جاويد عباسي
سوڙهين گهٽين
۾ ڦاٿل ساهه
اٽڪل ڏهن ٻارنهن سالن کان پوءِ مان پنهنجي شهر ۽
پنهنجي پراڻي پاڙي آيو هوس، جتي منهنجو چاچو غلام
نبي رهندو هو، ننڍپڻ ۾، جڏهن مان اڃا پنجين ڪلاس ۾
پڙهندو هوس ته هن ئي پاڙي ۾ پنهنجي والدين سان
رهندو هوس، چاچو غلام نبي به اسان سان گڏ رهندو
هو، گڏيل ڪٽنب هو، چاچي غلام نبي کي ٽي نياڻيون
هيون، شانا، عليزا ۽ مينا. منهنجي والد کي ٻه ٻار
هئا: روشن (مان) ۽ صدف. منهنجي والد جو نالو امان
الله هو، سڀ خوش هئا، سنهين ۽ سوڙهين گهٽين واري
هن پاڙي ۾ ڄڻ گهر مليل هئا، ٻاهرين ماڻهوءَ لاءِ
هِتان گذر نه هو، پنهنجو پاڙو، پنهنجيون گهٽيون،
جڏهن دل چاهيندو هو کيڏبو هو، وڙهبو هو، رُسبو هو،
پرچبو هو، سڀ هلندو هو. چار ڇوڪرين ۾ مان ڄڻ هيرو
هوس، پر دل هنن سان نه لڳندي هئي. مون کي مزو تڏهن
ايندو هو جڏهن سامهون واري گهر مان چاچي گلڻ جي
ڇوڪري روشني اسان سان گڏ راند ۾ اچي شامل ٿيندي
هئي. هو سڀ ڇوڪرين واريون رانديون کيڏنديون هيون ۽
مان روشني ڀرسان بيٺو کين ڏسندو رهندو هوس، جڏهن
لِڪ لڪوٽي راند ٿيندي هئي ته مان سڀ کان اڳتي ان
راند جو مون کي انتظار رهندو هو، ڪنهن نه ڪنهن
ڪُنڊ ۾ روشني سان وڃي لِڪندو هوس، هُن جو هٿ
پڪڙيندو هوس، ٻئي مُرڪي مُرڪي هڪٻئي کي ڏسندا
هئاسين.
”تون مون سان شادي ڪندينءَ.“ مان هن جو هٿ پڪڙي
چوندو هوس، ته روشني به مُرڪي چوندي هئي ”ها، روشن
اسان شادي ڪنداسين.“ اسان ٻنهي وٽ شادي جو مطلب هو
هميشه گڏ رهڻ، اسان ابي امان کي، چاچا چاچي کي
ڏسندا هئاسين، جيڪي شاديءَ کان پوءِ اڃا تائين گڏ
رهندا هئا.روز منجهند جو اسڪول مان واپسي تي، هٿ
منهن ڌوئي، گهر ٻاهران دِڪي تي اچي ويهي رهندو
هوس، سامهون روشني جو گهر هو، ٿوري دير ۾ ئي هوءَ
به نڪري ايندي هئي، پوءِ اسان ٻئي ڪافي دير تائين
اتي دِڪيءَ تي ئي ويٺي ڳالهيون ڪندا هئاسون، امان
ماني لاءِ سڏيندي هئي، پر اسان ٻڌون ئي ڪونه. بس
ڪجهه قول اقرار هئا ۽ هٿ نه ڇڏڻ جا وچن هئا. ننڍڙا
ننڍڙا پتڪڙا خواب هئا، جيڪي اکين ۾ ويهندا ٿي ويا.
پر جلدي ننڍپڻ جا اهي مٺا احساس زندگي جي تپش ۾
ٻاڦ بڻجي ويا، زندگي جي ڀڄ ڊُڪ ۾ ننڍپڻ جون چاهتون
رُلي وڃن ٿيون، انسان لاءِ ڪيڏو نه ڏکيو آ، پنهنجي
ننڍپڻ جي احساسن کي پاڻي ڏيڻ.
