عنايت
ميمڻ
ماسي رحيمان
اسان سڀ ننڍا وڏا کيس ماسي
رحيمان چوندا هياسين،
مسجد جي ڀر ۾
ننڍي بازار جي منڍ ۾ پڪوڙن جي تئي
هڻي پڪوڙا تريندي هئي.
ماسي رحيمان جي پڪوڙن ۾ وڏو
سواد
هوندو
ھو،
پڪوڙا کائڻ ۾ چھرا
هوندا هيا ۽ ڪڙڪ ھجڻ ڪري ڏاڍا
وڻندا هئا۔
تيل گهاڻي وارو، سرنهن جواستعمال ڪندي هئي
۔جنهن جي لاء وڏڙا چوندا ھئا:
گهه
سڙي ت وهه
ٿئي ، تيل سڙي ت
گهه
ٿئي
هي اهو گهه
هو جنهن مان پڪوڙا ٺھندا هئا،
انهن پڪوڙن کائڻ لاء دل سٽون
ڏيندي هئي۽ خرچي وارا پيسا کٽندا هئا
ته
ڀور جي بهاني پڪوڙا چوري ڪري
به
کائينداهئا
سين.
پڪوڙا اڪثر اونهاري ۾ رات جو چانورن سان کائبا هئا.
وڏو مزو ڏيندا هئا
شام جي پهر ۾ اڪثر گهرن ۾ چانورن جي ماني ٽانڊن تي
سيڪي پڪوڙن سان کائبي هئي جنهن جو مزو ئي ڪجهه
اور هئو.
ماسي رحيمان جي
پڪوڙن لاءِ
ماڻهو مختلف پاڙن مان سيڙجي ايندا هئا
جو سندن ويلو ٽري ويندو هئو
۽ ٻوڙ جوخفو
به نه
ٿيندو هئو.
اڄ جي ٺھيل
پڪوڙن وانگي بيسڻ ۾ آني جو
استعمال ڪونه
ڪندي هئي پوءِ
به
ڪچوري کائبي هئي
ته
وات مان کڙڪو ضرور نڪرندو هئو.
بيهه،
ڪچوريون،
پٽاٽا انبڙي کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هئو.
ماسي رحيمان قد جي ڊگهي عمر ان وقت پنجاهه
پنجونجاه جي قريب هيس قد بت ۾
سنھڙي هوندي هئي اڳيان ٻه
ڏند ٻاهر نڪتل هيس محنتي عورت هئي اڪيلي سر سڄي
گهر جو
خرچ
پاڻ هلائيندي هئي مڙس مري ويو هيس، هڪڙو اڪيلو پٽ
ھيس جنهن کي محنت ڪري پالي وڏو ڪيو هئائين.
بهرحال
اهو خوبصورت دور هئو.
خوبصورت ماحول هئو
جڏهن مسجد جي آڏو ماسي رحيمان جي ڀرسان ماهيڙا
به
کير جي بازار سجائيندا هئا
اسان ٻار هوندا هئاسين
خاص ڪري يارهين جو انتظار ڪندا هئاسين
جو ماهيڙا يارهين تاريخ اسان ٻارن ۾ کير ورهائڻ لاءِ
کڻي ايندا هئا
۽ اسان کير ڪٺو ڪري گهر کڻي ويندا هئاسين
کير ۾ پاڻي وجهڻ جو
رواج نه
هئو
کير صاف سٿرو ملندو هئو
کير جڏهن گهر کڻي ويندا هئاسين
ته
گهر وارا وري چانور ڀڄائي رکندا هئا
۽ پوءِ
اهي چانور ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي ان کي ڇاڻي
جوس ڪڍي کير ۾ ملائي ڪاڙهي کنڊ ۽
ڦوٽا وجهي ملائي ٺاهيندا هئا
جنهن جو مزو
به
عجيب هئو.
ماسي رحيمان وٽ
پيسا جام هئا
پٽ جي شادي ڌام ڌوم سان ڪرايائين
ٽڪا ڏئي سڱ ورتائين تنهن وقت پيسا ڏئي سڱ وٺڻ جو
رواج عام هئو.
پٽ کي پوءِ
اولاد
به
ٿيس پر پاڻ پڪوڙا تري تري تيل جو واس وٺي وٺي نيٺ
بيمار ٿي پئي سهڪو ساهه
کڻڻ
نه
ڏيندو هيس ستيون
ڦڪيون ڊاڪٽر حڪيم
سڀ ٿڪجي پيا نيٺ اھو ھلايو ويو
ته
سندس نھن ڌاڳا ڦيڻا تعويذ
ڪيا آهن،
جنهن ڪري مرض نٿو لھيس.
گهر جي در جي ڀرسان زمين مان
هڪڙي ڀوپي اچي چمڙي تي اڪريل
تصوير
به
ڪڍي ھئي جنهن ۾ نالو لکيل هئو
۽ سيون لڳل هيون.
اسان سڀني کي ڏيکاريائون واه واه ٿي وئي ڀوپي جو
ڏينهن کرو ٿي ويو.
پر مون کي ڳالهه
سمجهه
۾
نه
آئي منهنجو خيال هئو
ته ماسي جو علاج ٿيڻ گهرجي جو هن کي تيل جي ڪري
بيماري ٿي آھي.
هن کي تعويذ
ڦيڻا ڪجهه
نه
ڪندا.
چيائون
ته
تون دهريو آھين توکي خبر ئي ناهي
ته
هي
به
هڪڙو علم آهي ڀوپي رعب ڪندي
چيو
جي تنھنجي بت ۾ سيون ٽنبجن
ته
تون ساه
کڻي
به نه
سگهندين! بيٺل ماڻھن ۾ سڪتو تاري ٿي ويو ۔
مون چيو گهڻو خرچ ايندو آ هڪڙي
بوتي ٺاهڻ ۾ چيائين
ٻه
ٽي هزار خرچ اچي ٿو
مون چيو،
ضياءِ
وڏا
ظلم ڪيا
آھن
ان جو
ته
هڪڙو بت ٺاهه
جيئن عذاب کائي کائي مري وڃي
پيسا جيترا چوندين مان چندو ڪري
ڏيندو مانء.
ڀوپو ماڻھن جي آڏو
منهنجي اها آفر ٻڌي پريشان ٿي ويو
۔
هڪو ٻڪو ٿيندي چيائين،
بابلا علم جا
به
آداب ٿيندا هن هي وقت جو حاڪم آھي سو به
ورديء سان
ان تي
اسان جوعلم ڪم
نه
ڪندوڪنهن ٻئي جي لاءِ
چوين
ته
حاضر آھيون.
محمد رمضان شورو
فن
۾ مڃتا ماڻيندڙ خواتين جا پروفائيل
(جيڪي سندن پيدائش ۽ وفات جي نسبت سان لکيا ويا
آهن)
سنڌ جي مشهور ليکڪـا، ڪھاڻيڪاره بادام ناتوان جي پيدائش
جو ڏينهن آهي، بادام ناتوان 7 مارچ 1930ع تي
شڪارپور ۾ جنم ورتو، پڙهيل لکيل ماءُ جي ڌيءَ ھئڻ
ڪري بادام ناتوان سٺي تعليم حاصل ڪئي.
بادام بمبئي يونيورسٽيءَ مان پڙهيل ھئي، بادام
ناتوان جي پهرين تصنيف ”شڪستا زندگي“ چئي وڃي ٿي،
جيڪا ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، سندس ٻين تصنيفن ۾:
خوش خصلت خاتون، قلبي اُڃ، نماڻي نار، خلوت ۾، رنم
رت ڦڙا وغيره شامل آهن.
مشهور ليکڪـا روشن آرا مغل سندس ڀيڻ، سياستدان مير
ٿيٻو سندس پٽ، ڪھاڻيڪاره پروفيسر
نسيم ٿيٻو سندس ڌيءُ
۽ خوبصورت ليکڪا شاعره تانيه ٿيٻو ڏوهٽي هئي،
ھن 8 فيبروري 1988 تي وفات ڪئي.
اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور فنڪاره/پلي بيڪ سنگر ساڌنا
سرگم جي پيدائش
جي تاريخ آهي، ساڌنا 7 مارچ 1969 تي جنم ورتو، ھن
جو ڪيريئر ٽن ڏھاڪن تي مشتمل آهي، ان دوران هن
فلمي گانن سان گڏ لاتعداد غزل، ڪلاسيڪل ڪلام،
علاقائي لوڪ گيت، پاپ ائٽمز وغيره ڳايا آهن، کيس
نيشنل فلم ايوارڊ، فلم فيئر ايوارڊ سميت مختلف
ايوارڊ ملي چڪا آهن، کيس گجرات صوبائي حڪومت پاران
پنج قومي انعام، مڌيا پرديش حڪومت پاران لتا
منگيشڪر ايوارڊ به ملي چڪو آهي.
ساڌنا جو تعلق رتنگري ضلعي مھاراشٽرا جي موسيقار
گھراڻي سان آهي، ھن جي ماءُ نيلا گھنيڪر به مشهور
فنڪاره ۽ موسيقي جي استاد رھي، ساڌنا موسيقي جي
بنيادي سکيا پنهنجي والده کان ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي
سکيا ننڍي کنڊ جي مشهور فنڪار پنڊت جئسراج کان
حاصل ڪئي، ساڌنا سرگم اردو، پنجابي، ھندي، تامل،
ميتائي، مراٺي، آسامي، گجراتي، ڀوجپوري، راجستاني،
بنگالي، تيلگو، مليالم، نيپالي سميت 34 ٻولين ۾
ڳايو آهي، ھن پلي بيڪ سنگر طور پنھنجي فني ڪيريئر
جي شروعات گجراتي فلم ڪنڪو پگلي کان ڪئي، جڏھن ته
سندس پھرين اردو فلم رستم آهي، سندس ٻين مشهور
فلمن ۾ تقدير،
پگھلتا آسمان، راج تلڪ، ڪرشما قدرت ڪا، جانباز،
خودغرض، خون ڀري مانگ وغيره
شامل آهن، ھن مجموعي طور تي 1556 اردو فلمن لاءِ
1938 گانا، 536 تامل فلمن لاءِ 1111 گانا ڳايا
آهن، 2500 بنگالي، 3467 مراٺي، جڏهن ته ٿورا ٿورا
ٻين ٻولين ۾ گانا ڳايا آهن، ھن آر ڊي برمن، انو
ملڪ، لڪشمي ڪانت
پياري لال سميت ننڍي کنڊ جي سڀني موسيقارن جي
موسيقي ۾ ڳايو آهي، سندس فني سفر جو سلسلو جاري
آهي، ھن اڃان تائين شادي ناهي ڪئي.
ملڪ جي مشهور شاعره صائمه
آفتاب
صاحبه
ھن 6 مارچ
1976ع
تي جنم ورتو.
عبث وجود کا دکھ ، تنگئ حیات
کا دکھ
کہ دل نے
پالا ہوا ہے
ہر ایک
ذات کا دکھ
تلاشِ جنت و دوزخ میں
رائیگاں
، انساں
زمیں
پہ روز مناتا ہے
کائنات کا دکھ
کئی
جھمیلوں
میں
الجھی
سی
بدمزہ چائے
اُداس میز
پہ دفتر کے
کاغذات کا دکھ
تمام دن کی
مصیبت
تو بانٹ
لی
ہم نے
کبھی
کہا ہی
نہیں
اپنی
اپنی
رات کا دکھ
گئے دنوں کا کوئی
خواب دفن ہے شاید
کہ اب بھی آنکھ سے
رِستا ہے باقیات کا دکھ
میں آل سے ہوں شہ کربلا کی سو مجھ کو
چناب سے بھی ملا ہے وہی فرات کا دکھ
نہ جانے مالکِ کُن ، کس طرح نبھاتا ہے
یہ دسترس کی سہولت ، یہ ممکنات کا دکھ
صائمہ آفتاب
اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور شاعر ساحر لڌيانوي جي پيدائش
جي تاريخ آهي، ساحر لڌيانوي 8 مارچ 1921ء تي
لڌيانه ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعليم خالصہ اسڪول،
انٽر گورنمينٽ ڪاليج لڌيانه مان حاصل ڪئي، ھن
ڪاليج دوران ئي شاعري شروع ڪئي، ان دوران کيس
امرتا پريتم
سان عشق جي ڪري ڪاليج مان خارج ڪيو ويو، ان کان
پوءِ لاھور اچي ويو، ساحر سياسي طور تي ترقي پسند
خيالن جو ماڻهو هو، انڪري ورھاڱي کان پوءِ سندس
وارنٽ جاري ڪيا ويا، ان ڪري پاڪستان ڇڏي واپس
بمبئي ھليو ويو، جتي کيس ادبي ۽ فلمي ماحول مليو،
ھن
1949ع
۾ پھرين فلم "آزادی
کی
راہ پر" لاءِ شاعري ڪئي، پر اھا فلم ڄمي نه سگهي،
ان کان پوءِ 1950ء ۾ موسيقار ايس ڊي برمن جي
موسيقي ۾ ھن فلم "نوجوان" لاءِ گيت لکيا، ان فلم
جا گيت اڃان تائين مشهور آهن، ان کان پوءِ هن
مختلف موسيقارن جي موسيقي ۾ لاتعداد فلمن لاءِ
گانا لکيا، جن مان (چاندنی
چوک، ممتا، نوجوان، بازی،
جال،
ٹیکسی
ڈرائیور،
ہاؤس نمبر 44، منیم
جی،
پیاسا،
چترلیکھا،
بہو بیگم،
دل ہی
تو ہے،
برسات کی
رات، تاج محل، بابر، بھیگی
رات)
وغيره
قابل ذڪر آهن.
اڄ ملڪ جي مشهور اداڪارا آسيه
جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن 9 مارچ
2013ع
تي ڪئناڊا ۾ وفات ڪئي، ھن اداڪاري جي شروعات فلم
ڊائريڪٽر رياض
شاھد پاران نسيم
حجازي جي مشهور ناول غرناط تي ٺهندڙ فلم سان ڪئي،
پر اھا ريليز نه ٿي سگهي، ان کان پوءِ هن فلم
انسان اور آدمي ۾ ڪم ڪيو، جنھن ۾ محمد علي ۽ زيبا
ليڊنگ رول ڪيا، ان کان پوءِ آسيه بيشمار فلمن ۾ ڪم
ڪيو، ساڻس ڪافي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار يوسف خان جو
وڏو ساٿ رهيو..
اڄ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور
اداڪاره، ميزبان نيلوفر عباسي جي پيدائش
جي تاريخ آهي، ھن 9 مارچ
1949ع
تي جنم ورتو، ٽيليويزن ڏسندڙ کيس ھميشہ شھزوري
سيريل ۽ ريڊيو ٻڌندڙ کيس صبح نو شو جي ڪري ياد
رکندا، ھن شاگردي واري زماني کان ئي اسڪول جي
پروگرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، سندس مائٽن به کيس
ھميشه
ھمٿايو، ھن ريڊيو پاڪستان تان شروعات حسينه معين
جي ڊرامي حسار کان ڪئي، جتان کيس ٽي وي پروڊيوسر
امير امام ٽيليويزن تي وٺي آيو ۽ کيس شھزوري، عيد
ڪا جوڙا، رومي، تھ دم، نيا راسته
وغيره
۾ ڪم ڪرايو.
شاديءَ کان پوءِ نيلوفر اداڪاري ڇڏي ڏني، ان کان
پوءِ هن ڊائريڪٽر جي حيثيت سان وزارت اطلاعات جي
پاڪستان نيشنل سينٽر کي جوائن ڪيو، نيلوفر ڪجهه
ڏينهن آمريڪا ۾ رهي پر وري موٽي آئي..
