ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
سنڌ جي عورت جي سماجي حيثيت
قدرت هن دنيا جي واڌ ويجهه کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ
انساني زندگيءَ جي شروعات مرد ۽ عورت جي تخليق سان
ڪئي جنهن سان اڳيان هلي انساني نسل جي واڌاري سان
سماجي گروهن جو بنياد پيو. ارتقا جي شروع واري دور
۾ عورت ۽ مرد بلڪل ساڳي حيثيت رکندڙ ۽ زندگيءَ جي
ڪاروبار ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن، پر اڳيان هلي
هو مختلف سماجي طبقن ۾ ورهائجي ويا ۽ ان ريت دنيا
جي سڀني سماجن ۾ عورت ذات جي حيثيت مختلف وقتن ۾
الڳ الڳ نموني جي رهي آهي، ڪڏهن کيس ”ماءُ“ ۽
”ديوي“ جي روپ ۾ پوڄيو ويو ۽ ته ڪڏهن مٿس بيجا
پابنديون مڙهي ظلم ڪيا ويا. مجموعي طور هوءَ مظلوم
ئي رهي.
سنڌي سماج جي تهذيبي اوسر جي مطالعي مان پروڙ پوي
ٿي ته موهن جي دڙي جي عورت جي حيثيت مٿانهين درجي
جي هئي، ماتا ديويءَ جي حيثيت طور سندس پوڄا ڪئي
ويندي هئي ته ويدڪ دور ۾ پڻ عورتن جي گهڻي عزت ڪئي
ويندي هئي. آهستي آهستي برهمڻ دور کان سندس عزت ۽
حيثيت تبديل ٿيندي وئي. آرين مطابق پٽ نه ڄڻيندڙ
ماءُ کي نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. اڳيان هلي
”ستيءَ“ جي رسم رائج ٿي. اهو به رواج پيو ته عورت
کي پنهنجي عصمت پروريءَ جي ساک لاءِ باهه مان
گذرڻو پوندو هو. اهڙيءَ ريت اڳيان هلي سماجي رسمن،
قانون ۽ مذهب کي پاڻ ۾ جوڙي عورتن جو استحصال ڪيو
ويو.
ڏٺو وڃي ته سنڌي عورت همت، جرئت، وفاداري، عقلمندي
۽ حب الوطنيءَ جي ڪرداري خوبين سان واڳيل آهي.
ٻاگهل ٻائيءَ جي سياڻپ، سنگهار جي ڀيڻ تارا ٻائيءَ
جو ڏهه سال بخوبي حڪومت هلائڻ، همون ٻائيءَ جو درڪ
جي قلعي جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وڃڻ، ”ڪويل“ جو
پنهنجي مڱيندي ”ننگر، کي سومري کي موڙ ٻڌائي
ڌرتيءَ لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ موڪلڻ، مارئيءَ جو وقت
جي بادشاهه سان مهاڏو اٽڪائڻ، مائي بختاور شهيد جو
چوڌري دين محمد جي هارين سان مقابلو ڪري شهادت
حاصل ڪرڻ، سنڌ جي اسپيڪر مائي ڄيٺي سپاهيملاڻي کان
شهيد بينظير ڀٽو تائين سنڌي عورت باهمٿ، باسمجهه،
باڪردار ۽ بااصول رهي آهي.
