ايشيا ۾ ڇوڪرين جو قتل!
ڏوھي ڪير آھي!!؟
سنڌيڪار:نجمه پنھور
نئين ڄمندڙ نينگرين جو قتل ايشيا جي ملڪن ۾ عام ڳالھه آھي، ان
جو سبب وڌيڪ آبادي ۽ غربت آھي. ڀارت ۾ ھڪ اھڙو
صوبو آھي، جتي ڪن گھراڻن ۾ دائيءَ کي اجازت ھوندي
آھي ته جيڪڏھن ڄمندڙ ٻار ڇوڪري آھي ته ان کي
انھيءَ وقت ماري ڇڏي. ھوءَ ننڍڙين ڇوڪرين جي پٺيءَ
کي اھڙو ته زور ڏيندي آھي، جو سندن پٺيءَ جو ھڏو
ٽٽي پوندو آھي، ۽ اُن وقت ئي مري وينديون آھن، ۽
پوءِ اھو مشھور ڪيو ويندو آھي ته ڇوڪري مئل ڄائي
ھئي.
پر حقيقت کان سڀ واقف ھوندا آھن!!!
چين جي ڪجھه اسپتالن ۾ ڇوڪريءَ جي ڄمڻ کان ھڪدم پوءِ کيس پينگھي
۾ وجھي ڪنھن اونداھي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آھن.
جتي ڪير سنڀال ڪرڻ وارو ڪونه ھوندو آھي، ڪجھ ئي
ڪلاڪن ۾ ٻارڙي بک ۽ اڃ وگھي مري ويندي آھي.
ڪوريا ۾ اڪثر عورتون اھا خبر رکنديون آھن ته سندن ٻار ڇوڪرو آھي
يا ڇوڪري؟ ڇوڪريءَ ھئڻ جي صورت ۾ اھي حمل ضايع
ڪرايو ڇڏين. انھيءَ صورتحال جي پيش نظر ايشيائي
ملڪن ۾ عورتن جي آبادي تمام گھٽ ٿي وئي آھي ۽
ايشيائي ملڪن ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورتن جي گھٽتائي
خطري جو الارم وڄائي رھي آھي.
مرد ۽ عورت جو انگ جيڪو ايشيا جي ٻن وڏن ملڪن يعني چين ۽ ڀارت ۾
(جن جي آبادي دنيا جي چاليھه سيڪڙو آھي) پھرين ئي
غير متوازن ھو، ھاڻ نھايت خطرناڪ صورتحال اختيار
ڪري چڪو آھي. اھڙيءَ قسم جي صورتحال ٻين ايشيا ئي
ملڪن ۾ به ڏٺي وڃي پئي. جنھن ۾ تائيوان، جنوبي
ڪوريا، ۽ پاڪستان! ايشيا ۾ مرد ۽ عورت جي غير
متوازن تناسب جي ڪري ضروري آھي ته ڇوڪرين جي موت
جي ھاڻوڪي شرح برقرار رھي ته ھن ئي صدي جي آخر
تائين ھڪ اھڙي فوج تيار ٿي ويندي جا ڪروڙ اڪيلن
مردن تي مشتمل ھوندي .
ايشيا ۾ عورتن يا ڇوڪرين جي مقابلي ۾ مردن يا ڇوڪرين جي اھميت
ڪا نئين ڳالھه ڪانھي. ھيءَ روايت ڪيترائي سال
پراڻي آھي. ھر زماني ۾ مختلف طريقا اختيار ڪري
ڇوڪرين جي نسل کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.