اڄ ملڪ جي مشهور نقاد، افسانه
نگار ۽ مترجم محترمه
ممتاز
شيرين
جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن 11 مارچ
1973ع
تي وفات ڪئي، محترمہ ممتاز
شيرين
12 سپٽمبر
1924ع
تي آنڌرا پرديش ۾ جنم ورتو.
ھن بينگلور
ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي.
23 آگسٽ
1942ع
تي صمد شاھين سان شادي ٿيس،
1954ع
۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ۾ ڪورس ڪيائين،
ان ئي سال اديبن جي ھالينڊ ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس
۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين،
1955ع
۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي
ڪيائين، مڙس جي نوڪري سبب ڪيترائي ملڪ گهميائين،
ممتاز
شيرين
جي افسانن جي مجموعن (اپنی
نگریا،
حدیث
دیگراں،
میگھ
ملہار) شامل آهن،
تنقيد
مضمونن جي مجموعن (معیار
اور منٹو،
نہ نوری
نہ ناری)
شامل آهن، ھن مشهور ادبي رسالو
نيادور
به شايع ڪيو.
اڄ ننڍي کنڊ جي ماضيءَ جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪارا
۽ فنڪاره امير ٻائي ڪرناٽڪي جي وفات جو ڏينهن آهي،
مھاتما گانڌي سميت پنھنجي وقت جا وڏا ۽ عظيم ماڻهو
ھن جا فين ھئا، امير ٻائي 1906 ڌاري ڪرناٽڪا ۾ جنم
ورتو، ھي پاڻ ۾ پنج ڀيڻون ھيون، جن مان امير ٻائي
۽ گوھر ٻائي وڏو نالو پيدا
ڪيو، امير ٻائي مئٽرڪ پاس ڪري بمبئي شفٽ ٿي وئي،
ھي تمام ٽئلينٽيڊ ڳائڻي ۽ اداڪارا ثابت ٿي، کيس
ھندي، اردو، بنگالي، ڪرناٽڪي ۽ گجراتي ٻولين تي
عبور حاصل هو.
ھن ان دور ۾ قوالي ڳائي جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي،
ان کي 1945 ۾ فلم زينت ۾ شامل ڪيو ويو، ان فلم جو
ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر شوڪت حسين رضوي ھو، ان دوران
امير ٻائي ڪيترين ئي فلمن لاءِ ڳايو پر کيس شھرت
فلم قسمت جي گانن کان پوءِ ملي، ان ڪاميابيءَ ۾
ساڻس ڪمپوزر انيل بسواس جو وڏو ساٿ رهيو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت امير ٻائي جو عروج ھو، لتا
منگيشڪر آئي ته امير ٻائي پلي بيڪ سنگنگ سان گڏ
اداڪاري ڪرڻ ب شروع ڪئي، ته ڪجهه فلمن لاءِ ميوزڪ
ڪمپوز به ڪئي، گجراتي ۽ مارواڙي فلمن ۾ به ڪم
ڪيائين، ھن جي ازدواجي زندگي ۾ لاھا چاڙھا گھڻا
رهيا، ھن پھرين شادي اداڪار ھماليا والا سان ڪئي،
جيڪو فلمن ۾ گھڻو ڪري ولين جا ڪردار ادا ڪندو هو،
اھو امير ٻائي سان حقيقي زندگيءَ ۾ به ولين جيان
پيش آيو.
ورھاڱي کان پوءِ ھماليا والا امير ٻائي کي ڇڏي
پاڪستان ھليو آيو.
پاڪستان جو وڏو اداڪار ٿيو، پويان امير ٻائي صحافي
۽ پارس جي ايڊيٽر بدري ڪانچ والا سان ٻي شادي ڪري
ڇڏي، امير ٻائي 3 مارچ 1965 تي وفات ڪئي.
اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور شاعره منور سلطانه
لکنوي جي پيدائش
جي تاريخ آهي، ھن 3 مارچ
1935ع
تي لکنئو ۾ جنم ورتو، ھن شاعري ۾ رھنمائي پنهنجي
والد بسمل لکنوي ۽
سيد علي
رضا کان حاصل ڪئي، ھن جي شاعري جا چار مجموعا
(شہرِ درد، صدائے
دردِ دل، نشانِ غذا، زادِ راہ) جي عنوان سان شايع
ٿيل آهن، ھن 4 جون
1995ع
تي وفات ڪئي، سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
محبت کا ہر اک پہلو حسیں تھا
مگر پھر بھی سکون دل نہیں تھا
مسلسل بج رہے تھے کان ساقی
کھنک ساغر کی تھی ساغر نہیں تھا
تیرے جانے سے میرے گھر میں بچا کچھہ بھی نہیں
میں ہوں اور میری اداسی کے سوا کچھہ بھی نہیں
شکوہ بے مہریٔ عالم منور کیا کریں
ہم سے خود تقدیر ہی آنکھیں بدلتی جائے ہے
یہ کیا ہوا کہ دھواں دھار ہوگئی دنیا
دکھائی کچھہ نہیں دیتا نظر میں کچھہ بھی نہیں
وہی اداس بیاباں، وہی مہیب نگر
نہ باندھہ رختِ سفر، اب سفر میں کچھہ بھی نہیں
27 فيبروري
2020ع
ملڪ جي مشهور فنڪاره مھ
جبين
قزلباش لاڏاڻو ڪري وئي آهي، مه
جبين
قزلباش پشتو جي ابتدائي فنڪارائن مان ھئي، ھي ان
وقت ڳائڻ لاءِ نڪتي جڏھن ڳائڻ ته پري جي ڳالهه آهي
پر پختون خاندانن ۾ عورتن جو بنا پردي ٻاهر نڪرڻ
ئي ناممڪن هو، ھن جو اصل نالو
ثريا
خانم ھو، ھن
1948ع
ڌاري پشاور ۾ جنم ورتو، ھن جو والد
ايران
مان اچي پشاور ۾ آباد ٿيو، جتي ھن شادي ڪئي ۽ کيس
مه
جبين
ڄائي، مه
جبين
کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، پاڻ نه رڳو
ملڪاء
ترنم نورجهان کان متاثر ھئي پر اسڪول جي پروگرامن
۾ ان جا گيت ڳائيندي هئي، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي
باقاعدي شروعات 1971-72 ڌاري ريڊيو پاڪستان کان
ڪئي، ان کان پوءِ هن پاڪستان ٽيليويزن تي ڳايو، ھن
سولو، ڊوئيٽ، فلمي، غير فلمي، لوڪ گيت، قومي گيت
ڳايا، جن جو تعداد ھزارن ۾ آهي، ھن پشتو، ھندڪو،
فارسيءَ، اردو، بلوچي، پنجابيءَ، سرائڪي سميت سنڌي
ٻوليءَ ۾ به ڪيترائي ڪلام ڳايا، گھٽ ماڻهن کي خبر
ھوندي ته مه
جبين
قزلباش ھڪ پشتو فلم 'شیرعالم
میمونے'
۾ به ڪم ڪيو، جنھن ۾ سندس ھيرو
لعل
خان ھو، جنھن سان پوءِ هن شادي ڪئي، کيس ٽن ٻارڙن
جو اولاد ٿيو، مه
جبين
قزلباش ڳائڻ جي شروعات ته پنهنجي ڏڍ تي ڪئي پر
پوءِ ان وقت جي مشهور شاعر، ڳائڻي ۽ موسيقار رفيق
شنواري کان رھنمائي حاصل ڪئي، جيتوڻيڪ ان وقت ملڪ
توڙي سرحد ۾ ڪشور سلطانه،
گلنار
بيگم،
زرسانگه،
معشوق سلطانه
۽ ٻيون پشتو فنڪارائون موجود ھيون پر مه
جبين
قزلباش نه صرف پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي پر کيس بلبل
سرحد جو خطاب ڏنو ويو، مه
جبين ذاتي
طور تي تمام پڙهيل لکيل، سلجهيل، اصول پسند ۽
مھمان نواز عورت ھئي، کيس حڪومت پاڪستان پاران
صدارتي تمغه
برائي حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو.