موجوده وقت سنڌ جون ڪيتريون نياڻيون علمي ۽ سماجي
حيثيت جي بلنديءَ لاءِ پُرعزم ڪوششون ڪري رهيون
آهن ته به سندن رستن ۾ ڪي رڪاوٽون ضرور آهن جن تي
ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. خاص طور اسان جي ملڪي آئين ۾
کيس مليل ڪيترائي اهڙا حق آهن جن جي پوئواري نه
ٿيڻ سبب عورتون عدم تحفظ جو شڪار آهن. ملڪ جي
آباديءَ جو وڏو حصو عورتن تي مشتمل آهي جنهن ۾ 70
سيڪڙو عورتون ڳوٺن ۾ محرومي ۽ محڪومي واري حياتي
گهاري رهيون آهن، شهر جي عورت ڏي ڏسنداسين ته اها
پڻ وڏيءَ محنت سان علم ۽ رزق جي حاصلات سان گڏ
فرضن ۽ جوابدارين ۾ جڪڙيل آهي. هن مرداڻي سماج ۾
عورتن جي فرضن ۽ ذميدارين جي فهرست ته طويل آهي،
پر کيس مليل قانوني ۽ مذهبي حقن تي ڪنهن جي اک به
نٿي پوي، هٿ ٺوڪين رسمن ۽ رواجن جي اوٽ ۾ عورت
نظرانداز ٿي رهي آهي. جيئن مثال طور عورت کي پسند
جي شريڪ حيات جي چونڊ جو حق نه هئڻ، نڪاح نامي جي
اختيارن ۽ حق مهر جو تحفظ نه هئڻ، مردن جي گهڻين
شادين سان عورتن جي نفي ٿيڻ، ننڍيءَ عمر ۾ يا بي
جوڙ شادي ٿيڻ، نياڻيءَ کي ڏاج ڏئي وراثت ۾ حصو نه
ڏيڻ، طلاق يافته يا بيوه کي ڪمتر سمجهڻ، حق
بخشرائڻ، ڪارو ڪاري جو ظلم هئڻ، خون عيوض بدلي ۾
عورت ڏيڻ، علم جي حاصلات ۾ رڪاوٽون هجڻ، گهريلو،
ذهني، جسماني ۽ نفسياتي تشدد هئڻ ۽ ٻيا انيڪ مثال
آهن، جن جي ڪري اڄ ايڪهين صديءَ جي عورت پڻ پنهنجي
جائز حقن لاءِ اڃا جاکوڙي رهي آهي.
اهو ضرور ٿيو آهي ته موجوده دور ميڊيا جو آهي جنهن
وسيلي ڪنهن حد تائين ٿيندڙ ڪارن ظلمن کي پڌرو ڪيو
پيو وڃي. ۽ ماڻهن ۾ پڻ سجاڳي آئي آهي ڪجهه نه ڪجهه
احتجاج پڻ ٿين ٿا. پر جيستائين عورتن جي ٿيندڙ
ظلمن خلاف قانوني ڪارروائيون جلد نه اُڪلائيون
وينديون ۽ ڏوهين کي سزائون نه ڏنيون وينديون اسان
جي ملڪ ۾ عورتن جي حفاظت جا مسئلا مڪمل طور حل نه
ٿيندا.
تعليم هڪ ايڏي وڏي طاقت آهي جا شعور جا در کولي
پاڻ ڀرو ڪري ٿي اسان کي وڌ کان وڌ پنهنجي نياڻين ۽
ڀينرن کي علم ڏي موڙڻ گهرجي، سندن لاءِ ان ۾
سهوليتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو علمي ۽ عملي
سجاڳيءَ سان هڪ مثبت تبديليءَ ڏي گامزن ٿين.
هوش محمد ڀٽي
جديد رومانوي داستان_ ساحر_ امرتا ۽ امروز
امرتا پريتم جي آتم ڪٿا جي ٻئي حصي
”سرخ
دهاگي کا رشته“
بابت ڳالهيون
امرتا پريتم جنهن پنهنجي پهرين بغاوت رڌڻي کان
شروع ڪئي هئي. اها ان لاءِ نه ته هوءَ ماني نه
پچائيندي پر رڌڻي ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ٿانو رکيو
ويندو هو. جنهن تي هن چيو ته اهو سلسلو ختم ڪيو
وڃي. جنهن جي گهر جا ٿانو به هندو مسلمان هئا. ان
کي هڪ مسلمان سان ئي عشق ٿي ويو. اهو خود هوءَ پاڻ
به لکي ٿي عشق به اهڙو جو اهو 21 صدي جو جديد
رومانوي داستان بڻجي ويو آهي.
