سوچ ويچار
ڪتاب انسان کي اڏيندو آهي
جڳ مشهور ليکڪ مئڪسم گورڪي هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“It is to books that I owe every thing that is
good in me. Even in my youth I realized that art
and literature is more generous than any thing
else in the universe.”
ترجمو: ”مون ۾ جيڪا به سلڇڻائپ آهي، اها ڪتابن جي
بدولت ئي آهي. مون جواني ۾ ئي ڄاڻي ورتو هو ته
ڪائنات جي ٻي هر چيز جي ڀيٽ ۾، ادب ۽ آرٽ ئي سخي
هجن ٿا.“
اهوئي سبب آهي جو ڪتابن جي محبت مون کي به هت وٺي
آئي. يعني ”سرتيون“ جي ايڊيٽرشپ. مون کي اهو
پنهنجو من لڀائيندڙ ۽ ڏانءُ جو ڪم محسوس ٿيو ۽ مون
ٽيهه سال هن رسالي کي صرف فرض سمجهي نه سهيڙيو آهي
پر منهنجو چاهه ۽ اتساهه هن رسالي ۾ موجود آهي.
اهوئي سبب آهي جو مون کي سماج مان جيڪا موٽ
سرٽيفيڪٽن/ايوارڊن جي ذريعي عزت احترام ۽ پيار
جيڪو پنهنجي پڙهندڙن کان مليو آهي ان ڪڏهن به مون
کي ٿڪجڻ نه ڏنو آهي، بلڪه منهنجي قلمي پورهئي جو
ويساهه ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو.
جيئن ته هي مارچ-آڪٽوبر 2020ع جو شمارو پڙهندڙن کي
پيش ڪندي هڪ سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان ڇاڪاڻ ته
”ڪورونا وبا“ جتي سڄي دنيا کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيو
اتي يقينن اسان جو ادارو به بند رهيو ۽ اسان جو
ادبي سفر به اتي جو اتي رهيو، پر قدرت جا ڪروڙين
ڪرم ته هڪ دفعو ٻيهر اوهان پڙهندڙن/لکندڙن سان
ميلو ڪرايو آهي ۽ وري ساڳي جوش ۽ جذبي سان هي سفر
جاري ۽ ساري رکنداسين. اوهان جا جيترا ٿورا مڃان
اوترا گهٽ آهن ڇو ته 30 سال اوهان جي لکڻ ۽ پڙهڻ
واري سهڪار سبب ئي اسان سوين ماهوار، ٽماهي پرچا ۽
11 خاص نمبر سرتيون جا ڇاپيا آهن. اميد ڪجي ٿي ته
اوهان جو تعاون هميشه رهندو اوهان جي صلاحن،
تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.
اهو به ياد ڏياريندي هلان ته هن سال پوندڙ برساتن
به تمام گهڻي تباهي آندي آهي ۽ ٻوڏ سبب ڪاڇو ۽ ڪچو
سڄو ٻڏي ويو. سنڌ جا سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا
آهن. ان کان علاوه مهانگائيءَ ۽ ٽيڪسن عام ماڻهو
جو ته جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. انڪري ملڪي سرڪار
کان مطالبو ڪجي ٿو ته ماڻهن تان ڳراٽيڪس ۽
مهانگائي گهٽائي ۽ ٻوڏ ۽ برسات سبب آيل تباهيءَ ۾
جيڪو نقصان ٿيو آهي ان سبب ماڻهن جي مالي امداد
ڪئي وڃي.
”ڪورونا وبا“ جتي ماڻهن کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو.
هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هو اتي هڪ عظيم انسان اسان
جي آدرش شخصيت مانوارا چيئرمين مخدوم سعيد الزمان
”عاطف“ اسان جي پل پل سار لڌي، رهنمائي ڪئي ۽
حوصلو ڏنو، سچ پچ اها اسان سڀني جي خوشقسمتي آهي
جو اهڙي شفيق شخصيت پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه
گهڙيون اسان کي ڏنيون جنهن سبب اسان هن خطرناڪ
صورتحال کي احتياط، تحمل ۽ اطمينان سان منهن ڏئي
سگهياسين. رب پاڪ کين هميشه آباد رکندو آمين.
گلبدن جاويد
نواز علي شوق
سيما عباسي جي ڪتاب ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ جو ادبي
جائزو
محترمه سيما عباسي جي شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن
۾ پڙهندو رهندو هوس. سوچيندو هوس ته جيڪڏهن هن شعر
چوڻ جي مشق جاري رکي ته هوءَ هڪ نه هڪ ڏينهن مڃتا
ماڻيندي. پوءِ ڪجهه عرصو سيما شاعري جي دنيا ۾ نظر
نه آئي. بعد ۾ پتو پيو ته هن ”نئين زندگيءَ“ جي
شروعات ڪئي آهي. ان نئين زندگيءَ جون ذميواريون
نڀائي رهي آهي. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس من ۾
موجود شاعري ڪر موڙي جاڳي پئي. هڪ ڏينهن هوءَ
مهرباني ڪري مون سان ملڻ آئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جو
ڪتاب ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ مون کي ڏنائين، جيڪو
رنگين تصويرن سان سينگاريل انتهائي خوبصورت ڪتاب
آهي.
ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته هوءَ ڪراچي جي ڪاليج ۾
ليڪچرار آهي ۽ سنڌي ادب پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي
ٿي. مون کيس يقين ڏياريو ته هن سلسلي ۾ مان اوهان
جي هر ممڪن مدد ڪندس. ٿورا مڃڻ واري انداز ۾
چيائين ته ”سر! مهرباني“.
الله تعالى محترمه سيما کي جهڙي سهڻي صورت ڏني
آهي، اهڙي سهڻي سيرت به ڏني آهي. سندس نرم لهجي
واري گفتگو ڪڏهن مرڪڻ ته ڪڏهن وري کلڻ ائين محسوس
ٿي رهيو هو ته ڄڻ سندس گفتگو مان گلن جي خوشبوءِ
اچي رهي آهي. مرڪندي چيائين ته ”منهنجي هن ڪتاب
بابت اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.“ مون ساڻس
واعدو ڪيو ته سندس ڪتاب تي ضرور تبصرو لکندس.“ اهو
واعدو پاڙڻ خاطر ٻه اکر لکي رهيو آهيان.
سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر ڊوڙائڻ سان معلوم ٿيندو
ته شعر و شاعري جي دنيا ۾ عورتون گهٽ نظر اينديون.
منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته
مرداڻي حاڪميت واري سماج ۾ جيڪڏهن ڪا عورت شعر
چوندي ته طرح طرح جا تبصرا ٿيندا. بيگناهه هوندي
به مٿس الزام لڳندا. انهيءَ ڊپ کان ڪيترين ئي
عورتن پنهنجي اندر جا اڌما اندر ئي اندر رهڻ ڏنا،
جيئن ڀٽائي چيو آهي:
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
پر ڪنهن ظالم سماج سان مهاڏو اٽڪائي، الزامن جي
پرواهه نه ڪندي شعر چيا. سندن شاعريءَ جا مجموعا
به ڇپيا. انهن ويچارين سان ڇا وهيو واپريو؟ اهو
سڀ، ڪو سندن اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي ته کيس انهن جو
اندر اڌ نظر ايندو. سندن سيني ۾ سور ئي سور نظر
ايندا، ڇو ته هن سماج ۾ عورت لاءِ شعر چوڻ ڄڻ
ڏونگر ڏورڻو آهي. ڀٽائي چواڻي:
سُکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
شاعريءَ جو اهم موضوع عشق آهي. غزل جي معنى آهي
عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ. ظاهر آهي ته خوبصورت عورت
سان عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪبيون. جڏهن ڪا عورت
عشق جي ڳالهه ڪندي ته هن ظالم سماج ۾ جيڪڏهن
”ڪاري“ ٿيڻ کان بچي وئي ته چئني طرفن کان الزامن
جا تير، بهتانن جون بڙڇيون ۽ ناحق جا نيزا کيس
لڳندا رهندا.
