سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر 2019ع

باب:

صفحو:4 

حامد لاشاري

امانت

 

سانوڻ کي ڪيئي ورهيه ڪنڀارڪي پورهئي سان گذريا هئا. پر اڄ تائين ان پورهئي جو ڪنهن به قدر نه ڪيو هو. هن کان اڃا ته پنهنجي نوجوان پٽ سجاد جو بي وقتو موت ڪين وسريو هو ته اڄ وري ان ساڳي مٽي جنهن سان سانوڻ جي زندگيءَ جو وهنوار هو، ان مٽي جي دزي ٻئي نوجوان پٽ کي بيماري جي منهن ۾ اڇلي ڇڏيو هو. اڪبر چڪ جي ڀرسان ڇپر ۾ کٽ تي ليٽيل هو. ۽ ڀر ۾ چڪ تان سانوڻ ڪچا ٿانو پئي لاٿا ته اوچتو ننڍڙي علي جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيس. ڇوري ڪيترو چيو اٿمانءِ ته ڀاءُ کي باهه کان پري رک. ڪاوڙ مان سوٽي کڻي اڪبر ماءُ ڌيءُ رابعه کي مارڻ لڳي. ڇو ٿي مارينس! غلطي تنهنجي مارين وري هن کي ٿي. سانوڻ ڪاوڙ مان زال کي چيو. غلطي! ها ننڍڙي آهي ڪمري ۾ وئي آهي کنڊ لاءِ. چڱو چڱو وڌيڪ سرولي نه ٿي. کڻ ڇوڪرو هلي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون. علي جنهن جي عمر 18 مهينا مس هئي جيڪو بابنڙا پائيندي چانهه لاءِ رکيل ديڳڙي جي ڪرڻ ڪري سڙي پيو هو.!

سانوڻ ۽ آمنه علي کي کڻي چڪ واري پاسي کان نڪتا ئي مس ته اوچتو اڪبر جي واتان رت اچڻ شروع ٿيو. پر اڪبر پيءُ کي پريشان ڏسي در در جون ٺوڪرون نه پئي کارائڻ چاهيون...! اڪبر ماءُ تون علي کي کڻي هل ته مان پٽ اڪبر کي ڏسي اچان ٿو. نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ اڪبر جي وات مان رت جون گگون پئي وهيون ۽ کٽ جي پائي سان منهن هئس...! جيئن سانوڻ پٽ جو منهن سڌو ڪيو ته پٽ جي حالت ڏسي رڙين ۾ شروع ٿي ويو.... هڏ هيڻون سانوڻ پٽ کي کڻي اسپتال طرف ڀڳو. پهچڻ شرط وائڙن وانگر چوڻ لڳو، ڊاڪٽر صاحب او ڊاڪٽر صاحب منهنجو پٽ مون کي بچائي ڏيو...! سانوڻ روئڻ سان گڏ التجا پڻ ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر اڪبر کي ڏسي... چاچا هن جون ٽيسٽون ٿينديون. ابا هي ٽيسٽون ڪٿان ٿينديون...؟ بيوسي مان چوڻ لڳو. شهر ۾ ليبارٽريون کوڙ اٿئي ڪٿان نه ڪٿان ٽيسٽون ڪرائي وٺجانءِ. ڀاڙي سميت مڪمل خرچ پکي سان گڏ مڙئي ڏهه هزار روپيه خرچ ٿيندئي چاچا....! سانوڻ جي هٿ ۾ پرچي ڏيندي ڊاڪٽر چوڻ لڳو. خرچ ۽ پئسن جي ليکي سانوڻ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. گهڙي پل سانوڻ سوچن جي ساگر ۾ گم ٿي وڃي ٿو...! اڪبر جي طبيعت ڪيئن آهي... علي کي ملم پٽي ڪرائي آمنه مڙس کان پڇي ٿي...! سانوڻ سوچن کان پوءِ ٻاهر اچي ٿو. اڪبر جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي ڊاڪٽر دوا ڏني اٿس ۽ چيو اٿئين ته سندس ٽيسٽون ڪرايو... پوءِ جلدي ڪر ٽيسٽون ڪراءِ. منهنجي ٻچي جون. تون ته چئي وئينءَ، خبر اٿئي خرچ گهڻو آهي ٽيسٽن جو. سانوڻ گهرواري کي سمجهائڻ لڳي ٿو پورا ڏهه هزار روپيه خرچ آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته ڪٿان آڻيان مان ايترا پئسا....؟ پئسن جو ٻڌڻ کان پوءِ اڪبر جي ماءُ ڪنڌ هيٺ ڪري بيوسيءَ مان ڳوڙها ڳاڙڻ ٿي لڳي.

 ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اڪبر جي حالت پهرين کان ڪجهه بهتر ٿي رهي هئي. پيرسن سانوڻ پٽ کان جدا ٿيڻ نه پئي چاهيو ۽ وياج تي پئسا وٺي ڪچن ٿانون جي ٽرڪ عيوض سيٺ امجد کان پئسا ورتا ۽ پٽ جون ٽيسٽون ڪرايون. هڪ هٿ ۾ سانوڻ کي اڪبر جون ٽيسٽون هيون ۽ ٻئي هٿ سان پٽ کي سهارو ڏئي وٺي وڃي رهيو هو.

اڄ آسمان تي ڪارن ڪڪرن وچ ۾ زبردست جنگ هلي رهي هئي ۽ آڌي رات جو آسمان تي چمڪندڙ کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ اوچتو گجگوڙ سان وڏ ڦڙي مينهن جي ڦڙ ڦڙ تي سانوڻ تڪڙو ڪچن گهڙن کي ڍڪڻ لڳو. يا رب العالمين ڪجهه رحم ڪر. هڪ طرف پنهنجي پٽ جي بيماري ۾ پريشان آهيان ٻئي طرف وياج جي اهڙي موذي مرض ۾ جڪڙيل آهيان جنهن مان نڪرڻ لاءِ صرف هڪ ئي رستو آهي ته ٿانون جي صحيح سلامت ٽرڪ پوري ڪري ڏيان... مالڪ سائين مون کي هاڻي وڌيڪ امتحان ۾ نه وجهه...! روئڻ سان گڏ رب جي درٻار آڏو سوالي بڻجي دعا گهري ٿو. بيشڪ تون غفور آهين.... رحيم آهين.

 اڄ وري نوجوان پٽ کي بيماري جي بستري تي ليٽيل ڏسي آٿت ڏيندي چويس ٿو، پٽ دل نه لاهه الله چڱي ڪندو. توکي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاريندس. سانوڻ پٽ کي نماڻي انداز ۾ چيو. بابا...! ڇا اسان جي قسمت ۾ سکئي ڍوڍي جو هڪ گرهه به لکيل نه آهي. اڪبر روئڻ هارڪو ٿي چيو. اڪبر جي اکين مان لڙڪ شبنم جو روپ اختيار ڪري وهڻ لڳا ته سانوڻ کيس ڀاڪر پائي آٿت ڏيڻ لڳو.... پٽ ايڏو دل جو ڪمزور نه ٿي جيڪڏهن تون ائين هانءُ هاري ويهندي ته تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا معصوم ڀائر ۽ ڀينرون توکي هن حالت ۾ ڏسي نه سگهندا. دل وڏي ڪر الله سڻائي ڪندو...!

