ٻھراڙيءَ
جي عورت
تعليم ۽ مسئلا
اوائلي زمانن ۾، تاريخ ٻڌائي ٿي، تخليقون،ايجادون، انتظامي
ڪارڪردگيون، عورت جي ئي حصي ۾ رھيون آھن. پوءِ
ملڪيت واري تصور سان، عورت به مرد جي ”ملڪيت“ بنجي
وئي_ ۽ پوءِ جيڪو به سماجي سرشتو رھندو آيو، سو
مرد جو ھو. ڇوته قدرتي طرح پنھنجيءَ جسماني بناوت
جي نزاڪت ۽ نفاست جي لحاظ کان، عورت ھيڻي آھي.
ٻيءَ طرح، سماجي سرگرمين ۾ سندس ڪردار ڪنھن به ريت
نه رڳو مرد کان گھٽ نه آھي، بلڪه وڌيڪ ئي آھي. پر
مرد پنھنجي جسماني طاقت جي زور تي کيس اڌ ماڻھو
قرار ڏيئي، سندس ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو طوق وڌو. اڄ
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اھو طلسم گھڻي ڀاڱي ٽٽي چڪو
آھي. پر پوئتي پيل ملڪن ۾ سماج اڃا به مرد جو آھي.
جتي قانون ۽ اخلاق جا سمورا ضابطا عورت جي حقن جي
ڪابه عملي ضمانت نٿا ڏين.
اھڙيءَ طرح تعليم پرائڻ جو حق ته ٻھراڙيءَ جي عورت به رکي ٿي،
پر ٻھراڙيءَ جي عورت کي تعليم ڏيارڻ جي ڳالھه ڪرڻ
وقت اسان کي ٻھراڙيءَ جي پس منظر کي ڏسڻو پوندو.
اسان جي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ذھني غلامي ۽ معاشي بدحاليءَ،
بيروزگاريءَ ۽ تنگدستيءَ جو شڪار آھن. اھي ھر لحاظ
کان بنيادي سھولتن، جھڙوڪ صاف پاڻيءَ، بجليءَ،
رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن کان محروم آھن.
سندن گذران جو صرف ھڪ ذريعوآھي. ”زراعت“، جنھن مان ته پورو پيٽ
به پالي نٿا سگھن. ۽ سال جا ٻارنھن ئي مھينا قرضي
رھن ٿا. جيڪو فصل پوکين، سو اڳ کاڌي ۾ ھليو وڃي.
اھي سوچڻ سمجھڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي قوت کان وانجھيل
آھن. ھنن کي ايترو به شعور ڪونھي ته ڪو ھو پابند
آھن. ساڻن جيڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي، ان کي تقدير سمجھن
ٿا. اھوئي سبب آھي جو کين آرام سان پنھنجن مفادن
حاصل ڪرڻ لاءِ ھر وقت استعمال ڪيو ٿو وڃي.
ھي اٻوجھ ماڻھو ٻين جي اشارن تي نيچ کان نيچ عمل ڪيو وجھن. کين
پنھنجي مرضيءَ سان ڪجھه ڪرڻ يا سوچڻ جو ڪوبه حق
ناھي. ھو انسان نه، پر، آڱرين تي نچندڙ پتلا آھن.
صحيح معنيٰ ۾. ٻھراڙيءَ جو مرد خوددار ناھي. اھوئي سبب آھي، جو
ھو ”ڪاروڪاري“ جي رسم به محض جھالت جي ڪري قائم
رکيو ٿو اچي.
