سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر 2019ع

باب:

صفحو:5 

مصطفى حسين

(وقت جي طاقت)

سيلزپرسن جي ٽائيم مينيجمينٽ جون ٽيڪنيڪون

 

”ڪامياب ماڻهن جي عادت اهڙا ڪم ڪرڻ هوندي آهي جن کي ناڪام ماڻهو ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن. ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪاميابيءَ جي قيمت وصول ڪري وٺندا آهن.“

(هربرٽ گري)

1928ع  ۾ هڪ ميگزين آمريڪي ڪاروباري ماڻهن جو سروي ڪيو ته اُنهن جا سيلزپرسن پنهنجو وقت ڪيئن ٿا استعمال ڪن.

اُن سروي مان خبر پئي ته سيلزپرسن پنهنجو رڳو ويهه سيڪڙو وقت سيل جي حوالي سان استعمال ڪن ٿا. اهو وقت ڏينهن ۾ رُڳو ڏيڍ ڪلاڪ ٿئي ٿو. انهيءَ کوجنا سيل انڊسٽريءَ کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڇو ته تحقيق مان معلوم ٿيو هو ته سيلزپرسن هڪ ڏينهن ۾ رڳو 90 منٽ ڪم ڪن ٿا ۽ گهڻو وقت وڃائين ٿا.

تڏهن سيل انڊسٽري پرو گرام ٺاهيو ته سيلز پرسن جي تربيت ڪري سندن  ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائجي. پوءِ سيلزپرسن جي تربيت ڪئي وئي.

1988ع ۾ وري سيلزپرسن جو سروي ڪيو ويو. توڙي جو سيلزپرسن هاڻي تربيت يافته هئا. پر سروي مان خبر پئي ته هاڻي به سيلزپرسن20 سيڪڙو وقت ئي ڪتب آڻن ٿا. ايترا سال گذرڻ باوجود ۽ سيلزپرسن جي تربيت کان پوءِ به ڪجهه به تبديل نه ٿيو. هڪڙو سروي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ به ڪرايو. ان سروي ۾ هزارين سيلزپرسن جا انٽرويو ڪيا ويا، سروي مان معلوم ٿيو ته سيلزپرسن صبح جو يارهين وڳي ۽ ساڍي ٽين وڳي ٻه ڀيرا سيل لاءِ وڃن ٿا. ان کانسواءِ پنهنجو گهڻو وقت ڪاغذن جي تياري، سفر ڪرڻ، کاڌو کائڻ، چانهه ۽ ڪافي پيئڻ ۾ گذارين ٿا.

ميگ گرو 1990ع ۾ تحقيق ڪئي ۽ نتيجو ڪڍيو ته سيلزپرسن رڳو 37سيڪڙو وقت سيل کي ڏين ٿا.

انهن سڀني تحقيقن مان معلوم  ٿيو ته سيلزپرسن روزانو رڳو 90منٽ سيل کي ڏين ٿا.

پنهنجي سيل (Sell) کي ٻيڻو ڪريو

مان پنهنجي سيلز پروگرامن ۾ ٻڌايان  ٿو ته توهان منهنجي ”منٽس ٿيوري“ تي عمل ڪريو. هيءَ ٿيوري صفا سادي آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي سيل کي منٽن جي حساب سان ورهايو، ته توهان جيترا منٽ وڌيڪ ڪم ڪندا توهان جي آمدني اوتري وڌندي.

جيڪڏهن توهان کي پنهنجي سيل ۽ انڪم ۾ واڌ ڪرڻي آهي ته توهان کي اوترو وڌيڪ منٽن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

منهنجي ٿيوريءَ مطابق جيڪڏهن توهان پنهنجي آمدنيءَ کي ٻيڻو ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ توهان کي ڪم جي وقت کي به  ٻيڻو ڪرڻو پوندو. توهان کي اهو ٻيڻو وقت پنهنجي خريدارن تي خرچ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن توهان پنهنجي سيل جي وقت کي ٻيڻو ڪري ورتو ته پوءِ توهان اعليٰ سيلز مين بڻجي ويندا.

سادي ڳالهه آهي ته توهان کي خريدارن تي اڳ کان ٻيڻو وقت خرچ ڪري پنهنجي آمدني کي ٻيڻو ڪرڻو آهي. توهان عملي طور تي ڏسندا   ته توهان جي ڪارڪردگي ڪيئن ٿي بهتر ٿئي. هزارين سيلزمين منهنجي اها ٿيوري اختيار  ڪري پنهنجي آمدني ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ کڻي رهيا آهن.

منهنجا ڪيترائي شاگرد ته پنهنجي آمدنيءَ کي ٻيڻ کان ٽيڻ ڪري رهيا آهن، ڪيترن ماڻهن ته هڪ مهيني ۾ سُٺا نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن.

سيلز پرسن جي ملازمت

هتي اسان سيلزپرسن جي ڪم کي بيان ڪنداسين. سيلزپرسن جو ڪم آهي ته پنهنجا خريدار ٺاهي ۽ اُنهن کي پڪو ڪري.

ڪنهن سيلزپرسن جي ڪارڪردگيءَ کي ماپڻ لاءِ اهو ڏسڻو پوندو آهي ته هن ڪيترا نوان گراهڪ ٺاهيا آهن، يا وري اهو ته ڪيتري سيل ڪئي اٿائين ۽ ڪيتري وقت ۾ ڪئي اٿائين. سيلزمين جو ٻيو ڪم پنهنجا گراهڪ پڪا ڪرڻ آهي. ڪنهن به سيلزپرسن وٽ جيترا مستقل خريدار هوندا اُهو اوترو ئي وڌيڪ ڪامياب سيلزپرسن هوندو.

دُنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو بيروز گار آهن. اُهي جيستائين پاڻ اڳتي وڌي پنهنجو روزگار حاصل نه ڪندا ته کين روزگار نه ملندو.

