ٽوپيءَ وارو برقعو پائي اسڪول ويندڙ
پنهنجي ڳوٺ جي پهرين ڇوڪري
ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو
پي.ايڇ.ڊي اسڪالر ۽ سماجي ڪارڪن
تازو ئي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ”سنڌي
ڪھاڻيءَ
۾ عورتن جي مسئلن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو “ جي
موضوع تي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي
(PHD) جي ڊگري لاء
جمح ڪرائي
ڇڏي آھي. ان سموري جدوجھد ۾ سندس والد ۽ ترقي پسند
سوچ رکندڙ بھترين ساٿي ۽ خاوند جي ساراھڻ کانسواءِ
رھي نٿو سگھجي.
ھزارين مشڪلاتن کي منھن ڏيندي اڄ ڊاڪٽر عائشه
اتر سنڌ جي عورتن لاء رول ماڊل بڻجي اڀري آھي.
اسين اھا اميد ٿا ڪيون ھو جلد پنھنجي منزل ماڻي
وٺندي ۽ پنھنجي عظيم ۽ سندر خوابن
جي
ساڀيان ماڻيندي
ڊاڪٽر
عائشه
ڌاريجو جي ڪھاڻي سندس زباني!
بابا گل حسن ڌاريجو پنهنجي زندگي تمام گهڻي جدوجهد
سان گذاري. چوندا آهن ته پاڻ جڏهن ڳوٺ الف ڪچو مان
سکر شهر آيا هئا ته وٽن ڪجهه به نه هو.
پر پوءِ سندن شمار
ڌاريجو
ذات جي امير ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳو. هو هڪ سچو ۽ عزتدار
۽ غيرتمند شخص هو. جنهن جي گهر ۾ مون جنم ورتو.
خاندان ۾ ته ڇا ذات ڌاريجن ۾ به ڇوڪرين جي تعليم
جو رواج ڪونه
هو. آئون پنهنجي ڳوٺ الف ڪچي جي پهرين ڇوڪري هيس
جيڪا اسڪول ۾ داخل ٿي. اهي ٿورا بابا جي دلي دوست
ڊاڪٽر عبدالله ڪٽپر جا آهن، جنهن جي ڪري آئون هن
منزل تائين پهتس.
اسڪول جو پهريون
ڏينهن مون کي اڄ تائين ناهي وسريو. خوشيءَ
مان مون کان ڳالهائڻ نه پئي نڪتو. جنهن جي اسڪول ۾
داخلا وڏي ڳالهه هئي.
اها عائشه اسڪول کان پوءِ ڪاليج پهتي ۽ پوءِ پي
ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي.
مون تعليم پرائڻ دوران ڌاريجو خاندان جي
رواج
سبب
ٽوپيءَ
وارو برقعو
به پاتو،
پر تعليم نه ڇڏي
ان
سفر
۾
مون سان گڏ قدم ۾ قدم ملائي هلندڙ ان ڳالهه جا
شاهد آهن ته علم پرائڻ جي عشق جي ڪري نه رڳو مون
کي،
پر منهنجي بابا ۽ امان کي ڪيتريون تڪليفون ڏنيون
ويون. منهنجي والدين برادري جو هر ڏاڍ برداشت ڪيو.
پر منهنجي تعليم ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچڻ ڏني.
هو ماڻهو وهه جو ڍُڪ ٿيا،
جيئن لُڪ لڳي تيئن
رُڪ ٿيا.
سوني تي سهاڳو اهو ٿيو جو شادي به وري
برادري کان ٻاهر
”نائچ“
ذات ۾ ٿي، سو برادري ته وئي.
پر ملڪيتون به نيلام ڪيون ويون. ان سڀ هوندي به
بابا پنهنجي فيصلي تان هڪ قدم به
پوئتي
نه هٽيو.
مون کي خوشي آهي ته مون انهن بگهڙن کان پنهنجو حق
وڏي جدوجهد کان پوءِ
نيٺ
کسي ورتو.
آئون پنهنجي ماءُ پيءُ جو
اڪيلي اولاد هيس. اهو آسان نه هو ته هڪ عورت کي
خاندان وارا سندس والد جي ملڪيت ڏين، منهنجن سوٽن
به نٿي چاهيو ته ملڪيت انهن جي هٿن مان نڪري، پر
ارادي
اڳيان ڪا به شئي رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي.
اڄ بابا مون سان گڏ ناهي، پر سنڌ جون سوين عورتون
مون سان گڏ آهن.
آئون چاهيان ٿي ته آئون سنڌ جي عورتن
لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان. ان لاءِ“ سنڌ سهائي
سٿ” تنظيم جو بنياد وڌو اٿم.
جيڪا عورتن جي تعليم ۽ ٻين حقن جي حوالي سان سکر،
گهوٽڪي، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو، ڪنڌڪوٽ،
ڪشمور،شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
مون کي اولاد ۾ هڪ ڌي ۽ 3 پٽ آهن.
