سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 1995ع

 

صفحو :6

مصنف: ائنڊريولئنگ  Joan of ark   سنڌيڪار:محمود مغل

جون آف آرڪ جي ڪھاڻي

باب تيرھون

 

شيطان بابت آگاھي

 

جون جي چواڻيءَ موجب، سندس ڏنل مدي، سال جي پوري ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ وقت وڃي بچيو ھو. پر جي مئي 1429ع کان حساب ھڻجي ته ذري گھٽ پورو ٿي چڪو ھو.

توھان کي ياد ھوندو ته بادشاھ برگونڊيءَ سان ھڪ واھيات قسم جو ٺاھه ڪيو ھو، جنھن موجب ھنن جي وچ ۾ جنگ نه ٿيڻي ھئي. برگونڊيءَ وارا ڏاڍا ھوشيار ھئا. ھنن پاڻ ته جنگ نه پئي ڪئي پر انگريزن جي جھنڊي ھيٺان، فرانسيسين کي ختم ڪري رھيا ھئا.

1930ع جي بھار دؤران، جون کي خبر پئي ته ٽي چار سؤ انگريز آئزل (Isle) نالي ھڪ ھنڌ وٽان گذرڻا آھن. ان وقت ھوءَ مارن (Marne) نديءَ ڪناري ليگني (Lagny) جي شھر وٽ موجود ھئي جيڪو پيرس جي ويجھو ئي ھو.

اطلاع ملندي ئي، جون ليگني کان ٻاھر اچي وئي ۽ سرھگ ڪينيڊي (Sir Huge Kennedy) جي اڳواڻيءَ ھيٺ ايندڙ انگريزن جي آمھون سامھون ٿي. جون جي فوج کي سامھون ڏسي، ڪينيڊيءَ جي فوجين پيادل جنگ کي ترجيع ڏني، جڏھن ته جون جي ساٿين سوار ۽ پيادل ٻنھين حالتن ۾ مٿن حملو ڪيو. تمام سخت جنگ لڳي، پر آخرڪار انگريزن کي شڪست جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ھو گھڻي ڀاڱي قتل ٿي ويا ۽ ٻيا وري قيدي بڻجي ويا. انھيءَ جنگ ۾ ئي ھڪ ڌاڙيل ۽ پوءِ انگريزن جو سپاھي بڻيو ھو، ھٿ اچي ويو. فرانڪئٽ ڊي آراس (Franquet D Arras) نالي ان ھمراھه تي مقدمو ھليو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. جون جي فوج ۾ شامل اسڪاٽن ان سزا تي ڏک جي لھر محسوس ڪئي ھئي ۽ کين جون جو اھو ظلم پئي محسوس ٿيو ته ھن ان سزا کي برقرار رکيو ھو.

ايسٽر جي ھفتي ۾ جون (Melun) جي مقام تي ترسيل ھئي، ۽ اتي جي قلعي چوڌاري کوٽيل خندق جو معائنو ڪري رھي ھئي، جو اوچتو کيس سينٽ ڪيٿرائن ۽ سينٽ مارگريٽ جا آوازٻڌڻ ۾ آيا جن کيس ٻڌايو پئي ته گرمين جي وچ ڌاري ھوءَ قيد ٿي ويندي.

ان المناڪ خبر جي ان پھرئين اطلاع مٿس ڏک جي لھر آڻي کيس ڄڻ ڀڄائي وڌو. اھو سلسلو شروع ٿيو ته پوءِ جاري ئي رھيو. انھن آوازن کيس بار بار اھا ڳالھ ٻڌايي پئي. باقي اھو نه پئي ٻڌايائون ته اھو سڀ ڪجھ ڪنھن خاص وقت تي ممڪن آھي.

جون ڌڻيءَ در ٻاڏايو پئي ته ان گھڙيءَ اچڻ کان پھرئين ئي کيس موت اچي وڃي ڇاڪاڻ ته انگريزن سدائين کيس اھا ڌمڪي ڏني ھئي ته جي ھوءَ سندن ھٿ اچي وئي ته کيس ڏائڻ قرار ڏئي جيئرو ساڙيو ويندو.

ڪيترائي ڀيرا ھن آوازن کي اھا درخواست ڪئي ته ان گھڙيءَ بابت اڳواٽ ٻڌايو وڃي ته جيئن ان ڏينھن ھوءَ جنگ تي ئي نه وڃي. پر کيس ڪابه ورندي نه پئي ملي.