جديد زماني ۾ الٽرا سائونڊ ھڪ اھڙي ايجاد آھي جنھن جي ذريعي ڄمڻ
کان اڳ ٻار جي جنس جي خبر پئجيو وڃي. ڇوڪريءَ ھئڻ
جي صورت ۾ غربت، خانداني مسئلا ۽ ڏاج جھڙا مسئلا
اڳيان آڻي پيدائش کان پھرين ئي ڇوڪرين کي موت جي
واديءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين جي
پيدائش جو انگ سؤ ڇوڪرن تي پنجانوي ڇوڪريون آھن،
چين ۾ ھي انگ سؤ جي مقابلي ۾ پنجاھ، ڀارت ۽
پاڪستان ۾ ٽيانوي آھي، جڏھن ته جنوبي ڪوريا ۾
ڇھاسي آھي. ھن وقت چين جو سڀ کان وڏو اندروني
مسئلو وڌندڙ آبادي تي قابو ڪرڻ آھي. چين جي آبادي
1.26/ارب
آھي. ۽ ھيءَ دنيا جي سڀ کان گھڻي آباديءَ جي وارو
ملڪ آھي؛ پر آباديءَ تي قابو پائڻ جي سڄي ڪوشش ۾
صرف ڇوڪريون ئي متاثر ٿين پيون. 1973ع ۾ چين ۾
وڌندڙ آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون منظور
ٿيو، جنھن جي مدد سان ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ رھڻ
وارن زال، مڙس کي صرف ھڪ ٻار ۽ شھري علائقن ۾
رھندڙ جوڙي جا ٻه ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
ھن قانون جي منظوريءَ سان اڄ تائين ھزارين ڇوڪريون
متاثر ٿي چڪيون آھن، جڏھن ته ڪيترين ڇوڪرين جي
زندگي يتيم خانن ۾ گذري رھي آھي.
ڇوڪرن کي ڇوڪرين تي ترجيع تي ترجيع ڏيڻ جو ھڪ اھو به سبب آھي ته
ڇوڪرا ملازمت ڪري سگھن ٿا. ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪري سگھن
ٿا. ۽ جڏھن ماءُ پيءُ پوڙھا ٿين ٿا، تڏھن انھن جي
سار سنڀال ڪن ٿا. اُن کان وڌيڪ اھو ته خاندان جي
نالي کي اڳيان وڌائين ٿا. جڏھن ته ڇوڪريون ملڪيت
وٺي پنھنجي مڙس ۽ اُن جي خاندان کي اُن جو مالڪ
ڪيو ڇڏين. پنھنجي مڙس جي مائٽن جي پنھنجن مائٽن
کان وڌيڪ سار سنڀال ڪن ٿيون. چين ۾ پيدائش کان اڳ
ڇوڪريءَ جي نشاندگي ٿيڻ تي ستانوي سيڪڙو عورتون
حمل ڪيرائڻ کي ترجيح ڏين ٿيون.
چين جي مختلف علائقن ۾ تقريباً نوَ سو اھڙا يتيم خانا آھن، جتي
والدين پنھنجن نياڻين کي تاريخ پيدائش جي چٽ سان
ڇڏي ايندا آھن.
اھڙا والدين جن کي ٻن ٻارن جي اجازت ھوندي آھي. جيڪڏھن انھن جي
گھر ۾ پھرين ڇوڪريءَ جي پيدائش ٿيندي آھي ته اُن
جا ھن طرح نالا رکندا آھن:
پانڊي PandiيانانYanan
يا زاودي
Zhaodi
”پانڊي“ جو مطلب اھو ھوندو آھي ته اسان آئينده پٽ
جي خواھش رکون ٿا. يا ”نان“ جو مطلب اھو آھي ته ھن
کان پوءِ پٽ ٿيندو. جڏھن ته زاودي جو مطلب آھي ته
ھاڻي ھيءَ پنھنجو ڀاءُ آڻيندي.
چين ۾ اھڙيون ڇوڪريون جيڪي يتيم خاني ۾ پلجنديون آھن، انھن کي
مغربي ملڪن جا بي اولاد جوڙا پالڻ لاءِ خريد ڪندا
رھن ٿا. خاص ڪري آمريڪي ماڻھو. چيني حڪومت انھن
ٻارڙين کي مغربي جوڙن جي حوالي ڪري ھر سال ڳري رقم
وصول ڪري رھي آھي. ھڪ اندازي مطابق ھن سال تقريباً
ٻه ھزار چيني ٻارڙيون آمريڪي بي اولاد جوڙن خريد
ڪيون. (1989ع ۾ اھو انگ صرف سورنھن ھو.) ٻارڙين کي
خريد ڪري پالڻ جو طريقو تمام سادو آھي. پالڻ وارن
کي في ٻارڙي کي 3_ ھزار آمريڪي ڊالر ڏيڻا پوندا
آھن.