آئون خوشنصيب آهيان،
جو مون کي سرجن علي اڪبر نائچ جهڙو ور مليو،
جنهن نه رڳو مون کي هر مرحلي تي اخلاقي طور سپورٽ
ڪيو، پر ڪنهن به حوالي سان مدد ڪندي نه ڪيٻايو
آهي. سکر ۾ پهرين“ عورت ڪانفرنس” ڪوٺائڻ ۾
به
منهنجي هر طرح مدد ڪئي.
اُن کانسواءِ مون ٽرانسجينڊر
جي حوالي سان به ڪافي ڪم ڪيو آهي
انهن جي مسئلن ۽ حقن جي حوالي سان تحقيق ڪئي آهي.
مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هر قسم
جو ادب پڙهيو اٿم. سنڌي ۾ ته شايد ئي ڪو ليکڪ هجي،
جنهن کي مون نه پڙهيو هجي. امر جليل جي لکڻين جي
ديواني آهيان. پر ان کانسواءِ اردو ادب ۽ روسي ادب
به تمام گهڻو پڙهيو اٿم.
مون پي ايڇ ڊي“ سنڌي ڪهاڻيءَ
۾ عورتن جي مسئلن جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو” جي
عنوان تي ڪئي آهي.
آئون بيحد حساس طبيعت جي مالڪ آهيان.
پر
”سنڌ
سهائي سٿ“
مون کي جاکوڙي بڻائي ڇڏيو آهي.
آئون سنڌ جي عورت سان گڏ بيٺي آهيان جيڪا ڪاري ڪري
ماري ٿي وڃي، جنهن کي ڪاري لفظ جي معنيٰ جي به خبر
ناهي. هن جي لاش جا ڳڀا ٿين ٿا.
شاهه ٻيلي ۽ گهوٽڪي ۾ عورتن جي مارڻ جون باقاعدي
اڏيون ٺهيل آهن.
اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي به آهيان.
طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام
خلاف لکڻ پسند ڪندي آهيان.
مون کي اهو يقين آهي ته هڪ ڏينهن تبديلي ضرور
ايندي.
فهيم نوناري
خوابن جي ڊائري
آمريڪا
جو
دورو
(مون
کي
USEF
۽ فل برائيٽ
پاڪستان چيپٽر جي ڊائريڪٽر
گريس ڪلارڪ فل برائيٽ
پر وگرام تحت
MS/ M.Phl
پروگرام لاءِ منتخب ڪيو
ويو.
جنهن جي
پهرئين
حصي طور انگريزي
۾ ڊپلومه
ڪرڻ لاءِ 13 مارچ 2005 ع تي رات جي
10 وڳي
فلاڊيلفيا
لاءِ ڪراچي کان ڪي. ايل. ايم ايئر لائين جي
جهاز
رستي
دبئي،
لنڊن، بوسٽن کان ٿيندو فلاڊيلفيا
پهتم. واٽ ۾ برٽش
ايئر لائين ۽ آمريڪن
ايئر لائين جا جهاز منزل تي
پهچڻ
لاءِ ورتم. ٽمپل يونيورسٽي فلاڊيلفيا
مان
ڏهن مهينن جي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما
ڪيم، جيڪو عرصو منهنجي رهائش فلاڊيلفيا
شهر ۾ ٻن آمريڪي گهراڻن سان رهائش
(Home stay/Paying
(Guest
رهي.
پهريون
گهر شيري ۽ ميجر جان
جو هو. جنهن ۾
هنن جا چارٻار ٽوبي، وليا، جو جو ۽ ٽينا هئا. جيڪو
جنڪن ٽائون
فلاڊيليفا
جو پوش ايريا هو .
ٻي فيملي جيف ۽ جولي جي هئي. جنهن ۾ هنن جا ٽي ٻار
ڪرسٽي ، صوفي ۽ اِرڪ هئا.
فلاڊيلفيا
۾ ڏهه
مهينا
رهڻ جو تجربو ڏاڍو دلچسپ رهيو .
بعد ۾ جنوري 2006ع تي ويسٽرن ايليوناءِ يونيورسٽي
شڪاگو روانو ٿيم جتي
MS/MPhl
لاءِ
ويم.
جنهن جي
ڪاميابيءَ سان
ڊگري
حاصل ڪيم.
۽ 31 ڊسمبر 2007ع تي وطن وريم.
شروعاتي ڏينهن ۾ آئون ڊائري ڪونه لکي سگهيس اڳتي
هلي لکڻ جو پڪوپهه ڪيم جيڪي صفحا اوهان سان شيئر
ڪجن ٿا . باقي رهيل احوال ٻئي
سفر نامي ۾ لکندس .)
2004-07-04
Jeff Home , Philly , PA ,USA
امن جو گيت !
ارغونن ۽ ترخانن واري آرمي......!!!
صبح جو 10 وڳي
ڇرڪ ڀري اٿيم،
تياري ڪري
ريلوي
اسٽيشن پهتم جتان ريل رستي مارڪيٽ ايسٽ اسٽيشن
آيم. بعد ۾
City Hallآيم
جتي نئين سال جي
Annual Parade
جاري هئي، جيڪا روايت هڪ سئو سال کان جاري آهي.
