سال 2013ع. رني ڪوٽ متعلق
سيمينار ڪوٺرايو ويو هو، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽
محققن پنهنجا مقالا پيش ڪيا. منهنجي ڪليگ سنڌي
ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر تهمينه مفتي پڻ مقالو پيش
ڪيو هو. مون کي گڏ وٺي وڃڻ واري به اُها هئي. تڏهن
مقالا پڙهندي ۽ ٻڌندي گهڻو وقت گذاريو، ۽ قلعو گهٽ
گهميوسين، ”ميري ڪوٽ“ ڏٺوسين، پوءِ به مختصر وقت ۾
گرم موسم جي شدت جي باوجود ڪافي ڪجهه ڏٺوسين. ۽
اندران به ڪجهه گهمياسين، پر تمام گهڻي گرمي هجڻ ۽
ڏينهن جو تيز اُس ڪري ڏاڍو گرم موسم هو. مقالن ٻڌڻ
دوران خبر پئي ته هيءُ قلعو صدين کان هتي موجود
آهي، پر اُن جي تعمير جي دور جو اڃان تائين، تعين
نه ٿي سگهيو آهي. 1965ع ۾ پهريون ڀيرو ڪجهه عالم،
جن جي دلچسپي آرڪيالاجي ۾ هئي، سي اُتي پهتا، جن
کي جي.ايم.سيد دعوت ڏيئي گهرايو هو، رني ڪوٽ قلعي
۾ شيرڳڙهه ۽ ميري ڪوٽ جا ننڍا قلعا به اندر آهن.
قلعي جي اڏاوت، جاءِ وقوع، تاريخي اهميت ۽ ديوارِ
چين سان مشابهت رکندڙ تعمير جي فن جي نموني کي
سامهون رکي، ڪرنل رشيد اهو نتيجو ڪڍيو ته هي قلعو
”ٿِين“ يا ”پارٿين“ جي دور جي اڏاوت آهي.
ڪرنل رشيد سان گڏ ٽيم ۾ محمد حسين پنهور، پير حسام
الدين، ابراهيم جويو، ايم.ايڇ پنهور، ۽ غلام رباني
صاحب به گڏ هئا. 1965ع ۾ رني ڪوٽ جو قلعو عالم
آشڪار ٿيو. وڌيڪ شهرت ڏيارڻ ۾ به هڪ ٻي فوجي
ليفٽيننٽ جرنل ايس.ايم عباسي، (سنڌ جو گورنر) جو
هٿ هو. اُن جي دور ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هو.
سيمينار منعقد ڪرائڻ سان اهو فائدو حاصل ٿئي ٿو ته
ٻين شعبن سان، واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل ماڻهو،
اديب، عالم، دانشور، استاد وغيره به پنهنجي دلچسپي
جي باعث مقالن منجهان مستفيض ٿين ٿا ۽ دلچسپيءَ جي
مطابق هر ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه علم ۾ اضافو حاصل ڪري
ٿو. توڙي جو منهنجو شعبو سائنس آهي، پر جيئن ته
مون کي سير و سياحت ۽ تفريح سان گڏ، پراڻن ماڳن
مڪانن کي ڏسڻ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق رهيو آهي ته
منهنجي لاءِ به ان قسم جا مقالا ٻڌڻ سان گڏ، علم ۾
اضافو ٿيو ۽ وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿي.
مسٽر ايم.ايڇ پنهور جي راءِ مطابق، هي قلعو آنڊو
باکتري يونانين 145 ق.م ياٿين 741ق.م ۾ ٺهرايو.
ڪجهه ٻين عالمن جا وري ڪجهه ٻيا رايا به ٻڌا ويا.
بهرحال هيءُ هڪ شاهڪار قلعو آهي، جنهن جي سارسنڀال
پڻ ضروري آهي.
