سرتيون
جي سفر جا 32 سال!
(سوڇ ويچار)
هر انسان جي شخصيت ٺهڻ ۾، سندس ماءُ، پيءُ جي
تربيت، گهر جو ماحول، تعليمي ادارا، ٻاهر جو سماج
اثرانداز ٿين ٿا. اهو فطري اصول آهي ته هر جاندار
شيءِ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ ڪجهه بنيادي شيون گهربل
هونديون آهن. جيئن گلابن ۽ موتين جا ٻوٽا لڳائڻ
وقت، سٺي زمين، هوا، پاڻي ۽ قدرتي روشني اچڻ جو
خاص خيال رکيو ويندو آهي. مان ته حيران آهيان ته
جيئن ڏينهن جو سج جي روشني هر زندگيءَ کي قوت بخشي
ٿي، تيئن وري رات جو تارن ڪتين جي رم جهم ۽ چنڊ جو
اڀرڻ، هر جاندار گل، پن، وڻ، ٻوٽي کان وٺي، انساني
ذهن جي اوسر تي وڏو اثر رکي ٿي، ۽ ماضيءَ جي سڌريل
قومن سج ۽ چنڊ جي روشني مان وڏو استفادو حاصل ڪيو
آهي ۽ اڄ جي سائنسي تحقيق به انهن روشنين جي فائدن
کي مڃي ٿي. مثال طور سوير سمهڻ، سوير اُٿڻ جو
ڪتابن ۾ باقاعدي حڪم ٿيل آهي.
اسان ان فجر جي روشنيءَ جي جهلڪ، پرهه ڦٽڻ ۽ پرڀات
ٿيڻ جي مهل کان بخوبي واقف آهي ته وري سج لهڻ جي
نظاري کي الوداع ڪري، راتين جو گهر جي وڏي اڱڻ تي
تارن، ڪتين، ٽيڙ ۽ ڪهڪشائن کي پسڻ جو سرور ماڻي،
ننڊ جي مٺڙن لمحن جي سرور ماڻي اسان جا وڏڙا فطرت
۽ مندن سان متعارف ڪرائيندا هئا.
اونهارو، سرءُ (خزان)، سيارو ۽ بهار، اسان کي سڀ
موسمون وڻنديون هيون، پر سياري جي ڊگهين، ٿڌين ۽
اونداهين راتين جو انتظار ڪندا هئاسين. جو رات جي
ماني کان پوءِ باهه جي مچ تي، پرين ۽ شهزادن جون
جيڪي پنهنجي ڏاهپ سان وڏن وڏن ديون، راڪاسن جي ناس
ڪري ائين ننڍپڻ ۾ تصور ۽ تخيل جي دنيا ذهن ۾ سرجڻ
جو ڏانءُ مليو. ڪتاب پڙهڻ جي چوس پئي.. سنڌي ادبي
بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم پاران ڇپايل ادب نه صرف
تاريخي حيثيت رکي ٿو. پر ٻار جي جاڳرتا ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا جي لوڪ ادبن ۾، پهريون نمبر
شمار ڪيو وڃي ٿو.
اهو سمورو ادب ننڍڙي وهيءَ ۾ پڙهڻ پرجهڻ نصيب ٿيو.
انڪري گلن گلزارن، وڻ، ٽڻ، پکي پکڻ، پنن، شاخن،
ٻوٽن گلابن جيئن ڪتابن سان پيار ٿي ويو.
وري سوني تي سهاڳو ٿيو جو ”شان آصف“ لئبرري جنهن ۾
هزارين ڪتاب موجود! منهنجي ته عيد لڳي پئي هوندي
هئي. جتي هند سنڌ جي ڪلاسڪي ادب، ڪلاسڪ شاعري پڙهڻ
لاءِ ملندي. هڪ پياري عربي ڪلاسڪ، اتي دنيا جي
سمورن ملڪن جيئن فرينچ، انگريزي ۽ رشين ادب کان
ويندي فلسطيني ادب گهر ۾ موجود هوندو هو. بابا ۽
ڀائرن جي مدد سان ٻاروتڻ ۾ ئي علم ادب شاعريءَ سان
۽ دنيا جي عظيم شخصيتن ۽ عظيم ڪتابن سان متعارف
ٿيندس.