آمريڪي
شهري
آزادي واري ڏهاڙي کي
۽
نئين سال جي آمد کي شاندار نموني
ملهائيندي اهو عمل ورجائينداآهن ته هي سال
امن،
اتحاد ۽ خوشحالي
جو گذرندو.
ان کان علاوه چرچن ۾ دعائون گهريون
وينديون
آهن، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ فائر ورڪ
(آتش بازي) جو بندوبست ڪندا آهن ۽ اڄ هتي شاندار
قسم جي پريڊ جو بندوبست ٿيل هو. سڀ کان اول سفيد
پشم واري پهراڻ ۾ 200 ماڻهن جو جٿو روڊن تان
گذرندي سٽي هال وٽ ڊانس ڪندي اڇي رنگ جا ڪبوتر امن
جي نشاني طور فضا ۾ ڇڏيائون ته فضا تاڙين جي تال
سان گونجندي رهي ۽ موسيقي جي ڌن تي آرڪسٽرائن امن
جو گيت پيش ڪيو ته سفيد پهراڻ وارن جي امن ڊانس تي
سڀئي شائقين بي اختيار جهومڻ لڳا. جيڪو سلسلو
اندازن 40 منٽن تائين جاري رهيو،
ان بعد آمريڪي آرمي ليفٽ رائيٽ ڪندي سٽي هال وٽ
شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو.
آخر ۾ فضا
۾
گولين جي ٺاٺاٺا
جا آواز
گونجندا
رهيا، لڳو ائين ته اها ترخانن واري آرمي
آهي جن دنيا جي امن پسند قومن تي ڪاهون ڪيون هيون،
هي يانڪي به اهي وردي پوش بزرگ آهن جن ويٽنام
تي ڪاهه ڪري ويٽنام کي غلام رکڻ جو بندوبست
ڪيائون. اها ته ويٽنامي قوم جي سرفروشي هئي جو
هُنن آمريڪي ديو کي
ڏسي،
ڪنڌ مروڙي غرور ۽ تڪبر کي ڌوڙ ۾ ملائي، 1974ع
جي بهار جي مُند
۾
آزادي حاصل ڪئي.
آجپي جي دستي بعد رنگين ويس پهريل 6 وڏا وڏا تمام
وڏا ڪنهن هاٿي جي قد جيڏا مشڪرا (گڏا) سوين ماڻهن
جي قد جيڏن جٿن جي اڳواڻي ڪندي سٽي هال اڳيان
ميوزڪ تي شاندار ڊانس وسيلي
پنهنجي
فن جو
مظاهرو
ڪندا ماڻهن کي خوشي پئي ڪيائون، هزارين ماڻهن
جا
خوشيءَ
مان
ڪوڪارا ۽ نعرا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
سڄو آسمان خوشيءَ جي لهر ۾ جڪڙيل پئي نظر آيو .
ماڻهو پاڳلن جيان خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا.
پوليس جي نفري به گهڻي تعداد ۾
امن امان ۽ نظام کي درست ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ
موجود هئي.
پر نوجوان
ڇوڪرا
۽
ڇوڪريون
نئين سال جي خوشي ۾
هڪ
وقت جي لهر کي پاڻ ارپڻ لاءِ ڪنهن به قانون جي
پرواه نه ڪندي بي خوف ٿي الڪوحل
واپرائي رهيا هئا .
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ
کي.
(شاه)
بعد ۾
North America
جي قديم تهذيب سان وابستگي
طور قديم جهوپڙيون
۽ ڪچا
گهر ڪکن، ڪانن ۽ ڪڻڪ جي تيلين
سان ٺهيل واري پس منظر ۾ اتر آمريڪا جي قديم
تهذيبي جٿي
(اندازن 250 ماڻهن ) قديم ويس ۾ ڊانس پيش ڪئي.
جيڪو آمريڪا جي اصل
رهواسين
ريڊ انڊين
۽ آفريڪي
آمريڪين سان يڪجهتي جو اظهار هو. جيڪو عمل پر ڪشش
هو. ان
کان پوءِ
آمريڪا جو ترانو خوبصورت رنگا رنگ روشنين ۾ ڌن تي
پيش ڪيو ويو ۽ سڄي فضا روشني ۽ رنگن سان ٻهڪي
پئي.
2005-10-14
Jeff
Home , Philly, PA,USA
گلن جي گلستان تائين
نه
پهتاسين،
محبت جي ميدان تائين نه پهتاسين،
ڏس ماڻهو چنڊ تي وڃي پهتا،
مگر اسين
انسان
تائين نه پهتاسين!
(استاد بخاري)
ٻُڏان تَران،
تران
ٻُڏان.......!!!
ڊگهي آرام بعد صبح جو 11 بجي تيار ٿي ڪري هيٺ آيم.
معمول جي ابتڙ اڄ
طبيعت ۾ هڪ طوفان
بعد
ڄڻ سڪون محسوس ٿيڻ لڳو. ڇو ته اڪيڊمڪ ڪاميابيون
مون لاءِ گهڻيون خوشيون کڻي آيون آهن.