سيلز پرسن کي گراهڪ کان فيصلو ڪرائڻو  پوندو آهي ته سندس پروڊڪٽ هن گراهڪ لاءِ ضروري آهي. توهان گراهڪ کي جيترو  وڌيڪ وقت ڏيندا اهو اوترو وڌيڪ توهان جي ويجهو ٿيندو. سيلز پرسن کي پنهنجي پراڻن رابطن مان نوان رابطا ٺاهڻا پوندا آهن ڇاڪاڻ ته سيل جو  ڪم نمبرن جي راند آهي.

هڪ سيلزپرسن جيترا نوان گراهڪ ٺاهيندو اُهو اوتروئي وڌيڪ ڪامياب ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پنهنجي نون ٺاهيل گراهڪن کي پڪو ڪري ته پوءِ هُو ڪامياب سيلز پرسن هوندو.

ٽن مرحلن جو سيل فارمولو

هي فارمولو توهان کي غير معمولي سيلز پرسن بڻائي ڇڏيندو. هي فارمولو ڏاڍو سادو آهي. هن ۾ توهان کي ٽي ڪم ڪرڻا ڪرڻا آهن.

پنهنجي پروڊڪٽ يا سروس جو بهترين تعارف، پيشڪش ۽ موهيندڙ انداز ۾ ان جي سيل ڪرڻ اهم آهي. اهو سيلزمين ٻين جي  ڀيٽ ۾ ڪامياب هوندو آهي جيڪو پنهنجي پروڊڪٽس يا خدمتن جو بهترين انداز ۾ تعارف ڪرائڻ جو فن ڄاڻي ٿو. ان کان پوءِ پنهنجي پروڊڪٽ يا خدمتن کي زبردست انداز ۾ پيش ڪرڻو هوندو آهي ۽ پوءِ خريدار وٽ ان جي وڪري کي يقيني بڻائڻو هوندو آهي.

هڪڙو عام صلاحيتن وارو سيلزمين، جيڪڏهن پنهنجي پروڊڪٽ کي سهڻي انداز ۾ متعارف ڪرائيندو ته  اُهو  سيل کي يقيني بڻائي وٺندو ۽ سيل کي پڪ سان وڌائي به وٺندو. جيڪڏهن سيلزمين پنهنجي پروڊڪٽ يا خدمتون جيڪو هُو وڪڻڻ  چاهي ٿو اُنهن بابت پنهنجو 80 سيڪڙو وقت ڳالهائي سموري معلومات کي ترتيب سان لکي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ سکي وٺي ته اهُو رڳو 20سيڪڙو  وقت ۾ پنهنجي سيل کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪري وٺندو. هن جو 80سيڪڙو وقت رڳو 20 سيڪڙو وقت ۾ 100سيڪڙو نتيجا ڏيندو. سيلز پرسن کي تعارف ڪرائڻ دوران ئي خبر پئجي ويندي ته سندس پروڊڪٽ وغيره جي خريدار کي گهرج آهي يا نه. جيڪڏهن هُو محسوس ڪري ٿو وٺي ته خريدار کي هن پرو ڊڪٽ جي گهرج آهي ته پوءِ هو پڪ سان اُن خريدار کي پنهنجي پروڊڪٽ وڪڻي سگهندو.

تنهنڪري ضروري آهي ته هڪ ڪامياب سيلزمين بڻجڻ لاءِ تعارف، پيشڪش ۽ وڪري جي هُنر کي سکي وٺجي.

سيل جاٽارگيٽ ۽ آمدني

بهترين سيلز مين بڻجڻ لاءِ سيل ٽائيم مينيجمينٽ لاءِ توهان کي ٽارگيٽ مقرر ڪرڻا پوندا، جڏهن ته اُنهن ٽارگيٽن جو صاف ۽ چٽو هُجڻ ضروري آهي.

سڀ کان پهريون توهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ٽارگيٽن کي هڪ ڪاغذ تي لکڻو پوندو. توهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته توهان ڪيتري آمدني چاهيو ٿا ۽ اها آمدني ڪيئن حاصل ڪرڻي آهي. جيڪڏهن توهان اهي ٽارگيٽ مقرر نه ڪندا ته پوءِ توهان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندا. ٽارگيٽ مقرر ڪري توهان پنهنجي آمدني ٻيڻ کان ٽيڻ تائين وڌائي سگهو ٿا. ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ ڏاڍي سادي ۽ طاقتور ٽيڪنيڪ آهي. توهان اها ٽيڪنيڪ سکي ان تي عمل ڪري سگهو ٿا. مثال طور هڪ عورت جائداد جي خريد ۽ وڪري جو ڪم شروع ڪيو. هڪ ڏينهن هوءَ سيمينار ۾ منهنجي تقرير ٻڌڻ آئي، ان وقت تائين هن ڪجهه به نه ڪمايو هو. هن جڏهن منهنجي گفتگو ٻڌي ته پنهنجي پهرين سال لاءِ پنجاهه هزار ڊالر جو ٽارگيت مقرر ڪيائين. کيس ان کان اڳ خبر ئي نه هئي ته ماڻهو پنجاهه هزار ڊالر ساليانو ڪيئن ٿا ڪمائين. هاڻ کيس معلوم ٿي ويو ته ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن هن اها ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي ته هُن ڏهن مهينن کان به  گهٽ وقت ۾ مقرر ڪيل ٽارگيت ۾50هزار ڊالر ڪمائي ورتا.

پنهنجو ٽارگيٽ پنهنجي بهترين آمدنيءَ جي حوالي سان مقرر ڪيو

توهان پنهنجي سال جي بهترين آمدنيءَ جي حوالي سان پنهنجو ٽارگيٽ مقرر ڪيو. فرض ڪيو ته توهان جي  هڪ سال جي آمدني 40هزار ڊالرآهي ته ان مطابق توهان کي ايندڙ ٻارهن مهينن لاءِ سٺ هزار ڊالر جي آمدني جو ٽارگيٽ مقرر ڪرڻو آهي، توهان ان کان وڌيڪ جو  ٽارگيٽ به مقرر ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان جي  بهترين آمدني هڪ لک ڊالر سالياني آهي ته  پوءِ توهان کي ايندڙ مهينن لاءِ ڏيڍ لک ڊالر جو ٽارگيٽ مقرر ڪرڻو آهي.