صفحي 44 تي لکي ٿي:
"ميں
نے
اس زندگی میں دو بار محبت کی ہیں، پہلی ساحر سے،
اور دوسری امروز سے۔"
محبتون ته انسان وجود جون بي غرض ايجادون آهن پر
امرتا هڪ ئي پل ٻنهي سان هڪ جيتري محبت ڪري ٿي ۽
ساحر ۽ امروز به کيس اوترو ئي چاهين ٿا، جيڪو هڪ
انوکو احساس لڳي ٿو. آئون محبت جي اهڙي رويي تي
دنگ رهجي وڃان ٿو.
امرتا جي آتم ڪٿا جو هي حصو خوابن سان ٽٻ ٽار آهي.
جنهن ۾ رات جي اونداهين جا ۽ صبح جي چٽائي جا بي
انت عڪس ۽ اولڙا آهن. جيئن هوءَ صفحي 38 تي اندرا
گانڌيءَ جي قتل کان هڪ رات اڳ جو ذڪر آهي، جنهن ۾
امرتا ٻڌائي ٿي ته اندرا بار بار منهنجي ڪلهي تي
هٿ رکي ڄڻ مون کي چئي رهي هجي پنهنجي هي ملاقات
آخري آهي.
هوءَ خواب ڏسي ٿي، خواب لفظ منور سراج جو پسنديده
لفظ آهي. انهن خوابن کي هوءَ ڊائري ۾ لکي ٿي. پوءِ
انهن ٽٽل سلسلن کي جوڙي ٽوڙي مروڙي سوچيندي رهي ٿي
يا جوتشين سان احوال ڪري ٿي. شري ويندر ماگو ته
کيس اڳئين جنم جو سڄو قصو ٻڌائي ٿو ته تون اڳئين
جنم ۾ 51 سالن جي ڄمار ۾ مئي هئين. صفحي 58 تي
معروف ناولسٽ ۽ ڪهاڻيڪار راجندر سنگهه بيدي جو ذڪر
آهي. جنهن لاءِ لکيو اٿس ته ڪروڙ پتي جين نسل جي
خاندان سان تعلق رکندو هو. جيڪو پنهنجي دلچسپين
سبب پيءُ سان نه ٺهيو ۽ گهر ڇڏي ڏنائين. ائين پيءُ
سان نه ٺهڻ تان ڪافڪا به ياد پوي ٿو ته گوتم ٻڌ به!!
راجندر سنگهه امرتا سان “وڪري شڪر” جو انڪشاف ڪري
ٿو. هو خانداني جوتشي هئا. وڪري شڪر مان مراد آهي
ته “مرڻ سبب دنياوي هجڻ گهرجي. جنهن ۾ ڪنهن مرد جي
دنياوي محبت جو تعلق هجي.”
موجوده جنم جا اڳيئن جنم سان ڪهڙا حادثا ملندڙ
هوندا آهن. ان تي
”ريڙو
گريڊ پلينٽس ائنڊ ريڪارنيشن“
جيڪو ميٽا فزڪس سينٽر جو ڊائريڪٽر آهي.
ان مطابق: جنم وقت وڪري گرهه پچهلي جنم مين بيتي
حادثي ڪي طرف اشارا هوتي هين. ساڳئي ڪتاب جي تحقيق
موجب: نئون جنم انهن ڪمن جي تڪميل جي لاءِ هوندو
آهي. جيڪي پوئين جنم ۾ اڌورا رهجي ويا هئا.
ڪتاب ۾ امرتا پنهنجي خوابن کي عنوان ڏئي ڪي
ڳالهيون ڪري ٿي. ائين
”دو
اشاري“
جي عنوان واري خواب ۾ هوءَ ٻڌائي ٿي ته مون اهڙو
خواب ڏٺو ۽ ان ۾ اهي ٻه اشارا هئا ته آئون گذريل
جنم ۾ نظم لکندي هئم ۽ منهنجو موت دکدائڪ ٿيو هو.
انساني خوابن جي ڪٿا گهڻي اوائلي آهي. هيءَ ڌرتي
جڙي انسان وجود ۾ آيو ته خواب به هن جوءُ جي جهرڻن
۾ جهل مل ڪرڻ لڳا. خواب انسان جي سوچ، خيال ۽ جذبن
کي
گهڻا نوان رخ ڏيندا رهيا آهن. امرتا پريتم جڏهن ته
هندو ڌرم سان تعلق رکي ٿي ان لاءِ هن جي خوابن کي
ان تناظر ۾ ڏسون ٿا.