بهرحال
جيڪو نصيب هوندو. اهو ملندو. سو ڊگهي ٻڏڻ ترڻ واري
ٽُٻي مان نڪري اڄ سڪون ڀانڀان ٿو.
تران ٻڏان، ٻڏان
تران،
مران جيان، جيان مران واري ڪيفيت هاڻي
ختم
ٿي وئي
آهي.
هاڻي
پوري قوت سان مستقبل لاءِ رستا گهڙبا، سڀني دوستن،
ڀائرن ۽ عزيزن کي نوان گس ڏبا ۽ سڀ ڪم جمهوري
بنيادن تي
۽
هڪٻئي جي صلاح ۽ مشوري سان حل ڪبا. قدرت ڀلو ڪندي.
پنهنجو نيڪي ۽ چڱائي
تي
اٽل ايمان آهي. سو قدرت هميشه پنهنجي لاءِ ڪو رستو
گهڙيندي ۽ ٻيڙا پار ٿيندا البته پنهنجي
ڪوشش ۽ شعوري جدوجهد جاري رهندي .
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪند هٿن ۾ ، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو !
(شاه)
خاص ڳالهيون
(1)بشير شاهه رات
ٺل
مان فون ڪئي ۽
emailموڪلي.
(2) عمران، ڏاڏا لطيف ڏي (email)
موڪليم ۽ عمران جو خط به مليو سرهائي ٿي.
ناشتو؛
انگور، صوف، چهر ۽ چانهه مانجهاندو؛ چڪن اسٽيڪ،
ٽماٽا،
بصر،
سلاد،
ڪوڪا ڪولا، چاڪليٽ بسڪيٽ
۽ چانهه.
رات جي ماني؛
Beef،
پٽاٽا، اٽلي نوڊو ۽ بسڪوٽ.
***
20.10.2005
Juli House, Philly, PA,USA
215,E,Gorgaslane Philadelphia.USA
روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن،
سڀوئي جر ڀائيان، جي مون پرين مڙن.
(قاضي قادن)
وڪٽر گل جو گهر اچڻ
رات جي ماني کائي مٿي پنهنجي ڪمري ۾ آيم، اڄ سڄو
ڏينهن هڏن کي چيريندڙ طوفاني برساتون هلنديون
رهيون، تنهنڪري ماحول ٿڌو ٿي ويو هو،
سو
منهنجي گذارش تي
Jeffڪُل
۾ ڪاٺيون وجهي چِمني ٻاري ته ڪمرو
گرم
ٿي
ويو.
پوءِ ته مون سٽ ڏيئي ڪتاب ڪڍيو ۽ لڳاتار دير تائين
پڙهندو رهيس خبر نه
پئي ته
ڪهڙي وقت بستري حوالي ٿيس.
صبح
جو 10 بجي ڪمري جو دروازو پاڪستاني
اسٽائل ۾ کڙڪڻ لڳو.
مون رڙ ڪري چيو
Come in please،
پر
ڪوبه اندر نه آيو . مون گرم بستري مان نڪري
دروازو کوليو ته وڪٽر گل سامهون مسڪرائيندڙ چهري
سان بيٺو هو. ڪمال جو ماڻهو هو پاڻ
اچي ڳولي لڌائين. پوءِ همراه چيو اوهان تيار ٿي
وٺو ناشتو ۽ مانجهاندو
هلي منهنجي گهر ڪيو. مون صرف 3 منٽ گهريا تڪڙ ۾
شيو ڪري سوئيٽر پاتو ۽ ٿيلهو هٿ ۾ کڻي هيٺ آيس.
ڪار ۾ سوار
ٿي وڪٽر جي گهر پهتاسين. همراه مٿان ڪچن مان
برياني،
انڊا،
دال ۽
ٻيو
کائڻ
جو سامان کنيو
پوءِ
هيٺBasement
۾ آياسين اصل ۾ هن جي آفيس اوطاق ۽ فقيري رهائش
گاهه آهي. جتي
T.V
۽
Net،
ڪچن ۽ ڪرسچن ڪائونسل آفيس سميت دنيا جو ادب هن جي
لائبريري
۾
سٿيو پيو آهي.
ڏاڍو پُرجوش ماڻهو آهي ڪرسچن ڪميونٽي ۽ پاڪستانين
لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رهيو آهي، خاص طور اڄڪلهه جيڪو
پاڪستان ۾ خطرناڪ قسم جو زلزلو آيل آهي. هن زلزلي
۾ هڪ منٽ اندر آزاد ڄمون ڪشمير جي سرڪاري اسڪولن ۾
18,000 ٻارڙا مارجي ويا، ڇو ته اسڪولن جي بلڊنگ جي
اهڙي ساخت هئي جو ڇِتيون
هڪ ڌڪ سان ٻارن مٿان ڪري پيون .صبح جو زلزلي اچڻ
ڪري ماڻهن جي اڪثريت
اسڪولن ۽ آفيسن ۾ موجود هئي. اسلام آباد مرگلا
هائوس،
FATA
۽ ٻين علائقن ۾ اندازن 70,000 هزار کان وڌيڪ
ماڻهو مارجي ويا. ناشتي بعد زلزلي جي تباهي
واري
فلم ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته اسين 35000 ڊالر گڏ
ڪيا آهن اڃا
به ڪوششون ڪيون پيا
اهو
فنڊ کڻي ڊسمبر ۾ پاڪستان وڃان
پيو. سچ ته ڪشمير ۽ پاڪستان
۾ آيل زلزلو وڏي انساني تباهي آهي، 70،000 هزار
کان وڌيڪ ماڻهو
مئا آهن. الميو اهو آهي ته انهن جي واهر ڪرڻ
وارو جذبو دنيا ۾ گهٽ ڏسجي ٿو .