انھيءَ ريت چين ۾ ٻارڙين جو وڪرو ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ڇڏي
آھي. اھڙيءَ طرح چين کي سالانوتقريباً پندرھن ملين
جي آمدني ٿي رھي آھي.
ڀارت ۾ به ڇوڪرين جي حالات زندگي چين کان ڪجھ مختلف ڪانھي. ھتي
به نياڻين کي قتل ڪرڻ ۽ وڪڻڻ جو طريقه ڪار اُھوئي
آھي، جيڪو چين ۾ آھي. ھتي وڌيڪ مسئلو ڏاج جو به
آھي جيڪو شاديءَ جي موقعي تي گھوٽيتا گھرندا آھن.
قانوني طور تي ڀارت ۾ ڏاج تي پابندي آھي. پر گھڻن
علائقن ۾ خاندانن ۾ قانون جي پابندي نٿي ڪئي وڃي.
غريب گھراڻا ڏاج نٿا ڏيئي سگھن، انھن جي ڇوٽڪاري
جو بھترين طريقو اھو آھي ته ڇوڪرين کي ڄمڻ کان اڳ
يا ڄمڻ کان فوراً پوءِ ختم ڪيو وڃي.
”بھار“ ڀارت جو ھڪ اھڙو شھر آھي. جتي پيدائش مھل پٺيءَ جو ھڏو
ڀڃي ڇوڪريءَ کي ماريو ويندو آھي. راجستان جو صحرا
به اھڙين ٻارڙين جو قبرستان آھي. جتي انھن کي
زندهه دفن ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته مڌيه پرديش ۾
تماڪ جون پيٺل پتيون ڄاول ٻارڙيءَ جي نڙيءَ ۾ وجھي
ڇڏيندا آھن. جنھن جي ڪري جسم ۾ زھر ڦھلجي ويندو
آھي ۽ ٻارڙي مري ويندي آھي. اھو طريقو ٻھراڙيءَ ۾
رائج آھي. جڏھن ته وڏن شھرن ۾ الٽرا سائونڊ جي
ذريعي ڄمڻ کان پھرين ٻار جي جنس معلوم ڪئي ويندي
آھي. الٽرا سائونڊ جو مقصد پيدائش کان پھرين ماءُ
۽ ٻار جي صحت جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ آھي. پر
ايشيا ۾ ھيءَ ايجاد ھزارين ٻارڙين جي موت جوسبب
بڻي آھي. ھيءَ مشين جنھن جي قيمت ٻه ھزار آمريڪي
ڊالر کان به گھٽ آھي، سا آسانيءَ سان ھاڻ چين جي
ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ عام ڏٺي وڃي ٿي. اتي ھڪ الٽرا
سائونڊ مشينون موجود آھن.
”پنج سو رپيا ڀري مستقبل جا پنجاھه ھزار روپيا بچايو“ ھي جملو
ڀارتي پنجاب ۾ گھڻو مشھور آھي. ڇوڪرين جو ڄمڻ کان
اڳ موت نه صرف ڀارت جي ڳوٺن ۾ عام آھي، بلڪه شھرن
۾ پڙھيل لکيل ڀارت جي ڳوٺن ۾ عام آھي، بلڪه شھرن ۾
پڙھيل لکيل ماڻھن جو نظريو به مختلف ڪونھي. انھن
خيالن جو اظھار انڊين انسٽيٽيوٽ جي
KusmKumavi
ڪيو. جڏھن ته وومنز ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر، نيو
دھلي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وينا جو چوڻ آھي ته گھڻو
ڪري ڊاڪٽرز ۽ حڪومتي ايجنسيون اھڙي عمل کي خراب
نٿيون سمجھن، جنھن سان ڇوڪرين کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
ڇو ته انھن جي خيال ۾ اھڙيءَ طرح وڌندڙ آباديءَ تي قابو ڪري
سگھجي ٿو. بھرحال ھن ڳالھه کان انڪار ڪونھي ته اڳُ
غير انساني فعل آھي. چين ۾ ھن عمل خلاف ھڪ قانون
پاس ٿي چڪو آھي پر اھو فقط ھڪ ڪاغذي ڪاروائي آھي.
