ارشاد سومرو
موميءَ جي دعا
شمي حويلي نما گهر ۾ ڏاڍي خوش هئي، هن پنهنجي
سٻاجهڙي سڀاءَ سان ساهرن جي دل ۾ گهر ٺاهيو هو.
سس، نڻان ته ڇا، ساهيڙي به ڀينرن وانگر هلندي هيس.
وڏيرو علي نواز ته تمام گهڻو ڀائيندو هيس، ڀلا ڇو
نه ڀائينس حويليءَ کي وارث جو ڏنو هئائين. وڏيرو
علي نواز ملڪيت ۽ حويليءَ جو اڪيلو وارث هو، پر
الله پاڪ اولاد جي دولت کان محروم رکيو هئس. هن
شميءَ سان اولاد لاءِ ٻي شادي ڪئي هئي. الله پاڪ
شميءَ کي ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جي اولاد سان نوازيو ته
حويليءَ ۾ رونق اچي وئي. وڏيري علي نواز جو شميءَ
۽ ٻارن ۾ ساهه هوندو هو. ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ هن
ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن جو ٻارن جي موڪلن
۽ عيد براد يا فصلن جي بٽئي تي ڳوٺ اچڻ ٿيندو هو
ته ٻارن کي به وٺي ايندو هو.
هن عيد تي به شمي ڳوٺ آئي هئي، پر عيد جي ڪمن
ڪارين ڪري، پنهنجي ننڍپڻ جي سهيلي ۽ ماروٽ مريم
سان ملي نه سگهي هئي. مريم جي فون آئي. شميءَ فون
اٽينڊ ڪئي.
”هيلو شمي! ڪيئن آهين؟ عيد جون مبارڪون هجنئي.“
”خير مبارڪ، بلڪل ٺيڪ آهيان. اوهان کي به عيد
مبارڪون هجن.“ شميءَ جواب ڏنو.
” شمي عيد ملڻ به ڪونه آئي آهين صفا وڏيري ٿي وئي
آهين.“ مريم ميار ڏيندي چيس.
”آپي! عليءَ کي ٽائيم ئي ڪونه ٿو ملي ۽ وري سڀاڻي
واپسيءَ لاءِ جهاز جون ٽڪيٽون به وٺي آيو آهي. پر
وڃڻ کان اڳ اوهان ڏانهن چڪر لڳائبو..“
”شمي! توکي موميءَ جي واهه جو دعا لڳي اصل سچ پچ
وڏيري ٿي وئي آهين.“
”ها آپي! سچ ٿا چئو. ڪڏهن ڪڏهن غريبن جون به
دعائون لڳنديون آهن.“
”چڱو هاڻي وڃڻ کان اڳ ملي وڃجانءِ.“ مريم وري به
اچڻ جو تاڪيد ڪيس.“
”ها آپي ضرور.“
شمي مريم سان ملي ڪراچي وڃڻ لاءِ جهاز ۾ ويٺي ته
هن کي موميءَ جي دعا ياد اچي وئي! ذهن تي ماضيءَ
جا ورق ورڻ لڳا.
شمي ۽ مريم پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ هيون. هڪ ئي گهر ۾
وڏيون ٿيون، گڏ کيڏيون، گڏ پڙهيون، گڏ هڪ ئي اسڪول
۾ وينديون
هيون، هڪ ئي بينچ تي ويهنديون هيون. جيڪڏهن شمي
اسڪول کان موڪل ڪندي هئي ته پوءِ مريم به اسڪول
ڪونه ويندي هئي. عجيب محبت هين پاڻ ۾. ڪپڙا
به هڪ جهڙا وٺنديون هيون ته وري سلائي به هڪ جهڙي
ڪرائينديون هيون. ته وري پائينديون به گڏ هيون. رب
پاڪ جهڙي صورت ڏني هئن، تهڙي سيرت. جهڙيون هيون
سگهڙ ته وري اهڙيون ئي هيون سليقيمند.
بس سندن مزاج ۾ هڪ جهڙائي ڪونه هئي. مريم سنجيده ۽
گهٽ خوش مزاج واري ته وري شمي زنده دل ۽ خوش مزاج
رب پاڪ اهڙو ته تاثير رکيو هئس جو ڪو عام جملو
ڳالهائيندي هئي ته پاڻ به کل ۾ ٻٽي پئي هوندي هئي
ته ويٺل ماڻهو به کلي کلي ساڻا ٿي پوندا هئا. کلڻ
کان پوءِ چوندي
هئي الائي ڇا
حياتي کلي ته وٺون. وري مريم ڏي منهن ڪري چوندي
هئي، ”ڪيئن ساٿياڻي!؟“ اهو هن جو تڪيا ڪلام
هو.