خاص ڳالهيون
(1) مختيار کو کر (سکر واري) سان وڪٽر ڳالهه ٻولهه
ڪرائي. (2)شميلا جو خط اي ميل ذريعي مليو. (3)رات
ماسات نذير سان ڳالهايو (4)ڪرن فون ڪري چيو ته اڄ
مون کي پروفيسر سان ميٽنگ آهي سوسڀاڻي ملندا سون
.
***
10.11.2005
Jeff
Home, Philly , PA ,USA
پنهنجي طرف پاڻ ئي سائل سڏيائين
جتي
جوانن کي ڪوٺي ڪُٺائين!
(شاهه عنايت شهيد )
وڻ وڻ جي ڪاٺي + دنيا جا مختلف ڪلچر اڪيڊ مڪ زندگي
رات کان طبيعت ۾ خُمار هو.
صبح جو 9 وڳي اٿڻ ٿيو،
هيٺ لهي ناشتو ڪري ريلوي
اسٽيشن تائين
پور
پچائيندو پهتم . جتان ريل
۾ ويهي
ٽمپل يونيورسٽي پهتم، پهريون ڪلاس ختم ٿي چڪو هو.
Prof Gale
جي ڪلاس ۾ پهتم، ڪلاس
۾
سلويا، فرناڊا (برازيل، اڊلينا (فرينچ)،
جوهن (اڪوڊور)، گابي (اڪائوڊر)، لُزا، امنت
(مالي)،
مهپزا،
ٽينا، ڪيوي (سائوٿ ڪوريا)۽ جواني (اٽلي) وارا سڀ
ساٿي موجود هئا. شام جو
John
جو ڪلاس ورتم ،
IELP
جا ڪلاس ڏاڍا رنگ برنگي هوندا آهن.
منهنجو مقصد اهو آهي ته وڻ وڻ جي ڪاٺي دنيا جي
مختلف ملڪن جا شاگرد هت موجود آهن.
ڪلاس ۾ مختلف ڪلچرن
بابت مون گهڻو ڪجهه سکيو
آهي، ڪلاس اندر(Pair)
جوڙن ۽گروپن (Groups)جي
صورت ۾ به ڪم ٿيندو آهي، جنهن دوران اڪيڊمڪ ڄاڻ
سان گڏوگڏ هڪٻئي
جي ثقافت، ڪلچر، ٻولي،
روايتن ۽ تهذيبن بابت حال احوال ٿيندا آهن. جيڪو
عمل (Process)
شاگرد کي پڪو پُختو
Mature
بنائڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندو آهي. اصل ۾ پائلو
فراري تعليم به اهڙي عمل کي ڪوٺي ٿو جيڪو عمل لاءِ
اُڪسائي، سو آمريڪي اڪيڊمڪ سرگرمين ۾ ڪتاب سان
گڏ شاگرد کي عملي مشق لازمي طور ڏيندا آهن جيئن
هُنن ۾ پُختگي پيدا ٿئي .Darwin
به ڪتن ۽ ٻلين تي اهڙا تجربا ڪيا. انسان اندر
اتساهه (Motivation)
ڪيئن پيدا ڪجي. مجموعي طور آمريڪي استاد اسڪولن،
ڪاليجن ۽ اڪيڊمڪ ماحول (Academic
Environment)
وارو عملي رنگ ۽ تاثر پيدا ڪندا ۽
موجود
رکندا آهن. جيئن شاگرد موجود ماحول (پاڻي جي
تلاءُ) ۾ پاڻ تري سگهي ۽ دلچسپي وٺي ۽ تجسس
هُن کي ڄاڻ جي 0 زيرو واري درجي کان ڄاڻ جي
بُلندي واري اعلى سطح ڏانهن کڻي وڃي. اها آمريڪي
استادن جي جادوگري آهي. هنن جي
سنڀال
(Mentoring)
به پاڻ واري پوليس واري
policing
جهڙي نه آهي بلڪMentoring
يعني دل و جان سان ٽُٽل خيال ۽ سوچ کي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ
واري آهي، جتي سڄو پورهيو
پيار
۽ محبت سان قائم رکندا آهن .
خاص ڳالهيون
(1)عمران
۽ بيگم نازو منجهند جو 11 وڳي ڳالهايو (2) وري موٽ
۾ 11.40 تي مون فون ڪري قيوم ، بشيران، نازو، امان
۽ عمران سان ڳالهايو.