سڀ کان پهريائين توهان کي پوري اعتماد سان هي فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان کي پنهنجو مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ڪرڻو آهي. توهان جيڪو به پروڊڪٽ يا خدمتون وڪڻو ٿا ان تي توهان کي اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي سيل  ڪرڻي پوندي. فرض ڪريو توهان پنهنجي سيل تي 8 سيڪڙو ڪميشن وصول ڪيو ٿا ته ان لاءِ توهان کي ايندڙ ٻارهن مهينن لاءِ هڪ ملين ڊالرن جي سيل ڪرڻي پوندي ته جيئن توهان سٺ هزار ڊالر ساليانو ڪمائي سگهو. هڪ ملين ڊالر جي سيل توهان جو ٽارگيٽ هئڻ گهرجي.

ان کان پوءِ توهان ماهوار سيل تي ڌيان ڏيو. توهان سٺ هزار کي ٻارهن مهينن تي ورهايو، جيڪي پنج هزار ڊالر ماهوار ٿيندا. توهان کي پڪو ارادو ڪرڻو پوندو ته توهان کي هر مهيني پنج هزار ڊالر ڪميشن ڪمائڻي آهي. جيڪڏهن توهان جو ٽارگيٽ هڪ ملين ڊالر ساليانو آهي ته پوءِ توهان  کي ماهوار 83333 ڊالر جي پروڊڪٽ يا خدمتون سيل ڪرڻيون پونديون، اهو توهان جي سيل جو ماهوار ٽارگيٽ آهي.

ان کان پوءِ توهان کي پنهنجي هفتيوار آمدنيءَ جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻو پوندو ۽ سال ۾ جيڪڏهن ٻن هفتن جون موڪلون ڪريو ٿا ته توهان وٽ سال جا پنجاهه هفتا هوندا. هاڻ توهان کي هفتيوار سيل جو شيڊول ٺاهڻو پوندو. آمدنيءَ جي حوالي سان توهان کي هفتيوار1200ڊالر ڪمائڻا پوندا. ائين توهان کي سالياني سيل جي ٽارگيٽ کي پنجاهه هفتن ۾ ورهائڻو پوندو. توهان هڪ ملين کي پنجاهه سان ونڊ ڪريو ته توهان کي هفتي ۾ 20000 هزار جي پروڊڪٽ سيل ڪرڻي پوندي.

هاڻي توهان هفتيوار سيل کي ڏينهن تي ورهايو يعني 20000 ڊالرن جي هفتي بدران روزانو سيل 400 ڊالر ٿيندي. ان جو مطلب ته توهان کي روزانو400 ڊالر جي سيل ڪرڻي پوندي. ان کان پوءِ ڏهاڙيءَ جي بنياد تي سيل کي ڪلاڪن ۾ ورهايو ته توهان کي 30 ڊالر ڏهاڙي جي سيل ڪرڻي پوندي.

ڪلاڪن جي حساب سان پنهنجي سيل تي نظررکو

جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو ڪلاڪن جي حساب سان پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ شروع ڪيو ته توهان جو ساليانو ٽارگيٽ هر صورت ۾ پورو ٿيندو.

توهان صبح جو ڪم شروع ڪريو  ۽ شام تائين رڳو ڪم ڪريو، ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪريو جيڪو توهان کي 30 ڊالر في ڪلاڪ جي سيل نه ڏئي.

توهان پروڊڪٽ جي تعارف، پيشڪش ۽ وڪري بابت مڪمل معلومات حاصل ڪري هڪ هنرمند سيلزمين بڻجي ويندا.

سيل ۾ اهو هڪ اهم نڪتو آهي. پر ان نڪتي کي گهٽ سيلزمين ڄاڻن ٿا. سيل جي ڪم دوران ڪو ٻيو ڪم نه ڪريو، بس اُهو ئي ڪم ڪريو. پنهنجي ذهن ۾ اهو رکو ته توهان کي ساليانو سٺ هزار ڊالر ڪمائڻا آهن. جيڪڏهن توهان پنهنجو گهڻو وقت ڪچهرين يا ٻين ڪمن ۾ کپائيندا ته توهان جي ڪمائي ٻُڙي هوندي.

هي هڪ ڪائناتي اصول آهي ته توهان جيڪو ڪجهه ڪندا توهان کي اُن  جو معاوضو ملندو. جيڪڏهن توهان 30 ڊالر في ڪلاڪ سيل ڪندا ته اٺن ڪلاڪن ۾ 250ڊالر جي سيل ڪري سگهندا. توهان جيڪڏهن ان طريقي سان ڪم ڪندا ته پوءِ توهان کي ساليانو سٺ هزار ڊالر ڪمائڻ کان ڪير به روڪي نٿو  سگهي.

جيڪڏهن توهان سٺ ڊالر في ڪلاڪ سيل ڪندا ته توهان جي آمدني 60 هزار ڊالر ساليانو کان هڪ لک ويهه هزار ٿي ويندي. توهان کي في ڪلاڪ جي حساب سان سيل ڪرڻ جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ڏاڍو آسان رهندو.

فيصلو ڪريوته توهان کي ڪرڻو ڇا آهي

جيڪڏهن هڪ ڀيرو توهان پنهنجو اڳو ڻو ٽارگيٽ پار ڪري ورتو ته پوءِ توهان کي معلوم ٿي ويندو ته توهان کي هفتيوار، ڏهاڙي ۽ ڪلاڪن جي حساب سان ڪيئن ڪم ڪرڻو آهي. توهان کي اهو به معلوم ٿي ويندو ته توهان جا ضروري ۽ غير ضروري ڪم ڪهڙا آهن. توهان کي هرحال ۾ پنهنجي ڪم واري وقت کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن توهان کي ڏهاڙيءَ جي بنياد تي ۽ هفتي جي بنياد تي مٿيون ٽارگيٽ نه به ملي ٿو ته اُن کي رڪور ڪرڻ لاءِ توهان کي وڌيڪ وکون کڻڻيون پونديون.