مريم هن کي ڏسندي ئي رهندي هئي.
”بس ڪري پنهنجي حق حلال جو پورهيو ڪيو ۽ رب جو
شڪر ڪيو. تعويذ لکڻ وارن جو حشر ڏٺو اٿوَ؟
پئسن لاءِ ويٺا ناحق جا ڪم ڪن، هوءَ برقعي
واري مائي ڏٺي هيوَ؟ جيڪا امان وٽ ايندي هئي.
امان کي ٻڌائي پئي ته منهنجو ڀاءُ اهڙا ته
شرطي تعويذ لکندو هو. بس تعويذ پهچڻ جي دير
هوندي هئي. ماڻهن جا سر به کڻي ڇڏيندو هو. اصل
جهڳائي ئي جهڻ ڪري ڇڏيندو هو.
هنن زندگي گذارڻ جو هنر سکي ورتو هو. شمي صبح جو
نماز ۽ قرآن پڙهڻ کان پوءِ گهر جي ڪمن ڪارين کان
فارغ ٿي سڌو مريم جي گهر ايندي هئي. شمي ۽ مريم جي
گهر جي وچ ۾ ڀت هئي جنهن ۾ اچ وڃ لاءِ دروازو پيل
هو. باقي ٻاهريون دروازو گهٽيءَ ۾ کلندو هو.
هو گڏ ويهي ڪچهريون به ڪنديون هيون ته ڀرت ۽ سلائي
به ڪنديون هيون. منجهند جا 12 ٿيا ته شمي چوڻ لڳي،
مريم هلان ٿي. ڀائو ماني کائڻ ايندو دير ٿي ته
ڪاوڙ ڪندو.
”ڇا ٿي چاڙهين.“ مريم چيس.
”ڀائو پلو وٺي آيو آهي سيئيان ٿي.“
”چڱو پوءِ چانورن جي ماني پچائي کڻي اچجانءِ.“
مريم فرمائش ڪندي چيس.
”حاضر ساٿياڻي. چڱو هلان ٿي ماني کڻي واپس ايندس.“
شمي مرڪندي چيس.
شمي گهر وڃي پلو سيئي ماني پچائي ٿانوَ ٿڦا ماءُ
کي کٽ تي رکي ڏئي پاڻ پکو اڳيان ڪري پگهر سڪائڻ
ويٺي ته ڀيلياڻين جا ٽولا اچي ڪڙڪيا.
”شمي! تنهنجون مائٽياڻيون آيون ٿئي.“ ڀاڻس شمي کي
چيو.
”ڪهڙيون مائٽياڻيون؟“ شمي ٻاهر ڏسندي ڀاءُ کان
پڇيو.
”تو واري ڀيل برادري“ ڀاڻس کلندي چيس.
شمي ڪمري کان ٻاهر آئي ڀيلياڻين جا ٽولا بيٺا هئا.
اهي ڀيلياڻيون روز منجهند جو اينديون هيون. ماني
به وٺي وينديون هيون ته پاڻي به پيئنديون هيون.
اهي ڀيلياڻيون قطار ڪري جست جا وٽا جهلي بيهنديون
هيون. ۽ چونديون هيون ”باجي! او باجي! اڳ ۾ مون کي
پاڻي ڏي.“
شمي دڙڪو ڏئي چوندي هئن، پهرين وٽا ته ڌوئي اچو.
شمي جا دڙڪا ملندن ته اڱڻ ۾ بيٺل نلڪي مان وٽا
ڌوئي اچي وري قطار ٺاهي بيهنديون هيون، پوءِ شمي
ٿڌي پاڻي جا وٽا ڀري ڏيندي هئن ۽ ماءُ کان ماني به
وٺي ڏيندي هئن. هو کلنديون کلنديون هليون وينديون
هيون.
”تو واري مائٽياڻي مومي نظر ڪونه ٿي اچي.“ ڀاڻس
پڇيس.
”ڀائو! ويچاري بيمار ٿي پئي آ.“ شمي ڀاءُ کي ڏک
مان چيو ۽ پنهنجي ماني کڻي سڌو مريم وٽ آئي.