ڪنهن خوشنصيب عورت کي گهر جو سازگار ماحول مليو
هوندو. پر هوءَ ٻاهرين ماڻهن جي بهتانن کان بچي
نٿي سگهي. عورت ويچاريءَ تي ٻيو اهو الزام لڳي ٿو
ته هوءَ ٻين کان ٿي شعر لکرائي. ٽيون الزام- اهو
ته هن هي لفظ غلط استعمال ڪيا آهن. سندس شاعريءَ ۾
عروضي اوڻايون آهن. نقاد اندر جو آواز ٻڌڻ بجاءَ
لفظن جي استعمال تي تنقيد ڪن ٿا. هٺ واڻيي وانگر
لفظن جا وکر تارازي ۾ تورين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو
محترمه سيما صاحبه چيو آهي:
منهنجي لفظن جي پٺيان پٿر رويا ٿيا اڀا
تلخ ڪنهن تنقيد جا بي انت آهن سلسلا.
مطلب ته حوصلو وڌائڻ وارو ڪوبه ڪونه، رڳو نالي ۾
نهال نقادن جون رهنڊون ۽ رهڙون. اهڙي ماحول ۾ به
ڪي عورتون همت ڪري شعر چون ٿيون ته انهن کي آفرين
آهي، جيڪي ڪاغذ تي ڏات جا موتي ميڙين ٿيون.
عشق شاعريءَ جو اهم موضوع آهي. اهو شاعريءَ جي
سونهن ۽ سينگار آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته ”هيءَ
ڪائنات عشق جي ڪري ئي وجود ۾ آئي، الله تعالى
پنهنجي محبوب خاطر هيءَ دنيا بڻائي.“ هر شاعر
پنهنجي پنهنجي انداز سان عشق جي ڳالهه ڪئي آهي.
محترمه سيما صاحبه پنهنجي هڪ مسلسل غزل ۾ عشق جي
تعريف هن ريت ڪئي آهي.
عشق جو آڙاهه ٿوَ، سوچي اچو
بي نشان ڪا راهه ٿوَ، سوچي اچو
روح کي روڙي ڇڏي هي عشق ٿو
گونگي ڪائي آهه ٿوَ، سوچي اچو
ٿي تپش جنهن جي لڳي اڪثر مٺي
اهڙي پياري باهه ٿو سوچي اچو
هي سفر مشڪل برابر آ مگر
منزلن ڏي راهه ٿوَ، سوچي اچو.
عشق واري ڪتاب جو تفسير محترمه سيما صاحبه جي
زباني ٻڌو.
ڇا لکيل اهي ٻڌايو عشق جي تفسير ۾
چاڪ سينو، پير زخمي درد جي جاگير ۾
ٻئي هڪ غزل ۾ پنهنجي درد جو داستان هن ريت بيان
ڪري ٿي.
منهنجي منزل صدما سڏڪا
رڃ مسافر صحرا سڏڪا
مان توکي ڇا دان ڪيان ها
پاند ۾ منهنجي ڳوڙها سڏڪا
شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ سورن جي ساراهه ڪئي آهي
۽ انهن کي انتهائي وفادار سڏيو آهي. سک ڇڏي وڃن
ٿا. پر ڏک توڙ نڀائن ٿا. محترمه سيما صاحبه به
ڀٽائي واري واٽ تي هلندي چوي ٿي.