صبح جو ڪم تي وڃڻ کان اڳ توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان کي اڄ ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي، تڏهن  توهان کي آمدني وڌائڻ ۾ خاص مدد ملندي ۽ اها مدد توهان کي پنهنجي ذات کان ئي ملندي. توهان وري ذهن ۾ رکو ته سيل جو ڪم نمبرن جي راند آهي. توهان لاءِ هر قسم جا ممڪن ڪم مدد گار ٿي سگهن ٿا. توهان ضروري ڪمن جي هڪ لسٽ ضرور تيار ڪريو. اها توهان کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪندي.

سيل لاءِ تفصيلي رٿابندي ڪريو

توهان جيڪا سيل ڪريو ٿا ۽ اُن تي جيڪا ڪميشن وغيره حاصل ڪريو ٿا اُن کي سالياني بنياد تي جمع ڪريو. مثال طور جيڪڏهن توهان ماهوار پنج هزار ڊالر ڪمايو ٿا ته هڪ سال ۾ توهان سٺ هزار ڊالر ڪمايو ٿا، ائين توهان سراسري طور تي سال ۾ 120  ماڻهن وٽ وڃو ٿا جيڪي توهان جي پروڊڪٽ خريد ڪن ٿا.

هن بنياد تي توهان کي هڪ تفصيلي فهرست ٺاهڻي آهي ته هاڻ توهان کي ڪيترن ماڻهن سان روزانو ملڻو آهي. توهان جيترو وڌيڪ خريدارن سان ملندا اوترو وڌيڪ توهان جي سيل جو گراف وڌندو. جيڪڏهن توهان 20 ماڻهن کي فون ڪريو ٿا ته اُن مان توهان کي 5 ماڻهو هاڪاري موٽ ڏين ٿا ۽ انهن پنجن مان رڳو هڪ ماڻهو توهان جي پروڊڪٽ خريد ڪري ٿو.

سيل وڌائڻ لاءِ توهان کي 20 بدران   40يا 50فون روزانو ڪرڻا آهن. اُنهن مان ٻه گراهڪ ضرور توهان جي پروڊڪٽ وٺندا. ائين توهان جي سالياني سيل وڌندي ۽ توهان جي ڪميشن به ٻيڻي ٿي ويندي.

جيڪو ڪم توهان ٻين کان بهتر ڪري سگهو ٿا، ان کي اڃا بهتر ڪريو

جڏهن توهان روزانو جي بنياد تي شيڊول مطابق پنهنجو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ شروع ڪندا ته تو هان کي معلوم ٿي ويندو ته توهان ڪهڙو ڪم بهتر طريقي سان ڪري سگهو ٿا. جيڪو ڪم توهان سٺي طريقي سان ڪري سگهو ٿا ان کي اڃا وڌيڪ سُٺو ڪريو. جيڪڏهن توهان کي ڪو هنر وغيره حاصل ڪرڻ جي گهرج آهي ته اُهو  به  سکي وٺو. ائين توهان جي ڪارڪردگي اڃا بهتر ٿي ويندي.

توهان وٽ جيڪو هنر آهي ان جو جائزو وٺو

سيل ۾ ست شيون اهڙيون آهن جيڪي ڏاڍا هاڪاري نتيجا ڏين ٿيون. توهان کي انهن ستن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو. پنهنجي هُنر جو جائزو وٺڻ سان توهان جي ڪارڪرد گي اڃا وڌندي.

               ·       تعارف: انهن ماڻهن کان وقت وٺو جيڪي توهان جي پروڊڪٽ يا خدمتون خريد ڪرڻ گهرن ٿا.

               ·       ٻين تي ڀروسو ڪريو: جيڪو به سوال توهان کان پڇيو وڃي اُن جو تسلي بخش جواب ڏيو. جڏهن توهان ٻين تي  ڀروسو ڪندا ته پوءِ انهن سان توهان جي دوستي ٿي ويندي جيڪا سيل ۾ توهان جي گهڻي مدد ڪندي.

               ·       ضروري ڪمن کي ڄاڻيو: پاڻ کان سوال ڪريو ته توهان جي سيل لاءِ ڪهڙا ڪم ضروري ۽ ڪهڙا غير ضروري آهن. توهان جي خريدارن جي ضرورت ڪهڙي آهي ۽ اُهي توهان کان ڇا ٿا چاهين ۽ توهان کي اهو ڪيئن ڊيل ڪرڻو آهي.

               ·       مسئلي کي حل ڪرڻ: جڏهن توهان پنهنجي پروڊڪٽ جو تعارف ڪرايو ٿا ته توهان کي خريدارن جي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا آهن. تنهنڪري تعارف کان اڳ اُنهن سمورن مسئلن جو حل توهان وٽ هئڻ گهرجي جيڪي خريدار توهان لاءِ پيدا ڪري سگهي ٿو.

               ·       اعتراضن جو جواب ڏيڻ: ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ سوچيو ۽ مناسب جواب ڏيو ته جيئن خريدار توهان جو مال خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

               ·       سيل جو حساب ڪرڻ: سيل کان پو ءِ اُن جو حساب ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن توهان کي اندازو ٿي سگهي ته توهان جي ڪارڪرد گي ڪيئن رهي.

               ·       ٻين جي حوالي سان گراهڪن سان ملڻ: ڪي خريدار سڄي زندگيءَ لاءِ توهان جا گراهڪ هوندا آهن. تنهنڪري اهڙن خريدارن جي حوالي سان توهان ملڻ وارن سان پنهنجي پروڊڪٽ وغيره جو تعارف ڪرائي سگهو ٿا.

ڪم ڪرڻ کان اڳ منصوبو ٺاهيو

جڏهن توهان پنهنجو ساليانو ٽارگيٽ مقرر ڪري وٺو ته پوءِ اُن ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ڪم ڪرڻ کان اڳ سالياني، ماهوار، هفتيوار ۽ روزانو جي بنياد تي منصوبابندي ڪري وٺو. ڏهاڙي ڪم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي منصوبي، مطابق ايڊوانس ڪرڻ وارو ڪم ڪريو. اڃا به ايڊوانس ڪرڻ وارو ڪم ڏهاڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ شام جو ايندڙ ڏينهن جي منصوبا بندي ڪرڻ وقت ڪري وٺو ته توهان جو وقت ضايع نه ٿيندو. ياد رکو سدائين منصوبا بندي لکت ۾ ڪريو.

