ممتاز عباسي
ٻه _ واٽو
”پوءِ ڇا ٿيو؟“
”مون ھن جي اڪيلائيءَ کي محسوس ڪيو ھو. ھوءَ بيحد اداس ۽ وياڪل
ڇوڪري مون کي پنھنجي وجود جو ڪو حصو لڳي.“
”ھاڻ ڪھاڻي اڳتي وڌي ٿي، ھانه؟ تو کيس پنھنجو ڪرڻ لاءِ وس ھلايا
ھوندا، نه ...“
”ھر گز نه، ڪھاڻي ته اتي بيٺل ھئي ۽ اڃا شروع نه ٿي ھئي. ھوءَ
چوندي به نه چئي سگھي ھئي.“
”ڇو؟“
”خبر نه آھي“
”تڏھن به.“
”ان گھڙيءَ جو رڳو محسوس ڪري سگھبو آھي، سو مون به ھن کي رڳو
محسوس ڪيو ھو.“
”توکي به ھن چاھيو ھو؟“
”ھن جي چاھڻ يا نه چاھڻ سان ڇا ٿئي ھا، پر اسان ٻنھي ھڪٻئي کي
چاھيو ھو.“
”پوءِ...؟“
ھن مون کي اڪيلو ڇڏيو ۽ پاڻ ٻه_واٽي تي ھلڻ شروع ڪيو.“
”توکيس جھليو ھو.“
”ھن مون کي اھڙو ڪو اختيار ڏنو ڪٿي ھو، پر اھو ٻه_واٽو منھنجي
من اندر ۾ اچي ختم ٿيندو ھو.“
”ان کي خبر ھئي؟“
”ھوندس. ھن منھنجي من اندر جي ٻنھي واٽن مان ھڪ واٽ تي
اڪيلائيءَ جا اڪ پوکي ڇڏيا ھئا.“
”ھاڻي ڪٿي آھي؟“
”من اندر جي ٻه_واٽي تي. اڪيلي ۽ اداس ھلي رھي آھي.“
”ھاڻي ته تون به اڪيلو آھين؟“
”نه. ھوءَ مون سان اڃا به گڏ آھي. ھڪ واٽ ھُن جي آھي ۽ ٻي واٽ
منھنجي آھي.“
”مان سمجھان ٿي ته ھن سفر ۾ ھوءَ توکان گھڻو پري نڪري وئي آھي.“
”شايد.“
”ھن توکي وساريو ته ڪونھي.“
”وسارڻ لاءِ ھڪ صدي گھرجي. ٿي سگھي ٿو ته، خواھش ھن کي رستي مٽڻ
لاءِ مجبور ڪيو ھجي، ھاڻي کيس پڇتاءُ ٿيو ھجي ته،
مان کيس ياد ڪندي ڪندي، وساري ۽ وري ياد ڪندو
ھوندس...“
”... ته پوءِ، تون به کيس وساري ڇڏ.“
”وسارڻ منھنجي وس ۾ ڪونھي. نه ته يادون ھن جو نالو ٿي ايترو ياد
نه اچن ھا!“
”ان کانپوءِ ڪنھن ٻيءَ توکي متاثرڪيو آ.“
”نه، ڪير به اھڙي ڪانه ھئي، جيڪا ھن جي جاءِ وٺي بند در کي اچي
کولي.“
”شايد!... ھٿ نازڪڙا ھجن ۽ تنھنجو در سخت ھجي، ۽ تو در کڙڪائڻ
جو آواز نه ٻڌو ھجي.“
”ڪيئي آواز؟“
”نه....“
”ڇو؟“
”جڏھن زندگي ڪنھن لاءِ وقف ٿيل ھجي، ته پوءِ ٻئي ڪنھن لاءِ در
کولڻ ممڪن ڪونھي!“
ممڪن آ... در کي اڏوھي لڳي ھجي!“
”ناممڪن کي ممڪن ۾_۽_در کي اڏوھي لڳڻ ۾ به ھڪ صدي کپي.“
”ڪڏھن ڪڏھن صديءَ جو ڪم پل کن ۾ به ٿي ويندو آھي. کن پل ۾ در ته
ڇا سڄي ڌرتيءَ تي زلزلو اچي سڀ ڪجھ پٽ ٿي سگھي ٿو؛
ته پوءِ ڪنھن جي ويجھو اچڻ لاءِ ڪنھن صديءَ جي
ھرگز به گھرج ڪانھي!“
”تون ٺيڪ ٿي چوين. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آھي، ته ٻئي ڪنھن
به ھن بند در کي اچي نه کڙڪايو آھي نه ڪو آواز ڏنو