ويد به سٺي ۽ خراب خواب لاءِ ڏس ڏين ٿا. جڏهن خواب
۾ جارحيت واريون علامتون
”جنگ
يا تلوار“
نظر اچن ته اهي سٺا خواب هوندا آهن. ويدن ۾ موت جي
خواب جي معنيٰ وڏي عمر آهي.
لامائن جي ڌرمي ڪتابن ۾ خوابن کي پوئين جنم جي
حالتن ۽ واقعن سان ڳنڍيو ويو آهي.
ٻڌ مت ۾ خوابن جو ذڪر آهي. گوتم ٻڌ جي زال يشوڌرا
کي گوتم جو محل ڇڏي وڃڻ اڳ ۾ ئي خواب ذريعي معلوم
ٿي چڪو هو. يا گوتم جي پيدا ٿيڻ جو خواب
سندس ماءُ مايا ڏسي چڪي هئي ته هن کي پٽ ڄمندو
جيڪو مهاتما بڻجندو.
چيني خواب جي تعبير ڪرڻ کان اڳ ۾ جنهن پل خواب ڏٺو
ويو ان وقت جي چنڊ ستارن ۽ زمين جي حالتن جو تجزيو
به ڪندا آهن.
آسوري قوم
جو عقيدو هو ته توهان خواب ۾ پاڻ
کي عذاب ۾ ڏسو ته ان جو مطلب توهان جي عبادت قبول
ٿيڻ واري آهي.
يوناني فلسفي خوابن بابت عقلي رويو رکن ٿا. ارسطو
چئي ٿو:
”ننڊ
۾ روح ڪٿي گهمڻ وڃي ٿو.“
يا خوابن جي وسيلي اچڻ واري ڪنهن بيماري جو پتو
ضرور پئجي سگهي ٿو.
افلاطون چوي ٿو:
”خواب
اسان جي اندر جا دٻيل خيال هنگامو برپا ڪندڙ
شڪليون اختيار ڪندا آهن ۽ اسان کي قتل، لاقانونيت
۽ جنسي بيهودگي جا خواب نظر اچڻ لڳندا آهن.“
امرتا
”خشک
ميوه“
عنوان واري خواب ۾ سڪن ميون جو هڪ وڏو گودام ڏسي
ٿي. جنهن ۾ سڪن ميون جو انبار آهي. ان بابت هوءَ
لکي ٿي ته:
”ليکن
سپني والي کرامات کو مين ني ديکها هي. که ساري
زندگي ميري حروف ني مجهي روٽي دي هي. اور آج مجهي
محسوس هوتا هي. ڪه خشک پهلون ڪي انبار جو اس خالي
مکان مين ديکهي تهي... وه حروف تهي... جنمون جنمون
کي ميري
روح
کو پيٽ بهر که روٽي دي رهي هين.“
صفحو 72
ٻيو هڪ خواب صفحي 75 تي
”حروف“
جي نالي سان ڏنل آهي. جنهن ۾ هوءَ ٻڌائي ٿي ته
هوءَ خواب ڏسي ٿي ته هن جي هٿن جي آڱرين مان پاڻي
جا ڦوهارا نڪري رهيا آهن. جنهن جو جواب هوءَ وري
هئين ٿي لکي:
”تو
يه سپنا اچانک آنکهون کي آگي آکهڙا هوگيا، اور
محسوس هوا تها که پاني کي بوندين ميري هاتهون سي
نکل رهي تهين... وه ضرور ميري حروف کا عڪس تهين“...
منهنجي خيال ۾ خواب انساني دماغ جي لاشعور جا
اسڪرين سيور آهن. انساني سوچن جي لامحدود رخن کي
ڪي گهڙيون عڪس روپ ڏيندا رهن ٿا. امرتا جي خوابن
جي تعبير شري ستپٿي به ڪري ٿو. هوءَ پنهنجي خوابن
جي
Analysis
ان
کان ڪرائي مطمئن
ٿئي ٿي.