چندا بي بي/ماہ لقا ٻائي کي اردو جي پھرين عورت
شاعره مڃيو وڃي ٿو، ھن 7 اپريل
1768ع
تي گڏيل ھندستان جي شھر اورنگ آباد ۾ جنم ورتو،
جڏهن ته پھرين آگسٽ
1824ع
تي حيدرآباد دکن
۾ وفات ڪيائين، ھن
سياست
ڪئي، شاعري ڪئي، ڳايائين، نثر به لکيو ته سندس
شوقن ۾
تيراندازي،
نيزي
بازي ۽ گھوڙي سواري به شامل ھئي، کيس اردو جي
پھرين عورت شاعره ۽ صاحبه ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو،
ارڙهين صديءَ ۾ ماہ لقا ٻائي جي شاعري اردو ادب کي
نيون راهون ڏنيون، بلڪ نئون جنم ڏنو، سندس مجموعو
(گلزار ماہ لقا) جي عنوان سان شايع ٿيو، جنھن کان
پوءِ کيس اردو زبان جي پھرين (صاحبِ دیوان
شاعرہ) جو مقام حاصل ٿيو، سندس شاعري ننڍي کنڊ جي
شاعري جي سنگ
ميل
جو درجو رکي ٿي، ماہ لقا جي والد جو نالو بھادر
خان ھو، جيڪو مغل شهنشاهه محمد شاهه
جي فوج ۾ منصبدار ھو، جڏهن ته سندس والدہ جو نالو
راج ڪنور بي بي ھو، جيڪا راجپوتانه
مان لڏي
حيدرآباد
دکن
آئي ھئي، راج ڪنور کي پنهنجي ماسي مھتاب ڪنور
پاليو ھو، جيڪا
حيدرآباد
رياست جي درٻار
جي
رقاصه
ھئي، نواب رڪن الدوله
(وزیر
اعظم حیدرآباد)
جي رکيل به ھئي، ان ذريعي ماہ لقا جي به شاھي
خاندان تائين پهچ ٿي وئي، ماہ لقا جي تربيت نواب
رڪن الدوله
جي
زير
سايا ٿي، ان دوران ئي ماہ لقا شاعري شروع ڪئي، ته
گھوڙا سواري،
تيراندازي
۾ به مھارت حاصل ڪري ورتي، ان مھارت جي ڪري ئي ھن
نظام
حيدرآباد
علي خان آصف جاہ ثاني سان گڏ ٽي جنگيون وڙهيون،
سندس انداز بلڪل جنگي جوانن وارو ھوندو ھو، شاعري
۾ سراج اورنگ آبادي کان متاثر ھئي، جڏهن ته شاعري
۾ رھنمائي نواب
مير
عالم بھادر کان حاصل ڪئي، ماہ لقا کي اردو زبان
کان سواءِ عربي، فارسيءَ، بنگالي، ڀوجپوري تي به
دسترس حاصل ھئي، سندس شاعري جو پهريون مجموعو
(گلزارِ ماہ لقا) جي عنوان سان شايع ٿيو، سندس ٻيو
مجموعو (دیوانِ
چندا) جي عنوان سان شايع ٿيل آهي.
(نمونہ کلام)
نہ گل سے ہے غرض تیرے نہ ہے گلزار سے مطلب
رکھا چشم نظر شبنم میں اپنے یار سے مطلب
یہ دل دام نگہ میں ترک کے بس جا ہی اٹکا ہے
بر آوے کس طرح اللہ اب خوں خوار سے مطلب
بجز حق کے نہیں ہے غیر سے ہرگز توقع کچھ
مگر دنیا کے لوگوں میں مجھے ہے پیار سے مطلب
نہ سمجھا ہم کو تو نے یار ایسی جاں فشانی پر
بھلا پاویں گے اے ناداں کسی ہشیار
سے مطلب
نہ چنداؔ کو طمع جنت کی نے خوف جہنم ہے
رہے ہے دو جہاں میں حیدر کرار سے مطلب..
جان ڪيننگ/محمد احمد منصور عباسي
جين آئير
شارلٽ برونٽي
يارڪ
شائر پٽ جي ڪناري سان هاورٿ واري پادري جي گهر ۾
ماڻهو ماني منجهند جو کائي ڇڏيندا هئا ۽ 1847ع ۾
هڪ ٽپهري جو جڏهن کاڌي جي ٽيبل صاف ٿي چڪي هئي سڀ
کان وڏي ڌيءُ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي مطالعي جي ڪمري
جو دروازو ڪجهه
ڊڄندي ڊڄندي کڙڪايو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿي. کيس هڪ ڪتاب
۽ ڪجهه اخباري تراشا هٿ ۾ ڏنا.
”بابا، هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”مون هڪ ڪتاب لکيو
آهي“.
”واقعي، منهنجي پياري؟“
”هائو ۽ منهنجي مرضي آهي ته توهان اهو پڙهو“.
”منهنجي خيال ۾ انهي سان منهنجي اکين ۾ ڏاڍو سور
ٿيندو“.
”پر اهو هٿ لکيل نه آهي؛ اهو ڇپيل آهي“.
”منهنجي پياري! تون انهي تي آيل خرچ جو ته سوچيو
ئي نه آهي! اهو ته لازماً گهاٽي ۾ ئي ويندو. جو
تون ڪتاب وڪرو ڪيئن ڪندينء؟ ڪير به توکان يا
تنهنجي نالي کان واقف ئي نه آهي“.
”پر بابا، منهنجي خيال ۾ ته انهي مان ڪو نقصان نه
ٿيندو. توهان مون کي هڪ ٻه تبصرا ته پڙهي ٻڌائڻ
ڏيو ۽ مون کي موڪل ڏيو ته توهان کي انهي بابت ڪجهه
وڌيڪ ٻڌايان“. انهي تي اها نوجوان عورت، اها ايتري
نوجوان به نه هئي حقيقت ۾ سندس عمر 31 ورهيه هئي،
ويهي رهي ۽ ڪجهه تبصرا پنهنجي پيءُ کي پڙهي
ٻڌايائين ۽ پوءِ کيس ڪتاب جي ڪاپي ڏئي اهو پڙهڻ
لاءِ اڪيلو ڇڏي وئي. ڪجهه ڪلاڪ پوءِ هو جڏهن چانهه
پيئڻ آيو ته چيائين. ”ڇوڪريون خبر اٿانو ته شارلٽ
هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ توقع کان گهڻو ڀلو آهي؟“
شارلٽ برونٽي ”جين آئير“ لکڻ جي خبر پنهنجي پيءُ
کي ائين ٻڌائي هئي. سندس اهو بيان سندس لفظن ۾ مسز
گيسڪيل پاران سندس لکيل سوانح ۾ ڏنل آهي. سندس
سڀني سوانح عمرين مان اها سڀ کان بهترين آهي ڇاڪاڻ
ته هوءَ شارلٽ برونٽي کي ذاتي دوست جي حيثيت ۾
سڃاڻندي هئي.
جين آئير هڪ هٿين خالي يتيم آهي جنهن کي سندس پڦي
مسز ريڊ جي نگهباني هيٺ ڇڏيو ويو آهي. هوءَ
انگريزي فڪشن ۾ ملندڙ مڊل ڪلاس ميٽرن (وڏي عمر جي
سار سنڀال لهندڙ عورت. سنڌيڪار) جو اڻ وڻندڙ نمونو
آهي. ڪهاڻي جي شروعات وقت ننڍڙي جين ڏهن ورهين جي
آهي. سندس پڦي جا ٻار عام طور کيس هيسائيندا،
ڌمڪائيندا ۽ ڌڪا ڏيندا رهن ٿا. تان جو هو هڪ دفعو
پاڻ سان ٿيندڙ خراب ورتاءُ تي ڏاڍي جذباتي انداز ۾
۽ ڏک ۽ افسوس ۾ ڳالهائي ٿي. انهي تي کيس يتيم
ڇوڪرين جي تعليم جي هڪ خيراتي اداري ۾ ڦٽو ڪيو وڃي
ٿو. ناول ۾ انهي کي لووڊ
(Lowood)
انسٽيٽيوشن سڏيو وڃي ٿو. حقيقي زندگي ۾ انهيءَ جا
پار پتا ڪوون برج تي ليڊس کان ڪينڊل ويندڙ روڊ جي
ڀرسان هڪ اداري سان مِلن ٿا. شارلٽ بروٽني ۽ سندس
ڀينرون اتي ڪجهه ورهيه شاگرد ٿي رهيون هيون.