انھيءَ تي عمل ھڪ سيڪڙو به نٿو ٿئي. ڀارت ۾ ھن عمل
کي روڪڻ لاءِ قانون منظور ڪرائڻ جي سلسلي ۾
دستاويز صدر کي روانا ڪيا ويا آھن. پر ھڪ سال گذرڻ
کان پوءِ به ڪجھ ھڙ حاصل نه ٿيو آھي.
جيڪڏھن جنوبي ڪوريا ۾ عورتن ۽ مردن جي انگ جو جائزو وٺون ته سؤ
جي مقابلي ۾ ستر نظر ايندو. ھڪ آمريڪي محقق فيلڊ
جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ايشيا ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي
وچ ۾ وڌندڙ فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ھاڻ کان ئي ڪو قدم
نه کنيو ويو ته آئينده صديءَ ۾ ھنن ملڪن کي بي
شمار مسئلن کي مُنھن ڏيڻو پوندو. بھتر اھو آھي ته
بجاءِ ڇوڪرين کي مارڻ ۽ اُنھڻ جي پيدائش کي روڪڻ
کان اُنھن معصوم نياڻين کي تعليم جي زيورسان
آراسته ڪرڻ سان گڏو گڏ اُنھن کي بھترين تربيت به
ڏني وڃي ته جيئن ھو به ڇوڪرن وانگر پنھنجي خاندان
جون سنڀاليندڙ ٿي سگھن. فيلڊ جي چوڻ مطابق وڌندڙ
فرق جو نتيجو سامھون اچڻ شروع ٿي ويندو. ٿي سگھي
ٿو ته ڪيترائي مائٽ ڇوڪرن ھئڻ جي باوجود پنھنجن
پوٽن کي کيڏائڻ جي آرزو پوري نه ڪري سگھن.
جنگ مئگزين جي ٿورن سان!
****
آزاد
دنيا ۾ ڇا عورتون آزاد آھن؟
پيرٽ سارتني/سنڌيڪار: ساحره اعجاز
(عورتن جي سماجي حيثيت ھاڻوڪي دور جي اڳ جي مسئلن مان ھڪ آھي،
ھن مسئلي تي دنيا جا ماھر معاشيات، عمرانيات،
سياستدان وغيره سنجيدگيءَ سان غور ۽ فڪر ڪري رھيا
آھن. فرانس جي عمرانيات جي ماھر پيرٽ سارتنيءَ ھڪ
ڪتاب جنھن جو عنوان”ڇا عورتون آزاد آھن”لکيائين.
جنھن ۾ ھن ترقي ڪيل سرمائيدار ملڪن جي عورتن جي
حالت تي بحث ڪيو آھي. ھتي سندس ڪتاب جو خلاصو پيش
ڪجي ٿو).(سرخ پرچم تان ورتل)
عورتن کي مردن جي مقابلي ۾ برابر حق ڏيڻ جي جدوجھد قديم زماني
کان جاري آھي، پر ھينئر تائين ڪابه خاص ڪاميابي
حاصل نه ٿي سگھي آھي. عورتن کي مردن جي مقابلي ۾
ھينئر به گھٽ حيثيت ڏني ٿي وڃي. ھينئر اھو مسئلو
بين الاقوامي صورت اختيار ڪري ويو آھي ۽ دنيا جي
ھر پاسي عورتن کي مردن ي برابر حق ڏيڻ جي جدوجھد
جاري آھي، پر ان جي باوجود محنت ڪندڙ مردن جي دنيا
۾ ڇا عورتون آزادي ماڻي سگھيون آھن؟ عورتن کي
برابر حق ڏيڻ جو مسئلو ھڪ مشڪل ۽ گڏوگڏ شڪي مسئلو
به آھي. گھڻي جدوجهد جي باوجود عورتن کي مزدوري
ڪرڻ جو حق اڃا تائين حاصل نه ٿي سگھيو آھي. ڪجھه
پسند وارين عورتن کي ڇڏي، گھڻين کي اڃا تائين اھو
حق حاصل ڪونھي ته اھي پنھنجيءَ مرضيءَ مطابق زندگي
گذاري سگھن. جيڪڏھن ان ڳالھه تي غور ڪيو وڃي ته ھي
سوال سمجھڻ به ڏکيو ڪونھي ته جديد دور جون گھڻيون
عورتون پنھنجي علم ۽ ھنر مطابق عھدا قبول ڪن ٿيون.