کيڏندي کيڏندي وقت بدلجندو رهيو ۽ اسان وڏا ٿي
وياسين، مون ميٽرڪ ڪئي ته بابا حيدرآباد شفٽ ٿي
آيو، ٻالڪپڻو وسرڻ لڳو، وقت سڄي ننڍپڻ کي دز سان
ڍڪي ڇڏيو، بي.اي ڪري سي.ايس.ايس جو امتحان ڏنو،
پاس ٿيس ۽ پوليس ٽريننگ لاءِ هليو ويس، بهتر
مستقبل جي چاهه منهنجي پوسٽنگ منهنجي پراڻي شهر ۾
ٿي ته پنهنجي ننڍپڻ کي پاڙي جي سوڙهين گهٽين ۾
ڊوڙندي ۽ دِڪين تي ويٺل ڏٺم. ننڍپڻ جون سانڍيل
مٺڙيون مٺڙيون يادون وڻ ويڙهي وانگر جڪڙي رکنديون
آهن. گذريل ڪيترن سالن کان مان هن جي اڻ ڏٺل وجود
کي محسوس ڪندو ٿو اچان، ننڍپڻ اسان جو سڄي ڄمار
پيڇو ڪري ٿو. ڊيوٽي تي چڙهڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين
پنهنجي پراڻي پاڙي، چاچا وارن سان ملڻ آيو هوس.
ايترن سالن ۾ ڪجهه به نه مٽيو هو، سڀ ڪجهه بلڪل
ائين ئي ساڳيو هو، جيئن ڇڏي ويو هوس ايتري تائين
جو گهٽي جي ڪُنڊ ۾ پيل صندل جنهن تي ڪاڪو مٺل اسان
ٻارن لاءِ شيون رکي ويهندو هو اهو به پيو هو، پر
ڪاڪو مٺل نه هو، هو گذاري ويو هو.
”روشن ڪجهه پنهنجي لاءِ به وٺندو ڪر.“ ڪاڪي مٺل جا
اهي لفظ اڄ به منهنجي چؤگرد گونجار بڻجي ٻڌڻ ۾ پئي
آيا، مان ڪاڪي کي مُرڪي ڏسندو هوس ۽ شين واري
ٿيلهي ڊوڙي وڃي روشني کي ڏيندو هوس، هن کي شيون
ڏاڍيون وڻنديون هيون، چاچو، چاچي ۽ سڀ ڇوڪريون مون
کي ڏسي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيون. پنهنجن ۾ هجڻ جو
احساس ڪيڏو نه سگهارو هوندو آهي.
”ادا، توهان پوليس جي ڊريس پائي اچو ها نه....“
عليزا منهنجي ڀرسان ويهندي چيو ته هوڏانهن مينا به
سُرندي آئي. ”ها ادا، اسان جي به ته پاڙي ۾ لئي
ٿئي ها نه.“ مون مُرڪندي ٻنهي جي مٿن تي هٿ رکندي
چيو، ”ٺيڪ آ، بابا ٻئي دفعي وردي ۾ ايندس.“ ٻئي
خوش ٿي ويون، ان ڏينهن اسان کوڙ ڪچهري ڪئي سون،
مان لنوائي ڇوڪرين سان ڪچهري ڪرڻ لڳس، ائين شام ٿي
وئي. مان پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪري نه سگهيس، هر
ماڻهو جو ماضي هوندو آهي ۽ هو ان کي ياد ڪندو آهي،
آس به ڪنهن سڪرات ۾ ورتل ماڻهو جي ساهه جهڙي هوندي
آهي، جيڪا اچي نِڙي ۾ ڦاسي پوندي آهي. روشني
منهنجي آس هئي، منهنجو چاهه هئي، منهنجو ماضي هئي،
مان هن کي ياد ڪندو هوس، هفتي ٻئي هفتي، چاچي وارن
ڏانهن ايندو رهندو هوس ۽ پاڙي جي سوڙهيون گهٽين ۾
پاڻ کي وڃائي ويهندو هوس، اکيون ڳولهائون ڪنديون
هيون، پر هوءَ ڪڏهن نه ملي. آخر هڪ ڏينهن مون شانا
کان پڇي ورتو. ننڍپڻ کان شانا هن جي خاص دوست هئي.