شمي عادت مطابق گهر جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي رات جو
ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل ۽ ٽوپن جي ٽٻڻي کڻي ماءُ سان
گڏ مريم جي گهرايندي هئي. اونهاري جي موسم ۾ ٿڌڙي
هوائن ۾ اڱڻ ۾ کٽون رکي پکو هلائي سمهڻ جو به
پنهنجو مزو هوندو آهي. شميءَ جي ماءُ، پنهنجي ماءُ
جي کٽ تي ويهي ساڻس ڪچهري به ڪندي هئي ۽ زور به
ڏيندي هيس. شمي سڌو مريم جي ڪمري ۾ ايندي هئي. جتي
مريم زمين تي سلائي مشين رکي ڪپڙا سبندي شميءَ جو
انتظار ڪندي هئي.
شمي اچڻ سان ريڊيو هلائيندي هئي، پوءِ ويهي
ڪچهريون به ڪنديون هيون ته ڪم به ڪنديون هيون.
ڀرت ڀريندي شميءَ جي هٿ ۾ سئي لڳندي هئي ته دانهن
نڪري ويندي هيس. ڪڏهن ته رت به نڪري ايندو هيس. اڄ
به ڪاوا پڪا ڪندي سئي لڳس ته دانهن نڪري ويس. مريم
کي چوڻ لڳي.
”آپي! ڳالهه ٻڌ! تون سلائي ڪندي ۽ مان ٽوپ ٺاهي
ٺاهي مري وينديونسين. ڪجهه سوچ ته هن سلائي ۽ ٽوپن
مان جان ڇٽي.“ هن مريم کي مشورو ڏيڻ لاءِ چيو. شمي
کان مريم ٻه سال وڏي هئي انڪري آپي سڏيندي هيس.
”ڇا ڪيون؟“ مريم جواب ڏيڻ بجاءِ سوال ڪيس.
”آپي! گهر وارا اسان کي نوڪريون ڪرائيندا ڪونه ۽
شادي اسان جي نصيب ۾ لکيل ناهي. ڪو اهڙو ڌنڌو ڪيون
جو ٻه ڏوڪڙ به ملن آرام به هجي.“
”مينهون ڌاري کير کپايون؟“ مريم وري پاڻ کان پڇيس.
”نه ابا! سلائي ۽ ٽوپ نٿا ڀري سگهون. مينهن جو ڪم
ڪيئن ڪنداسين.“ شميءَ نهڪر ڪئي.
”پوءِ ڀلا ڪپڙن جو واپار ڪيون؟“ مريم وري به سوال
ڪندي پڇيس.
”نه ابا! هن نڀاڳي ڪپڙن واريءَ کي ميڙي چونڊي ڏني
ته ڪپڙن جو واپار ڪر منافعي مان اڌ ڏيجانءِ منافعو
ته نه ڏنائين، پر موڙي به کائي وئي.“ شميءَ نڪ تي
هٿ رکي توبهه توبهه ڪئي.
”آپي! هڪ آئڊيو آهي؟“ هن چپٽي وڄائيندي چيو.
”سائين! ڦٿڪاءِ ان آئڊيي شريف کي.“ مريم به مذاق
مان چيو.
”آپي! تعويذ ٿا لکون آرام سان هزار ٻه هزار ملي
ويندا. تون پهتل هستي ٿجانءِ ۽ مان تنهنجي مجاور
ٿيندس. تون کٽ تي ٽڪ واريءَ رليءَ تي اڇو وڳو پائي
نقاب ڪري ويهي تعويذ لکجانءِ. مان ٻاهر مائن کي
ڏٽا ڏيندس ته واهه جو پهتل هستي آهي. تنهنجي عزت
وڌائڻ لاءِ نمبر جي پرچي ڏيندس. تون پهتل هستي مان
مجاور واهه جو ڌنڌو هلندو.“ وري پنهنجي ئي
بيوقوفيءَ تي ٻئي کلڻ لڳيون. کلي کلي شميءَ جي
اکين مان ڳوڙها نڪري پيا. هنن جي ٽهڪن تي شميءَ جي
ماءُ به اڱڻ مان سندن ڪمري ۾ آئي ۽ هنن کي چوڻ
لڳي.
”ڇوريون! ڇا ٿيو اٿوَ؟ جو اڌ رات جو اچي کچڪو لاتو
اٿو.“
”امان! اسان هڪ ڌنڌو سوچيو آهي. تون ويهه ته توکي
به ٿا ٻڌايون.“ شميءَ ماءُ کي کٽ تي ويهڻ لاءِ
چيو.
”ڪهڙو ڌنڌو سوچيو اٿو؟“ ماڻس کٽ تي ويهندي شميءَ
کان پڇيو.