اسان جي سماجي جوڙجڪ مطابق، ڀلي چريو کريو ھجي، ته به گھر جو
وارث مرد ئي آھي. جتي گھر جي وارث (مرد) جي حيثيت
به ھڪ غلام جھڙي آھي، اتي عورت جي حيثيت ڀلا ڇا
ھوندي؟ اھڙي ماحول ۽ اھڙين حالتن ۾ عورت جي تعليم
جي ڳالھه ڪرڻ ھڪ مذاق ئي ٿي سگھي ٿي. جڏھن ته
ٻھراڙيءَ جي عورت ذھني طور تي مرد کان وڌيڪ سڄاڻ،
سگھڙ ۽ پختي آھي. ھوءَ خوددار به آھي ته بردبار
به. ھوءَ پنھنجيءَ محنت ۽ پورھيي تي يقين رکي ٿي.
ھوءَ ڄاڻي ٿي ته منھنجي حيثيت ڇا آھي. منھنجا حق
ڪھڙا آھن. پر ھوءَ خاموش رھڻ تي مجبور آھي . مرد
جي ظالماڻي رويي کيس ھيسائي ڇڏيو آھي. ھوءَ ڄاڻي
ٿي ته کيس حق گھرڻ تي ماريو ويندو، ڇو ته کيس خبر
آھي ته سندس مرد، (پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پٽ) کيس پير
جي جتيءَ کان وڌيڪ نٿو سمجھي. پر ھوءَ خاموش آھي.
ھوءَ آواز انھيءَ لاءِ نٿي اٿاري جو اھوئي مرد،
جيڪو مٿس تشدد ڪري ٿو. سو ڪنھن نه ڪنھن ناتي ساڻس
ڳنڍيل آھي. انھيءَ ڪري، ھوءَ سندس ڪرتوتن کي وائکو
به نٿي ڪرڻ چاھي. کيس اھا به خبر آھي ته ھن کي ڪٿي
به انصاف پلئه ڪونه پوندو ۽ نه ئي تحفظ ملندو.
تڏھن ھوءَ خاموش آھي.
موجوده حڪومت عورتن جي ڀلائيءَ ۽ بھبوديءَ لاءِ جيڪي اپاءَ وٺي
رھي آھي، سي تعريف لائق آھن، ڇوته ھينئر اسان جي
عورت تقريباً ھر شعبي ۾ ڪم ڪري رھي آھي. پاڪستان ۾
زندگيءَ جو ڪوبه اھڙو عملي ميدان ناھي، جتي عورت
ڪم نه ڪندي ھجي. مثال طور، ايڊمنسٽريشن، بئڪنگ،
ڪمپيوٽر سائنس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، صنعت، واپار،
ٽي.وي، ھوائي جھاز، صحافت، قانون، ھوٽل مئنيجمنٽ،
رانديون وغيره .
پر ٻئي طرف ڏسنداسين ته عورتن لاءِ ايترن موقعن موجود ھجڻ جي
باوجود ٻھراڙيءَ جي عورت اڃا به انھيءَ ظلم جي
چڪيءَ ۾ پيڙهجي رھي آھي. ٻھراڙيءَ جي عورت، جيڪا
سڄي گھر جي ڪم ڪار ڪرڻ سان گڏ ٻنيءَ ٻاري ۽ مال
چارڻ جو ڪم پڻ ڪري ٿي، کيس جيڪا به گھڙي واندڪائي
جي ملي ٿي ته اھا ننڊ يا آرام ڪرڻ بجاءِ، ويھي سبڻ
۽ ڀرڻ جو ڪم ڪري ٿي. خوبصورت گج ڀرڻ، ڪنڍيءَ جو
ڀرت ڀرڻ، ڪينويز، ھرمچ ڀرڻ ۽ خوبصورت رليون ٺاھڻ
جو ڪم سندس مصروفيت ۾ شامل آھي. سندس اھي ھنر دنيا
جي بھترين ھنرن ۾ شمار ٿين ٿا. پر افسوس سان چوڻو
پوي ٿو ته انھن ھنرن ۽ محنتن جي عيوض کيس ڪجھه به
ھڙ حاصل نٿو ٿئي، ۽ نه ئي ڪنھن قسم جي سندس ٻن
ڀرائي يا ھمت افزائي ڪئي ٿي وڃي، جڏھن ته سندس
ٺھيل شين جي ٻاھرين ملڪن ۾ تمام گھڻي گھرج آھي.