سفر زندگيءَ جو ڪٽيو هي اڪيلو
رڳو درد گڏجي هليو هي اڪيلو
*
مان اڪيلي ڪٿي تنها آهيان
درد ڀي ساڻ هلن ٿا جيڏيون!
*
ڪين خوشيءَ جا ساز اسان وٽ
درد ٻڏل آواز اسان وٽَ
محترمه سيما صاحبه جو هڪ شعر آهي:
لفظ لرزن ڪاغذن تي، مان جڏهن سوچيان توکي
بند اکڙين جا ڀڃي، ڳوڙها ڪرن تحرير تي.
محترمه سيما صاحبه جو اهو شعر محاڪاتي معلوم ٿئي
ٿو. شعر پڙهڻ سان ڏک ۽ درد جو منظر اکين آڏو تري
اچي ٿو. ڀٽائي جي تخيل کي محترم سيما صاحبه تمام
سهڻن ۽ اثرائتن لفظن ۾ نروار ڪيو آهي. ڀٽائي جي
مصرع آهي:
لُڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي
ٻهراڙيءَ جون غريب عورتون ٽوپو ڏيڻ ۽ ڀرت ڀرڻ سان
دلچسپي رکن ٿيون. شاهه لطيف سر مارئي ۾ فرمايو
آهي.
سبي سيبا ڏي، ڀوري نينهن نه ڪڄو ئي
کٿيءَ وٽيون کٽيون، سسئي سيڻي سي
ان ماحول جي ترجماني ڪندي محترمه سيما صاحبه ڏکن
جي ڳالهه ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪئي آهي. چئي ٿي.
ڇو هي ڏکن جو ٽوپو
هر هر اڊيڙجي ٿو!
ساڳئي غزل جو ٻيو شعر هن ريت درد جي تصوير بڻجي
آڏو اچي ٿو.
پنبڻين جي پاند سان هت
ڇا ڇا سميٽجي ٿو!
ڪجل عام طور اکين جي سونهن سوائي ڪرڻ لاءِ پائبو
آهي ۽ ڪجل پائڻ سان خوشي محسوس ٿيندي آهي. پر جڏهن
دل ۾ درد آهي ته ڪجل به غم جي تصوير بڻجي وڃي ٿو.
سونهن سوائي ڪرڻ ۽ خوشي حاصل ڪرڻ بجاءِ ڪجل مان غم
حاصل ڪرڻ هڪ منفرد انداز آهي. محترمه سيما صاحبه
چئي ٿي:
غم جو ڪجل اکين ۾
هر هر پکيڙجي ٿو!
ڀٽائي فرمايو:
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ.
هڪ عاشق جي وفا ۽ دليري ڏسي درياهه به دهلجي وڃي
ٿو. محترمه سيما صاحبه لوڪ رنگ ۾ ڪهڙي نه سهڻي
ڳالهه ڪئي آهي چئي ٿي:
سهڻي ڏسي گهڙي سان
درياهه دهلجي ٿو.
محترمه سيما صاحبه پنهنجي غزليه شاعري ۾ چوڻيون ۽
پهاڪا آڻي شعرن ۾ سلاست ۽ رواني پيدا ڪرڻ سان گڏ
انهن کي انتهائي اثرائتو بنايو آهي. مثال خاطر
سندس هڪ غزل جا ٽي شعر پيش ڪجن ٿا:
موت نه آهي مهڻو سائين
ڪونه هتي آ رهڻو سائين
هيءَ حياتي هلچل ڪائي
ڪو ته عَلم هو کڻڻو سائين
ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو
عشق جي آڳ ۾ ٻرڻو سائين
هر شاعر لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي ڪلاسيڪي
شاعري سان ناتو جوڙي. ڇو ته پنهنجي ڪلاسيڪي روايتن
کان پاسيرو ٿيڻ سان معياري شاعري سرجي نٿي سگهجي.
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي ته محترمه سيما صاحبه
پنهنجي ڪلاسيڪي روايتن سان ناتو جوڙي تمام سهڻا
شعر چيا آهن.
