ارشاد سومرو
ڪهاڻي
مارل
مارل سوشل ورڪر هئي. هميشه عورتن جي حقن لاءِ
احتجاجن ۾ روڊن تي مظلوم عورتن سان گڏ هوندي هئي.
ته وري قومي مسئلن تي آواز اٿارڻ ۾ به پيش پيش
هوندي هئي.
جڏهن ڪورونا جي قهري وبا پوري دنيا کي پنهنجي چنبن
۾ جڪڙي ڇڏيو ته هر ڪو پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي
ويو. سماجي سرگرميون به ماٺار جو شڪار ٿي ويون.
ڪنهن جي گهر وڃڻ ۾ به خوف ورائي ويندو هو.
اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ مارل جي گهر ويس. هوءَ
ڏاڍي اداس پئي لڳي. هن جي چهري تي ڪابه رونق نه
هئي. ڪومايل گل جيان ڪوماڻل پئي لڳي. ڄڻ ته ڪو
صحرا جو ٿڪل مسافر هجي. پوءِ به چهري تي مرڪ آڻي
ڀاڪر پائي ملي ۽. مون کي صوفي تي ويهاري منهنجي
سامهون صوفي تي ويهي رهي.
مون خاموشي ٽوڙيندي چيومانس.
”مارل ايترا ڏينهن حيدرآباد ۾ اچي ويهي رهي آهين.
ادا پرويز ۽ ڳوٺ کي ته اصل وساري ڇڏيو اٿئي.“
”ها زاهده! بس جڏهن نصيب ڇڏيو، پرويز مون کان
سواءِ ڳوٺ ۾ خوش آهي.“
هن نصيب کي ميار ڏيندي ۽ ادا پرويز تي ڪاوڙ ڪندي
چيو.
”مارل تولاءِ هيءُ گهر يا هو گهر ڳالهه مڙئي برابر
آهي.“
مون ڳالهه جو رخ بدلائيندي چيو.
”زاهده! تون ٺيڪ ٿي چوين مون لاءِ ٻئي گهر برابر
آهن، ڌڪا ۽ ٿاٻا هت کائجن يا هُتِ ڳالهه مڙئي
برابر آهي.“
هن ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ۽ هن جي اکين ۾ پاڻي
ڀرجي آيو.
مون ڳالهه کي ٺاهيندي چيو.
”مارل! ادا پرويز ته توکي تمام گهڻو ڀائيندو آهي.
تون ته اجايو ٿي منهنجي ويچاري ڀاءُ جون شڪايتون
ڪرين.“
”ها زاهده! تون ٺيڪ ٿي چوين. گهر جا مالڪ ئي
ويچارا هوندا آهن. نڌڻڪيون عورتون ئي هچاريون
هونديون آهن.“
هن افسوس مان وراڻيو. اڄ مارل جون اکيون ڳوڙهن سان
تر هيون. بس اجهو ٿيون اٿلن، ڄڻ هن جي اکين ۾
درياءُ ڇوليون هڻندو هجي.
”مارل! ڳوٺ ته خير آهي؟ اداس ڇو آهين؟“
”ها، سڀ خير آهي. اداس ڪٿي آهيان؟“
هن مختصر جواب ڏنو.
”اڄ تون الائي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ آئي آهين مان
به ڪهڙين ڳالهين ۾ پئجي ويس. ڏي خبر اڄ ڪلهه ڇا
پيو ٿئي.“
مارل مون کان احوال وٺڻ لڳي.
”مارل! ڪورونا قهر ڪري ڇڏيا آهن. هر ڪو گهرن ۾ ڄڻ
قيد ٿي ويو آهي. نڪر گهر کان ته ٻوٿ تي ٻوٿاڙو ٻڌو
پيو آهي. الله پاڪ شل ڪا ٻاجهه ڪري.“
مون وري ڪورونا جا ڪيس ورجايا.
”ها، زاهده! انسانن جي چهرن تي ماسڪ لڳي ويا آهن،
پر چهرن تان ماسڪ لهي اصلي چهرا ظاهر ٿي پيا آهن.
ماڻهو، ماڻهوءَ کان بيزار آهي.
شل نه ڪنهن کي بخار يا زڪام ٿئي! اچي ٿي ڪورونا
ڪڙڪي. ان کان اڳ ڄڻ نه ڪنهن کي بخار ٿيندو هو، نه
ڪو زڪام.
ڪچهريون شروع ٿي ويون. اسان جي گروپ جي عورت اڳواڻ
مارل کان پڇيو.
”مارل! ڏي خبر تو وارو مڙس سڌريو يا نه؟“
”ڪٿي ڊيئر! ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه. وتي ٿو
ڪامريڊي ڪندو.“
مارل افسوس مان چيو.