ان ڏينھن کان پوءِ جون اھو ڪجھ ڪيو جيڪو بھادر سالار ڪندا آھن. ھوءَ ڪٿي به وڙھڻ ويندي ھئي ته آوازن کان مشورو ڪونه وٺندي ھئي، بلڪه ھاڻي وڌيڪ باھمٿ ۽ بي جگر ٿي وئي ھئي. جون کي جنگ ۾ مرڻ جو ڪوبه ڊپ ڪونه ھو. ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب جيئرو سڙڻ ھو.

جتي ٻيا سپاھي جنگ ۾ موت جي خوف ساڻ وڙھندا ھئا اتي وري جون گرفتاري ۽ باھه جي علامتن کي دل ۾ سانڍي جنگ وڙھندي ھئي پر تڏھن به ھن جا حوصلا بلند ھئا.

جيڪڏھن اتي ڪوبه چوي ٿو ته اھي آواز جون جي سوچ جو تخيل ھئا ته اسان جو جواب اھو ئي آھي ته اھي ڇا به کڻي ھئا. جون کي مٿن اعتقاد ھو. ھاڻي جون جي ڀرپور پڄاڻي. سندس ڀرپور حياتيءَ لاءِ ھڪ بھترين تحفو ھئي. ڇاڪاڻ ته فتح جي خبر ٻُڌي ته ھرڪو دليريءَ سان وڙھي سگھي ٿو، باقي ائين سڙي مرڻ بابت سوچي به دليريءَ سان جنگ جوٽڻ ھڪ تمام وڏو ڪارنامو آھي.

باب چوڏھون

جون لاءِ سوچ

اسان کي اھا ته خبر آھي ته ڪامپين (Compiegne) جو شھر، ولي عھد جي تخت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، حاصل ڪيو ويو ھو ۽ ان شھر تي فرانسسين ۽ انگريزن جو تسلط ايندو ويندو ٿي رھيو. پر ھاڻي ھتان جي عوام اھو فيصلو ڪري ورتو ھو ته ڪجھ به ٿي پوي ھو فرانسيسن جو ساٿ ڏيندا.

مئي جي مھيني ۾ برگونڊي ۽ انگريزن گڏجي ھڪ وڏي تعداد ۾ ھن شھر جو ھڪ ڀيرو وري گھيرو ڪري ورتو.

جون ان وقت ليگني م ھئي. جڏھن کيس ان گھيري جي خبر پھتي. ۽ ھن ھڪدم اتان جي وفادار عوام جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ھن پھرين ته برگونڊيءَ جي ڊيوڪ جي رسد پھچائيندڙ قافلن جا رستا روڪڻ جو فيصلو ڪيو پر اھو ھڪڙو ڏکيو فيصلو ھو جنھن تي عمل درآمد نه ٿي سگھيو.

اتان ھن سڌو ڪامپين جو رخ رکيو ۽ ھڪ جھڙالي رات جو پنھنجي ڀاءُ ۽ ٻين ٻن يا ٽن سوَن ھمراھن سوڌو سفر شروع ڪيائين، جيڪو 23 مئي جي سج لھڻ کان پھرين شروع ٿيو ھو.

ڪامپينيءَ جو شھر اوئس (Oise)نديءَ جي کاٻي ڪپ تي واقع ھو. ان شھر پويان ھڪ گھاٽو جھنگ ھو جنھن مان لنگھي جون ماڻھن ۾ پھچي وئي ۽ شھر جي ماڻھن سندس ڀرپور استقبال ڪيو. اوئس جي ساڄي ڪناري تي ڪامپين کان ٿورو پرڀرو ھڪ ڊگھي پل ھئي جنھن تي انگريزن ۽ برگونڊيءَ جو گھيرو ھو. اھا پل ھڪ وڏي چراگاھ ڀرسان ھئي، جيڪو تقريباً ميل کن ڊيگھه ۾ ھو. جڏھن سانوڻيءَ موسم ھوندي ھئي ۽ برسات خوب وسندي ھئي ته اھو سڄو علائقو ٻوڏ ھيٺ اچي ويندو ھو. ھاڻي ان ڏکئي وقت کي منھن ڏيڻ لاءِ بند وانگر ھڪ رستي جي تعمير ٿيل ھئي.