Prof
Kathy Bell
(3)سان
رستي ويندي ڪچهري ٿي جنهن چيو ته خوش رهه ،Depress
نه ٿي، مون کي هن جي
ڳالهه صحيح محسوس ٿي.
(4)Prof
.Rodlf
سان به گپ شپ ٿي. هي ڏاڍو مزيدار استاد آهي بلڪه
ڪو فلمي هيرو ئي لڳندو آهي،
هن جو هر جملو به فلمي ڊائلاگ هوندو آهي،
مُرڪ هميشه هِن جي چهري تي گهر ڪيون ويٺي هوندي
آهي .
ناشتو؛
وافل،
سيرپ، ڪشمش ۽ چانهه.
مانجهاندو؛ چائنيز
پلاءُ،
سبزي ۽ ڪوڪاڪولا. رات جي ماني؛
Codمڇي،
گڏيل سبزي سوپ ، سلات
، پالڪ، توريون ۽ چانهه
.
***
15.10.2005
Jeff Home , Philly , PA, USA
اسان جا
اعلان اسان جي عملن کان وڏا آهن ،
اسان جون
تلوارون اسان جي قدن کان ڊگهيون آهن،
اسان جي ٽرئجدي اهائي ته آهي .
(نذار قاباني)
برف جو طوفان
اڄ يونيورسٽي کان ٻاهر نڪتم ته تاحد ڌرتي ، وڻ ۽
عمارتون ۽ روڊ سفيد ويس پهريل هئا.
فضا سڄي اڇي ڪپهه جي وسڪاري سان ٽمٽار هئي. اهو
برف جو طوفان هو. هونئن برف ڄمندي 1995ع ۾
ايڊبنرا، اسڪاٽ لينڊ، لنڊن،
U. K۾
ڏٺي هئم.
پر
سڌو سنئون وسندي اڄ ڏٺي.
ڏاڍو شاندار
نظارو
محسوس ٿيو.
سڄو
ملڪ اّڇو لڳو پيو هو. اڳڪٿي آهي ته سڄي رات برف
اڃان وسندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 3 کان 6
انچ
برف پوندي . بهرحال اڄ وارو ڏينهن ڪپهه جهڙي برف
وانگر
هلڪو ۽ گلابي هو. ڇو ته ڄام شوري بيگم نازو عمران،
ڏاڏا ۽ اياز سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. جڏهن به ٻارن
۽ امڙ سان ڳالهائيندو آهيان
اهو ڏينهن
ڏاڍو پُرسڪون
لڳندو
آهي. انهي جا
مون
کي
گهڻن سببن ساڻ ٻه بنيادي سبب معلوم ٿيندا آهن. هڪ
ته پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جو چسڪو
۽ ٻيو ته ڪچهري واري عادت جو پورائو .
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري .
(شاهه)
ناشتو: وافل، سيرپ مٺو ۽ چانهه.
مانجهاندو؛ چيني پلاءُ،
پيپسي ۽ چانهه.
رات جي ماني؛ مرغي،
بصر، ۽ پٽاٽا (بوائل)۽ چانهه
.
***
17.10.2005
Philadelphia, PA, USA
جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا
مان چانڊوڪي چورايان ها
جي گيت گهرين ها منهنجا پرين
مٺا سڏڪن جو
سر ڳايان ها
(شمشير
الحيدري)
وڏي خبر
صبح جو ريل رستي
Templeيونيورسٽي
ويم. اڄ اربع ڏهاڙو هو. صرف هڪ پيرڊ
C. A
جو هو. منهنجو پسنديده استاد
Prof . Rolf
وٺڻ آيو، ڏاڍو لطف اندوز ٿياسين.
بعد ۾ مٿي بلڊنگ
۾
ويهي
New York Times
اخبار کڻڻ لاءِ ويس.
ڌيرگا نيپالي جي فون
آئي
ته مان
هيٺ انتظار ڪري رهيو آهيان، هيٺ آيم تاڙو تاڙي سان
ملائي خوشي جو اظهار ڪيوسين. پوئين 6 هفتن بعد
ملاقات
ٿئي پئي. همراه ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. منجهند
جي ماني گڏ کاڌي سون.
هن کان موڪلائي مون لطيف سان سرگوڌا
ڊگهي گفتگو ڪئي. بعد ۾ لئبريري آيم
جتي
انڊيا اندر شادي ۽ ڏاج بابت
Presentation
تيار ڪيم. ٺيڪ 4.45 تي شام جو
Yahoo
ميل چيڪ
ڪيم ته مبارڪباد جو فل برائيٽ پروگرام آفيسر
انڊريا طرفان پيغام مليو ته
منهنجي
داخلا
Western illanos University
۾ ٿي آهي. سچ پچ ته
اها
خبر منهنجي لاءِ وڏي خبر هئي. ڏاڍي خوشي ٿي.
10 مهينن جي اڻ ٿڪ محنت
بعد ڪا مثبت موٽ ملي. فوري
طور
مون هندستاني دوست (Speaking
Partner)
ڪرن ۽
Prof .John
سان رابطي جي ڪوشش ڪيم.