جيڪڏھن صحيح طرح اھو مال ايڪسپورٽ ڪجي ته ٻھراڙيءَ
جي عورت جي پسماندگي دور ٿي سگھي ٿي.
ٻھراڙيءَ جي عورت جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ، سندس پسماندگيءَ کي
دور ڪرڻ لاءِ ۽ کيس تعليم يافته بنائڻ لاءِ سڀ کان
پھرين ڳوٺن ۾ رستا، بجلي، اسڪول، ڪاليج
ڊسپينسريون، ھنري سکيا جا مرڪز ۽ ننڍا وڏا ڪارخانا
کوليا وڃن. انھيءَ سان ٻھراڙيءَ جو مرد معاشي طور
تي پاڻڀرو ٿيندو، تڏھن ئي وڃي عورت کي ڪجھه ھڙ
حاصل ٿيندو. انھن سڀني ڪمن کي عملي صورت ۾ آڻڻ
لاءِ گھڻي پئسي جي ضرورت آھي. جيڪا عام ماڻھوءَ جي
وس جي ڳالھه ناھي. ان لاءِ اسين سنڌ سرڪار توڙي
عام ڀلائيءَ وارن ادارن کي گذارش ڪنداسين ته
ٻھراڙيءَ جي ماڻھن جي پسماندگي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش
وٺن. ۽ شھري ڀينرن تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته
ٻھراڙيءَ جي عورت جي سھائتا ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن ۽
عورتن جون گڏجاڻيون ۽ سيمينار ٻھراڙيءَ ۾ به
ڪرائجن ته جيئن اتي جون عورتون انھن ۾ شريڪ ٿي،
ڪجھ ھڙ حاصل ڪن. _گلبدن جاويد مرزا
آپا شمع راشديءَ طرفان ڪوٺايل سيمينار ۾ گورنر سنڌ
جناب ڪمال الدين اظفر
جي ڪيل تقرير
سنڌ جي گورنر جناب ڪمال الدين اظفر سياسي دٻاءَ تحت پرائمري
استادن جي مقرري بابت اظھار خيال ڪندي چيو ته
”اسان جي ڪرندڙ تعليمي معيار جو ھڪ وڏو سبب اھو به
آھي.“
ھو خميس ڏينھن 28 سيپٽمبر 1995سنڌ پراونشل ميوزيم حيدرآباد ۾
محترمه شمع راشدي ايس.ڊي.او (فيميل)
(S.D.E.O)
طرفان ڪوٺايل سيمينار جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾
اعزازي مھمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪري رھيو ھو.
سيمينار جو عنوان ھو ”عورتن جي تعليم جي اھميت ۽
افاديت“
ھن استادن تي زور ڀريندي چيو ته ھو پنھنجن شاگردن کي بھتر تعليم
ڏين ۽ انھن کي ان لائق بنائن ته ھو ايڪويھين صديءَ
جي ضرورتن ۽ چئلنجز کي منھن ڏيئي سگھن.
ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اسان سڌريل ملڪن سان گڏ ھلڻ چاھيون ٿا ته
اسان کي سخت محنت ڪري بھتر صحت ۽ تعليمي معيار کي
سڌارڻو پوندو.
ھن عورتن جي تعليم، ان جي ضرورت ۽ اھميت تي زور ڏيندي چيو ته
ٻار لاءِ پھريون اسڪول ماءُ جي ھنج آھي ۽ عورت جي
تعليم ان جي بھترين رھبر ۽ استاد آھي.
سنڌ جي گورنر، دعويٰ ڪئي ته موجوده حڪومت لازمي پرائمري تعليم
لاءِ اھم تجويزن تي عمل ڪيو آھي ۽ ان ڏس ۾ تعليمي
قانون به جوڙي رھي آھي.