تنھن ھوندي به 80سيڪڙو روزگار سان لڳل عورتون
پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪم نه ڪنديون آھن. پر انھن کي
مرضيءَ مطابق ڪم نه ڪنديون آھن. پر انھن کي مرضيءَ
خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن
عورتون حالتن جي خرابيءَ سبب به پنھنجي مرضيءَ
خلاف ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿينديون آھن. صرف 10 سيڪڙو
عورتون معاشي (مليل) آزادي حاصل ڪرڻ جي غرض سان ڪم
ڪنديون آھن ۽ 10سيڪڙو عورتون پنھنجي دانائي (حڪمت)
يا سماجي فائدي لاءِ ڪم ڪنديون آھن. اھا ڳالھه به
ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته محنت ڪندڙن جي دنيا ۾ عورتن
کي برداشت ته ڪيو ويندو آھي. پر انھن جو آڌر ڀاءُ
نه ڪيو ويندو آھي. مردن جي مقابلي ۾ انھن سان
بدترين سلوڪ ڪيو ويندو آھي. جيتري قدر ممڪن ھوندو
آھي انھن کي معمولي کان معمولي عھدو ڏنو ويندو
آھي، ۽ اھ۾ شعبن ۾ مردن کي رکيو ويندو آھي.
فرانس جي رُڪنن حڪومت ۾ عورتن جي ڳڻپ صرف اٺ سيڪڙو آھِ، 3سيڪڙو
انجنيئر، 19سيڪڙو وڪيل، 80سيڪڙو ڊاڪٽر (قانون
مطابق جيڪي عورتون ڊاڪٽر ھونديون آھن تن کي حڪومت
جي قائم ڪيل اسپتالن ۾ نوڪري ڏني ويندي آھي) ۽ صرف
ھڪ سيڪڙو تعميرات جي ماھر (اھو اُھو پيشو آھي جيڪو
عورتن جي رسائي کان گھڻو پري آھي) طور رکيو ويندو
آھي. ڪارخانن جي ميدان ۾ مرد فورمين جي ڳڻپ 3 لک
18ھزار 8 سؤ آھي. ان ڳالھه جو به خيال رکيو وڃي ته
ڪجھ اھڙا عھدا آھن جيڪي عورتن کي ڪنھن به حال ۾ نه
ڏنا ويندا آھن مثلاً اعليٰ انتظامي ڪم ۽ مال جي
حفاظت لاءِ انسپيڪٽري. چاھي عورتن جي تعليم ڪيتري
به ھجي.
عورتن کي گھڻو ڪري ھڪڙي ئي قسم جو ڪم ڏنو ويندو آھي. جيڪو عام
روايت مطابق آسان ھوندو آھي. اھا حقيقت آھي ته
عورتون عام طور اھڙن ڪمن کي پسند ڪنديون آھن. اھي
ان ڪري ڪنديون آھن جو اھڙن ڪمن کان پوءِ کين
پنھنجي گھرو مسئلن جي حل لاءِ آزاديءَ سان سوچڻ جو
موقعو ملندو آھي. پر ڪي اھڙيون به آھن جيڪي اھڙن
ڪمن مان خوش نه ٿينديون آھن. اھي چاھينديون آھن ته
انھن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ھجي ته جيئن
مردن جي مقابلي ۾ بيھي سگھن.
برابر پگھار جي اصول تي ڪنھن کي ڪنھن تي اختلاف ڪونھي. پر حقيقت
اھا آھي ته ان تي عمل ڪوبه ڪونه ڪندو آھي. جيڪڏھن
اسان پگھاارن تي نظر وجھون ته اسان کي معلوم ٿيندو
ته ڪارخانن جي ھر شعبي ۾ ڪيميڪلن جي شعبي کي ڇڏي
باقي ٻين ۾ مردن جي في ڪلاڪ پگھار عورتن جي مقابلي
۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آھي.
ماھوار پگھار وٺندڙ مزدورن جي پگھارن ۾ فرق گھٽ آھي. پر منتظم
اعليٰ جي پگھارن ۾ گھڻو فرق موجود آھي. جتي عورتن
جي پگھار مردن جي مقابلي ۾ 35کان 39سيڪڙو گھٽ آھي.