پر
ڪوبه فون تي نه مليو ته وڪٽر گل کي فون ڪيم جنهن
چيو ته اهو شهر شڪاگو جي ويجهو آهي. سٺو
شهر آهي. بعد ۾ گوگل تي شهر ۽ يونيورسٽي بابت
معلومات ورتي.
خاص ڳالهيون
(1 )فل برائيٽ آفيسر انڊريا طرفان داخلا بابت
خوشيءَ جي خبر ملي.
(2) لطيف صاحب سان ڳالهه ٻولهه
ٿي
ڏاڍي سرهائي ٿي.
ناشتو؛ چهر وافل ۽ چانهه مانجهاندو ؛ چيني سبزي
پلاءُ،
ڪوڪا ڪولا.
رات جي ماني؛ روسٽ مرغي، پٽاٽا اُٻاريل، گوگڙو
۽
سامونڊي مڇي.
***
18.10.2005
Juli
&
Jeff Home, Philly,
USA
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي
اڃان وقت کي پيئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي.
(شمشير الحيدري)
عرب ۽ اسان ماڻهو
ڪالهه کان خوشيءَ جي لهر دل ۽ دماغ مٿان ڇانيل
آهي، ڇو ته فُل برائيٽ
پروگرام آفيسر انڊريا نيويارڪ مان اهو اطلاع
موڪليو ته ويسٽرن يونيورسٽي شڪاگو ۾ منهنجي داخلا
ٿي آهي. اڄ جنهن جو ليٽر به موصول ٿيو.
بهرحال پنهنجي محنت
جو ڦل هر صورت ۾ انسان کي ملي ٿو. شام جو
John
به مليو جنهن سان گڏ ڪافي بار ۾ ڪافي
پيتي،
جان ڏاڍو خوش ٿيو.
بعد ۾ لئبريري ويم جتي عبرت
اخبار
۾ اعجاز منگي جو ڪالم
”عرب
۽ اسان ماڻهو“
پڙهيم.
ڏاڍو عقلمندانه انداز سان اعتراف ڪندي سنڌ جي
سياسي پسمنظر ۾ لکيو اٿس جيڪو هر هڪ کي سوچڻ جي
دعوت ڏئي ٿو ته هو وڻجارو (پليجو) جيڪو سالن کان
سِر جون سٽون ڏيئي پنهنجي ساهه ۽ سرير سان سنڌ کي
جيارڻ چاهي ٿو تنهن کي سمجهڻ ۽ سُڻڻ جي اڄ سخت
ضرورت آهي. واقعي جڏهن دنيا جي ترقي کي ڏسجي ٿو
ته اسان کي سوچڻو پوندو، جنهن سُپر پاور جو ذڪر
ڪيون ٿا اهي 16 صدي ۾ جهنگلي زندگي گذاريندا هئا.
پوءِ انهن ۾
به
ٿامس جيفرسن، بنجامن فرينڪلن ۽ ابراهيم لنڪن پيدا
ٿيا جن گهري طريقي سان
سماج
جو مطالعو ڪيو ۽ تبديلي جا بنياد رکيا. سو سنڌين
کي به ان سائل
وڻجاري
جي ڳالهه ٻڌڻي
پوندي. واقعي دوستو وسڪي پنهنجي خط ۾ خوب
لکيو هو ته منهنجو مٺڙو آواز ناهي،
پر مون پوءِ به ٻه لوليون ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سو ٻاڙائي جي باوجود اسان کي سچ جو سنيهو ٻڌڻو
پوندو. جيڪو واقعي
سچو
جنرل آهي، جنهن ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪئي آهي نه
آڻ مڃي آهي، هو دهشت جي درياءَ کي اُڪرڻ
لاءِ نت نوان نسخا آڇي ٿو، هميشه پاتال
مان فڪر جا موتي ماڻڪ آڇي ٿو .
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
(شمشير الحيدري)
سنڌ هميشه منهنجي جِند جان ۽ ذهن جي هر حصي ۾ ساهه
جي سرير جيان ڌڙڪندي رهي آهي پوءِ مان
ڳوٺ سوني نوناري/ خدابخش نوناري ٺل ۾ هجان يا سنڌ
جي روحاني تخت گاهه حيدرآباد
يا
ڄام شوري ۾ هجان، لنڊن ۾ هجان يا واشنگٽن ۾.
هر وقت، هر گهڙي سنڌ جي باري ۾ سوچيندو رهيو
آهيان.
مان اهو نٿو چوڻ چاهيان ته ڪو مون اڀ ڏاري وڌو آهي.
پر
پنهنجي سمجهه آهر جدوجهد ۽ ڪوشش ڪئي آهي. مون نه
ڪنهن کان مدد ورتي آهي نه ئي ڪووڏو ڪارنامو
سرانجام ڏنو آهي. هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. اصل تت
ته هرحال
۾ سنڌ جي تمام گهڻن سڄڻن بهتري لاءِ جاکو ڙيو آهي.