منهنجي خيال ۾ اهو ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، جنهن
عورتن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽرشپ
سنڀالي ته ان وقت سنڌ ۾ ليکڪائن جو تعداد آڱرين تي
ڳڻڻ جيترو هو. ۽ عورتن ۾ تعليم جو سيڪڙو به تمام
گهٽ هو، پر هڪ خوشقسمتي ته ڄام شوري ۾ ٽي وڏا
ادارا ۽ گرلس هاسٽلون هئڻ سبب، ڇوڪرين جو لکڻ
ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ اڄ سون جي تعداد ۾ خواتين
ليکڪائون، شاعرائون ۽ تحقيق سان لاڳاپيل آهن.
اهڙي نموني گذريل 32 سال ڪيترن ئي حوالن سان
تاريخي سال آهن. جن تي تفصيل سان پنهنجي آتم ڪٿا،
اسان جي ياد تي اُڪريل، انوکا ڪي فسانا هن ۾ لکيا
اٿم، سرتيون جا ڪيترائي نمبر شايع ٿيا آهن. 1.
شاعري خاص نمبر، 2. ڪهاڻي خاص نمبر، 3. انٽرويو
نمبر، 4. شهيد راڻي بينظير ڀٽو خاص نمبر، 5.
خيرالنساءِ جعفري نمبر، 6. بيگم نصرت ڀٽو نمبر، 7.
يادگيريون نمبر، 8. امڙ نمبر، 9. شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو نمبر، 10. هڪ شخصيت 100 سوال نمبر، 11.
بابا خاص نمبر. سوين ماهوار، ٽماهي ۽ ٻه ماهي پرچا
شايع ڪيا آهن.
ماهوار ”سرتيون“ جنوري 2023ع جو رسالو اوهان جي
هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن/ پڙهندڙن جي ساٿ سبب
رسالي تاريخي حيثيت ماڻي آهي. اميد ته اوهان جي
سهڪار رهندو. اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي
آجيان ڪئي ويندي.
مان ٿورائتي آهيان چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم
سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب جن جي، سندن رهنمائي ۽
سهڪار سبب، نه فقط اداري جا ٽيئي رسالا ريگيولر
ٿيا آهن، پر جديد توڙي ڪلاسڪل ادب ۽ تاريخ تي سوين
ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن
علم و ادب ۽ تاريخ سان سندن چاهه سبب، سندن
ايامڪاري ۾ اداري ڪيترائي تاريخي سيمينار، مشاعره،
سگهڙ ڪچهريون ۽ ڪتابي ادبي ميلا لڳايا آهن. اميد
ته سندن سرپرستيءَ ۾ اداري جون رونقون ۽ روشنيون
ادبي دنيا کي جڳمڳائينديون.