اڪبر جي ماءُ او اڪبر جي ماءُ پاڻي ڀري اچ ۽ اڪبر پٽ جون دوائون به کڻي آ...! آمنه جنهن پٽ لاءِ ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڻي ته کنيو، پر دوا لاءِ ڪٻٽ کولي دوا جون خالي شيشيون ڏسي من اندر ڪجهه وسوسا ۽ ڪجهه سوچون ذهن جي صليب تي ٽنگيل محسوس ڪري ٿي. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٻئي طرف مٽي جي ٿانون جو وڪرو به گهٽ... ۽ وري ڪنهن مهل ذهن تي اها به سوچ اچيس ٿي ته پٽ اڪبر بيماري جي بستري تي آهي ۽ هو جيڪو سيٺ امجد هڪ سگهاري ڌر سان گڏوگڏ ڪوئيٽا جو وڏو واپاري آهي جنهن کي هن مهيني جي آخري تاريخن ۾ ڪچن گهڙن ۽ گهگهين جي ٽرڪ ڏيڻي آهي ۽ هن کان بدلي ۾ جيڪي پئسا ورتاسين اهي سڀ اڪبر جي بيماري تي ختم ٿي ويا. اڄ وري دوا به ختم. ڇا ٿيندو منهنجي ٻچڙي جو. انهي سوچن ۾ ڪمري جي ٻاهران نم جي وڻ هيٺان ويٺل پٽ کي ڏسي ٿي...! ڪاڏي گم ٿي وئي آهين اڪبر جي ماءُ. اوچتو مڙس جو آواز ٻڌي بيوسي مان ڳوڙهن کي روڪيندي جهريل آواز ۾ چوي ٿي. اڪبر پيءُ دوائون ته ڪڏهوڪيون ختم ٿي ويون. ختم ٿيڻ جو لفظ جيئن سانوڻ جي ڪنن تي پوي ٿو پاڻ کي صحرا ۾ ڀٽڪندي محسوس ڪري ٿو. اڪبر پيءُ پريشان نه ٿي... چوين ٿي ته پريشان نه ٿيان. نوجوان پٽ منهنجي پيري جو سهارو بيماري جي بستري تي آهي پريشان نه ٿيندس ته ٻيو ڇا ڪندس؟! اڄ وري دوا ختم...! اڪبر پيءُ نيٺ ته پٽ جو علاج ڪرائڻو آهي. آمنه ورندي ڏيندي چيو. آمنه تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. پر ڇا ڪيان ڪٿان آڻيان پئسا. مان قرضن ۾ ڪارو لڳو پيو آهيان ڪير ڏيندو مون کي اوڌر تي دوا. مجبوري وچان يڪساهي ۾ سانوڻ چئي ويو. آمنه سوچن جي سمنڊ ۾ ڇوليون کائڻ کان پوءِ سوچي چوي ٿي، اڪبر پيءُ ادا هاشم وارن  وٽ وڃ متان اتان ٻه ٽي روپيا ملن؟ ڪهڙو منهن کڻي وڃان. 25 هزار روپين جو اڃان قرضي آهيان. نه پئسا ڏنا اٿم نه ئي ٿانو ڏنا اٿم. ٻيو ته هن هفتي سيٺ امجد کي ٿانون جي ٽرڪ ڏيڻي آهي ان جا پئسا هاشم اڳواٽ وٺي ڏنا هيا. سڀ پئسا اڪبر جي بيماري تي لڳائي ڇڏيا اٿم. اڃان چئين ٿي ته اوڏانهن وڃان. سانوڻ ڪاوڙ مان چئي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون اڪبر جي وڏي ڀيڻ سونهن پئي ٻڌيون. سونهن واڻ وٽي ڪجهه پئسا گڏ ڪيا هئا. پيءُ کي چوڻ لڳي.“ بابا پريشان نه ٿي. اچي هي وٺ ڪجهه پئسا. اڪبر لاءِ دوائون وٺي اچ. ڌيءُ انهن پئسن مان هڪ وزن به پورو ڪونه ملندو.... اڪبر جا پيءُ جيڪا دوا ملي وڃي وٺي اچ. گهپي نه ڪر....؟ اهو سڀ لڪاءُ ڏسڻ کان پوءِ اڪبر اندر ئي اندر سوچي ٿو ڇو اجايو مان بار بڻيل آهيان. مالڪ سائين مون کي پنهنجو ڪر يا مون مسڪين تي رحم ڪر. مون کي هن بيماري کان آجو ڪر. ٻيون ڪيتريون ئي سوچون ذهن تي اچنس ٿيون....! اڪبر پٽ اچ هي وٺ دوائون سانوڻ تڪڙ ۾ دوائون وٺي آيو....!