سندس بيان مان لڳي ٿو ته اها گهٽ ۾ گهٽ انهي جي
شروعاتي ورهين ۾ ته ڏاڍي خطرناڪ جاءِ هوندي. اهو
ڏاڍي غير صحتمند علائقي ۾ واقع هو جتي حالتون تمام
خراب هيون. کاڌو بلڪل ڪراهت جهڙو هوندو هو ۽
ماسترياڻيون (سپرنٽنڊنٽ مس ٽيمپل کان سواءِ جنهن
کي ڏاڍي همدردي سان پيش ڪيو ويو آهي) نااهل، سخت ۽
بي احساس هونديون هيون. اسڪول جو ڪنٽرولر مقامي
پادري هوندو هو جنهن جو نالو ڪتاب ۾ مسٽر بروڪل
هرسٽ ڏنل آهي پر حقيقي زندگي ۾ انهي کي ريورنڊ
ڪارس ولسن سمجهيو ويو آهي.
برونٽي ڀينرن مان ٻه سڀ کان وڏيون 1824ع جي
اونهاري جي مند ۾ ڪوون برج ويون ۽ شارلٽ ۽ ايملي
ڪجهه مهينا پوءِ ويون. اسڪول ۾ بخار جو پکڙيو ته
ماريا ۽ ايلزبيٿ (جن جون عمريون ترتيب وار يارنهن
۽ ڏهه ورهيه هيون) کي گهر موڪليو ويو ته هو اتي ئي
فوت ٿي ويون. ماريا برونٽي ناول جي هيلين برنس
آهي. انهي سلسلي ۾ مسز گيسڪيل اسان کي خاطري ڪرائي
ٿي ته: ”هيلين ماريا برونٽي جي هوبهو تصوير آهي.
اسين جنهن ڏينهن سڀ کان آخر ۾ ملياسين انهي ڏينهن
به سندس دل ۾ اهو لاحاصل ڪروڌ ۽ رنجش موجود هئي ۽
سندس نرم دل، صابرين ۽ مرڻ ڪنڌي تي پهتل ڀيڻ سان
انهي ماسترياڻي ڏاڍو ظلم روا رکيو هو جنهن کي ناول
۾ مس سيچرڊ جو نالو ڏنل آهي.“
جين آئير بابت سندس پڦي اسڪول ۾ تمام خراب ڳالهيون
ٻڌائي وئي هئي انهي ڪري ئي بروڪل هرسٽ هن تي ڪجهه
وقت سختيون ڪندو رهيو هو. پر آخرڪار مس ٽيمپل سندس
ڪردار کي صاف قرار ڏنو. هن پڙهائي ۾ به سٺي
ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هن اسڪول ۾ پنهنجن آخري ٻن
ورهين دوران شاگردياڻي ماسترياڻي طور ڪم ڪيو. پوءِ
ارڙهن ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تي هن گورنيس ٿي عملي
دنيا ۾ قدم رکيو.
جين آئير ڪائونٽي جي اخبار ۾ نوڪري لاءِ اشتهار
ڏنو هو. انهي جي جواب ۾ مسز فيئر فيڪس نالي ڪنهن
عورت کيس ٿارن هال مان خط لکيو. اهو علائقو اتان
کان ستر ميل پري مِل ڪوٽ جي وڏي صنعتي شهر جي
ويجهو هو. ”اتي صورتحال اها هئي جو ڏهن ورهين کان
به ننڍي هڪ ڇوڪري شاگردياڻي هئي ۽ پگهار ٽيهه
پائونڊ ساليانو هو. ”جين جوابي خط لکي اها آڇ قبول
ڪئي ۽ مقرر وقت تي ٿارن فيلڊ پهچي وئي جتي مسز
فيئر فيڪس هن جو چڱي گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو.
پوءِ خبر پئي ته گهر ۾ اها ئي اڪيلي هائوس ڪيپر
هئي. کيس پگهار مسٽر ايدورڊ روچيسٽر ڏيندو هو. اهو
حويلي جو مالڪ هو. هو شاهوڪار ڪنوارو هو ۽ گهڻو
وقت ٻاهر رهندو هو. جين جي ذمي اهو ڪم هنيو ويو ته
هوءَ انهي صاحبلوڪ جي ڇوڪريءَ جي سار سنڀال لهي.
جين کي جلدئي خبر پئجي وئي ته اها ڇوڪري هڪ فرانسي
او پيرا ڊانسر جي ڌيءُ هئي جيڪا مسٽر روچيسٽر جي
پيرس ۾ داشته رهي هئي.
مسٽر روچيسٽر ڪجهه هفتا ته ٿارن فيلڊ ۾ ظاهر ئي نه
ٿيو ۽ پوءِ هو گهوڙي تي چڙهي جين آئير جي زندگي ۾
هڪ ڌڌڪو ڪندو داخل ٿي ويو. هوءَ ڊسمبر مهيني ۾ هڪ
ٽيپهري جو ٻنين ۾ واڪ ڪري رهي هئي جو هڪ تمام وڏو
ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ڪتو ۽ هڪ طاقتور گهوڙي تي سوار
هڪ ماڻهو هن جي ڀرسان گذري ويا. گهوڙي سوار سندس
ڀرسان تيزي سان گذري ويو ۽ پوءِ جيئن ته ڪنهن حيرت
مان چيو هجي ”مار! هاڻي ڇا ڪجي؟“ ۽ وري ڇڻڪاٽ ڪري
ڪنهن جي ٿاٻڙجي ڪري پوڻ جو آواز منهنجي ڪنن تي
پيو. ماڻهو ۽ ڪتو هيٺ ڪريا پيا هئا. اهي پيچري تي
ٺهيل برف جي سنهي تهه تان ترڪي پيا هئا. ”هو جلدي
اتي وڃي پهتي ۽ جيڪا مدد پڄي سگهيس سا ڪيائين ۽
پوءِ مهرباني جي ڪجھ لفظن سان ماڻهو گهوڙو
ڊوڙائيندو ويو هليو. ”سندس منهن جو رنگ پڪو هو.
منهن مهانڊن مان درشتي پئي ظاهر ٿيس ۽ اکين جون
ڀرون وڏيون هئس. هو جيتوڻيڪ نوجواني جي عمر کان
ٽپيل هو پر اڌ عمر کي نه پهتو هو. هو شايد پنجٽيهن
ورهين جو هجي. مون کي هن کان ڪو به ڊپ نه ٿيو پر
ڪجهه لڄ محسوس ٿي...“
هوءَ جڏهن حويلي ۾ واپس پهتي ته کيس هر طرف هلچل
نظر آئي. مسٽر روچيسٽر پهچي ويو هو. فيئر فيڪس هن
کي ٻڌايو، هن سان هڪ حادثو پيش آيو هو. سندس گهوڙي
جو پير ترڪي پيو هو ۽ ڪري پيو هو. مسٽر روچيسٽر جي
کي موڙو اچي ويو هو. هڪ نوڪر سرجن کي وٺڻ ويو هو.