آھي... در بند آھي...“
”ڏس! مان ھن بند در کي اچي کڙڪايان ته ڇا تون پھرين خواب کي
وساري ڇڏيندين؟“
”ھونئن به ڪنھن کي وسارڻ ۾ عمر ٿي لڳي.“
”تون چاھيندين ته، ڪا ٻي؛ توکي پھرينءَ ڇوڪريءَ سميت قبول ڪري.“
”شايد.ھا! جوڪنھن کي قبولڻ منھنجي وس ۾ آھي. شايد نه به. جو
اڌورا ماڻھو ڪنھڻ کي به قبول نه پوندا آھن_توکي به
نه.“
”تون پنھنجي ڳالھه ڪر. تون جنھن ٻي واٽي تي گم ٿي موٽ جو رستو
وڃائي چڪوآھين.... ان مان واپس اچي سگھين ٿو يا
نه؟!“
”....!!!؟؟؟“
”ڇا؟ تون جدائيءَ جي قيد خاني کي ٽوڙي سگھين ٿو.“
”نه.“
”ڇو؟“
”ان ڪري جو ھن مون کي جدائيءَ جي عذاب ۾ مبتلا ڪري، ڏاڍو ڪمزور
ڪري وڌو آھي! مون ۾ اھڙي سگھ ڪانھي.“
”ممڪن آھي، جيئن تو ھن کي چاھيو آھي، شايد ڪا ٻي به توکي؛ ان
کان وڌيڪ چاھڻ لڳي ھجي....“
”ممڪن آ. جذبو وقتي به ٿي سگھي ٿو. ھونئن به معاشي تنگ دستي
محبت جو رُخ ڦيرائي سگھي ٿي.“
”ته ... مڃيونه ته ... محبت جا رُخ تبديل ٿي سگھن ٿا.“
”ھائو. شايد ڪنھن ٻئي کي ڏسي مان به رخ بدلائي سگھان ٿو.“
”مان ٻيھر اچي تنھنجو بند ٿيل در کڙڪائيندس... ۽ توکي سڏيندس ۽
تون در اچي کوليندين_“
”ھا_ تون اچي ته ڏس.“
”مون کي پنھنجو ڪري وٺندين.“
”ھا!“
”بس! مون کي اھوئي پڇڻو ھو توکان ... مان ھلان ٿي...“
”ترس... مون توکي ھاڻ غور سان ڏٺو آھي.... ترس.“
”نه. مون رڳو اھو ڄاڻڻ ٿي چاھيو، ته ڪو مرد پنھنجي ڪُل زندگي،
ڪنھن به ھڪ عورت جي نانءُ ڪري سگھي ٿويا نه... تو
ته منھنجي پھرين دستڪ تي دل جو در کولي؛ مون کي
سوالن جي ڀاڪرن ۾ جواب ڏنو آھي...“
***
ظھير
سومرو
اڌورو
خواب
اڄ صبح جو سوير اٿيس ۽ ڏاڍو خوش ھئس. اٿڻ شرط وڃي دري کوليم. سج
جا ھلڪا ڪرڻا دريءَ مان ھڪدم پاڻ ڇڏائي ڪمري ۾
داخل ٿيا، ڄڻ سالن کان وٺي دريءَ جي پٺيان بيٺل
ھئا ۽ انتظار ڪري رھيا ھئا ته ڪڏھن نه ڪڏھن، ڪونه
ڪو اھڙو ضرور ايندو، جو اسان کي ان ڪمري ۾ داخل
ٿيڻ جي اجازت ڏيندو.
ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڳم ۽ دريءَ مان ٻاھر نھاريم. ننڍڙا
ننڍڙا ۽ سھڻا ٻار، اسڪول وڃي رھيا ھئا.
”ھو ڏس تو جھڙا ئي ڇوڪرا آھن نه، روز ويچارا سوير اٿي ٿا ويھن ۽
ٻيا به ڏس ڪيئن نه پنھنجين آفيسن ڏانھن سوير وڃي
رھيا آھن.“ امان دريءَ مان ٻاھر نھاريندي چيو.
”ھا، ھا، سڃاڻان؛ انھن ڇوڪرن کي جيڪي ڪاليج جون ڇوڪريون ڏسڻ
لاءِ اٿن ٿا ۽ ھو خير محمد جيڪو سوير اٿي وڃئي پيو
اھو خبر اٿئي روزاني گھڻن ماڻھن جون پِٽون ٿو کڻي.