ڀٽائي فرمايو آهي.
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
محترمه سيما صاحبه اهو خيال هن ريت پيش ڪيو آهي.
آءٌ ازل کان آهيان اڃاري
توڙي من ۾ ساگر ساجن!
توڻي درياهه آ دل ۾
ڪين اُجهي ٿي تن جي تاس!
وري هڪ ٻئي شعر ۾ چئي ٿي:
ڪيئي درياهه مون ڇڏيا سرڪي
منهنجا آهن اڃان اڃارا خواب!
جڏهن من جو محبوب بيوفائي ڪري جدائي جو داغ ڏيئي
هليو وڃي ته پوءِ وڇوڙي ۾ حسين يادون ۽ سهڻا سپنا
سهارو بڻجن ٿا. يادن جو ذڪر ڪندي محترمه سيما
صاحبه تمام سهڻا شعر چيا آهن. هتي ڪجهه مثال پيش
ڪجن ٿا.
ڪيترا گهر نوان اڏي آيون
يادگيريون سندءِ لڏي آيون
تو اسان کي ڪڏهن نه ياد ڪيو
تنهنجون سارون مگر سڏي آيون.
هُوءَ پنهنجي يادن کي هڪ وڏي جاگير سمجهي چئي ٿي:
منهنجي ملڪيت جيان قيمتي ياد آ
جيڪا جيءَ سان جڙي اهڙي جاگير آ
وري جڏهن سپنن جي ڳالهه ڪري ٿي ته پنهنجا شعر سهڻن
لفظن سان سينگاري انهن کي پر اثر بڻائي ٿي. ڪجهه
شعر ملاحظه فرمايو:
ڪيڏو ڏڍ ڏين ٿا سپنا
مشڪل واٽ ڏسن ٿا سپنا
چاهه نگر جي چاندي مُرڪي
من کي سون لڳن ٿا سپنا
گيڙو ويس غزل جو اوڍي
صوفي ناچ نچن ٿا سپنا
درد نگر جو قيدي بڻجي
اوکو قيد ڪٽن ٿا سپنا
محترمه سيما صاحبه مجسمه خلوص ۽ وفا آهي. اهوئي
سبب آهي جو چئي ٿي ته توڙي جو پرين تو پنهنجو قول
پورو ڪونه ڪيو آهي، ان هوندي به جيڪڏهن تو سڪ مان
سڏيو ته تنهنجي سڏ تي هلي اينديس شعر ملاحظه
فرمايو:
تنهنجا قول اکين تي جانان
پر تو ڪين ڪو پاريو آهي
اچبو ڪيئن نه تنهنجي سڏ تي
دل سان توجي پڪاريو آهي.
هجر ۽ وصل جي موضوع تي هر شاعر لکيو آهي، پر سيما
صاحبه جو پنهنجو انداز آهي هوءَ مختصر لفظن ۾ هجر
۽ وصل جي ڳالهه اهڙي ريت ڪري ٿي جو اهي لفظ سندس
اندر جو آواز محسوس ٿين ٿا. چئي ٿي:
هجر جو ساٿ دائمي آهي
وصل ڄڻ واردات وانگر.
جڏهن پيارو پرين اچي ٿو ته اهو منظر هن ريت چٽي
ٿي:
ڪنهن جي ايندي ئي روشني وکري
سارو منظر ئي روح پرور هو.