”امان! اسان تعويذن لکڻ جو ڌنڌو سوچيو آهي، آپيءَ
کي پهتل بيبي ڪندس. پاڻ مجاور ٿي ماڻهن کي ڏٽا
ڏيندس ته اهڙي پهتل بيبي آهي اصل ڪم هڻ کڻ دوا
اندر دم ٻاهر. جنهن پهتل بيبيءَ جو تعويذ پيتو
ناهي، اثر ٿيو ناهي.“
”۽ مڙس ڪنڌ ۾.“ مريم شميءَ جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي
چيو.
”نه نه ڪنڌ ۾ ڇو؟ اصل پٽ تي! آسمان تان لهي زمين
تي اچي ڦهڪو ڪندو.“ شميءَ جي اهڙي جواب تي سڀ کل ۾
ٻٽجي ويون.
”ماڻهن سان ڊوهه ڪنديون؟ ڏوهه اٿوَ.“ شميءَ جي
ماءُ هنن کي ڊيڄاريندي چيو.
”امڙ! ڊيڄار ته نه.“ شميءَ ماءُ کي وراڻيو.
”تعويذن لکڻ لاءِ چلا به ڪاٽڻا پوندا آهن.“
”امڙ! ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته اسان چلا ڪاٽيا آهن يا
نه. بس بازار مان هڪ تعويذن لکڻ جو ڪتاب گهرائي
رکنداسين. بس تون رڳو دعا ڪجانءِ. بس پوءِ ته ٻيڙا
پار آهن.“ شمي ماءُ کي دعا ڪرڻ لاءِ چيو.
”امڙ! توکي به تعويذ لکي ڏينداسين ڀائو کي
پيارجانءِ ته هر ڳالهه مڃندئي به ۽ ڪمائيندو به.“
شميءَ وري تعويذن لکڻ جا ماءُ کي فائده ٻڌايا.
”ها پهتل بيبي! پر مان ته ڏوڪڙڪون ڏيندس.“ ماڻس
شمي کي چيو.
”امڙ! تون صرف دعا ڪر ڀلي ڏوڪڙ نه ڏي. امان الله
جو قسم بنا پئسي ٻه ڌنڌا اٿئي هڪ پنڻ ۽ ٻيو تعويذ
لکڻ. اسان پننداسين ته ڪونه، پوءِ تعويذ ئي لکي
وٺون.“
”الائي ڇا حياتي! تعويذ ئي لکي وٺون.“ مريم شميءَ
جو تڪيا ڪلام دهرائيندي چيو ته وري ماڻس کلڻ لڳي.
”امڙ! کلو ڀلي، هو تعويذن واريون ته ڏسو هڪ ڪم جا
هزار ٿيون وٺن. مينهون الڳ ٿيون وٺن. تعويذن مان
سون ٺهرايا اٿن. گهر ٺهرايا اٿن، گهرن جا خرچ ٿيون
ڪن ۽ هنن جا مرد اوطاقن ۾ ڏنڊو ڪونڊو کنيو ڀنگ پي
ستا پيا آهن. ڪڇ ۾ ڪڪڙ وتن ويڙهائيندا. باقي امڙ!
اسان جو ڌنڌو نه هلندو؟“ شمي هن ڌنڌي جي اهڙي
حمايت ڪئي جو وڃي ٿيا خير.
”بس ڪري پنهنجي حق حلال جو پورهيو ڪيو ۽ رب جو شڪر
ڪيو. تعويذ لکڻ وارن جو حشر ڏٺو اٿوَ؟ پئسن لاءِ
ويٺا ناحق جا ڪم ڪن، هوءَ برقعي واري مائي ڏٺي
هيوَ؟ جيڪا امان وٽ ايندي هئي. امان کي ٻڌائي پئي
ته منهنجو ڀاءُ اهڙا ته شرطي تعويذ لکندو هو. بس
تعويذ پهچڻ جي دير هوندي هئي. ماڻهن جا سر به کڻي
ڇڏيندو هو. اصل جهڳا ئي جهڻ ڪري ڇڏيندو هو.
ماڻهن جي اهڙي آهه لڳس جو رب لاعلاج بيماري ڏنس.
هٿن جي آڱرين مان جيت وهندا هيس کٽ جي ٻنهي پاسن
کان پاڻيءَ جا پاٽڙا رکيل هيس جنهن ۾ جيت ڪرندا
هيا. پنج سال ان بيماريءَ ۾ چيچلائي چيچلائي مري
ويو. شال! رب سڀني تي رحم ڪري.“ ماڻس تعويذ نه لکڻ
تي هڪ وڏو ليڪچر ڏئي هنن کي ڊيڄاري ڇڏيو.