مان پنهنجي سٿ جي نياڻين گلبانو هادي ۽ لعل خاتون
کي پڻ جس ڏيان ٿي جيڪي وقت سر ڪمپوزنگ ۽ پروف
ريڊنگ جو ڪم ڪري، ”سرتيون“ رسالي کي ايڊوانس ۾
ڇپرائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
گلبدن جاويد
روبينه ابڙو
نظم
منهنجو پلڙو ڀاري آهي
سونهن به منهنجي
عشق به مون وٽ
منهنجو پلڙو ڀاري آهي
لوڪ چوي ٿو ڪاري آهي
پر مان ڄاڻان منهنجو عشق آ مريم وانگي
منهنجا جذبا پوپٽ جهڙا
پيار به منهنجو پاريهر جان
اجرو اجرو پوتر پوتر
مون کي شاهه ڀٽائي سُر ۾
سهڻيءَ ڀَر ۾
عشق ائين سمجهايو آهي
کولي هينئن ٻڌايو آهي
عشق اتانهون پار پڄائي
واٽون ساريون خارَ هجن ڀَل
پير پٿون ٿين
ٻيلا سارا مچ ٻرن ۽
جسم جهرن ڀل
پاڻي سارو مڇ هجي ۽
دنيا ڪيڏا رڇ وڇائي
ڦاسڻ جا ڦندا ڦهلائي
پر هي وک جي تک نه کٽڻي
هلڻي آهي ماڳ انهيءَ ڏي
جاتي سهڻيون ميهر ماڻن
سچوءَ ڀي ڪا ڳالهه چئي آ
عشق جي ٿيندي ڪانه وهي آ
واٽ انهيءَ تي دل سان ڊوڙي
ٺوڪر کائي جا به ڊهي آ
ٻيهر عشق انهيءَ کي جوڙيو
ٻهه ٻهه سا ٻيهار ٺهي آ
اڄ به درازن مان هي مون وٽ
رقص ڪندو آواز پڄي ٿو
”سچو عشق ٻڍا نهين ٿيوي“
پوءِ مان سوچن منجهه لهان ٿي
سچل کان ڪا ڳالهه پڇان ٿي
پوءِ ڏسان ٿي
مون کي هڪڙو ڳانو پائي
مست بڻائي
ڊاڪٽر پاڪيزه خوشبو
غزل
رات ڪاري وار خوشبوءَ ۾ ڀنل آهن،
انتظار جي ماريءَ جا، هٿ مينديءَ رتل آهن.
ساڀيا جا ساڪيل ۽ ديدن جا بکايل،
نيڻ سندر سپني جي آس ۾ ستل آهن.
گهٽي گهٽي گهمي آهي رڻ پٽ رلي آ،
پوءِ به نه ٿڪي آ ڪيڏا سوچ سفر ڪيل آهن.
رات جي پوئين پهر، درد سندي سحر ۾،
ضبط ٽٽي پيا هن جا نيڻ وهيل آهن.
بادشاهن کان وٺي گداگرن تائين،
خوشبو! انسان دولت هٿان وڪاڻل آهن.
عائشه مسرت شيخ
غزل
اوهان جي خيالن ۾ گم ٿي وياسين،
اوهان جي خوابن ۾ گم ٿي وياسين.
گلن مثل آهي چهرو اوهان جو،
گلابي گلابن ۾ گم ٿي وياسين.
اوهان سان مخاطب ٿياسين جڏهن به،
سوالن جوابن ۾ گم ٿي وياسين.
اوهان بي وفا هو ڪوٺيو اسان کي،
اسان تن خطابن ۾ گم ٿي وياسين.
ٻه اکيون نهارن پيون دور کان ڇو،
هي ڄاڻي حجابن ۾ گم ٿي وياسين.
جانب ناز غوري
غزل
من ۾ آهن لفظ ٻه چار،
پڳلي، ماضي ائين نه سار.
”رات راڻي“ جي خوشبوءِ وانگر،
ناري! پويتر تنهنجو پيار.
ايندڙ لئه آس اندر ۾،
ويندڙ کي پويان نه پڪار.
ٻولڻ جي به ضرورت ناهي،
نيڻن مان ٿئي نينهه نروار.
سچا جذبا مرندا ناهن!
لفظن کي دل ساڻ اُچار.
هر ماڻهو امير لڳي ٿو،
ڏکن جو ڪو ناهي ڏڪار.
عين سحر
غزل
واٽ تنهنجي ٿا ڏسن هي
نيڻ منهنجا!
روز تنهنجو ٿا پڇن هي نيڻ منهنجا.
اوچتو منظر ويا مٽجي وئي تو،
ڪيترو توبن لڇن هي نيڻ منهنجا.
جي ڏسن ٿا راهه تنهنجي روز تڙپي،
ڪيئن توکان پو رسن هي نيڻ منهنجا.
پيار ڪين ٿو دلدار وسري،
قرب-تحريرون لکن هي نيڻ منهنجا.
انتظاري بيقراري آهه زاري،
انتظاري بيقراري آهه زاري،
|