 ماهر قسم جا سيلزمين ته روزانو شام جو  ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين ٻئي ڏينهن لاءِ به ڪم ڪندا آهن. ڪي ٽاپ سيلزمين ته ڇنڇر ۽ آچر جي شام جو ڪيترائي ڪلاڪ لڳائي سڄي هفتي جو منصوبو ٺاهي وٺندا آهن. اڳ ڪيل منصوبابندي سيل کي گهڻو مٿي وٺي ويندي آهي، منصوبابندي ڪرڻ سان اعتماد وڌي ويندو آهي.

سيل دوران وقت ضايع ڪرڻ وارا ڪم نه ڪريو

 سيل جي ڌنڌي ۾ وقت گهڻو ضايع ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي دير جو عمل توهان جي ڪم جي ڪارڪردگيءَ کي گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته دير ڏاڍي خراب شيءِ آهي. اها انساني صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. دير ڪرڻ وارو شخص بار بار ٻين سان معذرت ڪندو آهي، وقت ضايع ٿيندو آهي ۽ اُن سان آمدني گهٽبي آهي.

دير اصل ۾ رد ٿيڻ جي ڊپ کان پيدا ٿيندي آهي. اها هڪڙي وڏي بيماري آهي. رد ٿيڻ جو خوف دير جو ڪارڻ بڻجندو آهي. دير تي قابو  پائڻ لاءِ توهان کي جلدي ڪم جي عادت کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهو هڪ نفسياتي مسئلو آهي، جڏهن توهان حالتن جو مقابلو ڪندا ته توهان جو ڊپ ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن حالتن جو مقابلو ڪرڻ کان لهرائيندا ته توهان جو ڊپ اڃا وڌندو ويندو. تنهنڪري هر قسم جي حالتن تي قابو پائڻ لاءِ انهن جو ڄمي مقابلو ڪجي ڇاڪاڻ ته ڊپ توهان جي سڀني صلاحتين کي ناس ڪري ڇڏيندو.

مون جڏهن سيل جو ڪم شروع ڪيو هو ته مان ٿڌ کان ڏاڍو لهرائيندو هيس، پر جڏهن مون ٿڌ جي ڊپ تي قابو پائي ورتو ته منهنجي زندگي ئي بدلجي وئي.

مون اهو به سکيو ته ردٿيڻ ڪجهه به نه آهي، جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته توهان جيڪو ڪجهه وڪڻي رهيا آهيو، مون کي اُن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ته ان سان توهان جي ذات کي نشانو نه پيو بڻايو وڃي. اها ته  هڪ عام ڳالهه آهي ان کي محسوس ئي نه ڪرڻ گهرجي.

اڻپوري سيل

جيڪڏهن توهان پنهنجي سيل جو حساب روزانو نٿا ڪريو ته اها سيل اڻپوري هوندي آهي. سيل بند ڪري ۽ پوءِ ان جو حساب ڪتاب پورو ڪرڻ به هڪ ٽيڪنيڪ آهي، ان سان توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان روزانو ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽  حدف پورو ٿيو يا نه ؟

سيل بند ڪرڻ کان پوءِ به توهان آرڊر وصول ڪري سگهو ٿا، ڪڏهن ڪڏهن توهان جي گفتگو کان متاثر ڪو خريدار اوچتو توهان کي وڏو آرڊر ڏئي سگهي ٿو، توهان ان آرڊر کي ٻئي ڏينهن جي سيل ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

سيل ۾  ڏکيو ڪم پروڊڪٽ جو تعارف ڪرائڻ آهي. اهو ڏاڍو محنت وارو ڪم آهي، ان ۾ ٻين ماڻهن کان وقت وٺڻ به ڏکيو ڪم آهي، پوءِ انهن سوالن ۽ اعتراضن جا جواب ڏيڻ به وڏي ذميواري  جو ڪم آهي. جيستائين توهان جو ڏهاڙي وارو ٽارگيٽ پورو نه ٿئي توهان سيل ڪلوز نه ڪريو. توهان جيترو وقت سيل کي ڏنو آهي اُن مطابق هاڪاري نتيجا به ملڻ گهرجن.

ڪلوزنگ لاءِ توهان کي خاص مهارتون سکڻ گهرجن. ان بابت ڪا ڏکيائي وغيره هجي ته سينئر کان ان بابت  پڇڻ گهرجي.

ڪلوزنگ بابت هيٺيان سوال توهان کي پاڻ کان پڇڻ گهرجن:

ڇا توهان ڪلوزنگ جي باري ۾ مڪمل طور تي ڄاڻو ٿا؟

ڇا توهان کي اڃا ڪنهن وڌيڪ هُنر جي گهرج آهي ؟

توهان کي وڌيڪ دلچسپي ڪهڙي ڪم ۾ آهي ؟

اڻپوري تياري

جيڪو سيلزپرسن پنهنجي پروڊڪٽ جي تعارف لاءِ مڪمل تياري نٿو  ڪري، ته ان جي اڻپوري تياريءَ سبب سندس سيل تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو.

شروعاتي طور تي جيڪا پروڊڪٽ متعارف ڪرائي وڃي اها جامع ۽ شاندار هجڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ان بنيادي تعارف تي شيءِ جي کپت جو دارومدار آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته جيڪڏهن توهان جي تياري مڪمل نه  آهي ۽ ان ۾ ڪا کوٽ آهي ته مٿين سوالن جي مدد سان ان کي ترت ئي درست ڪريو. توهان کي پنهنجي پروڊڪٽ جي باري ۾ مڪمل طور تي معلومات هجڻ گهرجي.

نظر انداز ڪرڻ

ڪي سيلزپرسن ڄاڻ جي کوٽ سبب اهم نڪتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙين اهم شين کي نظرانداز ڪرڻ سان پروڊڪٽ جي سيل متاثر ٿي سگهي ٿي جڏهن سيل متاثر ٿيندي ته سيلز پرسن جي آمدني به متاثر ٿيندي.