سڄو ڏينھن ٿو رشوت خوري ڪري ۽ اھو پير بخش اسڪول
ماستر گھر ۾ جوڻس سان وڙھي نڪرندو ۽ وري وڃي اسڪول
۾ ٻارن کي ڏنڊن سان ڪٽيندو آھي.“
”سڀ سمجھان ٿي. اھي رڳو دير سان اٿڻ جا بھانا آھن. اڄ مون کي
ٻڌاءِ آخر تون ڪندين ڇا؟“ منھنجين اکين ۾ گھوريندي
چيائين.
”اما توکي خبر آھي انٽر ڪرڻ کانپوءِ 12 انٽرويو ڏيئي چڪو آھيان.
چئين ته ڳڻي ٻڌايائين.“
”ٺھيو، ھاڻ پڇائين ٿي ته تون آخر ڪندين ڇا؟ ڪيسين ھڪ ھڪ بجي
اٿندو رھندين.“
”ڇا ڪيان ڀلا ھاڻ ته
B.A
به ڪري ويٺو آھيان چئين ته ڪنھن بئنڪ جي ٻاھر
بندوق کڻي....!!!؟“
”صبح سان ماڻھو وائي ته سٺي ڪڍي. ھاڻ بئنڪ لٽيندين.“ عجيب ڪيفيت
۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي چيائين.
”اڙي نه نه منھنجي ڀولي اما! مان ته بندوق کڻي گيٽ تي گارڊ ٿي
بيھڻ جي ڳالھ پيو ڪيان، پر مون کي ڳالھائڻ ڏين ته
چوان. جملو ئي ڪٽيو ڇڏين بس ھاڻ رڳو اھائي نوڪري
بچي آھي. سوير اٿڻ لاءِ لڳي ٿو مون کي ھاڻ اھائي
نوڪري ڪرڻي پوندي.“ تمام پيار ۽ عاجزي ۾ چيومانس.
کلندي چيائين ”نه ابا نه. الله پناھه ڏيندءِ تون ته آفيسر
ٿيندين آفيسر.“
”بس ته پوءِ منھنجي سوير اٿڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
زور سان گھنٽي وڳي اما کي اتي ئي ڇڏي ڊوڙي در تي ويس. ھيٺ حميد
بيٺو ھو.
”يار ٽائيم ڏٺو اٿئي وڃڻو ڪونه اٿئي ڇا؟“ ھيٺان ئي رڙ ڪندي
چيائين.
”اوماءِ گاڊ! يار بس پندرھن منٽن ۾ ٿو اچان.“
طوفان وانگي چئي. ڪنڌ ورايم.
”اما او اما.“ باٿ روم ويندي رڙ ڪيم.
”ھا، ھا، اچان پئي.“
”منھنجي لاءِ ڪٻٽ مان ڪو سٺو وڳو ڪڍ ته وھنجي اچي ٿو پايان.“
سيٽي وڄائيندو ٻاھر نڪتس ته ڪپڙا تيار پيا ھئا. ڏاڍا پائوڊر،
پرفيوم ھڻي تيار ٿيس.
”آخر اڄ تون سوير ڇو اٿيو آھين؟ ڪٿي انٽرويو اٿئي؟“ پنجاھه
روپيه ڏيندي چيائين.
”نه نه بس اڄ ڪو ضروري ڪم آھي.“ چوندي ھيٺ لھي ويس.
”واھ ڙي واھه بادشاھ سلامت، تيار ٿي آيا آھيو.“ حميد ساڄي ھٿ جي
آڱر ۽ آڱوٺو پاڻ ۾ ملائيندي چيو.
حميد نه مون وانگر دير سان اٿندو آھي ۽ نه ئي ھن کي ڪنھن ڪم ڪرڻ
جي ضرورت آھي. سندس پيءُ ھڪ وڏو سرڪاري عملدار آھي
انھيءَ ڪري کيس شاھاڻي نموني رھڻ تي مجبور ڪندو
رھندو آھي، ۽ سندس مٿان ائين حڪم ھلائيندو آھي ڄڻ
ته ھو ھن جو پٽ نه، پر ڏوھي آھي. ھو روز گھر ۾ شام
جي وقت گھر واريءَ کان گھر جي ھرھڪ مرد بابت کان
سڄي ڏينھن جي ڪارڪردگي معلوم ڪندو آھي. پر سندس
زال پنھنجن ٻارن سميت نوڪرن، نوڪرياڻين جي وڪالت
ڪندي سڀني جو بچاءُ ڪندي آھي.
