ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
سنڌ جي عورت جي سماجي حيثيت
قدرت هن دنيا جي واڌ ويجهه کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ
انساني زندگيءَ جي شروعات مرد ۽ عورت جي تخليق سان
ڪئي جنهن سان اڳيان هلي انساني نسل جي واڌاري سان
سماجي گروهن جو بنياد پيو. ارتقا جي شروع واري دور
۾ عورت ۽ مرد بلڪل ساڳي حيثيت رکندڙ ۽ زندگيءَ جي
ڪاروبار ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن، پر اڳيان هلي
هو مختلف سماجي طبقن ۾ ورهائجي ويا ۽ ان ريت دنيا
جي سڀني سماجن ۾ عورت ذات جي حيثيت مختلف وقتن ۾
الڳ الڳ نموني جي رهي آهي، ڪڏهن کيس ”ماءُ“ ۽
”ديوي“ جي روپ ۾ پوڄيو ويو ۽ ته ڪڏهن مٿس بيجا
پابنديون مڙهي ظلم ڪيا ويا. مجموعي طور هوءَ مظلوم
ئي رهي.
سنڌي سماج جي تهذيبي اوسر جي مطالعي مان پروڙ پوي
ٿي ته موهن جي دڙي جي عورت جي حيثيت مٿانهين درجي
جي هئي، ماتا ديويءَ جي حيثيت طور سندس پوڄا ڪئي
ويندي هئي ته ويدڪ دور ۾ پڻ عورتن جي گهڻي عزت ڪئي
ويندي هئي. آهستي آهستي برهمڻ دور کان سندس عزت ۽
حيثيت تبديل ٿيندي وئي. آرين مطابق پٽ نه ڄڻيندڙ
ماءُ کي نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. اڳيان هلي
”ستيءَ“ جي رسم رائج ٿي. اهو به رواج پيو ته عورت
کي پنهنجي عصمت پروريءَ جي ساک لاءِ باهه مان
گذرڻو پوندو هو. اهڙيءَ ريت اڳيان هلي سماجي رسمن،
قانون ۽ مذهب کي پاڻ ۾ جوڙي عورتن جو استحصال ڪيو
ويو.
ڏٺو وڃي ته سنڌي عورت همت، جرئت، وفاداري، عقلمندي
۽ حب الوطنيءَ جي ڪرداري خوبين سان واڳيل آهي.
ٻاگهل ٻائيءَ جي سياڻپ، سنگهار جي ڀيڻ تارا ٻائيءَ
جو ڏهه سال بخوبي حڪومت هلائڻ، همون ٻائيءَ جو درڪ
جي قلعي جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وڃڻ، ”ڪويل“ جو
پنهنجي مڱيندي ”ننگر، کي سومري کي موڙ ٻڌائي
ڌرتيءَ لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ موڪلڻ، مارئيءَ جو وقت
جي بادشاهه سان مهاڏو اٽڪائڻ، مائي بختاور شهيد جو
چوڌري دين محمد جي هارين سان مقابلو ڪري شهادت
حاصل ڪرڻ، سنڌ جي اسپيڪر مائي ڄيٺي سپاهيملاڻي کان
شهيد بينظير ڀٽو تائين سنڌي عورت باهمٿ، باسمجهه،
باڪردار ۽ بااصول رهي آهي.
موجوده وقت سنڌ جون ڪيتريون نياڻيون علمي ۽ سماجي
حيثيت جي بلنديءَ لاءِ پُرعزم ڪوششون ڪري رهيون
آهن ته به سندن رستن ۾ ڪي رڪاوٽون ضرور آهن جن تي
ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. خاص طور اسان جي ملڪي آئين ۾
کيس مليل ڪيترائي اهڙا حق آهن جن جي پوئواري نه
ٿيڻ سبب عورتون عدم تحفظ جو شڪار آهن. ملڪ جي
آباديءَ جو وڏو حصو عورتن تي مشتمل آهي جنهن ۾ 70
سيڪڙو عورتون ڳوٺن ۾ محرومي ۽ محڪومي واري حياتي
گهاري رهيون آهن، شهر جي عورت ڏي ڏسنداسين ته اها
پڻ وڏيءَ محنت سان علم ۽ رزق جي حاصلات سان گڏ
فرضن ۽ جوابدارين ۾ جڪڙيل آهي. هن مرداڻي سماج ۾
عورتن جي فرضن ۽ ذميدارين جي فهرست ته طويل آهي،
پر کيس مليل قانوني ۽ مذهبي حقن تي ڪنهن جي اک به
نٿي پوي، هٿ ٺوڪين رسمن ۽ رواجن جي اوٽ ۾ عورت
نظرانداز ٿي رهي آهي. جيئن مثال طور عورت کي پسند
جي شريڪ حيات جي چونڊ جو حق نه هئڻ، نڪاح نامي جي
اختيارن ۽ حق مهر جو تحفظ نه هئڻ، مردن جي گهڻين
شادين سان عورتن جي نفي ٿيڻ، ننڍيءَ عمر ۾ يا بي
جوڙ شادي ٿيڻ، نياڻيءَ کي ڏاج ڏئي وراثت ۾ حصو نه
ڏيڻ، طلاق يافته يا بيوه کي ڪمتر سمجهڻ، حق
بخشرائڻ، ڪارو ڪاري جو ظلم هئڻ، خون عيوض بدلي ۾
عورت ڏيڻ، علم جي حاصلات ۾ رڪاوٽون هجڻ، گهريلو،
ذهني، جسماني ۽ نفسياتي تشدد هئڻ ۽ ٻيا انيڪ مثال
آهن، جن جي ڪري اڄ ايڪهين صديءَ جي عورت پڻ پنهنجي
جائز حقن لاءِ اڃا جاکوڙي رهي آهي.
اهو ضرور ٿيو آهي ته موجوده دور ميڊيا جو آهي جنهن
وسيلي ڪنهن حد تائين ٿيندڙ ڪارن ظلمن کي پڌرو ڪيو
پيو وڃي. ۽ ماڻهن ۾ پڻ سجاڳي آئي آهي ڪجهه نه ڪجهه
احتجاج پڻ ٿين ٿا. پر جيستائين عورتن جي ٿيندڙ
ظلمن خلاف قانوني ڪارروائيون جلد نه اُڪلائيون
وينديون ۽ ڏوهين کي سزائون نه ڏنيون وينديون اسان
جي ملڪ ۾ عورتن جي حفاظت جا مسئلا مڪمل طور حل نه
ٿيندا.
تعليم هڪ ايڏي وڏي طاقت آهي جا شعور جا در کولي
پاڻ ڀرو ڪري ٿي اسان کي وڌ کان وڌ پنهنجي نياڻين ۽
ڀينرن کي علم ڏي موڙڻ گهرجي، سندن لاءِ ان ۾
سهوليتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو علمي ۽ عملي
سجاڳيءَ سان هڪ مثبت تبديليءَ ڏي گامزن ٿين.
|