اھڙن عھدن تي عورتن کي ان وقت کنيو ويندو آھي،
جڏھن سندن مقابلي ۾ مردن جي تعليمي صلاحيت گھٽ
ھوندي آھي.
گھڻيون عورتون چاھي شادي شده ھجن يا غير شادي شده ھزارين
ٻارن۽ڪراڙن جو سھارو بڻجنديون آھن، تنھن ھوندي به
عورتن جي پگھارن کي ٻيو درجو ڏنو ويندو آھي.
جيڪڏھن ساڳيون عورتون انھن ٻارن ۽ ڪراڙن جو سھارو
نه ٿين ته لازمي آھي ته انھن جو ٻار معاشري کي
کڻڻو پوندو. گھڻيون شادي شده عورتون گھٽ اجوري تي
ڪم ڪرڻ لاءِ ان ڪري تيار ٿي وينديون آھن جو انھن
جي مردن پگھار گھر جي خرچن لاءِ ناڪافي ھوندي آھي.
اھوئي سبب آھي جو مزدوريءَ جو رستو کُليل ھئڻ جي
باوجود عورتن کي جسم فروشي کان ڇوٽڪارو ملي نه
سگھيو آھي. ھڪ ڀيرو ھڪ جنرل اسٽور جي مالڪ پاڻ وٽ
ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کي جيڪي پنھنجي پگھار وڌائڻ لاءِ
مطالبو ڪري رھيون ھيون، نوڪريءَ کان ڪڍڻ جي ڌمڪي
ڏني. ان مان معلوم ٿيو ته.. ۽ آفيس ڊيوٽيءَ ۾
ڪشمڪش جاري آھي. جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوبه شخص
سنجيدگيءَ سان ڪوشش نٿو ڪري.
اھو سوچڻ به غلط آھي ته مزدوري ڪندڙ عورتون گھڻن ڪمن کان ڪٽجي
وينديون آھن. حقيقت اھا آھي جو مزدوري ڪرڻ جي
باوجود انھن جون ٻيون مصروفيتون برقرار رھنديون
آھن. جيڪي گھر تائين محدود ڪونھن. عورتن جي پگھار
۾ جيڪڏھن اضافو ٿيندو آھي انھن جي عزت ٿيندي آھي.
۽ سندن مڙسن مٿان معاشي بار نه، پر معاشي پريشانين
کان آزادي ملي ويندي آھي.
ڇا مزدور عورتون پنھنجن ٻارن لاءِ بدترين مائون ثابت ٿينديون
آھن؟ اھو ثبوت ڪڏھن انتھا تائين پھچي نه سگھيو آھي
ته اھو مڙس جيڪو گھر ڀاتين ماڻھن جي بار کڻڻ جو
ذميوار ھوندو آھي. سو پنھنجي زال سان خوش رھندو
آھي، ۽ نه ئي اھو ثابت ٿي سگھيو آھي ته ٻار حڪم
ھلائيندڙ مائرن سان گھڻو خوش رھندا آھن يا انھڻ
مائرن سان جيڪي مزدوري ڪنديون آھن. حالانڪ محنت
مزدوري ڪندڙ مائون اھڙن ٻارن جي مسئلن کي گھڻو
سمجھنديون آھن. ڇو ته اھي اھڙن مسئلن کان واقف
ھونديون آھن.
ان طرفداريءَ کي جيڪڏھن ختم ڪيو وڃي ته عورتن جي ھزارين مسئلن
جو ڇوٽڪارو ملي ويندو. عورتن تي ھڪ الزام اھو به
لڳايو ويندو آھي ته اھي پنھنجي ڪم کان گھڻو ڪري
غير حاضر ھونديون آھن. جڏھن ته ڳڻپ مطابق ھڪ ھزار
مزدور عورتن مان 1،9۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ ھزار مان
صرف 12عورتون حمل جي ڪري غير حاضر رھنديون آھن.
حقيقت اھا آھي ته حمل وارين عورتن جي غير حاضري جو
تعداد ايترو ناھي ھوندو. جيترو مردن جو دل جي
بيمارين جي ڪري غير حاضر رھڻ. ان جو وڏو سبب گھٽ
اجورو آھي. جنھن گھر ۾ مڙس جي مقابلي ۾ زال گھڻي
پگھار کڻندي آھي. اتي مرد گھڻو ڪري پنھنجي ڪم کان
غير حاضر رھندو آھي.