سيلز پرسن کي پروڊڪٽ جي باري ۾ هر قسم جي لٽريچر جو احتياط سان  مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ پروڊڪٽ جي اهميت کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي. جڏهن تياري مڪمل نه هوندي ته سيلزپرسن ۾ اعتماد جي کوٽ هوندي، تنهنڪري ننڍي کان ننڍي شيءِ کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.

توهان جيڪو ڪجهه وڪڻڻ چاهيو ٿا اُن بابت مڪمل طور تي ڄاڻو

ڪجهه سال اڳ مان ۽ منهنجو ڪٽنب هڪ هنڌ هڪ گهر ڏسڻ وياسين ڇاڪاڻ ته اسان هڪ گهر خريد ڪرڻ ٿي گهريو. تنهنڪري ان کان اڳ اسان ڪيترن ئي دلالن سان رابطو ڪيو هو. ائين اسان کي گهرن جي خريد ۽ وڪري بابت گهڻو ڪجهه معلوم ٿي چڪو هو.

اسان جڏهن اُهو گهر ڏٺو ته بروڪر کان گهڻا ئي سوال ڪياسين، پر بروڪر کي ته ڪميشن وٺڻي هئي ۽ گهر بابت کيس ڪجهه معلوم ئي نه هو.

تنهنڪري ضروري آهي ته توهان جيڪا شيءِ وڪڻڻ چاهيو ٿا، اُن بابت توهان کي تفصيل سان معلوم هجڻ گهرجي. ان کان پوءِ ئي توهان جي شيءِ وڪامجي سگهندي ، نه ته توهان ناڪام رهندا.

خريدار کان پهريون وقت وٺو ۽ پوءِ اُن سان ملو

توهان جيڪڏهن ڪنهن سان ملڻ لاءِ اڳ ۾ وقت نه ورتو آهي ته  اُن سان ملڻ توهان جي فائدي ۾ نه هوندو، تنهنڪري ضروري آهي ته توهان جنهن گراهڪ کي ڪا شيءِ وڪڻڻ چاهيو ٿا ته اُن شخص سان ملڻ کان اڳ ۾ وقت طئي ڪرڻ ضروري آهي ، جيڪڏهن وقت نه ورتو ويو ته توهان جو وقت ضايع ٿي ويندو.

اُن شخص سان ملڻ کان اڳ مڪمل تياري ڪري وٺو. اُهو پڻ خيال رکو ته توهان جي لاڳاپيل جڳهه تائين پهچڻ ۾  ڪيترو ٽائيم لڳندو.

 ڪڏهن ڪڏهن سيل پرسن جي ذهن ۾ هوندو آهي ته شايد اُهو شخص سندس پروڊڪٽ خريد نه ڪندو، اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ۽ پوءِ اُن ماڻهوءَ سان ملو. مون سدائين ڪنهن سان ملڻ لاءِ پهريان وقت طئي ڪيو آهي. ان سان مون کي ڪيترائي فائدا ٿيا آهن ۽ وقت به ضايع نٿو ٿئي. ائين توهان جو اعتماد وڌي ٿو ۽ توهان جو سيل ٽوئر ڪامياب رهي ٿو.

گهڻو پري واري خريدار سان ملڻ توهان جو وقت  ضايع ڪري سگهي ٿو

سيلزمين جيڪڏهن ڪنهن پرانهين هنڌ تي ڪنهن گراهڪ سان ملڻ جو وقت طئي ڪندو ته سندس تمام گهڻو وقت ضايع ٿيندو. اُن جي جيڪڏهن پنهنجي علائقي ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن  سان رابطو ڪيو وڃي ته اهو وڌيڪ بهتر رهندو.

پنهنجي سيل جي منصوبابندي بهترين انداز ۾ ڪريو. اڻپوري رٿابندي توهان جي سيل گهٽ ڪرڻ کانسواءِ توهان جو  وقت به ضايع ڪري سگهي ٿي.

سادو اُصول هي آهي ته توهان کي پنهنجي علائقي ۾ رهندي جتي توهان کي گهڻو سفر نه ڪرڻو پوي هڪ خاص منصوبابنديءَ جي ذريعي پنهنجن گراهڪن سان ملڻ لاءِ هفتيوار پروگرام ترتيب ڏيڻ گهرجي. پنهنجي علائقن کي ٽن يا چئن حصن ۾  ورهايو، انهن علائقن لاءِ ڏينهن مخصوص ڪريو. اهڙيءِ ريت توهان وڌ کان وڌ ماڻهن سان رابطو ڪري سگهندا ۽ وڌ کان وڌ سيل ڪري سگهندا ۽ توهان جو  وقت به ضايع نه ٿيندو.

غير ضروري تياري

جڏهن توهان کي سيل جي سلسلي ۾ ٻاهر وڃڻو آهي ته پنهنجي سيل سان لاڳاپيل پوري تياري ڪريو ۽ غير ضروري تياري جيڪا توهان کي سيل ۾ مدد نه ڏئي اُن تي ڪوبه تو جهه نه ڏيو.

غيرضروري اپائن جو سبب رڳو ڊپ هوندو آهي. ان ڊپ تي قابو پائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا توهان غير ضروري اُپاءَ وٺو ٿا.

ايمرسن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم ضرور  ڪريو جنهن کان توهان ڊنل آهيو، ائين ڪرڻ سان خوف پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.

ذهني انتشار

وقت ضايع ٿيڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، انهن مان سڀ کان وڏو ڪارڻ ذهني انتشار آهي، جنهن ڪري سيل تي ڌيان ڏيڻ ممڪن نه هوندو آهي. ذهني انتشار جي ڪري نه سيل لاءِ سُٺي تياري ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي تعارف وغيره چڱيءَ طرح سان ڪرائي سگهجي ٿو.

پر جيڪڏهن ڪجهه لکڻو پڙهڻو پوي ته اُن ۾ سڀ ڪجهه ڇڙو ڇڙ ٿي ويندو آهي ۽ ڪو به ڪم  صحيح طريقي سان نه ٿي سگهندو آهي.

