رپورٽ
سنڌ يجوڪيشن اڪئڊمي
(SEA)
پاران، خير النساءِ جعفريءَ سان سُرهي سانجهه
ملهائي وئي، جنهن جي صدارت آصف علي – جي –قاضيءَ
ڪئي، خاص مهمان لاءِ محمد ابراهيم جوئي جو نالو
هو، پر سندس نه اچڻ تي عمر ميمڻ اها ڪرسي والاري.
جوئي صاحب جي نه اچڻ جي ڪارڻ ٻڌائڻ جو فرض به
سائين عمر ادا ڪيو، جيڪو
SEA
(سنڌ ايجوڪيشن اڪئڊمي) وارن کي ادا ڪرڻو هو.
اها شام سڄو سال رات ۾ تبديل ٿيندي رهي، پر 24 نومبر جي شام خير
النساءِ جعفريءَ جي پتيءَ جي هئي؛ جنهن ۾ سندس
شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا ۽ زبردست خراج تحسين
پيش ڪيو ويو.
خير النساءِ جعفريءَ جي فن ۽ شخصيت تي ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو،
نورالهديٰ شاهه، ڊاڪٽر شمس، اياز لطيف پليجي، رسول
بخش پليجي، سعيده بشير، رشيده حجاب ڳالهايو.
فنڪشن هميشھ وانگي 5 وڳي بدران 7 وڳي شروع ٿيو ۽ 9.30 تائين
تقريرون هليون ۽ پوءِ راڳ رهاڻ ٿي.
ادارو
*
ثمينه ميمڻ
لڳيس جنهن جي لام
هوءَ پنهنجن خيالن کان تڏهن آجي ٿي جڏهن اياز هن جي ڀر ۾ اچي
بيٺو. ڇو! ٻُڌين ڪونه پئي ڇا! مان آهيان جو سڏي
سڏي ٿڪجي پيو آهيان ۽ تون آهين جو مزي سان چانهه
پئي پين. زينيءَ ڪجهه نه ڪڇندي صرف ٿڪل نيڻ کڻي
اياز کي ڏٺو ۽ چانهه جا هلڪا هلڪا سَپَ ڀرڻ لڳي.
”توکي آهيان، ڪنهن کي آهيان، جو ٻُڌين نه ٿي. اياز جواب نه
ڏيندو ڏسي زينيءَ تي گرم ٿي ويو.
”ها ٻڌايو ڪهڙو ڪم آهي؟“ زينيءَ ٽيبل تي ڪوپ رکندي چيو.
”توکي خبر ناهي اڄ مون کي ميٽنگ تي وڃڻو آهي. ڪپڙا ڪٿي آهن
منهنجا؟“
زينيءَ کي هونئن ئي چڙ هئي سو خار مان اُٿي وارڊ روب مان ڪپڙا
کڻي استري ڪرڻ لڳي. انهيءَ جي معنيٰ ڪپڙا اڃا هاڻي
استري ٿيندا. اياز هاڻ وڌيڪ تپي ويو.
ڀلا مان به ڇا ڇا ڪيان هڪ ته ڪم واري مائي نه آئي آهي. صبح کان
سڄو گهر ٽڙيو پکڙيو پيو هو. انهيءَ کي به ته ڏسڻو
پيو. زينيءَ کي نه چاهيندي به جواب ڏيڻو پيو.
اڃا ماين کي مٿي تي چاڙهيو، توهان عورتون نه سڌرنديون، توهان کي
پٽ تان کڻي عرش تي پهچائجي تڏهن به اهي ئي رهندو.
توهان ڇا ڄاڻو ته ماين کان ڪم ڪيئن وٺبو آهي. ڪڏهن
نوڪر بيهاريا هجِنوَ ته خبر به هجيوَ. اياز ٽوڪ
هڻندي باٿ روم ۾ گهڙي ويو.
زينيءَ جي دل به سوچيو ته جواب ڏئي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي
پر...... رات واري جهيڙي کانپوءِ ته هوءَ وڌيڪ
پريشان ٿي پئي هئي، ڇا ڪري هوءَ، ڪنهن کي ٻڌائي
پنهنجي اندر جي وارتا ته هوءَ ايڏين خوشين هوندي
به خوش ناهي، ڪنهن کي ٻڌائي ته سڄي رات هوءَ ننڊ
نه ڪري سگهي آهي. هاڻ ته هي روز جو معمول بنجي ويو
هو. آخر ڇو هوءَ مجبور ٿي پئي آهي، ڇو نه ٿي ڇڏي
ڏئي اياز کي، جيڪو هاڻ هُن جو رهيو ئي ناهي. سندس
ڪهڙي حيثيت آهي هن گهر ۾، ڇا! صرف هوءَ هاڻ گهر ۾
فارمل آهي؟ رات وارا اياز جا لفظ ياد اچڻ لڳس.
انهيءَ اياز جي ڪري جنهن جي ڪري مائٽن جي سامهون
ٿي هئي. ڪيڏو نه سرتين سمجهايو هئس سندس کي، ته
اياز اُهو ناهي جهڙو تون هُن لاءِ ماندي آهين.