”شانو، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.“ مون ٿورو هٻڪندي پڇيو.
الائي ڇو شانو ڪري سڏڻ تي هن جي چهري تي گلابي رنگ
اچي ويندو هو.
ننڍي هوندي، پاڻ سان روشني کيڏندي هئي، اها ڪٿي
آهي!“
”روشني“ هن گهور ڪري مون ڏانهن ڏٺو. مان ڳيتون ڏيڻ
لڳس، ڄڻ چوري پڪڙجي وئي هجي.”توهان کي روشني اڃا
ياد آهي.“ هن جي گهورڻ مون کي منجهائي وڌو هو.
”مون بس ائين ئي پڇيو هو.“
”مان سڀ سمجهان ٿي، تنهنجي ننڍپڻ جي ساٿي آهيان،
روشني جي شادي ٿي وئي، هوءَ مڙس سان دبئي ۾ رهندي
آهي.“ مون کي يقين نه ٿي آيو، پنڊپهڻ بڻيو ئي بيٺو
رهيس، مون ته ائين سوچيو ئي نه هو اندر ڇڄي پيو
هو.
زاهد ڪنڀار
چٽسالي جي هُنر جون گمنام عورتون
ڪنڀارڪو هُنر، قديم هُنرن مان هڪ آهي. اوائلي دور
۾ جڏهن انسان ايتري ترقي نه ڪئي هُئي، کائڻ، پيئڻ
جا ٿانوَ مٽي جا استعمال ڪندو هو، ڪنڀارڪي هُنر
کي، هٿ جو هنر ڪري سڏيندا آهن.
هِن هُنر جو ڪافي وقت مان ۽ مرتبو رهيو. جڏهن
انسان ترقي ڪري مختلف ڌاتن منجهان ٿانءَ ٺاهڻ شروع
ڪيا تڏهن هِن هُنر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. پلاسٽڪ، جست،
ٽامو، پسٽل، اسٽيل، لوهه، چيني جا ٿانءَ ۽ شيشي جا
ٿانءَ ٺاهڻ لڳا تڏهن مِٽي جي ٿانون جي ويليو گهٽجي
ويئي. هي ڳالهه افسوس سان لکڻي ٿي پوي، ته ڪرنٽ ۽
پرنٽ ميڊيا جي دور ۾ به هِن هٿراڌو هُنر جي باري ۾
تمام گهٽ لکيو ۽ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن
انڌو، منڊو ڪنهن لکيو آهي، سو به اڻ پورو آهي.
ڇاڪاڻ ته هي اهڙو هُنر آهي، جنهن کي ڪنڀار
کانسواءِ ٻيو نٿو سکي سگهي، هي واحد هُنر آهي،
جنهن کي عورتون به ڪري سگهن ٿيون ۽ مرد به ڪن ٿا.
مثال طور واڍڪو ڪم، لوهارڪو ڪم، مرد ته ڪن ٿا، پر
عورتون نٿيون ڪن.
اڄ جي دور ۾ به ڪنڀار جي دُڪان تان ڪو شخص دانگي ۽
دلو، بياک يا مَٽ وٺي وڃي ٿو، پر هُن کي اها خبر
ئي ڪانهي ڪا، هِن ۾ عورتن وارو ٿانءَ ڪهڙو ٺهيل
آهي ۽ مردن جو ٿانءُ ٺهيل ڪهڙو آهي.
ڪنڀار جي عورت ۽ مرد ٻئي هُنرمند آهن، عورتاڻون
ڪم، صرف عورتون ڪن ٿيون، ۽ مردن وارو ڪم صرف مرد
ڪن ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي، عورتاڻي ڪم جي مٿان الڳ
لکجي ۽ مرد جي ڪم جي مٿان الڳ لکجي، جيڪڏهن
ڪنڀارڪي ڪم جي مٿان ڪنهن شخص مضمون لکيو ته اهو
اڻپورو هوندو. ڇاڪاڻ ته هُن سان محقق صحيح نموني
سان نباهه نه ڪري سگهندو.