ڪامپين کان ٿورو پرتي مارگني جو ڳوٺ ھو. جتي پڻ برگونڊي فوج جو ھڪ جٿو مقرر ٿيل ھو. اڍائي ميل کن پريان ڪليئروئڪس (Clairoix) نالي ھڪ ٻي جاءِ تي فوج جو ھڪ ٻيو جٿو لٿل ھو. کاٻي طرف وري ميل ڏيڍ کن پرڀرو وينٽ (Venette) نالي ھڪ وستي ھئي جنھن تي انگريزن جو قبضو ھو. اتان کان ٽي ميل کن پرتي ڪائوڊن (Coudun) ھو جتي ڊيوڪ آف برگونڊي پاڻ ديرو ڄمائي ويٺو ھو. اڳيان الاھي فوج ھئي ۽ پاسن کان وري صرف ھڪڙو روڊ ھو. جتان گذري جون وٽن پھچي سگھي پئي. ھاڻي ٽي سؤ يا وڌ ۾ وڌ ڪجھ ٻيا ڳوٺاڻا اتي ڇا پئي ڪري سگھيا.

ھاڻي، بند وسيلي سفر ڪري، ايترن ٿورن ماڻھن ساڻ حملو ڪرڻ ھڪ عجيب حرڪت ٿي سگھي ٿي. اھو به ممڪن ھو ته اوڙي بيٺل انگريز به اوچتو مدد لاءِ اچي نڪرن ۽ جون جي فوج چئن ئي طرفن کان گھيري ۾ ڦاسي پئي سگھي.

ڪامپين ۾ فوج جو ھڪ اٽالو موجود ھو جيڪو ھڪ بھادر ۽ وفادار فانسيسي ڊي فليوي (De Flavy) جي سالاريءَ ۾ جنگ لاءِ تيار ھو پر اھو به اجايو ھو، ڇاڪاڻ ته رابطو ڪٽجڻ کان پوءِ اھي ڪھڙي ڪم اچي پئي سگھيا.

اسان کي اھا خبر بلڪل به نه ٿي پوي ته ڇو 23 مئي جي شام جو پنجين بجي ڌاري، پنھنجي ننڍڙي فوج ساڻ، جون بند وارو رستو وٺي، برگونڊيءَ جي فوجن جي پاسي کان لنگھندي وئي. ايندڙ آواز شايد ھاڻي ھن کي ڪابه صلاح نه ڏئي رھيا ھئا. ٿي سگھي ٿو ته ھوءَ صرف مارگني تي قبضو ڪرڻ ويندي ھجي. جيتوڻيڪ ايتري زبردست فوج جي موجودگيءَ ۾ اھو سوچڻ به عجيب ٿو لڳي. جي ھن جو ڪوٻيو مقصد ھو ته سندس سوچ بھادر پر حڪمت عملي ناقص ھئي. جون پوءِ اھو ٻڌايو ھو ته ائين ڪرڻ ھن جو ذاتي فيصلو ھو.

تقريباً ستر سال پوءِ، ٻن ڪراڙن اھو ٻڌايو ته جڏھن ھو اڃا ٻارڙا ھئا ۽ ڪامپين ۾ رھندا ھئا ته جون ٻارڙن جو ھڪ ميڙ گڏ ڪري انھن کي خطاب ڪيو ھو. جيڪو ھنن ٻن ڪراڙن به ٻڌو ھو.

ھن چيو ھو ”مون سان دوکو ٿيو آھي ۽ جلد ئي موت جي مھماني منھنجو مقدر آھي. مون لاءِ دعا ڪيو. ھاڻي مان وري ڪڏھن به فرانس ۽ بادشاھ جي مدد نه ٿي ڪري سگھان.“

اھا ڳالھه چوڻ مھل ھڪ ڪراڙي جي عمر اٺانوي سال ھئي. ھاڻي جي ستر سال پھرين، اٺاويھين سالن جي حياتيءَ ۾ ھن اھو ٻڌو ۽ پاڻ ٻڌو ته تمام زبردست ڳالھه آھي. ھونئن عام طور تي اھو ڏٺو ويو آھي ته ستر سالن کان مٿي ڄمار ۾ گھڻيون شيون دماغ مان نڪري وينديون آھن. اھو ٿي سگھي ٿو. ته جون ماڻھن کي گڏ ڪيو ھجي ۽ اهڙي ڳالھه ڪئي ھجي ڇاڪاڻ ته ھوءَ ٻارن سان تمام گھڻي محبت ڪندي هئي.