1982ع ۾ ڏٺل رني ڪوٽ، جيڪو بنهه اڻ پورو ڏٺو هيو،
هڪ دفعو وري ٻيهر مون کي موقعو مليو ته مان رني
ڪوٽ وري ڏسي اچان. هڪ ڀيرو جونيئر استاد جي حيثيت
۾ ڏٺو هو ۽ هن وقت جڏهن مان پنهنجي اسٽاف ميمبرس ۽
شاگردن کي بحيثيت چيئرپرسن وٺي وڃي رهي هئس، ته وچ
۾ ڪافي وقت جي وڇوٽي آيل هئي. اُهي ڏينهن جڏهن مون
يونيورسٽي جوائن ڪئي هئي، بحيثيت ليڪچرار جي ۽
1982ع ۾ ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر ٿي وئي هيم. اڄ
2013ع جي مارچ مهيني ۾ جڏهن مان رٽائرمينٽ جي قريب
هيم ۽ هڪرو ايندڙ مهينو اپريل جو باقي هيو. مان
تمام پرجوش هيم ته سٺو ٿيو، هڪ ٻيو ڀيرو قلعو ڏسبو
۽ آرام سان سڄو گهمبو، پر اُتي پهچي خبر پئي ته هڪ
ته وڏي گاڏي يعني بس اڳيان بلڪل به نه وڃي سگهندي
۽ ٻيو موسم جي گرمي ۽ اُس بلڪل به اجازت نه ڏني ته
ڪو اڳتي پنڌ ڪري وڃجي يا وري ڏاڪڻيون وغيره چڙهي
سگهجن. پهاڙن جي وچ ۾ گرم موسم ۾ لڳندڙ هوا به ڄڻ
ٽڪرين سان ٽڪرائجڻ بعد گرم ٿي وڃي پئي، سخت ٻوسٽ ۽
گرميءَ جي ڪري، مان ۽ ڪجهه ٻين ساٿي استادن هڪ هنڌ
بيهي ڪري، هيڏانهن هوڏانهن ٿورو نظارو ڏٺو، جوان
ڇوڪرا ۽ ڪجهه ڇوڪرين ڪوشش ڪري ايڏي وڏي اجگر جيڏي
رني ڪوٽ اندر ٺاهيل ٻين ننڍڙن قلعن ۽ ڪوٽن کي ڏسڻ
جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. شيرڳڙهه قلعو، سِري قلعو ۽ ٻيا
ڪيترا پڻ ننڍڙا قلعا گهمي ڏٺا. پر اسان پوءِ به هڪ
هنڌ ويهي وقت گذاريوسين. مون سان گڏ ڪجهه اسٽاف
ميمبرس ۽ شاگردياڻيون گڏ هيون. مان پنهنجي ڀاڀي ۽
ڀائٽي کي پڻ وٺي وئي هيم، واپسيءَ تي ڪجهه
فوٽوگرافيءَ سان گڏوگڏ، رستي ۾ ايندڙ هڪ ريسٽورينٽ
تي چانهه وغيره پيتي سين ۽ خير سان اچي گهر
پهتاسين.
اڄ سال 27 ڊسمبر 2021ع آهي. اڄ مان خير سان ٽيون
دفعو پنهنجي ٻارڙن سميت رني ڪوٽ وڃي رهي آهيان. اڄ
جو ڏينهن تمام گهڻو اسپيشل آهي، خير سان سڀ ٻار گڏ
آهن، هرڪو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آهي. ذوالفقار علي،
وقار علي، عمير علي، پِنڪي پنهنجي ٻچڙي سان گڏ ۽
مان، خير سان سڀ گڏجي، صبح جو تقريباً نائين بجي
گهر مان نڪتاسين. گهر ۾ زهير علي ۽ ڊاڪٽر نديم
ويٺا آهن. اسان اڌورو ناشتو ڪري نڪتا آهيون، باقي
اڌ رهيل ناشتو ٻارن جو خيال آهي ته روڊ پاسي ٺهيل
مدينه ريسٽورينٽ ۾، جيڪو ڄام شورو ۾ ئي آهي، اُتي
ترسجي ۽ چانهه سان انڊا پراٺا کائجن. ناشتي منجهان
فارغ ٿياسين ته فائنلي گاڏين جي چيڪنگ ۽ پيٽرول
وغيره مڪمل طور تي ڀرائي ۽ بسم الله پڙهي سفر جو
آغاز ڪيوسين. صبح جو ٿڌڪار پڻ وڌيل هئي، ڇو ته سڄي
رات هلڪي هلڪي بارش ڄام شوري ۾ وسندي رهي هئي.