حميد امير پيءُ جو پٽ آھي ۽ سھڻو جوان آھي. انھيءَ ڪري اڳيان
پويان ڇوڪرين جو ميلو لڳو پيو ھوندو اٿس. منھنجي
ساڻس ملاقات ھڪ
Incident
ھو. جڏھن ھن کان تلڪ چاڙھي وٽ ھڪڙي ڏاڙھيءَ واري
پوڙھي کي ڪار جو ٽڪر لڳي ويو ھو، جنھن ۾ پوڙھي جي
ٽنگ ڀڄي پئي ۽ ھو پريان وڃي ڪريو ھو. گھڻئي ماڻھو
جمع ٿي ويا ھئا، حميد کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳا، پر
پريان دانھون ڪندڙ پوڙھي کي ڪنھن به نه کنيو. حميد
ڪنھن جي پرواھه نه ڪندي اڳتي وڌيو ۽ اڪيلي سر ان
پوڙھي کي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، ۽ مان پريان
بيھي اھو منظر ڏٺو پئي. آخر رھيو نه ٿيو ۽ وڃي
سندس مدد ڪيم. پوءِ گڏجي پوڙھي کي اسپتال کڻي ويا
ھئاسين. بس اھو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن حميد رزاني
مون وٽ ايندو آھي ۽ پنھنجي گاڏيءَ ۾ پنھنجي ئي خرچ
تي مون کي گھمائيندو آھي.
”يار گھڻي دير ته ڪانه لڳي. ڏانھس وڌندي چيم.
”چڱو ھاڻي ھل جلدي گاڏيءَ ۾ ويھ. باقي ڳالھيون رستي ۾ ڪنداسين.“
گاڏيءَ ڏانھن وڌندي چيائين.
سيلف لڳو. گاڏي اسٽارٽ ٿي ۽ سٽي گيٽ ھوٽل ڏانھن ھلڻ لڳاسين.
”رات واريون سڀ ڳالھيون ياد اٿئي يا وسري ويئي؟ ٽيپ ۾ ڪيسٽ
وجھندي چيائين.
”يار حميد منھنجي ڳالھه سمجھڻ جي ڪوشش ڪر، جنھن ڇوڪريءَ کي اڃا
مون ڏٺو به ناھي. تون ڪيئن ٿو مون کي ان سان
ملائين.“ ڏانھس منھن ڪندي چيم.
”لڳي ٿو روزاني دير سان اٿڻ جي ڪري تنھنجو دماغ خراب ٿي ويو
آھي. جڏھن مون توکي چئي ڇڏيو آھي. مون پاڻ واريءَ
سان ڳالھائي به ڇڏيو آھي ھوءَ ان جي سھيلي آھي، ۽
اڄ ان سان گڏ پئي اچي. باقي سيٽنگ ڪرڻ تنھنجي ھٿ ۾
آھي.“ يڪ ساھي چئي ويو.
”پر آخر اھا تنھنجي ڪائين نمبر آھي؟“ چيم
”ڇھون نمبر.“ کلندي چيائين.
”مون کي ته لڳي ٿو تون ڪنھن خانه بدوش قبيلي سان تعلق ٿو رکين.
ھڪ ھنڌ ٽڪي نه ٿو سگھين.“
”دراصل يار منھنجي تقدير مختلف ڇوڪرين جي زلفن ۾ الجھيل آھي ۽
مان پنھنجي ان تقدير جي ذرن کي ميڙڻ لاءِ ھيڏانھن
ھوڏانھن ڀٽڪندو رھندو آھيان.“ مغروريءَ واري انداز
۾ منھن مون ڏانھن ڪندي چيائين.
”ٻيلي پاڻ کي معاف ڪر. مان ھونئن به ڳالھائي ڪونه سگھندس.“ مون
چيو.
”پوءِ آخر تنھنجو سوير اٿڻ جو مقصد ڇا ھو.“ چيائين.
”مون سوچيو واقعي مان سوير اٿيو ته ان لاءِ ھئس، ته پھريون دفعو
ڪنھن ڇوڪريءَ سان گھمڻ جو موقعو ملندو ۽ ھڪ ٻئي
سان ڳالھيون ڪنداسين. اوچتو خيال آيو ۽ پڇيومانس:
”مگر ھوءَ توسان ملڻ ايندي ڪيئن؟ ڇا تون پھرين
ڪڏھن ھن سان مليو آھين؟“
”ھاڻي پاڻ کي ھتي بيھي انتظار ڪرڻو آھي. جيسين ھوءَ ڪاليج مان
ڪنھن بھاني نڪري.“ حميد گاڏيءَ جو دروازو کوليندي
چيو. پوءِ ٻئي ھيٺ لھي بيٺاسين.
”يار حميد صبح ساڻ ايتري رونق ھوندي آھي.“
ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي چيم.
