ثمينه ميمڻ
واهه واهه گهوٽ
راجا!
صابل جي زندگيءَ ۾ پهرين سڀ کان وڏي خوشي تڏهن آئي
هئي، جڏهن شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ هوءَ پُٽ
جي ماءُ بڻي هئي، ايڏي عرصي کان پوءِ اولاد ٿيڻ جي
خوشي هينئر کيس نصيب ٿي هئي، ۽ ان بعد هوءَ وري
ڪڏهن به ماءُ نه بڻي. صابل ۽ سندس مڙس پنهونءَ
لاءِ سندن پٽ سرمد ئي ڪُل ڪائنات هو.
چئن سالن کان پوءِ هوءَ ايتري خوش ٿي، جڏهن سندس
ڀيڻ ڦاپل کي ستن پٽن کان پوءِ ڌيءَ ڄائي ۽ پاڻ ئي
ڇٺيءَ تي ان جو نالو ”مومل“ رکيائين ۽ ان موقعي تي
بي ساخته چيو هئائين ته: ”هيءَ مومل منهنجي پُٽ جي
ڀاڳ ۾ آئي آهي، منهنجي سرمد جي آهي.“
پهرئين ته سڀ ان جملي تي اهو سوچي حيران ٿيا هئا
ته هن دؤر ۾ صابل ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪري، پر پوءِ
سندس ڀيڻ ڦاپل ئي صابل جي هٿ تي هٿ رکي چيو هو ته،
”ها ها مومل اڄ کان تنهنجي آهي، ڀلا سرمد کان وڌيڪ
ڪير آهي اسان جو.“ اهو ٻڌي سڀني جي مُنهن تي
خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي هئي. ”پاڻ ۾ ماسات ۽
سؤٽ آهن، اسان کي ٻيو ڇا کپي.“ پنهونءَ جي ڀاءُ
خميسي خوشيءَ مان چيو.
بس پوءِ ته مومل هنن جي گهر جو خواب بڻجي ويئي،
پاڻ روز شام جو پنهنجي ڀيڻ جي گهر مومل کي ڏسڻ
ويندي هئي ۽ پنهنجي مڙس کان شهر مان مومل لاءِ
رانديڪا، ڪپڙا ۽ شيون گهرائيندي هئي ۽ پنهنجي ڀيڻ
ڦاپل کي پئي پارت ڪندي هئي ته: ”مومل منهنجي اٿئي،
متان ڪنهن هن جو نالو به کنيو آهي.“ بس اهي هيون
ننڍپڻ جون ٿيل ڳالهيون.
سرمد ۽ مومل اڄ ننڍا، سڀاڻ وڏا، جڏهن هنن کي به ان
ڳالهه جي خبر پئي هئي، تڏهن هُو به ان فيصلي تي
ارها نه هئا. ڇو ته هُو به هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا
هئا. پوءِ ته ٻنهي گهرن جون خوشيون ئي ٻيڻيون ٿي
ويون. بس انتظار هو ته سرمد ۽ مومل يونيورسٽيءَ جي
تعليم مڪمل ڪري وٺن.
سرمد جيئن ئي گريجويشن ڪئي ته کيس ٽن سالن لاءِ
آمريڪا ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ
ملي ويئي ۽ هو آمريڪا وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.
صابل کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هُوءَ پريشان
ٿي ويئي ۽ ڊپ اچي ورايس ته ڪٿي سرمد ٻاهر وڃي ڪنهن
انگريزياڻيءَ سان نه شادي ڪري وٺي، انڪري صابل،
پنهنجي مڙس پنهونءَ سان صلاح ڪئي ته، سرمد جي
آمريڪا وڃڻ کان اڳ ڇو نه سرمد ۽ مومل جو نڪاح
وجهرائي ڇڏين. ان تي سرمد پهرئين ته پريشان ٿيو،
پر هن کي اعتراض به نه هو، مومل به خوش هئي.