انهي حوالي سان سنڌ اندر جدوجهد ڪندڙ عنصرن تي نظر
ڦيرائبي
آهي ته هڪڙو اهڙو وڻجارو فڪر جي ساحل تي تندڇيڙيون
ويٺو آهي. شال قوم کي سمجهه جي ڪا ستي ملي.
ان وڻجاري لاءِ اعجاز کان لفظ اڌارا
وٺون
ٿا.
”هو
جيڪو گهاون کي بهانو بنائي ميدان مان نه موٽيو
آهي. هو جيڪو پوئين
وير به،
ويري ساڻ وجود جي ويڙهه وڙهڻ جو عملي مثال رهيو
آهي. هو جيڪو ديس جو محبوب اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ
سائل به آهي. جنهن کي هن ديس اڃا نه سُڻيو آهي.
جنهن پنهنجي وُجود کي سُرندو بڻائي ان کي سون سُرن
۾ ڦيرايو آهي. جنهن جيڪو ڪجهه چاهيو آهي تنهن جي
تشريح ڪندڙ جاميءَ هن جي لکڻين جي پهرين جلد تي
جيڪو مهاڳ لکيو آهي.
تنهن جو جيڪڏهن
شعري ترجمو ڪيو وڃي ته اها لکڻي نذار قابانيءَ جون
اهي سٽون بڻجي وڃن ته،
”اسان
جا اعلان اسان جي عملن کان وڏا آهن .
اسان جون تلوارون اسان جي قد کان ڊگهيون آهن .
اسان جي ٽر
ئجڊي
اهائي ته آهي !“
”اسان
جي
دشمنن
اسان جون سرحدون نه اورانگهيون آهن.
هو ماڪوڙين جيان اسان جي ڪمزورين جي ٻرن مان
داخل ٿيندا آهن!“
واقعي ڪمال حد تائين سنڌ جي فڪري عوامي محاذ جو
جنرل ذهني چابڪدستي رکي ٿو جيڪو صحيح وقت تي
صحيحُ رخ ۾ صحيح انداز ۽ صحيح مقدار ساڻ عوام جي
رهنمائي ڪندي سندن تلقين ڪري ٿو ته پنهنجي قومي
وجود جي بالادستي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو ، ٻيو
ڪوبه رستو نه آهي .
تيري آزار
ڪاچاره، تيري سوا
ڪوئي
نهين !
اي
ذي روح، اي ذي روح، اي ذي روح !!!!!!
ناشتو؛ چانهه ۽ بادام.
مانجهاندو؛ چيني پلاءُ، سبزي
پيپسي، بسڪوٽ.
رات جي ماني ؛Cabbage
Brine Roll،
بصر،
ڏهي ۽ فروٽ.
***
10.12.2005
Juli House, Philly, USA
۽
پوءِ عام ماڻهن کانئس پڇيو. ”نيٺ
ڇا ڪجي؟ پاڻ وراڻيائين توهان مان جنهن وٽ ٻه ڪوٽ
آهن سو هڪ ڪوٽ انهي کي ڏئي جنهن وٽ هڪ به نه
آهي
۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو به ائين ڪري.“
(انجيل، ليوڪ، 3 ،10 ۽11 )
آمريڪي يونيورسٽي جا پروفيسر !!
وئڪيشن سبب ننڊن جا نشا آهن، 11 مهينا انگريزي
ڪورس سبب صبح جو سج جي ڪني نڪرڻ
کان
اڳ اُٿبو هو، وٺ پڪڙ ۽ تڙ تڪڙ ۾ ناشتو ڪري ريل
رستي يونيورسٽي پهچبو هو پوءِ سڄو ڏهاڙو ڪم جي ڀيڙ
۽ گهريلو ڪم (Home
work)
ايترو استاد ڏيندا هئا جو باقي رهيل شام ۽ رات
ٿورو ٽائيم محسوس ٿيندو هو، سوچينداهئاسين ته
ڏينهن ۽ رات 24 ڪلاڪن جو ڇو ٿو ٿئي اهو 36 ڪلاڪن
جو ڇو نه ٿو ٿئي جو ڪم جو پورائو ڪري سگهون.
پر
آمريڪي يونيورسٽي جا پروفيسر شاگرد کي ڪابه ڍر نه
ڏيندا آهن، هو اها فلاسافي اختيار ڪندا آهن ته
شاگرد کي يڪسوئي سان لڳاتار ڪم ۾ مشغول رکجي جيئن
شاگرد ڪم بابت سوچيندو
۽ لکندو پڙهندو رهي جيئن هُن جي سکيا جو عمل مڪمل
(Mature)
ٿئي، اهو سڄو عرصو ننڊ ڄڻ نيڻن ۾ اٽڪيل رهي. هاڻ
ٻن هفتن جي موڪل ملي آهي ته انگ انگ مان اها صدا
اچي پئي ننڊ.
پر
هو منهنجو مرشد لطيف واڪا ڪري
چئي
پيو.
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاهه)
ناشتو؛
فرينچ ٽوسٽ ۽
چانهه.
مانجهاندو؛
برياني ۽ دال.
رات جي ماني؛
نوڊو، چڪن۽ ڪوڪاڪولا.
|