”بس ڏٺئي سوير اٿڻ جا مزا. ھرڪو پنھنجن پنھنجن ڪمن تي پيو وڃي.“
زور سان ساھه کڻندي چيائين.
”معنيٰ ته انھن سڀني جو سوير اٿڻ جو ڪونه ڪو مقصد ھوندو آھي.“
پاسي ۾ لڳل اخبار جي اسٽال ڏانھن وڌندي چيم.
”ھا ضرور ڪونه ڪو مقصد آھي.“ مون سان ئي گڏ اڳيان وڌندي چيائين.
اسٽال تان ھڪ اخبار کڻي پڙھڻ شروع ڪيم ته ھڪ خبر مون کي ڏاڍي
عجيب لڳي. جيڪا ھن ريت ھئي. ”آخري جلال تي قاتلانه
حملو_ٻن ڌرين جي ڦڏي ڪري ٿيو.“ ھڪدم حميد ڏانھن
منھن ڪري پڇيو مانس.
”يار حميد ھيءُ آخري جلال ڪير آھي.“
”دراصل اھو ٻارھن تيرھن سالن جو ڇوڪرو آھي، جنھن پنھنجو ۽
پنھنجن مائٽن جو پيٽ پالڻ لاءِ پاڻ ۾ جلال آندو،
ٻھراڙيءَ جي ماڻھن کي اھا ڳالھه وڻي ۽ انھن اھو
جلال ڏسي ھن کي آخري جلال قرار ڏنو پر ھنن کي اھا
ھرگز خبر نه ھئي ته جڏھن ھو آخري جلال، جلال ۾
ايندو ته سامھون ويٺل جيڪي ٻن ٽولين ۾ ھئا تن کي
به جلال اچي ويندو، ۽ ھو آخري جلال کي فائرنگ ڪري
مارڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن آخري جلال ختم ٿئي ۽
جلال برقرار رھي.“ تمام احتياط سان سمجھائيندي ماٺ
ٿي ويو ۽ روڊ جي پرئين پاسي بيٺل ھڪ ھمراھ ڏانھن
غور سان ڏسڻ لڳو. مون به اوڏانھن منھن ڪيو: عجيب
شڪل جو ھمراھه ھو، جنھن جون مڇون ذري گھٽ ڪنن سان
ٿي لڳيون. نڪ اھڙو جھڙو پڪوڙو. اکيو پري کان بلڪل
ڳاڙھيون پئي لڳيون. رنگ اھڙو جھڙو تازو ڪنھن منھن
تي دانگي ملي اماڻيو ھجيس، قداور ۽ گڏوگڏ ٿلھو به
ھو.
”حميد يارڪير آھي؟ تون ھن کي ڇو پيو ڏسين؟ ڪٿي ھو ڇوڪري جو ڀاءُ
ته ناھي.“ يڪ ساھي سوال ڪري پڇيومانس.
”نه نه يار ھي لانچر خان ڌاڙيل آھي ڪجھ سال پھرين بابا ھن کي
سزا ٻڌائي ھئي شايد ڇڏائجي آيو آھي.“
۽ ھاڻ لانچر خان به اسان ڏانھن اچڻ لڳو ھو.
”يار حميد آخر ھن جو مقصد ڇا آھي.“ مون يڪدم پڇيومانس تيسين
لانچر خان پنھنجي 42انچ ويڪري چيلھ ۾ ھٿ وجھي
پستول ڪڍيو۽ اسان ڏانھن سڌو ڪيائين.
حميد مون ڏانھن ڏسڻ بغير چيو.
”مقصد وري ڇا لڳي ٿو جلال ....“
ٺا ٺا ٺا ڊز.....
يڪدم ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿيس
ٺا ٺا ڊز ڊز ...
صوفي تان اٿي وٺي ڀڳس.
”بچايو بچايو بچايو.“ گھر ۾ ڀَڄان به پيو ۽ رڙيون به پيو ڪيان.
”ڪٿي اھي ڇا ٿيو بچائي کي! ھو ته ھوائي فائر پيا ڪن بچايو ته
نظر ئي نه پيو اچي.“ بابا چيو. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته
گھر جا سڀ ڀاتي درين وٽ لڪي بيٺا ھئا ۽ ٻاھر ڪجھه
ڏسي رھيا ھئا. مون پاڻ ڏانھن ڏٺو ۽ وري آسي پاسي
ڏٺم ھاڻ مڪمل احساس ٿيم ته مان بلڪل محفوظ آھيان
اھو سڀ ڪجھه خواب ھو، جيڪو ھيٺ ٿيندڙ فائرنگ ٽوڙي
ڇڏيو.
*** |