صابل ته اڄ خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپي، دل چيس ته، ”جيڪر
هينئر ئي پنهنجي مومل کي گهر وٺي وڃي، سرمد جي
آمريڪا وڃڻ سبب سندس ڀيڻ به اهوئي چيو هئس ته جيئن
سرمد واپس اچي نوڪري ڪندو مومل سرمد کي پرڻائي
ڏيندس.“
اڄ مومل ۽ سرمد به ڪيڏو نه خوش هئا. اسٽيج تي ويٺل
سڀني جي اکين جو مرڪز هئا، سرمد، سُرٻاٽن ۾ پنهنجي
ويجهو ويٺل مومل کي چيو: ”هاڻي ته انتظار ئي نه ٿو
ٿئي.“ ان تي مومل شرمايو، پر جنهن ڏينهن سرمد
آمريڪا روانو ٿيڻو هو، ان ڏينهن هوءَ ڏاڍي اُداس
ٿي ويئي ۽ سرمد پڻ ملول هو، پر ٽن سالن جو عرصو
ايترو وڏو به نه هئو. ٿوري وقت جي جدائي هنن قبول
ڪئي ۽ سرمد جي وڃڻ مهل هُو ٻئي هڪٻئي جي اکين ۾
ڏسي نه سگهيا هئا.
ائين ٽي سال کن پل ۾ گذري ويا، ان وچ ۾ مومل به
گريجوئيشن ڪري ورتي هئي، سرمد به آمريڪا مان واپس
وريو ته ڇهن مهينن اندر کيس نوڪري ملي ويئي. بس
پوءِ هنن ٻنهي جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون.
سڄي ڳوٺ ۾ اڳواٽ ئي دهل شرنائيون وڄائڻ شروع
ڪرايون ويون. شاديءَ کان هڪ هفتو اڳ ۾ پنهنجن مٽن
مائٽن ۽ نياڻين سياڻين کي سڏ ڏئي گهرايو ويو. روز
گهر ۾ رات جو دهل تي سڄي پاڙي جون عورتون ڳيچ
ڳائينديون هيون. صابل جي خوشين جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو
هو، هوءَ تمام گهڻي خوش هئي.
صابل جي خوشيءَ تي سندس مائٽياڻيون به خوش ٿينديون
هيون، پر اهي وري کيس جهلينديون به هيون ته، ”تون
ايترو خوش ته آهين، پر خوشيءَ جو اهڙو اظهار نه
ڪر، ڪٿي نظرجي نه پوين.“ ان تي هيءَ ڪاوڙجي پوندي
هئي، کين چوندي هئي ته، ”مان دلئون خوش آهيان ڇو
نه خوش ٿيان، منهنجي زندگيءَ جو ثمر ئي سرمد آهي.“
اهو ٻڌي سڀ چپ ٿي وينديون هيون.
جڏهن شاديءَ جو ڏينهن آيو ته سڄي ڳوٺ ۾ گهٽين ۾
روشنيون ڪيون ويون هيون ۽ سڄي ڳوٺ کي وهانوَ جو سڏ
ڏنو ويو، صابل جي مڙس پنهنجي پٽ جي شاديءَ ۾ شريڪ
ٿيندڙن کان پهت نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. بس هنن سڀني
کي پنهنجي خوشيءَ جو حصو بڻائڻ جي لاءِ وهانوَ جو
سڏ ڏنو هو. اهڙو ڪاڄ اڳ ڪڏهن به هن ڳوٺ ۾ نه ٿيو
هو.
نيٺ اها گهڙي آئي، جڏهن مومل ۽ سرمد جي شادي ٿي ۽
مومل پرڻجي سرمد جي گهر جي اُن ماڙي ۾ آئي، جيڪا
هنن سندس لاءِ خاص ٺهرائي هئي. گهر جا سڀ ڀاتي
ڏاڍا خوش هئا.
سرمد ته پنهنجي ماءُ کي ڏسي وڌيڪ خوش ٿيو هو، ڇو
ته هنن جي شادي سندس ماءُ جو خواب ۽ سندس ماءُ جي
گهريل مراد هئي. جيڪا اڄ پوري ٿي هئي.
شاديءَ جي تمام گهڻن ڪمن جي باوجود صابل کي خوشيءَ
سبب ٿڪ ئي نه ٿيو هو، پر صابل جي خوشين کي ان وقت
ڄڻ ڪنهن جي نظر لڳي ويئي، جڏهن شاديءَ جي هڪ مهيني
کان پوءِ مومل وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ويٺي.