آءٌ هِتي ”چٽسالي جي هُنر“ جي مٿان لکان ٿو. جيڪي
صرف ڪنڀارن جون عورتون ڪنديون آهن. چٽسالي جي هُنر
جون، هو بهترين ڪاريگر آهن. دنيا ۾ چٽسالي جي هُنر
جو ڪاريگر عزت، شُهرت ۽ پئسي لاءِ ڪندو آهي. پر هي
واحد عورتون آهن، جيڪو نڪو شُهرت ٿيون گهُرن، نڪي
ناڻو ٿيون گهُرن. هِنن جي بس ايتري خواهش هوندي
آهي ته اسان جو ٺاهيل مٽي جو ٿانءَ ماڻهو شوق ۽
خوشي سان وٺي وڃن.
هنن جي نيڪ خواهش جي ڪري اڄ به مٽي جو ٿانءَ هرڪو
ماڻهو وٺي به ٿو ۽ استعمال به ڪري ٿو. ڪوبه مصور
ڪچو رنگ استعمال نه ڪندو آهي هرڪو مُصور نازڪ بُرش
استعمال ڪندو آهي. پر هتي قصو ابتڙ آهي.هي عورتون،
چٽسالي ڪرڻ وقت، ٽن رنگن جو رنگ استعمال ڪنديون
آهن. هڪ اڇو، ٻيو ناسي ۽ ٽيون ڳاڙهو.
هنن کي اهو رنگ ڪچن پهاڙن مان ملي ٿو. ڪراچي کان
حيدرآباد واري علائقي ۾ ملي ٿو. ۽ ٻيو ننگرپارڪر
جي پهاڙن مان به ملي ٿو.
هي چٽسالي جي ڪرڻ وقت، جيڪو برُش استعمال ڪن ٿيون
سو، بانس جي ڪاٺي منجهان، ٺهيل هوندو آهي. بانس جي
ڪاٺي مان، هڪ هڪ فٽ جا ٽڪر ڪٽي، ڪجهه ڏينهن پاڻي ۾
رکندا آهن. جڏهن اِهو نرم ٿي وڃي ٿو، تڏهن ڪنهن
سِروٽي سان ڪُٽي، بُرش ٺاهينديون آهن، هي بُرش ٽن
قسمن جا هوندا آهن. هڪ سِنهو ٻيو ٿلهو ۽ ٽيون
وچولو.
جيڪڏهن نازڪ ڪم آهي ته سنهو بُرش استعمال ٿيندو
آهي ۽ باڊر ٺاهڻ وقت ٿلهو برش استعمال ٿيندو آهي.
هي رنگ بلڪل ڪچو هوندو آهي، چٽسالي ڪرڻ وقت ڪاريگر
کي اهو خيال رکڻو ٿو پوي. ڪيل ڪم جي مٿان ڪٿي هٿ
نه لڳي وڃي. جيڪڏهن ڪيل ڪم جي مٿان هٿ لڳي ويو ته
اُهو رنگ ڦٽي ويندو. اهو ايتري قدر خيال رکڻو ٿو
پوي. اهو چٽسالي وارو ٿانءُ تي پچڻ کان پهرين ڪنهن
جو به هٿ، چِٽ جي مٿان نه لڳي. پچڻ کان پوءِ اهو
رنگ مضبوط ٿي وڃي ٿو.
اهو رنگ ايترو پڪو ٿي ويندو آهي. جو ڪيترن سالن
تائين هو پنهنجي خوبصورتي نٿو ڇڏي.
تاريخي آثارن جي ڀڙن تان هٿ آيل ٺڪريون اڄ به
ڏسندا ته انهن تي چٽسالي صاف نظر اچي ٿي.
دلي جي مٿان چٽسالي ٿئي ٿي. دلي جو هڪ ٻيو قسم
گهگهر جي مٿان به چٽسالي ٿئي ٿي. ماٽي، مٽ، تس،
تباک، پاٽ، ڪُونڊي ۽ ٻيا ڪيترائي ٿانءَ آهن، جن تي
اوهان کي چٽسالي نظر ايندي.