ڪيترائي سيلزمين اهڙي ذهني انتشار ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. انهن جي ذهنن ۾ رڳو پنهنجا مسئلا ئي ڦرندا رهندا آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته پهريون پنهنجن مسئلن کي حل ڪريو ته جيئن توهان جو ذهني انتشار ختم ٿئي ۽ توهان ۾ اعتماد پيدا ٿئي. ذهني انتشار جي  ڪري ڪو به شخص پنهنجي ڪاروبار تي ڌيان نٿو ڏئي سگهي.

ڪم جي گهڻائي

سيل ۾ ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي سيلزپرسن کي تمام گهڻو نقصان پهچائي سگهن ٿيون. ڪجهه سيلزپرسن اهڙا هوندا آهن جيڪي گهڻي سخت موسم ۾ به ڪم ڪن ٿا. اُهي رات  جو ڏاڍو گهٽ آرام ڪن ٿا، تنهنڪري صبح جو جاڳڻ وقت سندن حالت ڪا چڱي نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ٿڪ کين نهوڙي وجهندو آهي.

جيڪڏهن توهان هفتي جا پنج ڏينهن ڪم تي وڃو ٿا ته توهان کي ڪم تان موٽي جلدي سمهڻ گهرجي. سيل جو ڌنڌو ڏاڍو اهم آهي ڌنڌي ۾ آرام ڪرڻ ڏاڍو ضروري آهي. آرام ڪرڻ سان جسماني توانائي ملندي آهي ۽ ذهني سڪون پڻ حاصل ٿيندو آهي.

انڪري گهڻي دير تائين ٽي وي ڏسڻ ۽ بغير مقصد جي جاڳندو رهڻ توهان جي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري رات جو جلدي سمهڻ ۽ صبح جو سوير اُٿڻ سان توهان جي ڪارڪردگي ڏاڍي سٺي رهندي.

توهان پنهنجي ذات ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو ۽ شيڊول مطابق پنهنجي موڪلن مان مزو ماڻيو.

خواهش جي کوٽ

ڪي ماڻهو رڳو وقت گذارڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا، اُنهن ۾ ترقيءَ جي شديد خواهش نه هوندي آهي. اهڙا ماڻهو ٿورو ڪم ڪري ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪنهن به قسم جو ٽارگيٽ پورو نه ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو  ڪڏهن ڪڏهن اهڙي پروڊڪٽ جي سيل شروع ڪري ڏيندا آهن جيڪا سندن مزاج جي خلاف هوندي آهي. ائين اهي غلط دڳ جي چونڊ ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو پاڻ به اهڙي پروڊڪٽ تي يقين نه رکندا  آهن، تنهنڪري اهي سيل ۾ ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن. اهڙا ماڻهو نه ته پنهنجي باس تي ۽ نه ئي پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن تي ڀروسو رکندا آهن. جيڪو سيلز پرسن پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي نه وٺي، اُن جو مطلب اهو آهي ته اُن ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي خواهش نه آهي. اِهڙن ماڻهن کي ٻيو ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙا ماڻهو گهڻي وقت تائين سيل جو ڪم نه ڪري سگهندا. اِهي جلد ئي ڪم مان بيزار ٿي پون ٿا، انڪري سيل ۾ سندن ڪاميابي جا ڪي به امڪان موجود نه هوندا آهن.

پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪريو

 ڪيترائي شاندار آئيڊياز آهن، جن کي عمل ۾ آڻي توهان پنهنجي سيل وڌائي سگهو ٿا ۽ ائين ڪرڻ سان توهان جو کوڙ سارو  وقت به ضايع ٿيڻ کان بچي ويندو.

صبح جو سوير اُٿو

ڪاميابيءَ ڏانهن پهرين وک صبح جو سوير اُٿڻ آهي، توهان کي صبح جو  6 وڳي جاڳڻ کپي ۽ رات جو سوير ئي سمهڻ گهرجي ته جيئن توهان جي ننڊ پوري ٿي سگهي. جڏهن توهان جي ننڊ پوري ٿيندي ته توهان جي صحت صحيح رهندي، ائين توهان ڦڙت ۽ تندرست هوندا ۽ توهان جون اکيون چمڪندڙ هونديون.

توهان توانائيءَ سان ڀرپور هوندا ۽ پنهنجي روح ۾ هڪ سرشاري جي ڪيفيت محسوس ڪندا، ان کان پوءِ توهان پنهنجي سيل لاءِ بلڪل پُر اعتماد ۽ تيار هوندا.

پنهنجو ڏينهن چڱي ڪم سان شروع ڪريو

ڪم تي  وڃڻ کان اڳ اڌ ڪلاڪ تائين پنهنجي ڪم بابت لٽريچر پڙهو. ان سان توهان کي ڪم جي تحريڪ ملندي. ان اهم عادت کي هميشه لاءِ اختيار ڪريو.

ڪيترن ئي سيلزپرسن مون کي ٻڌايو آهي ته صبح جو جلدي جاڳڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ سندن زندگين ۾ اهم تبديليون پيدا ڪيون آهن، جنهن ڪري اُهي سيل ۾ ڏاڍا ڪامياب آهن.

جيڪڏهن روزانو صبح جو اڌ ڪلاڪ کان هڪ ڪلاڪ تائين مطالعو ڪريو ته توهان هڪ هفتي ۾ هڪ ڪتاب ختم ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان هڪ هفتي ۾ هڪ ڪتاب پڙهندا ته سال ۾ پنجاهه ڪتاب پڙهي وٺندا. اُنهن ڪتابن مان توهان کي تمام گهڻي ڄاڻ ملندي ۽ ان سان توهان جي صلاحيت ۾ به تمام گهڻو واڌارو  ٿيندو. تڏهن توهان سيل ۾ به اعليٰ ترين سيلز پرسن بڻجي ويندا.

صبح جو ڪم جلدي شُروع ڪريو

توهان گهران تيار ٿي جنهن ڪم تي وڃو ته ويندي ئي ڪم شروع ڪري ڏيو.

توهان جنهن خريدار سان وقت طئي ڪيو آهي اُن سان مِلو ۽ جلدي ڪم اُڪلايو. پنهنجي گراهڪ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ توهان کيس اڌ ڪلاڪ ڏيو ۽ ڏينهن جو گهڻي کان گهڻن ماڻهن سان ملو. ڪجهه ماڻهن سان ته توهان سندن ڪم تي وڃڻ کان اڳ به ملي سگهو ٿا.