ھن 1944ع جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ اھو واحد صوبو آھي جنھن
پرائمري تعليم کي متعارف ڪرايو ۽ ان وقت سيڪنڊري
تعليم کي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ متعارف ڪرايو ويو.
گورنر پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته صحت ۽ تعليم جي سڌاري
۽ واڌاري کانسواءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ممڪن ڪانھي.
ھن افسوس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ پڙھيلن جو تعداد تمام گھٽ آھي.
ھن سري لنڪا جو حوالوڏنو جتي پڙھيل ماڻھن جو تعداد
80 سيڪڙو کان به مٿي آھي. ھن چيو ته ٻھراڙيءَ وارن
علائقن ۾ تعليم وڌائڻ ۾ ميڊيا اھم ڪردار ادا ڪري
سگھي ٿي.
گورنر، جيڪو ھن وقت سنڌ جي يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آھي، تنھن
پڌرو ڪيو ته تعليم جي معيار کي بھتر بنائڻ جي
سلسلي ۾ ھو وائيس چانسلرن سان ھر ٽن مھينن بعد
گڏجاڻيون ڪري رھيو آھي.
گورنر ان ڳالھه تي زور ڀريندي چيو ته ”وقت جي ضرورت آھي ته اسان
تعليمي ميدان ۾ بين الاقوامي تعليمي معيار کي حاصل
ڪريون.“
ھن ٻڌايو ته وزير اعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ٻھراڙيءَ وارن
علائقن ۾ بنيادي ضرورتون ۽ سھوليتون مھيا ڪرڻ سان
گڏ تعليمي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رھي آھي ته
جيئن اسان ايڪويھين صديءَ ۾ اعتماد سان داخل ٿي
سگھون.
تقريب جي آخر ۾ گورنر، مس فھميده مشوري کي اسڪالر پيپر پيش ڪرڻ
تي 10000روپيا روڪ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ بدين
۾ ڇوڪرين لاءِ ھاسٽل تعمير ڪرائڻ لاءِ ڏھه لک
روپين جي ادائگي جو اعلان ڪيو. جنھن جو اعلان اڳ ۾
ئي سينيٽر حسين شاھه راشدي پنھنجي ترقياتي فنڊ مان
ڏيڻ جو ڪري چڪو ھو.
انگريزي مان ترجمو: رضيه طارق
***
سپاسنامو
عزت مآب عالي مرتب محترم بئريسٽر ڪمال الدين اظفر صاحب گورنر
سنڌ.
عزت مآب محترم سينيٽر حسين شاهه راشدي صاحب
عزت مآب محترم محمد شريف بلوچ سيڪريٽري تعليم سنڌ.
خواتين و حضرات!
مان بحيثيت
S.D.E.Oگرلز(پرائمري) حيدرآباد سٽي، اوھان سڀني کي پنھنجي ۽ استادن ۽
محڪمه تعليم ۽ سيمينار ڪميٽي جي ميمبرن پاران
ڀليڪار سان گڏ اوھان سڀني جي ٿورائتي آھيان، جو
اوھان ھن تقريب ۾ شريڪ ٿي، منھنجي ۽ منھنجن رفيقن
جي ھمت افزائي ڪرڻ فرمائي آھي.
مھمانِ گرامي! ان کان پھرين جو مان اڄ جي ھن تقريب جي مير مجلس
فضيلت مآب محترم جناب ڪمال الدين اظفر صاحب جي
شخصيت تي روشني وجھان، ان جو دل جي گھراين سان
شڪريو ادا ڪريان ٿي، جو انھن پنھنجين کوڙ سارين
مصروفيتن جي باوجود اسان لاءِ وقت ڪڍي، اسان کي
ڪجھ گھڙيون خوشيءَ ۽ مسرت جون عنايت ڪيون؛ بقول
ڪنھن شاعر جي:
”ملن ڪٿي ٿا. اھڙا صحبت گويده ماڻھو، ڪندا رھو، انھن جي زيارت
ڪڏھن ڪڏھن!“
خواتين و حضرات!