 آڌي رات جو جڏهن چنڊ ڪنهن مهل تارن ۾ ته ڪنهن مهل ڪارن ڪڪرن ۾ لڪي ٿو ته اوچتو اڪبر جي طبيعت پهرين کان وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي کيس رت اچڻ شروع ٿئي ٿو...! پٽ جي لڇ پڇ ڏسي سانوڻ تڪڙو هٿ ۾ بتي کڻي گهر کان ٻاهر ڊاڪٽر کي وٺڻ لاءِ ڊوڙندو وڃي ٿو. سانوڻ کي ڊوڙندو ڏسي پوليس چوڪي تي ويٺل اهلڪار هن کي چور سمجهي شڪ ۾ هن تي فائر ڪن ٿا... ٺا...ٺا ڏسندي ئي ڏسندي سانوڻ تڙپي تڙپي دم ڏئي ٿو....!

آمنه ۽ اڪبر گهڻي لڇ پڇ کان پوءِ نه ڄاڻ ڪنهن مهل دوائن جي آسري ويهڻ کان پوءِ ننڊ جي جهوليءَ ۾ هليا وڃن ٿا. سج اڀرڻ کان اڳ ڪجهه ماڻهو سانوڻ جو لاش گهر اندر کڻي اچن ٿا... هي اوهان جي امانت آهي. هجوم مان ڪنهن جو آواز آيو.....!

 

عارفه/لعل خاتون

طبقاتي سماج/اڻ برابري وارو سماج

 

اسان جي سماج کي ڀلي ڪيترو به برابري يا مساوات تي مشتمل قرار ڏنو وڃي، پر حقيقت ۾ اسان هڪ طبقن تي بيٺل سماج ۾ رهي رهيا آهيون. جنهن ۾ حڪمران طبقي ۽ غريب طبقي ۾ وڏو واضح فرق موجود آهي. حڪمران طبقو شاهاڻي طرز زندگي گذارڻ جو عادي آهي ته ان جي برعڪس غريب طبقو زندگيءَ جي. ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان محروم ۽ مسئلن جو شڪار آهي. غريب طبقي سان تعلق رکندڙ مزدور يا ملازم جڏهن حڪمران طبقي جي گهرن، آفيسن يا فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندا آهن ته انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويندو آهي ايتري قدر جو حڪمران طبقو انهن کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسند نه ڪندو آهي!

 

 

طبقاتي سماج جي گهڻ رخي فرقن مان تعليمي نظام ۽ جيلن جي نظام ۾ فرقن مختلف حڪومتن کي غور ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.

 

ان صورتحال ۾ موجوده وفاقي حڪومت به موجوده رائج تعليمي نظام ۽ جيلن جي انتظامي نظام ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو آهي.

21 جولاءِ تي وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي خطاب ڪندي چيو ته، هو جيل ۾ موجود قيد حڪمرانن کي مليل آسائشون ٽي وي، ايئرڪنڊيشنز وغيره کسي وٺندو. هن خطاب جو پس منظر اهو هو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي حمايتن کي اهو يقين ڏيارڻ پيو چاهي ته هو ملڪ جي لٽيندڙن کي هر حال ۾ سزا ڏياري رهندو. پر ٻي پاسي وفاقي حڪومت ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رهي آهي، جنهن سبب عوام ۾ بيچيني آهي. ان بيان کان علاوه ڊان اخبار ۾ هڪ ڇپيل آرٽيڪيل Decoding prison class system به پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ 1978ع جي جيلن جي قانون مطابق جيلن ۾ مختلف قسمن جي قيدين جي سماجي رتبن ۽ طرز زندگي گذارڻ جي لحاظ کان درجه بندي ٿيل آهي.

موجوده وفاقي حڪومت طرفان وفاقي تعليمي وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀني سرڪاري اسڪولن ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ هڪ جهڙو نصاب تشڪيل ڏي. انهيءَ لاءِ حڪومت تعليمي ماهرن جي هڪ ڪميشن تشڪيل ڏني آهي. جيڪا اهڙو نصاب تيار ڪندي جنهن ۾ ٻولي ۽ نصاب جي تفريق نه رکي ويندي.