وري جڏهن پرين پري هليو وڃي ٿو ته چانڊوڪي به حسين
نٿي لڳي ۽ ڏکڻ جي ٿڌڙي هير به ڪوسي لڳي ٿي. پنهنجن
احساسن جي سچي تصوير چٽيندي چئي ٿي:
ڏاڍي ميري ميري مون کي چانڊوڪي لڳي توکان سواءِ
۽ ڏکڻ جي هير ڪا، ڪوسي هئي توکان سواءِ
محترمه سيما صاحبه وڇوڙي جو منظر ان ريت چٽي ٿي جو
اهو منظر هوبهو اکين آڏو اچي ٿو وڃي. سندس هڪ غزل
جا ڪجهه شعر ملاحظه فرمايو:
ڪيڏو شاداب رهون ٿا جيڏيون
هن جي سوچن ۾ وهون ٿا جيڏيون
ڪک هن تي نه سهون ٿا جيڏيون
پاڻ ئي پاڻ ڳهون ٿا جيڏيون
هار سينگار به هوندا ليڪن
درد سان پاڻ ٺهون ٿا جيڏيون
هر شاعر شڪايت ڪئي آهي ته هن دور ۾ وفا ملڻ مشڪل
آهي. اها ڄڻ اڻ لڀ شيءِ آهي. محترمه سيما صاحبه
معصوم ٻار جو مثال ڏيئي ڪيڏو نه خوبصورت شعر چيو
آهي. چئي ٿي:
دور حاضر ۾ ٿو وفا ڳولي
ڪوئي معصوم ٻار ٿو ڏسجي!
وفا واقعي اڻ لڀ آهي. شاعرن جا ديوان محبوب جي
بيوفائي سان ڀريل آهن. جڏهن وفا جي بدلي بيوفائي
ملي ته پوءِ ضرور ڏک ٿيندو. محترمه سيما صاحبه به
ان موضوع تي پنهنجي اندر جو آواز اظهاريو آهي.
سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر ملاحظه فرمايو:
لڱ ڪانڊارجي ويا هوندا
بيوفا ياد جو پيا هوندا
روشنيون رقص ۾ پيون جرڪن
ٻول دلدار ڪي ٻُريا هوندا
روح تڙپائي ويئي تنهائي
زخم ناسور ٿي چڪيا هوندا.
محبوب جي اوسيئڙي ۾ راتيون ڪيئن ٿيون گذرن؟ رات جو
پويون پهر آهي. لڙڪن جا لاشا کڄي رهيا آهن ۽
يادگيرين جا پُر سوز ساز وڄي رهيا آهن. محترمه
سيما صاحبه ڪيڏو نه دردناڪ منظر پيش ڪيو آهي. چئي
ٿي:
رات جا ٽي وڄي رهيا آهن
لڙڪ لاشا کڄي رهيا آهن
جيڪي تو ساڻ موسمون گذريون
ساز تن جا وڄي رهيا آهن.
*
ڳڻتيون ڳاراڻا، مونجهارا
تنهنجا بخشيل تمغا آهن.
محترمه سيما صاحبه هڪ حساس شاعره آهي. سندس دل ۾
ڪيئي درد آهن. هوءَ ظلم ۽ ظالم جي دشمن آهي ۽
مظلوم جي مددگار آهي. پنهنجي اندر جو احوال هن ريت
اوري ٿي.
مظلوم ڪنهن پڪار جا پرچار ٿي پئو.
ظالم جو ظلم روڪيو اهڙا ڪي وار ٿي پئو.
سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي ايڪي ۽ ٻڌي جي تلقين
ڪري ٿي. چئي ٿي
سورن ۾ سنڌ کي ڇڏي هيڪل سفر نه ڪيو
ايڪي ٻڌي جا قافلا ٽي چار ٿي پئو
هوءَ ظلم جي اونداهين سان وڙهڻ ۽ ان کي نيت نابود
ڪرڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿي:
اونداهي سان جي اڄ وڙهندين
ٿيندو پڪ سويلو تنهنجو.
بيشڪ اهو ئي ماڻهو وڏو مانُ ۽ مرتبو ماڻيندو، جيڪو
سچ جو ساٿ ڏيندو.
اونچاين کي نيٺ پڄي ٿو
سچ کي جنهن سرچايو آهي.