جيڪا صبح جو تقريباً رڪجي وئي هئي. اڄ جي پڪنڪ جي
ڀرپور تاڪيد ۽ تائيد منهنجي وڏي پٽ جي ڪوشش هئي،
ورنه باقي ٻين جا ته خيال ڊانوان ڊول ٿي رهيا هئا.
پر پوءِ جيئن وقت گذريو ۽ يارنهن ٻارنهن ٿيا ته
مڪمل طور تي سج ته نه نڪتو پر پوءِ به موسم وڻندڙ
ٿي ويو ۽ هروڀرو ڪو گهڻو سيءُ نه پي محسوس ٿيو.
رستي جي ٻنهي پاسي ساوڪ ۽ ڪٿي ڪٿي پهاڙن ۽ ٽڪرين
جي قطارن منجهان سفر ڪندي، مون کي هميشه کان تمام
گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي. سَن ڏانهن ويندي،
مانجهند جو ڳوٺ ٻاهران ڏٺوسين، پوءِ ننڍا وڏا ڪچا
پڪا گهر ۽ ڀرپاسي چرندي ٻڪريون نظر آيون. روڊ رستا
ڪافي حد تائين، بهتر طور ٺهي وڃڻ ڪري، هينئر سفر
ماشاءَالله آسان ٿي ويو آهي.
اسان خير سان وڃي رني ڪوٽ جي ٻاهران پهتاسين، اُن
کان اڳ روڊ ڪناري هڪ ريسٽورينٽ نظر آيو، جتي پڻ
فئملي هال وغيره هيو، پر پوءِ اسان سڌوسنئون مٿي
چڙهي وياسين. اُتان کان پوءِ 30 ميل کن باقي رني
ڪوٽ اندر وڃڻ لاءِ هيو،. ڪچي پڪي روڊ جي ٻنهي پاسن
کان، جهرجهنگ جو خوبصورت نظارو هيو. ڪٿي ڪٿي زمين
تي ڪجهه سرسبز وڻ ٽڻ نظر آيا، سرنهن جي خوبصورت
ٻوٽن سان ڄڻ جهنگل ٻهڪي رهيو هيو. خاموش پهاڙن جي
وچ ۾ آباد ٿيل زمين تي پيلا پيلا سرنهن جا گُل
ڦٽيل ۽ ڀرسان چراگاهه ۾ ٻڪرين جون ڊوڙون ڊُڪون
تمام خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون هيون. ڪيترين
ٻڪرين کي مون وڻ جي ٽارين تي چڙهيل ڏٺو، جيڪي
پنهنجي پسند مطابق اُتان پن پٽي کائي رهيون. اسان
پڻ ويندي وقت ته نه، پر واپسيءَ تي ٻه ٽي منٽ ترسي
ڪري، سرنهن جي کيتيءَ ۾ بيهي ڪري فوٽو ڪڍرايا. اُن
مهل شام جا پنج ٿي رهيا هئا، هلڪي هلڪي بوندا
باندي شروع ٿي وئي هئي ۽ پهاڙن منجهان سفر ڪندي،
جهُڙالي ۽ ڪڪرن سان ڀريل آسمان ۽ سرمئي شام جو مزو
وٺندي، اسان واپس آيا هئاسين، پر ها! هيءُ ته
احوال پوءِ جو آهي، اسان في الحال ته اڃان رني ڪوٽ
قلعي اندر داخل ٿي، مٿي چڙهي رهيا آهيون، وچ رستي
تي ڪٿي رستو اڻانگو به هيو، پر پوءِ به ڪافي سهولت
وارو رستو آهي. وچ تي هڪ پُل نظر آئي، جنهن کي پڻ
پار ڪري هيٺ وهندڙ پاڻي منجهان گذرڻو پيو. نيٺ
ڪلاڪ کن کان مٿي، وقت جي سفر کان پوءِ اسان اچي
قلعي جي وچ واري ايريا ۾ پهچي وياسين. اُتي پڻ
ننڍا ننڍا قلعا هئا. ۽ پري کان هڪ تمام وڏي چاڙهي
تي چڙهڻ کان پوءِ هڪ وڏو قلعو نظر آيو. پر اسان کي
وچ رستي تي بيٺل هڪ پوڙهي گائيڊ ٻڌايو ته توهان
آرام سان سڌو سڌو مٿي وڃو ۽ اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ
توهان ”ميري ڪوٽ“ پهچي ويندا، اُتي توهان کي ننڍا
ننڍا رهائشي ۽ هڪ سٺو ريسٽورينٽ نظر ايندو، گهڻو
ڪري ڪجهه ماڻهو رات پڻ اچي هتي گذاريندا آهن. اسان
به خير سان الله الله ڪندي، اچي ريسٽورينٽ جي
ويجهو منزل انداز ٿياسين. اُتي گاڏين کي پارڪ ڪري،