هنن ڪاريگرن جي هٿن مان نڪتل ٿانءَ، جيڪڏهن هڪ
ڪاريگر پنجاهه ننگن جي مٿان چٽسالي ڪري ٿو، ته هر
ڪنهن جي پنهنجي، پنهنجي ڊزائين هوندي. هڪ ڊزائين
ٺاهڻ کان پوءِ ڪاريگر ساڳئي قسم جي ڊزائين ٺاهڻ
پنهنجي گهٽ علمي ٿو سمجهي. پڙهندڙن کي دعوت ٿي ڏجي
ته ڪنڀار کان ٿانءَ وٺڻ وقت چٽسالي جي هُنر تي نظر
ڦيري ڏسن ته ڪنڀار وٽ پيل ٿانءَ تي چٽسالي ٿيل الڳ
الڳ ٿي نظر اچي، يا هڪڙي نظر ٿي اچي. هنن بهترين
مصورن کي نه ڪنهن ڏٺو آهي نه ئي هنن جي نالن کان
واقف آهن.
حڪومتي ليول تي يا ڪنهن پرائيويٽ اداري هنن گمنام
مصورن جي ڪڏهن به همٿ افضائي نه ڪئي آهي.
ايم اي بيڪس/غلام حيدر لغاري
عورت قدرت طرفان انمول تحفو
خدا باري تعاليٰ جڏهن هي ڪائنات پئي جوڙي ته هتي
عجب و غريب شيون مثلاً ”زمين آسمان سج، چنڊ،
پهاڙ، سمنڊ، ٻيٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي حسين ۽ جميل
شين کي تخليق ڪيو وري پوري ڪائنات تي نظر ڊوڙائي
ته ڪائنات جو وجود ڪجهه قدر اڻپورو محسوس ٿيو. نيٺ
پنهنجي قدرت جي سموري تخليق مان هڪ اهم ۽ اعلي ٰ
شيءَ کي تخليق ڪيو، جيڪا آهي ”انسان“.
انسان کي الله تعالى سڀني کان عقلمند ۽ بهادر
بڻايو. انسان ۾ ”مرد ۽ عورت“ ٻئي اچي وڃن ٿا. مطلب
ته انسان جو تسلسل اڳتي وڌائڻ لاءِ قدرت واري
”عورت“ اسان لاءِ هن ڪائنات تي انسان جي نسل طور
هڪ تحفو ڏنو آهي. ”عورت“ اها عظيم هستي آهي، جو
مٺڙي ماءُ جي روپ ۾ آهي ته ان ان جي پيرن هيٺان
جنت (سُرڳ) رکيل آهي، جنهن جي هرهڪ کي تمنا هوندي
آهي ته الله تعاليٰ شل مرڻ کان پوءِ جنت نصيب ڪري.
آمين.“ عورت هت اسان کي مختلف روپن ۾ ملي ٿي.