محترمه سيما صاحبه هڪ محب وطن شاعره آهي. مثال
خاطر سندس ٻه شعر پيش ڪجن ٿا.
وڻجارن جا ويري هتڙي
ڪامورن جو هرڪو ساٿي
ساهه سدائين سنڌ تان صدقي
هر هر نعرو هڻبو ساٿي.
شاهه لطيف فرمايو آهي:
جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي ان ري.
سنڌ جي عوامي شاعر مرحوم عبدالڪريم گدائي جو هڪ
شعر آهي:
وسامي وئي شمع گر زندگيءَ جي
هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
محترمه سيما صاحبه اهو اعلى خيال هن ريت منظوم ڪيو
آهي:
مون ٻري ٻاريون جو آهن جوتيون
مون پٺيان جلنديون ڪي رهنديون روشنيون.
بهرحال، مون جڏهن محترمه سيما صاحبه جي شاعري پڙهي
ته هر غزل موهي وڌو. سندس ڪن غزلن جي چونڊ شعرن جا
ڪي مثال مون مٿي بيان ڪيا آهن. هتي سندس هڪ تمام
سهڻي غزل جا ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو، جيڪي هر لحاظ
کان منفرد ۽ معياري آهن:
هن سان هڪوار مليا جو آهيون
پاڻ کان پاڻ لڪايو ٿا هلون
پاڻ سان اهل جنون جو ناتو
عقل وارن سان ڦٽايو ٿا هلون
صرف تو ساڻ نڀائڻ خاطر
جڳ سڄي ۾ ته اُچايو ٿا هلون:
مطلب ته محترمه سيما صاحبه پنهنجي اندر جا اڌما
تمام سهڻي نموني انتهائي سچائي سان منظوم ڪري
پنهنجن شعرن کي امل موتي بڻايو آهي. سندس سهڻا من
موهڻا شعر مکڙين وانگر مرڪندا، گلن وانگر کلندا ۽
چانڊوڪيءَ وانگر چمڪندا رهندا. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجا
سچا جذبا سهڻن لفظن سان سينگاري شاعريءَ جو وجود
جرڪايو آهي.
جيئن پاڻ ئي چيو اٿائين:
ٻول پنهنجا اتاري لفظن ۾
شاعريءَ جو وجود جرڪايو.
گلشن سنڌو
وائي
ڪيڏي اداس ٿي ويس،
تنهنجي وئي کان پوءِ...!
دورنگي هن دنيا ۾ بس،
مان هيڪل ٿي پيس،
تنهنجي وئي کان پوءِ...!ه
ڪڏهن وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
هيءَ حقيقت آهي پرين،
ڪين ڪنهن سان مليس،
تنهنجي وئي کان پوءِ...!ه
ڪڏهن وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
توسان آهي نينهن جو ناتو،
تو لئه جيس، تو لئه ميس،
تنهنجي وئي کان پوءِ...!ه
ڪڏهن وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
سوچن وجود ڏٻرو ڪيو،
ها، صفا ختم ٿي ويس،
تنهنجي وئي کان پوءِ...!ه
ڪڏهن وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
وائي
توکي ساريندي رات،
رات گذري وئي.
پل مهانگو پريت جو،
توسان ڪندي بات،
رات گذري وئي.ه ڪڏهن
وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ
جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
وکي ارپيم جا ساٿي،
سائي لکندي ڏات،
رات گذري وئي.ه ڪڏهن
وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ
جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
اوسيئڙو هو ازل کان،
دڳ تان هٽي نه جهات،
رات گذري وئي.ه ڪڏهن
وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ
جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
ڪيڏيون ساروڻيون ساڻ ڪري،
اڀري پئي پرڀات،
رات گذري وئي.ه ڪڏهن
وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ
جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي
*ه
ڪڏهن وريممڪن مدد ڪندس. پڙهائي ٿي، کيس پي ايڇ ڊي
ڪرڻ جو شوق آهي، اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي. |