پنهنجي پروڊڪٽ جي تعارف لاءِ شاندار لفظ استعمال ڪريو

توهان کي گهرجي ته توهان پروڊڪٽ جو تعارف شاندار لفظن ۾ ڪرايو. ان سان توهان جو خريدار ڏاڍو متاثر ٿيندو ۽ توهان جي سيل ضرور وڌندي.

ياد رکو ته توهان جو سيل ۽ آمدنيءَ کي وڌائڻ لاءِ نون خريدارن سان لاڳاپو ٺاهڻ ضروري آهي.  اصل ۾ اهائي سيلزمين جي ڪامياب آهي. پر ان کان به وڏي ڪاميابي انهن لاڳاپن کي مستقل طور تي قائم رکڻ آهي.

ڪم جي وقت رڳو ڪم ڪريو

توهان سڄو ڏينهن ڪم ڪريو ۽ ڪم جي هر منٽ جو حساب رکو؛ ڪم جي وقت ڪو ٻيو ڪم نه ڪريو. عام سيلز پرسن رڳو پنهنجي ڪم جي وقت ۾ ويهه سيڪڙو ڪم ڪن ٿا  ۽ باقي ڪچهري، چانهه ۽ ڪافي پيئڻ ۾ کپائين ٿا.

جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪم جي وقت مان 80سيڪڙو وقت ڪم تي خرچ ڪريو ته ان سان توهان ٽاپ سيلزپرسن ۾ شامل ٿي ويندا. اُهائي توهان جي وڏي ڪاميابي هوندي، ان سان توهان جي زندگي جو معيار ڪيترا ڀيرا وڌي ويندو.

پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو. جيڪڏهن توهان کي چانهه، ڪافي وغيره پيئڻي هجي ته ان سان گڏوگڏ ڪنهن قسم جو مطالعو وغيره به ڪريو؛ جيئن ڪو رسالو يا اخبار وغيره. عام رواجي قسم جا سيلز پرسن اهڙين ڳالهين جو خيال نه رکندا آهن. جيترو وقت اُهي ضايع ڪندا آهن، جيڪڏهن اُنهيءَ جو حساب ڪيو وڃي ته هڪ هفتي ۾ چئن ڏينهن کان وڌيڪ ٿو بڻجي. ان جو مطلب هي آهي ته اُنهن هفتي ۾ رڳو ٻن ڏينهن جيترو ڪم ڪيو آهي ۽ باقي وقت ضايع ڪيو آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته ڪم جي وقت رڳو ڪم ڪجي، ائين ڪرڻ سان شاندار ۽ ڪامياب نتيجا نڪرندا.

پنهنجي منجهند جي مانيءَ واري وقت کي به استعمال ڪريو

توهان پنهنجي ٻيپهريءَ جي ماني کائڻ وقت به ڪم ڪري سگهو ٿا. کاڌي کائڻ سان گڏوگڏ توهان ذهن ۾ ٻئي وقت جو پروگرام به تيار ڪري سگهو ٿا، جيڪڏهن توهان منجهند جي مانيءَ تي رڳو هڪ ڪلاڪ خرچ ڪريو ٿا ته اُنهي ءَ هڪ ڪلاڪ ۾ توهان آئيندي جي پروگرام کي پنهنجي ذهن ۾ ترتيب ڏئي سگهو ٿا. ان جا ڪيترائي هاڪاري نتيجا نڪرندا ۽ توهان ٻئي وقت ڪم جي لاءِ هرطرح سان ذهني طور تيار هوندا. اهڙي طرح پنهنجي گراهڪ کي پوري ريت مطمئن ڪري سگهندا.

ٻُڌو ۽ سِکو

پنهنجي سفر دوران پنهنجي ڪار ۾ ڪو ڪارائتو آڊيو ٻڌو، ائين ڪرڻ سان توهان سفر سان گڏوگڏ ڪجهه سکندا به ويندا.

ياد رکو

 هر سيلزپرسن ساليانو پنجن سون ڪلاڪن کان وٺِي هڪ هزار ڪلاڪن تائين جو سفر ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اُن کان به وڌيڪ سفر ڪرڻو پوي ٿو. ان وقت  کي ضايع ٿيڻ نه ڏيو ۽ پنهنجي ڪار ۾ بزنس جي حوالي سان آڊيو ٻُڌو.

هي وقت ته توهان جو قيمتي وقت آهي، ان مان ڀرپور فائدو وٺو. نيون نيون شيون سکو ۽ پنهنجي آمدني وڌايو.

ٽائيم پلانر کي استعمال ڪريو

توهان ڪنهن  به قسم جو ٽائيم پلانر استعمال ڪريو. اُن تي پنهنجي سمورين سرگرمين کي مارڪ ڪريو، اُن سان توهان جي وقت جي بچت ٿيندي ۽ توهان جي ڪارڪرد گي پڻ وڌندي.

جيڪڏهن هڪ ڀيرو توهان ٽائيم پلانر جو استعمال شروع ڪيو ته پوءِ توهان کي اُن جو باقاعدگيءَ سان استعمال ڪرڻ جي عادت ٿي پوندي.

ياد رکو توهان رڳو پنهنجو وقت وڪڻو ٿا

 سڀ سيلزپرسن رڳو پنهنجو وقت وڪرو ڪن ٿا. جڏهن توهان ڪنهن خريدار جي روبرو ٿيندا آهيو ته اُهو توهان جو ڪم هوندو آهي.اُن ”وقت“۾ توهان کيس قائل ڪندا آهيو ۽ هو توهان کان قائل ٿي پروڊڪٽ خريد ڪندو آهي.

سدائين ٽائيم مينيجمينٽ ٽيڪنيڪ کي مدنظر رکو. ٽائيم مينيجمينٽ هڪ اهڙي ٽيڪنيڪ آهي جيڪا توهان کي ڪاميابيءِ تائين پهچائي ٿي. توهان جو هُنر، علم ۽ مهارت اُن وقت توهان جي مدد ڪندا، جڏهن توهان وقت جو قدر ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org