”امڙ! تو ته اسان جا خواب ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ئي
ٽوڙي ڇڏيا. اسان بس ڪئي. الله سائين! معاف ڪجانءِ
امان سڄو ڌنڌو ڦٽائي ڇڏيو.“
شام جو شمي اڱڻ تي ڇنڪار ڪري کٽ تي چانور پئي صاف
ڪيا ته موميءَ دروازي کان منهن ڪڍيو ۽ اچي شميءَ
جي اڳيان پٽ تي ويهي رهي. هوءَ سٻاجهڙي هوندي هئي.
خاموشيءَ سان اچي ويهندي هئي.
موميءَ کي ڏسي شمي جي چهري تي رونق اچي وئي ۽ مومي
کي چوڻ لڳي.
”مومي! تون منجهند جو هنن مائين سان ڇو نه ايندين
آهين.“
”ادي! اهي ڇوريون گهٽيءَ ۾ کچڪو ڪنديون آهن انهن
کي ڏسي رولو ڇورا سيٽيون وڄائيندا آهن. باجي! مون
کي اهو چڱو نٿو لڳي.“ موميءَ معصوميت مان چيو.
”ادي! منجهند جو امان پني منگي ايندي آهي. مان وري
ابي سان پکي ۾ ڌوڻ هلائيندي آهيان ته ابو ٽانڊن ۾
لوهه وجهي تپائيندو آهي. جڏهن لوهه تپي ڳاڙهو ٿي
ويندو آهي ته وري مينجو (منهنجو) ڀاءُ مترڪي سان
لوهه کي ڪٽيندو آهي پوءِ بابو لوهه جون شيون پاڻ ۾
جوڙيندو آهي.“ موميءَ پنهنجي ڪم جو داستان ٻڌايو.
”تنهنجو بابو لوهه مان ڇا ڇا ٺاهيندو آهي.“
”ادي! تئو، ڏاٽو، ڪهاڙي، ڪپگير، ڪاتيون، ڪات.
ڪاسائي روز بابي کان وٺي ويندا آهن.“
”مومي! مون کي به هڪ وڏو ڪپگير ۽ وڏي ڪاتي ٺهرائي
ڏي.“
”ادي! سڀاڻي بابي کان تولاءِ رواتيءَ واري ڪاتي
وٺي ايندس.“
”رواتيءَ واري ڪاتي ڇو؟“ شميءَ پڇيس.
”ادي! رواتيءَ واري ڪاتي تکي ٿيندي آ، بابو اهي
ڪاتيون لڪائي رکندو آ، رڳي پنهنجي سنگت وارن کي
ڏيندو آ.“ موميءَ سمجهائيندي چيس،
”واهه! ڀلا ڪپڙا ڇو نه ٿي مٽائين ڪيڏا ميرا ٿي ويا
اٿئي ۽ پانچا به ڦاٽي پيا ٿئي. ماءُ کان ٽوپو نٿي
ڏيارين؟“
”ادي! اسان وٽ ڪٿي آهن سُيون جو امان ٽوپا ڏئي؟؟“
”پوءِ باقي ڦاٽل ڪپڙا پائي گهمندينءَ ڇا؟“
”ادي! هڪ ڀيڻ کان جوڙو منگيو اٿم ملي ته پائيندس.“
”چڱو بيهه ته مان ٿي آڻي ڏيانءِ“ شمي موميءَ لاءِ
ڪپڙا کڻڻ ڪمري ۾ وئي.
”امان! شمي موميءَ جي اچڻ تي ڪيڏي نه خوش ٿئي ٿي
ڄڻ ته عيد ٿي وئي هجيس.“ پريان ويٺل ڀاڻس ماءُ کي
چيو. وري موميءَ کان پڇڻ لڳو.
”مومي ايترا ڏينهن ڪٿي هئينءَ؟“
”ڀائو! تپ ٿي پيو هو.“ موميءَ نماڻائي مان چيس.
ايتري ۾ شمي به ڪمري مان ڪپڙا کڻي موٽي آئي.
”مومي! هي ڪپڙا وٺ غسل خاني ۾ وڃي تڙ ڪري پائي
اچ.“ شميءَ ڪپڙا ڏيندي چيس.
”ادي! گهر وڃي وهنجي پائيندس هت وهتس ته امان
ماريندي. چوندي ته پرائي گهر ڇو وهتيئن.“
”چڱو ڀلا هي ڪپڙا وٺ سڀاڻي پائي اچجانءِ ۽ ڪپگير ۽
ڇري به کڻي اچجانءِ“ شمي تاڪيد ڪيس.