 

حالانڪه ٻولي ۽ نصاب ته فقط طبقاتي سماج ۽ طبقاتي تعليمي نظام جو هڪ پهلو آهي. جڏهن ته اسڪولن ۾ موجود بنيادي سهولتون ۽ قابل استاد وغيره جي به ضرورت هوندي آهي. انهن پهلوئن تي به نظرثاني ٿيڻ کپي. ڇاڪاڻ ته طبقاتي سماج ۾ دولت به هر هنڌ سرڪاري اسڪولن ۽ پرائيوٽ اسڪول جي معيار جو فرق ڏيکاري ٿي.

ان جي برعڪس حڪومت اهو به تاثر ڏئي رهي آهي ته اسڪولن ۾ موجوده نظام جي ڪري اڻ برابري آهي. پر سچ اهو آهي ته طبقاتي سماج ۾ اڻ برابري جي ڪري اسڪولن جي موجوده نظام ۾ فرق آهي.

مٿي ڪيل تجزيي مان اهو اندازو نه لڳائڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت جيلن ۽ اسڪولن جي بهتري لاءِ قدم نه کڻي.

بهرحال موجوده وفاقي حڪومت جي سامهون اهو هڪ اهم چئلنج آهي ته اها جيلن ۾ قيد حڪمرانن کان مليل آسائشون کسڻ ۽ سڀني اسڪولن ۾ ساڳيو نصاب لاڳو ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اقتدار ملڻ کان اڳ ۾ ۽ اقتدار ملڻ کان پوءِ حالتن ۾ وڏو فرق هوندو آهي.

 

لعل خاتون

صحت ۽ سونهن

منهن تي داڻا ۽ موهيڙا تمام گهڻو خراب لڳندا آهن. انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙين شين جو استعمال ڪيو جنهن سان توهان جي اسڪن کي نقصان به نه پهچي ۽ چهرو به خوبصورت نظر اچي.

بيڪنگ سوڍا

هڪ حصو بيڪنگ سوڍا ۽ ٻه حصا نيم گرم پاڻي کڻي انهن جو ليپ ٺاهيو جيڪڏهن ان ۾ ٿوري ماکي ملايو ته ان سان اهو ليپ اڃان سٺو ٺهندو. هاڻي اهو ليپ داڻن تي لڳايو ۽ ڏهن منٽن کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو.

ڦودني ۽ ساون ڌاڻن جو جوس

هڪ چمچو ڦودني يا ڌاڻن جي رس کڻي ان ۾ ٿوري هيڊ ملائي ان جو مڪسچر ٺاهيو ۽ پوءِ روزانو رات جو داڻن تي لڳايو. ان سان چهري جا داڻا ۽ ڪارا داغ صاف ٿي ويندا.

ماکي ۽ دال چيني

ماکي ۽ دال چيني جو پاؤڊر پاڻ ۾ مڪس ڪيو. پوءِ ان محلول کي روزانو رات جو موهيڙن تي لڳايو ۽ صبح جو نيم گرم پاڻيءَ سان چهرو ڌوئي ڇڏيو.

ليما ۽ لوڻ

اڌ چمچو لوڻ ۽ ٻه چمچا ليمي جو رس پاڻ ۾ ملايو. هاڻي اهو محلول داڻن تي اڌ ڪلاڪ لڳائي رکو (ان محلول کي لڳائڻ کان پوءِ اس ۾ نه نڪرو) ليمي ۾ اها خاصيت آهي ته چمڙي جي سڻڀ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

ڪنڌ جي صفائي

هڪ ليمي جي کل اڌ ڪپ پاڻيءَ ۾ اٻاري ٿڌي ڪريو. هاڻي ان ۾ چار چمچا بيسڻ جو اٽو يا ايتري مقدار ۾ جون جو اٽو ۽ چپٽي هيڊ ملائي پيسٽ ٺاهيو. پوءِ ان پيسٽ سان ڪنڌ جو مساج ڪريو. پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. ان کان پوءِ ڪنهن به ڪريم ۾ ڪجهه قطرا گلاب جو پاڻي ملائي ڪنڌ تي لڳائي ڇڏيو. اهو مساج هڪ هفتو مسلسل ڪرڻ سان ڪنڌ جي ميراڻ ختم ٿي ويندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org