رومي فلسفي سسرو مستقبل بينيءَ تي لکيل ڪتاب ۾ چوي
ٿو:
”هو
ان ڳالهه سان سهمت ناهي ته خوابن وسيلي مستقبل جو
حوالو ملي ٿو.“
ٻيو لکيو اٿس ته :
”اهو
ٻڌائڻ انتهائي مشڪل آهي ته ڪهڙو خواب سچو آهي“.
هن ڪتاب ۾ امرتا صفحي 99 تي ٻيو هڪ حيرت انگيز
خواب ونڊيو آهي. جيڪو 6 جون 1985ع جو ڏٺل آهي.
”شڪر
پلينٽ“
خواب جو نالو آهي. جنهن ۾ هوءَ ڏسي ٿي ته هوءَ هڪ
کنڊ جي گرهه تي اچي وئي آهي. جتي هن کي آواز ٻڌڻ ۾
اچي ٿو ته: اس پلنيٽ پر انٽرنيشنل ڪورٽ کي طرح
انٽرپلينٽ
ڪورٽ هي.
خواب دٻيل خواهشن، اڻ پورن احساسن جو آئينو
هوندا آهن. انسان جو ڪري يا ٿيندو نه ڏسي سگهندو
آهي ته خواب اهو ڏيکاريندا آهن. امرتا جي خواهش شکر
پلينٽ واري خواب ۾ ظاهري عڪس ۾ آئي آهي.
رومي اهڙي ڳالهه جو وڏو قدر ڪندا هئا جن مان غيب
جو ڪو راز معلوم ٿئي. جوليس سيزر جي موت کان اڳ
سندس زال قلوپطره هڪ واقعي جي روپ ۾ پنهنجي مڙس جي
قتل جو منظر خواب ۾ ڏسي چڪي هئي.
امرتا جو اهو خواب ٻين گرهن تائين رسائي جو اشارو
۽ انٽر پلينٽ ڪورٽ جو هڪ نئون اصطلاح آهي. جنهن کي
اسان مستقبل ۾ شايد پسي وٺون. جيڪو امرتا اڳ ۾
خواب ۾ ڏسي چڪي آهي ۽ دنيا ايندڙ صدين ۾ ايتري ته
ترقي ڪري ويندي جو هڪ گرهه کان ٻئي گرهه تي اچي
وڃي سگهبو.
هوءَ خوابن ۾ ديوتائن گنيش ۽ ٻين جو درشن به ڪري
ٿي. خوابن جي شڪل ۾ هن پنهنجون ڪيفيتون بيان ڪيون
آهن. جيڪي ماڻهو جي من ۾ اٿل مچائينديون رهنديون
آهن. هوءَ خواب ۾ پنهنجي پوئين جنم جي پيءُ کي پسي
ٿي. هوءَ خواب ۾ ڏسي ٿي ته آسمان ۾ هڪ گلن جو پردو
جهلي رهيو آهي. جڏهن غور ڪري ٿي ته اها سندس ڪنڊلي
آهي. جنهن ۾ 12 دفعا امروز لکيل آهي. امرتا جي ان
خواب لاءِ ارڪمنڊس جو چوڻ واجب لڳي ٿو:
”خواب
دراصل ماڻهوءَ جي ڀلائي لاءِ نظر ايندا آهن“.
اسرائيلي نقطه نظر موجب ڪيترائي خواب اصطلاحن
”ڪشف
۽ الهام“
سڏبا آهن. جن کي جديد اصطلاحن ۾
”ادراڪ
يا ماورائي حس“
چئبو آهي. انهن جو خيال آهي ته خواب ڏسڻ جا ٻه وڏا
سبب آهن: هڪ جذباتي غلاظتن جي نيڪالي. ٻيو ادراڪ
يا ماورائي احساسن پاران خبردار ٿيڻ.
صفحي 115 تي ڏنل خواب هن خيالن جو پرتوو آهن. جنهن
منجهه هڪ حساس ذهن پنهنجي گهري سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽
ڏسي ٿو ته ڪي اهڙا سائنسي کوجي آهن جيڪي ڌرتيءَ کي
تباهه ڪرڻ جي پٺيان آهن.