ايندڙ شام جو جين ۽ سندس ننڍڙي شاگردياڻي اڊيلي کي
مسٽر روچيسٽر سان ڊرائنگ روم ۾ چانهه پيئڻ لاءِ
سڏايو ويو. هن کي شروع ۾ سندس هلت چلت ڏاڍي رُکي ۽
ڪجهه قدر برتري ڏيکاريندڙ لڳي پر هو جلدئي انهي تي
هري وئي. تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هوءَ هن
کان پري ڌڪجڻ بجاءِ هن ڏانهن تمام زور سان ڇڪجي
آئي ۽ هن به جين جي سادي شڪل صورت ۽ فطري هلت چلت
هوندي ڪجهه اهڙيون نشانيون ڏيکاريون جن مان سمجهجي
پيو ته هن کي جين ۾ ڪجهه دلچسپي پيدا ٿي آهي. جين
جا سادا طور طريقا ۽ سادي شڪل صورت کيس وڻيا هئا.
جلدئي هو کيس پنهنجي اعتماد ۾ وٺڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته کيس پنهنجي نوجواني جون ڪي ننڍڙيون غلطيون به
ٻڌائيندو هو. ۽ هن جي ڇا حالت هئي، ”ڇا مسٽر
روچيسٽر هاڻي منهنجي نظرن ۾ ڪوجهو ۽ بدصورت هو؟
نه، ڪيترن ئي وڻندڙ ۽ خوشگوار ڳالهين سبب سندس
منهن منهنجي لاءِ اهڙي شي ٿي پيو هو جنهن کي ڏسڻ
آءٌ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندي هئس. سندس ڪمري ۾
موجودگي منهنجي لاءِ ڏاڍي روشن باهه کان به وڌيڪ
وڻندڙ هوندي هئي“.
بهرحال هن بابت، گهر بابت ۽ گهر جي رهواسين بابت
ڪيتريون ڳالهيون هيون جن جي هن کي خبر نه هئي. گهر
جي رهواسين مان به خاص طور گريس پُول نالي هڪ عورت
بابت جيڪا مٿي ٽين منزل تي اڪيلي رهندي هئي ۽
سلائي جو ڪم ڪندي هئي.
هن کي جڏهن ٿارن فيلڊ هال ۾ رهندي ٻه يا ٽي مهينا
ٿيا هوندا ته هڪ غيرمعمولي واقعو ٿي گذريو جنهن
جين ۽ سندس مالڪ کي هڪ ٻئي جي گهڻو ويجھو آڻي
ڇڏيو. هڪ رات ڏاڍا غمگين آواز سندس ڪن تي پيا.
جنهن ڪري هوءَ سجاڳ ٿي پئي. اهي آواز سندس ڪمري جي
مٿان واري ڪمري مان پئي آيا. پوءِ ڪي آڱريون سندس
ڪمري جي دروازي کي رانبوٽا پائڻ لڳيون ۽ هال جي
گهڙيال ٻه وڄايا هئا جو هڪ وڏو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو.
هوءَ جلدي ڪجهه ڪپڙا پهري ٻاهر نڪتي ته جاءِ جو
اهو حصو دونهين سان ڀريل ڏٺائين. اهو دونهون مسٽر
روچيسٽر جي ڪمري مان پئي آيو. هن ڌڪو ڏئي دروازو
کوليو. سندس بستري مان باهه جا اُلا نڪري رهيا
هئا. ”جاڳو! جاڳو!“ هن رڙيون ڪيون ۽ هن کي زور سان
وٺي ڌونڌاڙيو. پر هو دونهين سبب بيهوش لڳو پيو هو.
پوءِ هن پاڻي جي جڳ کي جهڙپ ڏئي بستري ۽ ان تي ستل
ماڻهوءَ کي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو. مسٽر روچيسٽر پوءِ
وڃي سجاڳ ٿيو. ”ڇا ڪا ٻوڏ اچي وئي آ؟“ هن پڇيو.
”نه سر“ هن لاشعوري مزاح ۾ وراڻيو، ”پر باهه لڳي
وئي آهي“.
هن جيڪو ڪجهه ٿي گذريو هو انهي بابت سندس بيان ٻڌو
ته ائين لڳو ڄڻ ته هو انهي جي اڌ جيترو به حيران
نه ٿيو هو جيترو هن سمجهيو هو ته هن کي ٿيڻ گهرجي
ها. هُو مون کي چڱي طرح ڪپڙن ۾ ويڙهي پنهنجي ڪرسي
تي ويهاري ۽ بلڪل ماٺ ڪري ويهڻ جو چئي مٿين منزل
جي ڪمري ڏانهن ويو. هو ڪيترو وقت ٻاهر رهيو ۽ جڏهن
واپس آيو ته هو ڏاڍو غمگين پئي نظر آيو. ”مون کي
سڀ ڪا خبر پئجي وئي آهي“. هن چيو، ”اهو ائين ئي
ٿيو آهي جيڪو منهنجو اندازو هو“. اهو عجيب ٽهڪ
جيڪو هن ٻڌو هو. ڇا هن اهو اڳ ۾ نه ٻڌو هو؟“ ”هائو
سائين مٿين منزل تي هڪ عورت گريس پُول نالي رهندي
آهي جيڪا هتان جو سلائي جو ڪم ڪندي آهي. اها اهڙي
طرح کِلندي آهي. اها ڏاڍي عجيب عورت آهي.“ ”بلڪل
ائين ئي آهي.“ مسٽر روچيسٽر وراڻيو. ”گريس پول-
تون اندازو هنيو آهي، تو جيئن چيو اها عجيب آهي-
هائو، واقعي“.
انهي رات کان پوءِ ٿيندڙ ڏينهن تي جين اهو ڏسي
ڏاڍي اچرج ۾ پئجي وئي ته گريس پول ڏاڍي آرام سان
مسٽر روچيسٽر جي بستري جي پردن تي نوان ڇلا ٽاڪي
رهي هئي جڏهن ته ٻيا نوڪر گذريل رات ٿيل گند صاف
ڪري رهيا هئا. تڏهن کيس اها خبر ٻڌائي وئي ته مالڪ
کي بستري ۾ ڪو ڪتاب پڙهندي ننڊ اچي وئي هئي جو
پردن کي باهه لڳي وئي. ڀاڳ ڀلا ٿيا جو هو بروقت
سجاڳ ٿي ويو ۽ واش اسٽينڊ تي رکيل مٽ مان پاڻي کڻي
باهه وسائي ورتائين. جين جي حيرت ۾ ويتر اضافو
تڏهن ٿيو جڏهن مسز فيئر فيڪس هن کي ٻڌايو ته مسٽر
روچيسٽر کي اوچتو خيال اچي ويو ۽ هو مل ڪوٽ جي
ٻئين پاسي ڏهه ميل پري جاءِ تي ڏنل هائوس پارٽي ۾
شرڪت ڪرڻ ويو هليو آهي. اتي ٻين مهمانن سان گڏ عزت
مآب بلانشي انگرام به هوندي. هوءَ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري
هئي ۽ گذريل ڪرسمس تي ٿارن فيلڊ ۾ ٿيل پارٽي ۾
سڀني جي اکين جو مرڪز رهي هئي. اها ڳالهه ٻڌي جين
جو روح وسامي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي ڏاڍي بيوقوف سمجهڻ
لڳي جو هن اهو سمجهڻ جي جرئت ڪئي هئي ته مالڪ هن ۾
دلچسپي وٺي ٿو.