گورنر سنڌ جي شرڪت، ھن اجتماع کي نھايت پر رونق ۽ باوقار بنائي
ڇڏيو آھي. اھل سنڌ لاءِ سندن شخصيت، ڪنھن به تعارف
جي محتاج ناھي. ڪافي ماڻھو پنھنجي ذات ۾ سراپا
انجمن ھوندا آھن، اھڙن ماڻھن ۾ سندن شخصيت به
پھلودار آھي. پاڻ سياستدان به آھن ۽ سماجي ڪارڪن
پڻ. پاڻ زنده دل انسان ھئڻ سان گڏوگڏ دل موھڻ واري
شخصيت آھن ۽ اھائي سندن ڪاميابيءَ جي ڪنجي آھي.
پاڻ ماھر بئريسٽر آھن. مقدمن ۽ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾
به مھارت رکن ٿا. ھيءَ ھڪ ڳجھارت حقيقت آھي ته
جيڪي ماڻھو، انسانيت جي بقا لاءِ سرگردان رھن ٿا.
اھي توصيف ۽ تحسين جا مستحق به ھوندا آھن. گورنر
صاحب جي شخصيت جو نمايان پھلو ھيءُ آھي، جو صوبه
سنڌ ۾ امن وامان قائم ڪرڻ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ ۾
درد مندن سان گڏ مصروف عمل آھن.
پاڻ نه فقط سياست سان دلچسپي رکن ٿا، بلڪ تعليم سان وابستگي ۽
ان ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ جا پڻ خواھشمند آھن.
اھو ئي سبب آھي جو شعبه تعليم خواتين ۽ انھن جي
مسئلن تي سندن ڪيتري گھري نظر آھي. ان جو اندازو
سندن ڪاوشن مان ڪري سگھجي ٿو. جو پاڻ انھن کي حل
ڪرڻ ۾ مصروف عمل آھن. پرائمري تعليم، علم جو
پھريون ڏاڪو آھي. ان پرائمري تعليم سان پاڻ شھرن ۽
ڳوٺن کي روشن ڪرڻ ۾ مصروف آھن. حڪومت پاران به
عورتن جي تعليم تي زور ڏنو پيو وڃي . ان کي عملي
جامو پارائڻ لاءِ سندن حڪومت خلوص دل سان عمل پيرا
آھي. اميد ٿي ڪريان ته جيڪڏھن اھائي رفتار رھي، ته
خواندگي جا حدف، جيڪي مقرر ٿيل آھن، انھن کي حاصل
ڪيو ويندو. ڳوٺن ۽ ٻھراڙين جون نياڻيون به علم جي
زيور سان آراسته ٿي، علم جي روشنيءَ کي ٻين تائين
پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون.
ھن موقعي تي مان صرف ايترو چونديس. ته محترم جناب جي شخصيت کي
نمايان ڪرڻ معنيٰ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ آھي. توھان
جھڙا مشفق، دردمند دل رکڻ وارا انسان ئي رھنما ٿي
سگھن ٿا.
نگاهه بلند، سجن دلنواز جان پرسوز،
يهي هي رخت سفر مير کاروان ڪي لئي!
آخر ۾ ھڪ دفعو وري به اوھان سڀني جي اچڻ جو ٿورو. محترم جناب گورنر صاحب، لفظ ناھن, جو قدردانيءَ جو شڪريو ادا ڪيو وڃي,
فقط احساس آھي، ته اي اھلِ زمانه قدر ڪريو ناياب
ناھن، ڪمياب آھن ھي ماڻھو!!
شمع راشدي
بتاريخ: 28_سيپٽمبر 1995ع
ڊي. اي. او گرلز (پرائمري)
سٽي حيدرآباد سنڌ.
(ترجمو: فقير شھمير چانڊيو) |