مثلاً ڀيڻ، نياڻي (ستن قرآن مثال) ڀاڄائي (کي ماءُ
جو درجو مليل آهي) زال (جيون ساٿي) سس وغيره. پر
مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته هي سنڌ ڪهڙي آهي؟؟
اڄ کان ڪجهه ورهيه اڳ واري سنڌ مون کي نٿي لڳي جتي
عورت جو ڪو مقام هو. جتي وقت جي بادشاهه عمر جهڙن
مارئي اڳيان هار مڃي ۽ جتي ڪيئي خونن بعد به
جيڪڏهن ڪنهن کي بخشرائڻ لاءِ نياڻي وٺي وڃي معافي
گهرندا هئا ته نياڻي کي ست قرآن جي اهميت ڏئي کين
معاف ڪيو ويندو هو. پر اڄ سنڌ ۾ ايتري ته مفاد
پرستي ۽ انا وڌي وئي آهي جو مرد پنهنجي ذاتي
پلاند ۽ ذاتي مفاد خاطر عورت تي تشدد ٿو ڪري ۽
”ڪاري“ جو نالو ڏئي قتل ٿو ڪري پوءِ اها عورت
ماءُ هجي يا ڀيڻ، ڀاڄائي هجي يا زال. مطلب ته
قاتل جي اکين تي ايترو ته پنهنجي ذاتي مفاد جو پٽو
ٻڌجي ٿو وڃي جو ان کان سڀ رشتا وسري ٿا وڃن، پر
افسوس جو انسان ڪڏهن به ڪجهه گهڙيون ويهي پنهنجي
ضمير ۾ جهاتي پائي نه ڏٺي آهي ته آءٌ اڄ جو فخر
ڪيان ٿو سو مان ڪيئن پيدا ٿيس ۽ ڇو پيدا ٿيس؟ اها
عورت ئي آهي جيڪا مرد کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏئي
هن دنيا ۾ آڻيندي آهي. ۽ مرد وري پنهنجي روايت
قائم رکندي عورت جي معصوم جذبن ۽ احساسن جو قتل
ڪرڻ ۾ برابر جو شريڪ آهي. پوءِ اهو مرد ڀاءُ هجي
يا مڙس هجي يا پيءُ هجي، پر عورت تي وحشياڻو تشدد
۽ ڪارو ڪاري جهڙا هٿ ٺوڪيا فيصلا مڙهي عورت کي موت
جي منهن ۾ ڏيڻ جهڙا سنگين ڏوهه هر دور ۾ هر روز
نه ڄاڻ ته ڪيترن ئي معصوم عورتن جي زندگي عذاب
بڻائي ڇڏيندا آهن. ۽ ان جي ڪري سماج ۾ ايندڙ نسل
تي خطرناڪ ۽ وڏا خراب اثر پوندا آهن. جنهن سبب
اسان سال نه، پر ڪيئي صديون پٺ تي ٿي ويندا آهيون.
ان سڄي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ عورت کان وڌيڪ مرد جو
هٿ هوندو آهي. پر اسان وٽ عورت جي مان مريادا عزت
۽ وقار نه هجڻ ڪري اسين ڏينهون ڏينهن ترقي بجاءِ
نقصان طرف وڃي رهيا آهيون.
هي اسان جي سنڌ جيڪا ڪنهن دور ۾ عزت ، آجپي ۽ ڀا
ئيچاري جو اهڃاڻ بڻيل هئي اڄ اها اهڙي مقتل گاهه
جو ڏس ڏئي رهي آهي جنهن ۾ نه معصوم ٻارن جون
حياتيون محفوظ آهن ۽ نه ئي عورتن جون زندگيون.
عورت جيڪا نه رڳو اسان جي سماج جي انتهائي اهم ۽
عزت ڀرئي فرد طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي،
پر ساڳئي وقت اها اسان جي سماجي ۽ تاريخي ۽ مذهبي
حوالي سان به ڪنهن صورت ۾ مرد کان پوئتي ناهي رهي.
پر آخر اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جن عورت کي هن دنيا ۾
اڪيلو ۽ بيوس بڻائي ڇڏيوآهي. جتي عورت جو مقام
سڀني سماجي
Stake
Holders۾
اعليٰ ۽ اتم درجي تي هجي ها اتي هتان جي عورت کي
ڪهاڙي جو کاڄ بڻائي مٿس ”ڪاري“ جي تهمت مڙهي وڃي
ٿي، ڪٿي چهري تي تيزاب هاريو وڃي ٿو. ستم اهو ناهي
ته عورت سان اهڙو ورتاءُ ڇو ٿو ڪيو وڃي ستم اهو
آهي ته ان جي بيگناهه قتل جو ڪو داد فرياد ڇو نٿو
ٿئي. آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو ”انصاف“ شفق جهڙي
اجري عورت کي پلئه نٿو پوي ۽ ان جي قاتلن کي ڪيفر
ڪردارتي ڇو نٿو پهچايو وڃي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي
جنهن جي ڳولا ڪرڻ اوس ضروري آهي. اچو ته گڏجي
واعدو ڪريون ته اسين عورت کي پنهنجو ماضيءَ وارو
مقام موٽائي ڏيون.
* * *
|