جڏھن ٻار وڏو ٿي ويندو آھي. تڏھن گھڻيون عورتون گھر کان ٻاھر
پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن. پنجاھ سالن
جي ڄمار ٻنھين جنسن لاءِ خطرناڪ ھوندي آھي، ڇو ته
ان ڄمار تائين پھچڻ کان پوءِ انھن ۾ گھٽتائي
جواحساس اڀرڻ لڳندو آھي. انسان پنھنجي ذھني
صلاحيتن جو استعمال نه ڪندو ته ان جي دماغي صلاحيت
گھٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي. اھوئي سبب آھي جو جيڪي
ماڻھو پنھنجو پاڻ کي مصروف رکندا آھن، اھي ڪم نه
ڪندڙن جي مقابلي ۾ گھڻا صحتمند رھندا آھن. انھن
لاءِ پنجاھ سالن جي ڄمار اُھا ڄمار آھي، جتي اُھي
ڪاميابي ماڻي پنھنجي گھٽجندڙ خوبصورتي جو پورائو
ڪري سگھن ٿا، ۽ اھو پورائو ذھني صلاحتين کي ڪم آڻي
سگھجي ٿو. اھي عورتون جيڪي گھٽتائيءَ جو شڪار ٿي
پنھنجو پاڻ کي گھر تائين محدود رکنديون آھن، سي به
مصروف رھڻ جي ڪري پنھنجو خوف دور ڪري سگھن ٿيون.
معاشي ميدان ۾ عورتن کي ڪوبه موقعو نه ڏنو ويو آھي. جڏھن ته
تاثر اھو ڏنو ويندو آھي ته عورتن کي زندگيءَ جي ھر
شعبي ۾ اچڻ جي آزادي آھي. ڪڏھن ته بي روزگاري تي
ڳوڙھا ڳاڙيا ويندا آھن، ۽ ڪڏھن بي روزگار ۽ عورتن
خلاف گمراھه ڪندڙ ڳالھيون ڪيون وينديون آھن.
حقيقت ۾ انسان پنھنجي صلاحيت ۽ عقل مطابق ڪم ڪندو آھي، ۽ ان ۾
ھر شخص جي ڪم ڪرڻ جي نوعيت جُدا ھوندي آھي. پر ان
جي خلاف عورتن کي گھر جي ڪمن جي سلسلي ۾ مختلف
طريقا اختيارڪرڻا پوندا آھن. انھن کي گھرجي پگھار
مطابق گھر جو حساب رکڻو پوندو آھي، ۽ گڏو گڏ قرضن
جي واپسي ڪرڻي پوندي آھي، گھر جي ڪمن جي اھميت کي
بلڪل نظر انداز ڪيو ويندو آھي. حالانڪ عورت پنھنجي
ناقدري جي باوجود گھرو معاملن ۾ نھايت نمايان نظر
ايندي آھي. پنھنجي مڙس کي خوش رکڻ لاءِ مشڪل کان
مشڪل ڪم ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندي آھي.
گھرن ۾ قيد عورتن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ھڪ اھڙي ڪوشش جي ضرورت
آھي. جنھن سان گھڻي کان گھڻين عورتن کي روزگار ڏنو
وڃي، جنھن سان گھڻي کان گھڻين عورتن کي روزگار ڏنو
وڃي، عورتن کي روزگار ڏيڻ جو ھاڻوڪو طريقو ناڪافي
آھي، ضرورت ان ڳالھه جي آڳي ته عورتن جي
تنظيمن/انجمنن مطابق نوان نوان ڪارخانا قائم ڪيا
وڃن. جن سان گھرو ماحول قائم رھي. حالانڪ وڏا
سرمائيدار ان جي مخالفت ڪندا آھن. گذريل صديءَ ۾
عورتن جي زندگيءَ ۾ جيڪا تبديلي ٿي ھئي ان ۾ آھستي
آھستي اضافو ٿي رھيو آھي، پر پوريءَ طرح سان
عورتون اڃا به آزاد نه ٿي سگھيون آھن.
*** |