”16
اعشاريه 40 ڊگري“
هن خواب جو عنوان آهي. ان کوج ۾ پوري ڌرتيءَ تي
گئس ڦهلجي وڃي ٿي ۽ ماڻهو ذهني طور بيمار ٿي وڃن
ٿا. امرتا پريتم هن ڪتاب ۾ اندرا گانڌي بابت
گهڻائي خواب لکيا آهن. انهن ۾ هڪ خواب 122 صفحي تي
ڏنل آهي. جنهن ۾ هوءَ ڏسي ٿي ته اندرا گانڌي ۽
راجيو گانڌي سان هوءَ ميز تي کاڌو کائي رهي آهي.
هو ڪجهه ڪن ۾ ڳالهائن ٿا. صبح جو امرتا کي فون اچي
ٿي ته راج سڀا جي لاءِ کيس نامزد ڪيو ويو آهي.
امرتا جي خوابن ۾ انهن خوابن جي گهڻائي آهي جيڪي
هوءَ صبح جو يا ويجهر ۾ اهي شيون حقيقي طور ٿيندي
ڏسي ٿي.
هوءَ خواب ۾ پنهنجي پوئين جنم جي جاءِ به ڏسي ٿي.
اهو خواب صفحي 123 تي ڏنل آهي. اهو علائقو بهادريپور
جو آهي. ڪجهه خواب اهڙا به آهن جيڪي ڪتاب ۾ ورجاءُ
طور آيل آهن. يا ته اهي ليکڪه ٻيهر ڏٺا آهن يا وري
غلطي سان اچي ويا آهن. ڪي خواب ابهام ۽ غيرضروري
ڳالهين جو مڪسچر آهن جن کي پڙهي تنگي ٿئي ٿي.
مسلمانن جو خيال آهي ته عالم ٻه آهن. هڪ عالم
ظاهري يعني هي دنيا. ٻيو عالم مثالي آهي. جنهن ۾
ظاهري دنيا جا سڀ آڳاٽا ۽ موجوده توڙي مستقبل جا
واقعا موجود آهن.
بيدل مسرور چوي ٿو:
الله سائين انسان کي ظاهري ۽ باطني پنج حواس عطا
ڪيا آهن ۽ اهي باطني حواس، مثالي عالم جون شيون به
ڏسي سگهندا آهن ۽ جڏهن ته ظاهري حواس صرف انهيءَ
ظاهري دنيا جي مشاهدي يا تجربي تائين محدود هوندا
آهن.
صوفين جو چوڻ آهي ته
”سچا
خواب يا الهام صرف نيڪ انسان ڏسي سگهي ٿو.“
روحاني فڪري نظرين موجب:
”انسان
ڪيترين ئي حيرت انگيز ۽ غيبي صلاحيتن جو مالڪ
هوندو آهي. سندس بصارت، سندس ڪشف، سندس وجدان تيز
ترين لهرن جو نالو آهي. جنهن کي خيال ۽ ان جي
پرواز چئبو آهي“.
قرآن شريف ۾ سورت الصاقات ۾ پڻ خوابن جو ذڪر آهي.
نبي پاڪ صلعم سان به ڪي خواب منسوب آهن. احد جي
جنگ ۾ دوران ڏٺائون ته پاڻ مينهون ۽ ڳئون ڪاهيو ٿا
وڃن، جن مان ڪجهه ڳئون ذبح ٿي ويون، پوءِ پنهنجي
تلوار تي ڌڪ جو نشان ڏٺو، پاڻ سڳورن اهو خواب حضرت
ابوبڪر صديق رضه کي ٻڌايو، جنهن اها تعبير ڪڍي ته
”جنگ
۾ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جا ڪجهه صحابي
شهيد ٿي ويندا“.
ٻيو خواب آهي ته پاڻ سڳورن خواب ڏٺو ته پاڻ سڳورا
۽ حضرت ابوبڪر صديق رضه جن گڏ گڏ هلي رهيا آهن،
پوءِ حضور پاڪ صلعم جن ٻه قدم اڳتي ۽ اڌ قدم حضرت
ابوبڪر صديق رضه کان اڳتي وڌيو. حضرت ابوبڪر صديق
جن ان جي تعبير اها ڪئي ته
”حضرت
محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن کانئن اڍائي سال
اڳ الله سائين وٽ ويندا“.