مسٽر روچيسٽر ڪجهه ڏينهن پوءِ انهي پارٽي جي موٽ ۾
پارٽي ڏني ۽ ڏاڍا خوش باش ماڻهو سندس ڇت هيٺ گڏ
ٿيا. جين پس منظر ۾ ڌڪجي وئي ۽ مهمانن به هن سان
غريب گورنيس جهڙو ئي سلوڪ ڪيو. پوءِ وري رات جي
اونداهي ۾ هڪ غيرمعمولي ڳالهه ٿي گذري. هڪ تمام
خوفناڪ رڙ سان سڀ گهر وارا جاڳي پيا. گيلري مردن ۽
عورتن سان ڀرجي وئي. سڀني کي رات جا ڪپڙا پهريل
هئا ۽ سڀ ماڻهو پڇي رهيا هئا ته ”مسٽر روچيسٽر ڪٿي
آهي؟“ شروع ۾ ته هو پنهنجن مهمانن سان گڏ بيٺو
انهن جو ڊپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ انهن کي
واپس پنهنجن بسترن ۾ وڃڻ جو چئي رهيو هو ۽ پوءِ
ڪجھ وقت پوءِ هو جين آئير جي بيڊروم جو دروازو
کڙڪائي رهيو هو. هن دروازو کوليو هن مٿس زور ڀريو
ته هوءَ هن سان گڏجي ٽين منزل تي هلي. کيس اتي هڪ
ڪمري ۾ هڪ پراڻي بيڊ ۾ هڪ ماڻهو نظر آيو جيڪو اتي
ڪالهه شام ئي پهتو هو. ماڻهن جي تاثرات مان ائين
پئي لڳو ته ڪنهن کي هن جي اچڻ جي توقع نه هئي نه
ئي کيس ڏسي ڪير خوش ٿيو هو. سندس نالو ميسن
(Mason)
هو. هاڻي هو هتي پيو هو. سندس جسم رت ۾ ٻڏل هو ۽
سڄي جسم تي رهڙون ۽ زخم لڳا پيا هئس. هو مرڻ
ڪنڌيءَ تي نظر پئي آيو پر جين سندس تيمارداري ڪئي.
انهي دوران مسٽر روچيسٽر لڪ ڇپ ۾ ڊاڪٽر کي وٺڻ
هليو ويو. پوءِ اڃا ڀنڀرڪو نه ٿيو هو ۽ هر ڪو
ماڻهو سمهيو پيو هو ته اهي کيس گهر کان ٻاهر کڻائي
ويا.
”جين، تون ڏاڍي عجيب رات گذاري آهي“، مسٽر روچيسٽر
صبح جو چيو، ”ڇا تو کي ڊپ نه لڳو هو جڏهن آءٌ توکي
ميسن سان اڪيلو ڇڏي ويو هوس“. ”مون کي اندرئين
ڪمري مان نڪرندڙ ڪنهن ماڻهو کان ڊپ لڳو هو“، هن
وراڻيو، ”ڇا گريس پول اڃا هتي رهندي، سر؟“ ”اوهه،
ها“. مسٽر روچيسٽر ڏاڍي رکائي سان جواب ڏنو، ”تون
هن بابت گهڻو نه سوچ“.
جلدئي پوءِ جين کي پنهنجي پڦيءَ گهرايو ته هوءَ
اوڏانهن وئي هلي. سندس آخري وقت هو ۽ کيس انهي تي
ڏاڍو افسوس هو ته هوءَ جڏهن لووڊ ۾ شاگردياڻي هئي
ته هن مڊيرا ۾ رهندڙ سندس هڪ شاهوڪار چاچي کي
ٻڌايو هو ته هوءَ مري وئي آهي. ٿارن فيلڊ موٽڻ تي
جين کان جلدئي اها ڳالهه وسري وئي ته هوءَ ڪنهن
وڏي دولت جي مالڪياڻي ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته اتي تمام
روشن مستقبل سندس سامهون نظر اچي رهيو هو. هوءَ
اڃا به گورنيس ئي هئي پر عزت مآب بلانشي منظر تان
بلڪل غائب ٿي وئي هئي ۽ مسٽر روچيسٽر جين آئير کي
سندس ڪنوار ٿيڻ جو چيو هو. هن به کيس قبول ڪيو هو.
جو تيستائين هو ”نه فقط منهنجي سموري ڪائنات پر
ڪائنات کان به وڌيڪ منهنجي جنت جي اميد ٿي ويو
هو....“
ٻئي ڄڻا شادي کان اڳ جيڪو هڪ مهينو گذارڻ تي راضي
ٿيا هئا اهو به جلد گذري ويو ۽ پوءِ شادي واري رات
کان هڪ رات اڳ جين وري هڪ رات جي مهم کي منهن ڏنو.
ڪمري ۾ ڪو ماڻهو ڏسي کيس جاڳ ٿي. هن جنهن ڪٻٽ ۾
شادي جو وڳو ۽ نقاب رکيو هو اهو ڪٻٽ کليو پيو هو ۽
ڪو ماڻهو اهي ٻاهر ڪڍي مٿي جهلي بيٺو هو. هاڻي جين
کي نظر اچڻ لڳو ته اها ڪا عورت هئي. سندس گهاٽا
ڪارا وار سندس پٺي تي لڙڪي رهيا هئا. هن اهڙي عورت
اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هن اڳ ۾ اهو نقاب پنهنجي
مٿي تي رکيو پوءِ انهي کي ڇڪي لاٿائين ۽ زمين تي
اڇلائي انهي کي پيرن هيٺان لتاڙڻ لڳي.
ڪجهه ڪلاڪ پوءِ جين ۽ ايڊورڊ ڳوٺ جي چرچ ۾ زال مڙس
ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺا هئا. پر جڏهن پادري
”ڪا رڪاوٽ“ وارو رسمي سوال ڪيو ته هڪ ماڻهو اڳتي
وڌي آيو ۽ وڏي آواز سان چيائين ته کيس هڪ رڪاوٽ
بابت خبر آهي. اها هيءَ ته مسٽر روچيسٽر اڳ ۾
پرڻيل آهي ۽ سندس زال اڃا زنده آهي. اهو ماڻهو
(پوءِ خبر پئي ته اهو لنڊن جو هڪ وڪيل هو) هڪ حلف
نامو پڙهڻ لڳو جنهن ۾ اهو درج ٿيل هو ته مسٽر
روچيسٽر پندرهن ورهيه اڳ جئميڪا ۾ برٿا ميسن نالي
هڪ عورت سان شادي ڪئي هئي ۽ پوءِ هن هڪ شاهد پيش
ڪيو. اهو ساڳيو ئي پراسرار مسٽر ميسن هو جنهن جي
انهي رت ۽ خوف واري رات جين تيمارداري ڪئي هئي.
”مسز روچيسٽر“ هن چيو، ”زنده آهي ۽ هاڻي ٿارن فيلڊ
هال ۾ رهندي آهي. مون کيس اتي گذريل اپريل مهيني ۾
ڏٺو هو“.
ڳنڀير مرڪ مسٽر روچيسٽر جي چپن کي چٻو ڪري ڇڏيو.
پوءِ هن مختصر لفظن ۾ اعلان ڪيو ته اڄ ڏينهن تي
شادي نه ٿيندي ۽ پارٽي کي واپس گهر وٺي ويو. گهر ۾
هو سڀني ماڻهن کي ٽين منزل تي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي
ويو. ”ميسن، تون هيءَ جاءِ سڃاڻين ٿو“. هن چيو،
”هن توکي هتي ئي چڪ هنيا هئا ۽ چاقو هنيو هو“. هو
ٿورو اڳتي هڪ ڪمري ۾ آيا جتي گريس پول هڪ ساس پين
۾ ڪجھ رڌي رهي هئي. ۽ ڪمري جي پرئين ڪناري تي پاڇي
۾ ڪا شي اڳتي پوئتي ڊوڙي رهي هئي. اهو ڇا هو؟ ڪو
جهنگلي جانور هو يا ڪو انسان هو. ڪير به پهرئين
نظر ۾ اهو نه ٿي ٻڌائي سگهيو. اها مخلوق هٿن پيرن
تي ڦيرا پائي رهي هئي ۽ ڪنهن عجيب جهنگلي جانور
وانگر جهپڙون ٿي هيائين ۽ گرڙاٽ ٿي ڪيائين. پر اها
ڪپڙن ۾ ويڙهيل هئي ۽ ڪجهه ڪارا ۽ ميٽوڙي رنگ جا
وار سندس مٿي ۽ منهن کي ڍڪيو بيٺا هئا. جين فوراً
سمجهي وئي ته هيءَ اها ئي پراسرار مخلوق آهي جنهن
سندس شادي جو نقاب ڦاڙي ڇڏيو هو. ”خيال ڪريو
سائين، خدا جي واسطي خيال ڪريو“، گريس پول رڙ ڪئي.