پهرئين ته کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو ته اهو ڇا ٿي
ويو؟ پر پوءِ هن سوچيو ته: ”مومل، ڦاپل جي، ستن
پٽن ۾ هڪ ئي لاڏلي ڌيءُ آهي. سو ڀلي وڃي ڪجهه
ڏينهن اُتي رهي، سندس شاديءَ کي وقت به ڪهڙو ٿيو
آهي؟“ هوءَ پاڻ کي پئي ڏڍ ڏيندي هئي.
جڏهن مومل کي پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ پندرهن ڏينهن
کان مٿي ڏينهن گذري ويا ته صابل ۽ پنهون پريشان ٿي
ويا. صابل پنهنجي ڀيڻ ڦاپل کان به مومل جي واپس نه
اچڻ جو پڇيو. پر هوءَ صابل کان وڌيڪ پريشان هئي.
ڇو ته هن کي سڄي ماجرا معلوم هئي، ۽ جيڪا اها هئي
ته مومل پنهنجي پڙهائيءَ دوران يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن
ٻئي ڇوڪري کي پسند ڪرڻ لڳي هئي، پر هيءَ ڊپ وچان
ان جو پنهنجي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به
اظهار نه پئي ڪري سگهي. نه وري سرمد کي ڪنهن اشاري
سان اهو ٻڌايو هئائين ته هاڻ اهو کيس پسند ناهي.
سندس ماڻس ته کيس ڌڙڪا ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيو هو
ته، تنهنجو نڪاح ٿيل آهي، ”متان اها ڳالهه ڪڏهن
پنهنجي زبان تي آندي اٿئي نه ته اسان ٻئي ڀيڻون ۽
ٻئي ڀائر هڪٻئي کان پري ٿي وينداسين.“ تنهنڪري
مومل به خاموش ٿي وئي هئي.
اڄ ته صابل پنهنجي پٽ سرمد سان وڙهي پئي ته تو
مومل کي ڪاوڙايو آهي. تڏهن هوءَ نه ٿي اچي. پر
سرمد کي ته پاڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پاڻ پنهنجي
امڙ کي ڇا ٻڌائي، جنهن هن جي ننڍپڻ کان مومل سان
سندس شاديءَ جو خواب ڏٺو هو اها مومل هاڻي هن جي
نه رهي هئي. هوءَ ته ڪنهن ٻئي جي ٿي چڪي هئي.
مومل شاديءَ رات ئي سرمد کي ٻڌايو هو ته، ”مون
يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کي چاهيو هو... متان بعد ۾
توکي اها ڪٿان خبر پوي، انڪري مان پاڻ ئي ٻڌائي ٿي
ڇڏيان.“ اهو ٻڌي سرمد پنڊپهڻ ٿي ويو هو.....
سرمد هاڻي پنهنجي اُن ماءُ کي به نه پيو ٻڌائي
سگهي ته، مومل هاڻي هن جي ٺهرايل نئين ماڙيءَ ۾
وري ڪڏهن نه موٽي ايندي.
جڏهن مومل جي نه موٽڻ کي هڪ مهيني کان مٿي وقت
گذري ويو ته صابل جي تمام گهڻي اصرار تي سندس ڀيڻ
ڦاپل کيس ٻڌايو ته، ”مومل سرمد کان الڳ ٿي وئي
آهي.“ تڏهن اهو ٻڌي هن جا هوش خطا ٿي ويا... ان
کان پوءِ هيءَ چرين جيان رڙيون ڪري، ڪڏهن ماڙيءَ
تي ٿي چڙهي، ته ڪڏهن مومل مومل ڪندي پٽ تي ڪِري
هيءُ گيت ڳائيندي ڳائيندي بيهوش ٿي ٿِي وڃي:
واهه واهه گهوٽ راجا
توکي مان پرڻايان
مومل سان ملايان
الله ڪندئي اولادي گهوٽ راجا
تنهنجي اڱڻ تي دهل وڄن ٿا
ناچو نچن ٿا
واهه واهه گهوٽ راجا. |