مها ڪوي شيخ اياز به پنر جنم ۾ يقين رکندڙ هو. هن
اهڙي قسم جون ڳالهيون پنهنجي آتم ڪهاڻي ۽ ڪتابن جي
تفصيلي مهاڳن ۾ لکيون آهن. ڪتين ڪر موڙيا ڪتاب جي
مهاڳ ۾ اياز موت، روح ۽ ٻئي جنم جي باري ۾ بي
انتها لکيو آهي. جئين اهڙي ئي هڪ ڳالهه شيخ اياز
لکي ٿو:
”ان
۾ ٻيا بابPoet
From
Shadows
۽ Dead
Literature جن ۾
ناول، شعر، ناٽڪ به ظاهر مرده ماڻهن لکرايا ها ۽
ٻيون ڪيئي اهڙيون حيات از ممات جي باري ۾ ڳالهيون
هيون. انهن ڪتابن جو ٿورو ذڪر مشهور پنجابي شاعره
امرتا پريتم پنهنجي آتم ڪهاڻي
”رسيدي
ٽڪٽ“
جي ٻئي حصي
”سرخ
دهاگي کا رشتا“
۾ ڪيو آهي. امرتا پريتم ڪنهن وقت ۾ ڪميونسٽ هئي ۽
ساحر لڌيانوي جي محبوبا هئي. هاڻي ته هوءَ چوي ٿي
ته محروم ساحر ۽ سندس مڙس امروز اڳئين جنم ۾ ڪنهن
وقت سندس مڙس هيا ۽ صديون اڳ هوءَ اندرا گانڌي جي
ماٽيلي ڀيڻ هئي. مون کي وڌيڪ حيرت ته ان ڪتاب ۾
پنهنجي نالي تي آئي ته
”اهو
مبارڪ، جنهن کي مون سپني ۾ ڏٺو ڪير آهي، ان کي جيل
۾ ڇو وڌو اٿائون؟“
(شيخ اياز: ڪتين
ڪر موڙيا جڏهن_I
مهاڳ صفحو 69)
مون جڏهن امرتا پريتم جي آتم ڪٿا ۾ اياز جو ذڪر
پڙهيو ته هن شيخ اياز کي خواب ۾ ڏٺو آهي ته حيرت
جي حد نه رهي آهي. پراسرايت اندر ۾ ڪاهي پئي آهي
Cosmic خيال وڪوڙي
ويا آهن.
هي ڪهڙي ماجرا آهي. پر لاشعوري طور انسان هڪ ٻئي
سان ڳنڍيو پيو آهي پوءِ اهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾
ڇو نه هجي!
اهو خواب جنهن جو اياز ذڪر ڪري ٿو. اهو خواب امرتا
پريتم
”نينا
درشن“
جي نانءُ سان 189، کان 192 صفحي تائين درج ڪيو
آهي. جيڪو جيئن جو تيئن هتي پاٺڪن جي نظر ڪجي ٿو:
1986 کا 13 فیبروری
کی رات کا پہلا پہر تہا جب دیکھا ۔۔۔۔۔۔کوئی مکاں
ہے۔ کئی منزلہ۔ میرا نہیں، لیکن اتنا سا احساس
ہوتا ہے کہ میں وہاں کچھ دنوں کے لیے ٹھہری ہوئی
ہوں۔ پہلے بھی وہاں ٹھہرا کرتی تھی۔۔۔۔
اتنے
میں ایک آدمی وہاں آتا ہے۔۔۔۔۔ گورے سے رنگ کا،
بھاری سے چہرے کا، جس کو میں پہچانتی نہیں لیکن
کہتی ہوں۔۔۔۔۔۔۔" تمہارا نام مبارک ہے؟ تم نے کیا
کیا ہے کہ حکومت تمہیں مجرم کہتی ہے؟"
سائنس خوابن سائنسي تجزيي جي تحقيق بابت الفريد
ماري چوي ٿو ته
”ٻاهريان
عنصر ڀٽڪندڙ يادون دراصل خوابن کي جنم ڏين ٿا“.