”ادي! الله
سائين ڪندو ته تون
وڏيري
ٿيندينءَ، جهاجن (جهازن) ۾
گهمندينءَ.“ مومي دعائون ڏيندي هلي وئي.
مومي لاڏائو فقيرن جي ڇوڪري هئي. جڏهن قربانيءَ جي
عيد يا هارين ۽ مزدورن کي لوهه جي شين جي ضرورت
پوندي هئي ته ايندا هئا وري پکا پٽي الائي ڪاڏي گم
ٿي ويندا هئا.
مومي دعائون ڏئي هلي ويئي ۽ شمي سڌي مريم وٽ آئي
چهري تي اهائي مرڪ هيس.
”خير ته آهي ڇا تي ٿي کلين؟ توکي به ڀيلياڻين وارو
کچڪو لڳو آهي ڇا، لڳي ٿو ته ڀيلياڻين وارو روح اچي
ويو اٿئي. ڪا ڳالهه ٻڌائڻ آئي آهين تڏهن ته ٽوپن
وارو ٽٻڻو به ڪونه آندو اٿئي.“ مريم شميءَ جا خالي
هٿ ڏسندي چيو.
”آپي اڄ مومي دعا ڏئي وئي آهي ته وڏيري ٿيندينءَ
جهازن ۾ گهمندينءَ.“
”واهه ادي وڏيري! جڏهن وڏيري ٿين ته پوءِ اسان کي
نه وسارجانءِ، هر سال ڌاڻن جو پاچڪو، سرنهن جو
پاچڪو ۽ چڻن جو پاچڪو پهچائجانءَ.“ مريم چيڙائيندي
چيس.
”اڙي آپي! تون فڪر ئي نه ڪر. ان اڻ ڏٺي وڏيري وٽ
پهچڻ ته ڏي. اصل کنڌا کڻي راتاها ڏبس. ڇا ياد ڪندو
وڏيرو ته ڪنهن سان پالو پيو آ.“ وري هوءَ کلڻ ۾
ڇٽي ۽ چوڻ لڳي.
”آپي! وڏيري ٿيان نه ٿيان کلي ته وٺان. اسان چنڊين
تي پهتل مرشدن جون دعائون اثر نٿيون ڪن ته هن
ميريءَ موميءَ جي دعا اثر ڪيئن ڪندي.“ شميءَ مريم
کي سواليه انداز ۾ چيو.
”شمي! تون مايوسيءَ واريون ڳالهيون ڇو ڪندي آهين؟
خبر اٿئي پياسي کي پاڻي پيارڻ جو ڪيڏو ثواب آهي؟
هن ميري موميءَ جو اندر صاف ۽ پاڪ اٿئي. هن جي من
۾ ڪوبه لوڀ ۽ لالچ ناهي هن جي دعا آسمان جا تهه
چيري عرش تي پهچي رب جي حضور ۾ قبوليت لاءِ هٿ ٻڌي
بيٺي هوندي. پوءِ رب پاڪ هن جي دعا ڇو نه قبول
ڪندو؟“ هن موميءَ جي حق ۾ ڳالهايو.
”واهه، آپي! واهه، الله جو قسم تون تعويذ لکين هان
ته اهڙو اثر ڪن هان جو ويهي کائون هان. بس امڙ کي
اسان جو ويهي کائڻ نه وڻيو.“ شمي مريم جي تعريف
ڪئي.
”شمي! اڄ ته مريم وڏا واعظ ٿي ڪري.“ ڀر ۾ ويٺل
مريم جي ماءُ وراڻيو.
”ها مامي! نيٺ گونگي ڳالهايو الائي ڇا حياتي
ڳالهائي ته وٺي.“ شميءَ پنهنجي تڪيا ڪلام کي
دهرايو.
”مامي! موميءَ جي دعا اثر ڪندي باقي ته امان ۽ تون
تسبيحون پڙهي پڙهي ٿڪيون آهيو. ويچارا ڀائو
نوڪريءَ لاءِ ڪاغذ ڦوٽو ڪاپي ڪرائي ڪرائي ۽ چالان
ڀري ڀري ٿڪجي پيا آهن. ملي اٿن ڪا نوڪري؟ اهي
ڪامريڊ پٽ مجال آهي جو ڪو ڌنڌو ڪن نوڪريءَ جي آسري
مٿو ئي اڇو ٿي ويو اٿن.“ شميءَ مريم کي چيو.