سڀ هيڏانهن هوڏانهن خوبصورت منظرن کي فوٽوگرافي ۾
قيد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي وياسين. بيحد خوبصورت
پهاڙ جن جو نه ڪو نه مَٽُ نه ثاني آهي. خشڪ موسم
ڪري، بس ڪمي آهي ته ساوڪ جي، پر پوءِ به اهي پهاڙ
پنهنجي انداز ۾ جنهن نموني پنهنجي شان و شوڪت ۽ آن
بان سان بيٺل آهن، تن جو ڪو ٻيو مثال نٿو ملي
سگهي. سخت پٿريلا، اونچا، ڊگها ڊگها زردي مائل،
هلڪا ناسي، ڊگها ڊگها چهنبارا، چهنبدار چوٽين سان
سينگاريل، پنهنجن ماروئڙن وانگر سڌا سادا، خاموش،
ارڏا، ڪيترن پهاڙن ڀرسان وڏن وڏن پٿرن اندر گول
گول سوراخ ٿيل، ڄڻ لڳي پيو ته هوا جي گذر لاءِ
هُجن، شايد اندر جانورن جا رهائشي ديرا هجن، وڏن
وڏن پٿرن وچ ۾ ڪٿي ڪٿي غار نما وڏا سوراخ به نظر
آيا.
جڏهن خير سان ميري ڪوٽ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو ته تمام
آسانيءَ سان گيٽ اندر داخل ٿياسين. بيحد
اُتساهيندڙ اُتان جي ديوارن جي نقش و نگار، اندر
پري پري هڪ اڌ بينچ نظر آئي ته ڪو مون جهڙو ڀلي
ساهه پٽي. هڪ غيرآباد کوهه نظر آيو، جيڪو بي انتها
گهرائي وارو پيو لڳي، ڏاڪڻين ذريعي، باآساني مٿي
منزل تي وڃي سگهجي پيو ۽ مون ڏاڪڻ چڙهي، بيشمار
تصويري ريڪارڊ گڏ ڪيو. هونئن به منهنجي ته
تصويرڪشي ۽ تصويرن گڏ ڪرڻ جو شوق ننڍپڻ جو آهي،
اُتان واپسيءَ مهل پڻ ٻاهر اچي ٻاهريان منظر
ڏٺاسين، ۽ خوبصورت فوٽو ڪڍياسين. پاڻ سان گڏ آندل
سينڊوچ کائي، اُتي چانهه ورتيسين ۽ فريش ٿي پوءِ
واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. واپسيءَ مهل ٻارن
تمام گهڻو مزو ڪيو، سڀني کي تمام گهڻو مزو آيو،
هيٺ لهي ڪري وري اُن ساڳي هنڌ اچي بيٺاسين، جتي
گائيڊ بيٺو هو ۽ ٻڌايو هيائين ته توهان هيءُ حصو
پڻ آرام سان ڏسي سگهو ٿا، ڇو ته قلعو هڪ وڏي
ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، ۽ هينئر ٻارڙن سان گڏ،
موسم به جهڙالي آهي، توهان وري ڪنهن ڀيري اچي تسلي
سان هيٺيون حصو گهمجو. ڀرسان پاسي ۾ هڪ ننڍڙي ڪوٽ
شايد شيرڳڙهه ڪوٽ تي ڪجهه ماڻهو چڙهي ويا ته اسان
جي به ڪجهه ٻارن همت ڪئي ۽ مٿي چڙهي ويا، پر پوءِ
سڀ نه وڃي سگهياسين، جيترو نصيب ۾ هيو، خير سان
گهمي ڪري واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو سين. واپسيءَ ۾
سرنهن جي کيتن ۾ فوٽو ڪڍياسين، اُن بعد ڀرسان روڊ
رستي، جيڪو ريسٽورينٽ هيو، تنهن ۾ وڃي شام جي
چانهه پيتي سين ۽ پاڻ سان گڏ آندل بسڪيٽ ۽ سنيڪس
سڀني گڏجي کاڌاسين. خير سان شڪر الحمدلله سفر
واپسيءَ جو شروع ڪيوسين ۽ تقريباً رات جو نائين
بجي اچي گهر پهتاسين. هيءُ هيو منهنجو ٽيون ڀيرو
رني ڪوٽ جو سفر، پر پوءِ به اڃا تائين مڪمل طور تي
نه ڏسي سگهي آهيان. الله خير ڪري ۽ صحت ۽ تندرستي
قائم هجي. ڪوشس ڪندم ته وري رني ڪوٽ وڃان ۽ رهيل
ننڍا ننڍا قلعي ڏسي اچان.