”پوءِ ڇڏ اهڙي نڀاڳي کي، وتي ڪامريڊي ڪندو. طلاق
وٺي شادي ڪري ويهي رهه ته پويس خبر، ته مارل به ڪا
شيءِ هئي.“
”ڊيئر! ابي جي قبر جي مٽي ٿي ماري. مٿي تي هٿ رکي
چيو هئائين: ”مارل! منهنجي هن ڏاڙهيءَ جي لڄ
رکجان، منهنجي ڀيڻ غريب اٿئي. هن سان غربت ۾
نڀائجانءِ.“
مارل پيءُ جي نصيحت ٻڌايس.
”بابو وصيت ته ڪري ويئي، پر ڪو پنجاهه جريب زمين
به نالي ڪري ويئي ته امڙ هي چار ٻارا زمين جا به
اٿئي، سکيو ٽڪر کائجانءِ! نصيحت لاءِ نياڻيون ۽
ملڪيتن جا وارث پٽ.“
مليحا ڪاوڙ مان چيو.
”ڊيئر! هت پٽن کي وراثت ۾ ملڪيتون ۽ نياڻين کي
وراثت ۾ بيماريون ملنديون آهن. بابي جي طرفان
کنگهه ته امڙ جي طرفان دم وراثت ۾ ڏئي مري ويا ۽
مان وري اهي بيماريون گڏيءَ کي ڏئي مري ويندس. اهو
سلسلو پيو ائين ئي هلندو.“
مارل وري به افسوس مان چيو.
”جيستائين اوهان عورتون پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند
نه ڪنديون. اهي مرد ڪونه سڌرندا، اٿي پنهنجا حق
وٺو. ڪيستائين ظلم ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾
پيسبيون؟ پيءُ جي گهر ۽ ملڪيت هوندي به لاوارث!
مڙس جي گهر ۾ به مڙس جي رحم ڪرم تي. ڇا عورت صرف
ظلم سهڻ ۽ ٻين کي خوش رکڻ لاءِ پيدا ٿي آهي؟“
مليحا ڪاوڙ مان چيو ته هڪ ٻي ڪامريڊ ڳالهائڻ شروع
ڪيو:
وجودزن سے ہے تصویر کائنات میں رنگ۔
انهن شاعرن صرف عورت جي حسن ۽ خوبصورتيءَ تي ئي ته
شاعري ڪئي آهي. عورت جي حقن جو به شاعري ۾ ڪو ذڪر
آهي؟“
مليحا وري شاعرن تي ڏمرجي چيو.
”اسان جي سماج جي مرد لاءِ عورت صرف هڪ ضرورت جو
وکر آهي، گهر ۾ بنا پئسي مليل ايماندار نوڪر،
چوڪيدار، ٻارن پيدا ڪرڻ جي مشين، ٻارن کي سنڀالڻ
لاءِ آيا. پوءِ به گهر جو، ٻارن جو، ملڪيت جو وارث
مرد. عورت جا هٿ خالي. اهو سڀ مرد نڪاح جي ٻن ٻولن
۾ حاصل ڪري ٿو. عورت هن جي ملڪيت آهي، باقي مرد
بنا ڪنهن جهل پل جي گهر کان ٻاهر عياشيون ڪري، ته
به خير آهي ۽ پنهنجي ننگ کي شڪ جي بنياد تي ڪاري
ڪري ماري ڇڏيندو. ۽ عورت اکين سان ڏسي به خاموش
رهندي ته ٻچن جو پيءُ آهي. جيڪڏهن عورت به مرد
وانگر غيرت جو مظاهرو ڪري پنهنجي ملڪيت جو حصو
وٺي. پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿيڻ نه ڏئي ته ايئن دربدر
نه ٿئي.“
مليحا ڪاوڙ مان چيو.
”ڊيئر! اسان عورتون ته صبر ٿيون ڪيون ته من سڌرن،
ڇو مڙس ماري، انهن جو ڪال آڻيون، اسان ته رشتن جي
ڀرم ۽ عزت جي ڪري زندگي ڳاري ٿيون ڇڏيون.“
مارل رشتن جو ڀرم رکندي چيو.
”پوءِ انهن مردن ڪهڙا مٿي تي تاج پارايا اٿوَ؟ اٿو
پنهنجا حق وٺو، سڏڪي، سڏڪي مرڻ کان بهتر آهي ته
پنهنجن حقن لاءِ وڙهو.“
مليحا حق وٺڻ تي زور ڀريو ته سندس ساٿياڻيون نعرا
هڻڻ لڳيون.
”حق پنهنجا وڙهي به وٺبا، نه مليا ته ڇني به
وٺبا.“
|