خوابن جي حوالن سان
The Hand Book of Dream Analysis by Dr Gothail
هڪ اهم ڪتاب آهي.
جنهن جو ترجمو بيدل مسرور سنڌي ۾ ڪيو آهي. خوابن ۾
دلچسپي رکندڙ اهو ڪتاب ضرور پڙهن. آئون سمجهان ٿو
خوابن مڪمل نفسياتي معاملو آهن. انهن کي هميشه
نفسيات جي تناظر ۾ ئي ڏسڻ گهرجي. نفسيات جي بابي
سئگمڊ فرائيڊ خوابن جي نفسياتي تڪ تور ڪئي آهي. هو
جديد نفسيات جو اڏيندڙ هو.
خوابن جي نفسياتي پهلوئن تي فرائيڊ جو تمام گهڻو
ڪم ٿيل آهي
The Interpretation of Dreams
سٺو ڪتاب آهي. فرائيڊ جي خوابن جي نفسياتي اسٽڊي
کي هتي بحث هيٺ آڻينداسين ته هي ليک طويل ۽ موضوع
کان هٽي ويندو پر فرائيڊ خوابن جي لاءِ ڇا سوچي
سمجهي ٿو ان مختصرن هتي حوالي طور ڏيون ٿا.
فرائيڊ جي تحقيق موجب: بيهوشيءَ واري عمل کان پوءِ
Post Hypnotic جي
رويي، خوابن، ڪمن جي ويساري، واقعن ۽ هسٽريائي
ردعمل تي خاص ڌيان سان ڪيل مطالعي ذريعي فرائيڊ
اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان جي ذهني حيات، شعور جي
حدن کان تمام گهڻو وسيع آهي. اها ذهني حيات، هڪ ته
هن جسماني دائري ۾ ڪم ڪندي آهي. پر ان سان گڏوگڏ
اها تحليل نفسي يا جسماني تجزيي جا نفسياتي بنياد
به فراهم ڪندي آهي. ذهني حيات جي ان حصي کي فرائيڊ
بيهوش، ستل يا بي سرت يعني لاشعور
Unconscious چيو
آهي. هن مشاهدو ڪيو ته انهيءَ لاشعور يا بي سرتيءَ
۾ تمام وڏيون ۽ لاتعداد خوبيون ۽ صلاحيتون هونديون
آهن. جيڪي انساني شخصيت جي ٻين حصن تائين رسي، ان
جي شعور يا تحت الشعور Pre conscious
تي به اثر انداز
ٿينديون آهن.
فرائيڊ جي انهن ڳالهين جي پسمنظر ۾ خواب هڪ
باصلاحيت فرد ئي ڏسي سگهي ٿو يا وري هڪ ائبنارمل
صلاحيتن جي جاڳي پوڻ واري ڳالهه تي مون کي دوستو
وسڪي ٿو ياد اچي جو راتين جون راتيون جاڳي ناول
لکندو هو. ڏينهن جو جوا کيڏندو هو. خوابن جي دنيا
هڪ بليڪ هول آهي جنهن ۾ پوڻ سان انسان دماغ چرخ ٿي
پوي ٿو. پر ان اونداهي کڏ ۾ ڪي ئي سوجهرو کڻي هن
دنيا ۾ روشني ڪن ٿا. خواب ڏسڻ انسان جي لاءِ بي حد
ضروري آهن. ڇو ته خوابن ذريعي ئي دنيا جي ڏاهن
دنيا جي تمام ڏکين مامرن کي سولائي سان سلجهايو
آهي.
امرتا پريتم جا خواب به تحقيق طلب آهن. جن کي
نفيساتي بنياد
تي مطالعي ۾ آندو وڃي. هنن خوابن مان اتساهه، سوچن
جي گهرائي ۽ اعتماد جي قوت حاصل ڪري سگهجي ٿي. هي
پريم ڪهاڻي صدي جي وڏي پريم ڪهاڻي آهي. جنهن جا
مستقبل ۾ رڳي خواب ئي ڏسي سگهجن ٿا. |