جڏهن شمي ڳالهائڻ شروع ڪندي هئي ته مريم هن کي چپ
چاپ ڏسندي هئي ته شمي پنهنجي اندر جي باهه ڪيئن ٿي
ڪڍي. مريم کي چپ ڏسي شمي چوندي هئي. ڪيئن ادي
پهتل! مامي ڄاڻي ته امان ڄاڻي اسان جو ڇا؟ وري
ٽهڪن ۾ پئجي ويندي هئي. ٽهڪ ڏيڻ سان سندس اکين مان
ڳوڙها نڪري پوندا هئا. پر هن جي ٽهڪن پويان ڪيترا
سڏڪا لڪل هئا اها صرف ان کي ئي خبر هئي.
ڀلا شميءَ جي اهڙين ڳالهين تي ڪير نه کلي. معين
اختر وانگر ون مين شو هوندي هئي. هن جي ڳالهين تي
نه چاهيندي به ويٺل ماڻهو کلي پوندا هئا. ڀر ۾
ويٺل مامي به کلڻ کانسواءِ رهي نه سگهي. شميءَ کي
مخاطب ٿي چوڻ لڳي.
”شمي! تون اسان جي پٽن تي کلين ٿي. هڪ ڏينهن
بادشاهه ٿي ڏيکاريندئي.“
”اڙي مامي! جنهن ڏينهن اوهان جا پٽ بادشاهه ٿيا ته
ان ڏينهن.... ڀيل، باگڙي، افغاني، پاٺا ميڙي امير
ٿي ويا. توهان وارا ڪامريڊ پٽ ڪامريڊيءَ ۾ پورا
آهن. اڇا لٽا کيسا خالي ٻئي جي ليکي ملڪ جا والي!
اسان جي ڪراچي دبئيءَ آهي دبئي، ريڙهو هڻن ته به
ڪيچ ڪمائن. ڪراچيءَ ۾ ڌاريا ريڙهن مان امير ٿي
ويا....“
شمي ڪامريڊ پٽن تي باهه ٿي وئي ته ٽي.ويءَ تي گيت
گونجڻ لڳو.
جاڳ سنڌي جاڳ،
ويل ويهڻ جي ناهي،
او ڀائو! ويل ويهڻ جي ناهي.
گيت ٻڌي شمي وري شروع ٿي وئي.
”هيءَ ويچاري ڳائڻي به چوي ٿي ته،
”جاڳ سنڌي جاڳ“. پر مجال آهي جو اسان وارا ڀائر
جاڳن. اصل ست سوڙيون مٿان وجهون ستا پيا آهن.
امڙ ڳائڻي! تون ڳائي ڳائي مري ويندينءَ. پر اسان
وارا ڀائر ڪونه جاڳندا. هن وري ڳائڻي سان مخاطب
ٿيندي چيو.
شميءَ جي اهڙين ڳالهين تي وري مريم ۽ مامي کلڻ
لڳيون. هنن جي کلڻ تي امان وڏي جيڪا پر ڀرو کٽ تي
ويٺي هئي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ڇوريون وري ڇا تي کچڪو لاتو اٿوَ؟“
”امان وڏي! فروٽ مهانگو ٿي ويو آهي ڀائو چار
انبڙيون ڀاڄيءَ سان ٿو آڻي اهي به منجهند جو چٽڻي
ٺاهي ٿا ڇڏيون باقي کلڻ آهي مفت جو، سو کلي رت ته
وڌايون. پر امان وڏي! اسان جو کلڻ به اوهان کي
ڪونه ٿو وڻي. اهي ادا سياڻا به اسان لاءِ چئي ويا
آهن.
” ڪنهن جو روئڻ به راحت. ڪنهن جو کلڻ به خواري،.“
شميءَ جي اهڙي جواب تي امان وڏي لاجواب ٿي وئي.
شمي گهر وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي.
”چڱو! وڃان ٿي وري رات موٽي ايندس.“
”چڱو! جلدي اچجانءِ. ڏاڍو انتظار ٿي ڪرائين.“
جواب ۾ مريم وراڻيو ته وري هنن جا بي مقصد ٽهڪ
گونجڻ لڳا. امان وڏي تپي باهه ٿي وئي. شميءَ ۽
امان وڏيءَ جي پاڻيءَ پٽ جي جنگ شروع ٿي وئي.
”ڌيءَ ڌڻ جو ٻار ايڏو کچڪو؟ سڄو ڏينهن کچڪو لايون
ويٺيون آهيو، مردن جو به خيال ڪونه اٿوَ؟“
امان وڏيءَ چڙ مان چيو.