هن جي دشمنن جو چوڻ آهي ته جون جو خيال هو ته هوءَ برگونڊيءَ ۾ ڊيوڪ جي آمهون سامهون ٿيندي جيڪو هڪ ته ھن کان تمام پري هو ٻيو وٽس تمام گھڻي فوج ھئي. هاڻي اتي اهو سوچي سگھجي ٿو ته ٽي سؤ ماڻهن ساڻ ڪير هزارن جي فوج آڏو ڪيئن ايندو؟ شايد سندس خيال اهو هو ته مارگني وٽ برگونڊي کي پوئتي ڌڪيو وڃي ۽ ڪامين ۾ ماڻڳن جي ھمٿ وڌائي وڃي. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته ھن برگونڊي مارگنيءَ وٽ حملو ڪيو ۽ ٻه دفعا کين ڪليئروئڪس تائين ڌڪي ڪڍيو، جتي مخالفن جي وڏي فوج موجود ھئي جنھن وري جون ۽ ھن جي فوج کي بند جي وچ تائين ڌڪي ڪڍيو. اتان وري جون حملو ڪيو ۽ کين پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيائين.

ھاڻي وينيٽ مان فوج جي مدد پھچي وئي، جنھن جي ڪري دٻاءَ ۾ اچي جون جي فوج چراگاھه جو رخ ڪيو. اتي فوج جو گھيرو چئن ئي پاسي ٿي ويو ته ھوءَ گھوڙي تان لھي ڀڳي. ته به ھن ھمٿ نه ھاري ھئي. ۽ مقابلو ڪندي رھي. ڇاڪاڻ ته ھن اتي ئي مرڻ پئي گھريو. جڏھن کيس رٿ ڪري پيش پوڻ لاءِ چيو ويو ته ھن چيو ”منھنجو اعتبار توھان ۾ ناھي بلڪه ڪنھن ٻئي ۾ آھي، جنھن کي مان پنھنجو سڀ ڪجھ ارپي چڪي آھيان. مان ھن سان پنھنجو واعدو نڀائينديس.“

سندس اشارو خدا ڏانھن ھو.

کيس بھرحال ماري نه پيو سگھجي ڇاڪاڻ ته ٻنھين صورتن ۾ ھوءَ جيئري گھربل ھئي. جي فرانسيسين کي گھرج ۾ ھئي ته کانئن ڳري رقم تاوان طور وٺي سگھجي پئي ۽ جي انگريزن کي، کيس ساڙڻو ھو ته ھو به چڱي موڙي ڏيڻ لاءِ تيار ھئا.

اھو سڀ جين ڊي لڪسمبرگ  (Jean De Luxembourg) محسوس ڪري ورتو ھو جنھن جون کي پيادل گرفتار ڪيو ھو.

فرانسيسين وٽان ڪجھ نه ملڻو ھو. تنھن ڪري لڪسمبرگ کيس انگريزن وٽ وڪڻي ڇڏيو.

خود برگونڊيءَ جي ھڪ مؤرخ لکيو:

”انگريز فوجي ڪنھن وڏي جنرل کان به ايترو ڪونه ڊڄندا ھئا جيترو ھن ڇوڪريءَ کان خوفزده ھئا.“

ھڪ ٻئي برگونڊي ليکڪ لکيو“ ھن عورتن جو نانءُ مٿانھون ڪيو ۽ اھو ڪجھ ڪري ڏيکاريو جيڪو مرد به نه ٿي ڪري سگھيا.“

ٻئي ليکڪ جي راءِ موجب“ ھوءَ مردن جي اڳواڻي ڪندي ھئي ۽ ھنن کان وڌيڪ بھادر ھئي. ھوءَ سدائين اڳيان نطر ايندي ھئي سواءِ ان موقعي جي جنھن مھل ھوءَ گرفتار ٿي ھئي.“

۽ درحقيقت سندس شان ڪڏھن به گھٽ نه ٿيو. ظالم قيد ۽ ڊگھي عذاب ڏيندڙ پڇا ڳاڇا کي جنھن ھمت سان ھن منھن ڏنو، ائين شايد لوھي زرھه پاتل به نه ڏئي سگھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com