انهي پاڳل لوهه پاتي. اها هڪ وڏي ۽ ٿلهي عورت هئي.
۽ مسٽر روچيسٽر کي گلي کان جهلي پنهنجا ڏند سندس
ڳل تي رکي ڇڏيائين. اهي وٺ وٺان ۾ لڳا رهيا.
آخرڪار هن کي قابو ۾ آندو ويو سندس هٿ پٺيان ٻڌا
ويا ۽ کيس ڪرسي سان ٻڌي ويهاريو ويو.
مسٽر روچيسٽر بيٺل ماڻهن ڏانهن منهن ڪيو. ”هيءَ
آهي منهنجي زال“. هن چيو. ”مون کي شادي جي نالي ۾
اهو ئي ڀاڪر نصيب ٿيو آهي“. ۽ هيءَ اها آهي جنهن
کي آءٌ حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن پنهنجو هٿ جين جي
ڪلهي تي رکيو، ”هيءَ نوجوان ڇوڪري جيڪا ڄڻ ته دوزخ
جي منهن وٽ ڏاڍي ڳنڀير ۽ ماٺ ميٺ ۾ بيٺي آهي ۽
ڏاڍي اطمينان سان هڪ جنڙي جا ٺينگ ٽپا ڏسي رهي
آهي“..
پوءِ جين ۽ روچيسٽر نئين پيدا ٿيل صورتحال تي ويهي
بحث مباحثو ڪيو. اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا
ڳالهائيندا رهيا. هو ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن هن جي
وڏي اٽڪل سان انهيءَ عورت سان شادي ڪرائي وئي هئي.
هو تڏهن اڃا نوجوان هو ۽ کيس بلڪل خبر نه هئي ته
سندس خاندان ۾ چريائپ جو مرض هلندو پئي آيو. هو هن
کي انگلينڊ واپس وٺي آيو هو ۽ کيس لڪائي ويهاري
ڇڏيو هئائين ۽ پنهنجيون خوشيون ٻين جاين تي
ڳولهيندو رهيو هو. پوءِ جين سندس زندگي ۾ آئي هئي
۽ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو. هن جين سان شادي ڪرڻ چاهي
ٿي ۽ اڃا به سندس اها ئي خواهش هئي. اهي اڃا به هڪ
طريقي مطابق شادي ڪري سگهيا ٿي. اهي ٻاهر هليا
وڃن. اتي اهي خوش گذاريندا ۽ هر ڳالهه صحيح ٿي
ويندي.
پر جين انهي ڳالهه تي راضي نه هئي. جين هن کي واضح
لفظن ۾ ٻڌايو ته هوءَ هن سان محبت ڪري ٿي. هن
پاران گهري جنسي احساس جي ايتري واضح اظهار ئي
وڪٽوريائي دور جي پڙهندڙ کان ايترا ڇرڪ ڪڍرائي
ڇڏيا هئا. کيس چڱي ريت خبر هئي ته روچيسٽر جيڪو
ڪجهه چئي رهيو هو اهو غلط هو ۽ انهي مان ڪا به
چڱائي ٿيڻي نه هئي. هن مٿس ڏاڍو زور ڀريو، ڏاڍا
دليل دلائل ڏنا، ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪيون ۽ رنو پڻ. هو
منهن ڦيري ويو هليو ۽ پاڻ کي منهن ڀر صوفا تي کڻي
اڇلايائين. ”او جين، منهنجي اميد، منهنجي محبت،
منهنجي زندگي!“ سندس چپن مان اهي لفظ نڪتا. پوءِ
هڪ اونهي سڏڪي جو آواز آيو. آءٌ اڳ ۾ ئي دروازي وٽ
پهچي چڪي هئس. پر آءٌ وري واپس موٽيس. آءٌ هن جي
ڀرسان گوڏن ڀر ويهي رهيس. مون هن جو منهن گدي مان
کڻي پاڻ ڏانهن ڪيو. مون سندس ڳل تي چمي ڏني مون
سندس وارن تي پنهنجو هٿ ڦيريو. ”خدا توهان تي رحمت
ڪري، منهنجا پيارا مالڪ!“ مون چيو، ”خدا توهان کي
تڪليف ۽ نقصان کان محفوظ رکي. توهان کي هدايت ڏئي،
توهان کي آٿت ڏئي ۽ توهان ماضي ۾ مون تي جيڪي
مهربانيون ڪيون آهن انهن جو توهان کي چڱو بدلو
ڏئي.“ هن پنهنجيون ٻانهون مون ڏانهن وڌايون پر مون
ڀاڪر کان پاسو ڪيو ۽ فوراً ڪمري مان نڪري ويس.
”خدا حافظ“ مون جڏهن کيس ڇڏيو ته منهنجي دل مان رڙ
نڪتي“.
اهي ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون آهن پر پوءِ جيڪو ڪجهه
ٿيو اهو انهي جي بلڪل مطابق نه آهي. جين ٿارن فيلڊ
مان ڀڄڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بلڪل هٿين خالي ۽
ڏاڍي بيمار هئي. پر ڏاڍي عجيب اتفاق سان هن جي هڪ
پادري ۽ سندس ڀينرن سان دوستي ٿي وئي. اڳتي هلي
خبر پئي ته اهي سندس سوٽيون ۽ سوٽ هئا. هوءَ به
نوجوان پادري سان شادي ڪرڻ لاءِ تقريباً راضي ٿي
وئي هئي جو اوچتو کيس ڪنهن جي سڏ جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو، ”جين! جين! جين!“ هوءَ هڪ لمحو به وڃائڻ کان
سواءِ ٿارن فيلڊ هال ڏانهن رواني ٿي وئي. اهو سڙيو
جليو تباه لڳو پيو هو. ڳوٺ جي سراءَ مان کيس خبر
پئي ته انهي جاءِ کي اتي لڪيل هڪ پاگل عورت باهه
ڏئي ڇڏي هئي. اها پاڻ به ڪوٽ جي ڪونگري تان ٽپ ڏئي
مري وئي هئي. ۽ مسٽر روچيسٽر؟ اهو کيس بچائڻ جي
ڪوشش ۾ سڙي پيو هو ۽ سندس ڪجهه عضوا به ڀڄي پيا
هئا. هو هاڻي انڌو ٿي ويو هو ۽ پنهنجي ٻي رهائش
گاهه ۾ رهندو هو. جين تڪڙ ۾ اوڏانهن رواني ٿي ۽ هڪ
دل ڀڄائيندڙ منظر ۾ پنهنجي واقفيت ڪرايائين. هائو،
هن پوءِ اها ڳالهه تسليم ڪئي ته، جين جنهن وقت سڏ
ٻڌو هو هن انهي ئي وقت کيس سڏ ڪيو هو ۽ سندس آواز
۾ کيس جواب مليو هو، ”آءٌ اچان پئي، منهنجو انتظار
ڪريو....“
هو جڏهن کيس اهي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو تڏهن اهي
انهي پراڻي گهرجي پڌرن ۾ واڪ ڪري رهيا هئا جنهن ۾
هن هاڻي اچي پناهه ورتي هئي. ”پوءِ هن پنهنجو هٿ
وڌايو جيئن کيس هٿ کان ورتو وڃي. مون انهي پياري
هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهليو، انهي کي هڪ گهڙي لاءِ
پنهنجن چپن سان لڳايو ۽ پوءِ اهو ورائي پنهنجي
ڪلهي تي رکيو: آءٌ جيئن ته قد ۾ هن کان گهڻي ننڍي
هئس تنهن ڪري سندس ٽيڪ ۽ گائيڊ ٻنهي طور ڪم ڪري
رهي هئس. اسين جهنگ ۾ داخل ٿي وياسين ۽ گهر جو رخ
ڪيوسين. |