”ڌيءَ ڌڻ جو ٻار مشڪري به نه ڪري، باقي پٽ جو ٻار
ماني دير سان پچائڻ تي ڌمچر مچائي ڀانڊا ڀڃن اتي
ته ماٺ آهيو باقي ڌيءُ ڌڻ تي اوهان جي لٺ ٿي لڳي.“
شمي به اڄ ڇتي ٿي پئي.
”ڇوري! ڇا چيومانءِ؟ جو مڇرجي پئي آهين؟
امان وڏي ڪاوڙ مان وراڻيو.
”امان وڏي! سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺيون آهيو نه ڪاڏي
اچو نه وڃو. ٻارهين مهيني عيد تي بازار مان چوڙيون
پارائڻ هلندي آهين. اوهان کي اسان جو کلڻ به ڪونه
ٿو وڻي بس، آپي! ڪونه ايندس اوهان جي گهر. جڏهن به
اوهان جي گهر اچ امان وڏي ڪاوڙبي آ.“ شمي روئڻ ۾
شروع ٿي وئي. سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي اچي
ويا. مريم اٿي شميءَ کي ڀاڪر پائي چيو.
”ڇڏ انهن ڪراڙين کي. اڃان تائين ٿيون پٿر جي دور ۾
رهن.“
”نه آپي! هاڻي ڪڏهن به نه ايندس. اسان چرين وانگر
کلي ويٺا ٿا دل وندرايون. هوءَ ڪاوڙ مان روئيندي
هلي وئي.
اسان جي سماج ۾ الائي ته ڪيتريون ڇوڪريون آهن جيڪي
پنهنجا ڏک، سور ۽ ڪرب لڪائي چپن تي مرڪ سجائي ٿيون
هلن. پر انهن جي ٽهڪن پويان الائي ڪيترا سڏڪا لڪل
هوندا آهن، شمي ڏاڍي حساس هئي هوءَ ڪنهن جي جهڻڪ
ڏيڻ تي سانوڻيءَ جي برسات جيان وسي پوندي هئي.
ان رات شمي نه آئي ته ماڻس به نه آئي. مريم به
سمهي پئي هن کي خبر هئي شمي ڪونه ايندي. جڏهن ڪاوڙ
ختم ٿيندس ته پاڻهي ئي هلي ايندي.
صبح جو جيئن سج پنهنجا ڪرڻا زمين تي اڇلايا ته،
غريب موميءَ جي خيمي ۾ قيامت برپا هئي. رات شهر جي
رولو لوفرن معصوم موميءَ کي پنهنجي حوس جو نشانو
بڻائي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو هو. موميءَ جي ماءُ عرش
ڏاريندڙ دانهون ڪري رهي هئي. شهر جا ماڻهو ميڙ
ڪيون تماشو ڏسي رهيا هئا. ميڊيا جا ماڻهو ان واقعي
کي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.
موميءَ جي موت جي خبر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. شمي به
جيئن ئي ننڊ مان اُٿي ته هيءَ منحوس خبر ڪن تي پيس
ته سڪتي ۾ اچي وئي. سڄو ڏينهن روئي روئي اکيون
ڳاڙهيون ٿي ويس. پر دل جو بار هلڪو نه ٿيس ته سڌو
مريم وٽ آئي ۽ ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. مريم پرچائي
پاڻي پياريس ته چپ ڪري کٽ تي ويهي رهي ۽ مريم کان
سوال ڪيائين.
”آپي! جڏهن ميونسپالٽيءَ وارا رولو ڇتن ڪتن لاءِ
ڪتا مار مهم ٿا هلائين ته پوءِ هن رولو لوفرن لاءِ
لوفر مار مهم ڇو نه ٿا هلائن؟ ابي امڙ جي جگر جي
ٽڪرن جي عزت پيرن هيٺان لتاڙي پائمال ٿا ڪن.“
شميءَ جي سوالن جا مريم ڪهڙا جواب ڏئي. شمي وري
روئڻ ۾ شروع ٿي وئي روئيندي چوڻ لڳي.
”آپي! مومي مون کان وسري ئي نٿي اڳيان بيٺي آهي.
ڪالهه جوڙو ڏنومانس ته ويچاري پائي به نه آئي.“
ايتري ۾ ٽي.وي تي بريڪنگ نيوز هلي. موميءَ جي جسم
تي شميءَ جو ڏنل جوڙو پاتل هو. شمي موميءَ جي صدمي
۾ بيمار ٿي پئي.
شمي جڏهن به مڙس سان گڏ جهاز ۾ ويهي ڪراچي ايندي
هئي ته هن کي موميءَ جي دعا ياد ايندي هئي. |