رني ڪوٽ
(Rani Kot)،
سموري دنيا ۾
(The great wall of Sindh)
طور متعارف ٿيل آهي. هيءُ قديمي ۽ خوبصورت، ڪوٽ،
ضلعي ڄام شوري جي شهر، ”سن“ ۾ واقع آهي.
”سن گيٽ“ جي ڏاکڻين حصي ۾ رني ڪوٽ موجود آهي، 33
ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل هيءُ قلعو بيحد
خوبصورت، پراسرار ۽ تمام وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل،
چوگرد وڏي
مڪمل
۽ تسلسل سان ٺهيل ديوار، جيڪا ڪنهن به طرح ديوارِ
چين کان گهٽ نٿي لڳي، وڏي شان و شوڪت سان اڄ به
ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ويجهي ماضيءَ جي تعمير شده
ديوار آهي. جڏهن ته هرڪو بخوبي ڄاڻي ٿو ته ماضيءَ
جا ٻيا به ڪيترائي قلعا ۽ ڪوٽ تعميراتي ڪم جو
مجعزو هوندي به خسته حاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهن،
پر هيءُ خصوصي طور تي، بي انتها رونق افروز ۽ تازو
توانو لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو اِن تازگيءَ پٺيان به
هِتان جي موسم ۽ آبهوا جو اثر هجي. ڇو ته هتي جا
جبل به هڪ خاص منظر پيش ڪن ٿا، ۽ خشڪ سالي ڪري،
اُداس اُداس، پر پوءِ به پنهنجي اندر ۾ جيڪا ڪشش
موجود اٿن، سا ته مون کي ساوڪ سان ڍڪيل جبلن تي به
نظر نه آئي. هونئن به اسان جي سونهاري سنڌ ۾ جيڪي
جبل ۽ ٽڪريون موجود آهن، سي سڀ جو سڀ هڪ ٻي کان
وڌيڪ شاندار ۽ خوبصورت ڏيک ڏينديون آهن، خاص ڪري
اروڙ جي پاسي جون ٽڪريون، جن کي غور سان ڏسبو ته
بيحد وڻندڙ ۽ خوبصورت نظر اينديون آهن. سنڌ اندر
ڪجهه شهر جيئن ته ٽڪرين تي اڏيل آهن، جن منجهان
منهنجو شهر روهڙي شريف به هڪ آهي.
روهڙيءَ ۾ موجود ”شاهه مقصود شاهه“ جي ٽڪري،
خيرپور ڏانهن وري ”اڀن شاهه“ جي ٽڪري وغيره (نيرون
ڪوٽ) موجوده حيدرآباد ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو، جنهن جو
نالو آهي (احمدآباد). ڪوٽ ڏيجي جو قلعو، مون
پهريون ڀيرو 70-1971ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر ۾
پڙهائي دوران گهميو هيو. جڏهن اسان کي ڪاليج مان
پڪنڪ لاءِ ڪاليج جون استادياڻيون وٺي وينديون
هيون. اِهو پهريون ڀيرو مان پڪنڪ لاءِ وئي هيم. سڀ
کان پهريان خيرپور ڀرسان ريسٽ هائوس ۾ بلڪل واڌو
واهه ڀرسان ترسياسين. اُتي ڪجهه دير گهمڻ بعد پوءِ
قلعو به ڏٺوسين،. جيئن ته اُن زماني ۾ ننڍپڻ جو
دور هيو، گهمڻ ڦرڻ سٺو ۽ آسان لڳندو هيو، اسان
سڀني ڪلاس فيلوز تمام بهترين نموني ذرو پرزو گهمي
ڏٺوسين.
حيدرآباد جي ويجهو، ڄام شورو ضلعي اندر سن جي شهر
ويجهو هيءُ رني ڪوٽ جو قلعو موجود آهي، هن قلعي جي
ديوار کي ديوارِ پاڪستان به سڏيو وڃي ٿو. هيءَ
ديوارِ چين کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي. ساساني
زماني جي بناوت کي ڏسي سمجهيو وڃي ٿو ته هيءُ قلعو
به اُن دور جو هجي، پر ائين ناهي، ڇو ته ديوارن جي
مضبوطيءَ کي ڏسي، ائين بلڪل به نٿو لڳي. هن قلعي
جي ديوار کي گريٽ وال آف سنڌ سڏيو وڃي ٿو. گهڻو
ڪري 26 ڪلوميٽرن تي محيط ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي
ڦهليل آهي، ۽ قلعي جي اندر ٻيا به ننڍا ننڍا ڇهه
قلعا ٺهيل آهن. رني ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار ڪنهن به
طرح ديوارِ چين کان گهٽ ناهي. ٻاهرين سياحن جي
مطابق به هِتان جي آبهوا، قدرتي ماحول، فطري طور
موجود چرند، پرند هجڻ سان بيحد خوبصورت ماحول جڙيل
ڏسجي ٿو.
هيءُ قلعو 2000 هزار سال پراڻو آهي. پنهنجي دور جي
هن عظيم قلعي جي صحيح تاريخ اڃان تائين معلوم نه
ٿي سگهي آهي، پهاڙن ۾ گهيريل هيءُ قلعو ديوارِ چين
جهڙو آهي، سن جي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هي قلعو،
ڪوٽڙي، دادو روڊ تي ڪوهستان جي جابلو پسگردائي ۾
موجود آهي.
ميرپورخاص جي ٽالپر شير محمد مرمت جو ڪم پهريون
ڀيرو ڪرائي، هن ۾ موجود ننڍڙي ”قلعي ميري“ ۾ رهائش
اختيار ڪئي، هن قلعي جا بيشمار دروزا هيا، مشرقي
دروازو ”سان“ سڏجي ٿو. هن جي سامهون دروازو
”درياءَ راڻي“ آهي، جيڪو صرف برسات ۾ وهي ٿو ۽ سال
جو وڌيڪ عرصو خشڪ رهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هتي هڪ
بِرج موجود هئي، جيڪو مقامي طرزِ تعمير جي نشاندهي
ڪري ٿو. هڪ مسجد جا به آثار نظر اچن ٿا، جيڪا ڪجهه
ڪجهه شهيد ٿيل آهي. مغربي دروازو ”مون“ دروازو
سڏجي ٿو، قلعي جي آخري حد ۾ موجود دروازو ”آمري“
دروازو سڏيو وڃي ٿو، هڪ دروازو ”شيرڳڙهه“ جي نالي
سان آهي.
”گبول“ ذات جا ماڻهو گذريل ڪيترين ئي صدين کان هتي
رهائش پذير آهن. هِتان جي مقامي آباديءَ جا رهائش
پذير ٻڌائين ٿا ته اسان ستن پُشتين/پيڙهين کان هتي
رهندا اچون ٿا، باقي پهاڙي پسگردائي ۾ موجود ٻيا
ننڍا وڏا قلعا، ڪنهن جا آهن، سا خبر ڪونهي.
هتي موجود عمر رسيده گائيڊ سان وڌيڪ ڳالهائڻ جو
موقعو نه مليو، مختصر وقت ۾ هن مفيد معلومات فراهم
ڪئي. ڪڏهن وري موقعو مليو ته ضرور وڌيڪ حال احوال
پڇبو ۽ ٻڌبو. |