ڀلا ڪيئن نه سمجهي اياز جي سچاين کي جڏهن سندس رشتو پنهنجي سوٽ
سان ٿئي ٿيو. اياز ڪيڏو نه اتاولو ٿيو هو. سندس کي
انڪار لاءِ چيو هئائين. ڀلا اڃا ڪهڙي سچائي کپي
هُن کي اياز جي. پاڻ به ته چاهيو هئائين اياز کي.
پوءِ ڇو نه مائٽن کي راضي ڪري اياز لاءِ.
هوءَ ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿيندي وئي. اياز ته الائي ڪيڏي مهل هليو
ويو هئو، سڄو گهر ته ٽڙيو پکڙيو پيو هئو، پر ڪنهن
به ڪم ۾ دل نه لڳيس. سندس کي ياد پئي آيو. اِهو ئي
اياز جيڪو سندس کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هئو. آفيس وڃڻ
کان اڳ ۾ هدايتون جاري ڪري ويندو هئو مان اچان ته
ائين نه ٿئي جو تون هيڏن نوڪرن هوندين ميرا ڪپڙا
پائي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪرين. مون کي اهڙيون مايون
نه وڻنديون آهن. جنهن جي جسم مان هر وقت رڌ پچاءَ
جي ڌپ اچڻ لڳي. مان صرف توکي تيار ٿيل روپ ۾ ڏسان.
سوچڻ لڳندي هئي چئي ڏئي اياز کي ته هر مرد چاهيندو
هوندو ته سندس زال هر وقت سهي سنڀري پئي هجي. پر
هر عورت ائين ڪري ته نه ٿي سگهي. سندن مڙس چاهيندي
به پنهنجي زالن کي ايڏو خوش ته نه ٿا رکي سگهن.
پوءِ ڀلا ڇا اُنهن مردن کي زالون نه وڻنديون
هونديون. هي جيڪي مايون پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ ڪم
ڪن ٿيون ڇا اُهي پنهنجي مردن کي نه وڻنديون
هونديون. ائين ته ناهي مرد جي سچائي اها ئي ته آهي
جو عورت کي هر روپ ۾ چاهي پر ڪجهه نه چئي سگهي
هئي. اياز کي صرف انهيءَ کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ ڪم
ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين ۽ اياز جي اڳيان مورتي بڻيل
رهي هميشھ ڀلا پاڻ به ڇو نه خوش ٿئي، ايڏيون
آسائشون جو هيس. هاڻ ته ڪم به وسري ويو هئس. صرف
اياز جي ڪري هُن کي ائين ڪرڻو پيو هئو پر اهو ڇا
ٿيندو ويو. اياز هُن کان پرتي ڇو ٿيندو ويو. اُهو
ئي اياز جيڪو سندس ڀر ۾ ويهڻ چاهيندو هئو. اهوئي
هاڻ ائين بدليو هئو. پاڻ جڏهن به شڪايت ڪرڻ لڳي
هئي اياز سان ته اياز هن کي خاموش ڪري ڇڏيو هئو
پنهنجي اسٽيٽس جو رعب وجهي. ڇا ٿي ڪري سگهي. ڪجهه
به ته نه. ڀلا سندس وٽ ڇاجي ڪمي هئي. هر آسائش ته
موجود هئي پوءِ ڇاجي ٿي ڪيائين شڪايت. پر اياز
جڏهن گهڻو وقت ٻاهر رهڻ لڳو ڪاوڙ هئي اياز سان، پر
اياز اهو چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هئس ته هيڏي اسٽيٽس
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ته لوڙڻو پوندو، گهر ويٺي ته
ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو. سوچيندي هئي چئي ڏئي اياز
کي، ته مون توکي تنهنجي اسٽيٽس جي ڪري ڪونه قبوليو
هئو صرف تنهنجي پسند جي ڪري توڏانهن وڌي هئس. مون
کي ڪنهن به اسٽيٽس جي ضرورت ڪونهي. صرف تنهنجي
گهرج آهي مون کي، پر ڪڏهن چئي نه سگهي هئي.
هاڻ ته سڳنڌ ۽ سرواڻ جي ذميداري به وڌي هئس. انهن کي به پيءُ جي
پيار جي ضرورت هئي. پر ڪڏهن به سونهن ۽ سرواڻ کي
پيءُ جو پيار نه ڏنو هئائين. ڪڏهن ساڻس کلي نه
ڳالهايو هئائين. گهر ۾ گهڙندو هئو ته ايڏي خاموشي
ڇانئجي ويندي هئي ڄن ڪو راڪاس گهڙي آيو هجي. هاڻ
ته ٻار به اياز کان ڊڄڻ لڳا هئا. ڪيڏو نه اندر
وڍجڻ لڳندو هئس. جڏهن ٻار ڪمرن ۾ لڪڻ لڳندا هئا.
ڪنهن کي ٻڌائي، ڪنهن سان شڪايت ڪري. ڪنهن پاسي جي
به نه رهي هئي. انهيءَ اياز جي ڪري هر ڪنهن اڳيان
ڏٺي ٿي هئي. اهو ئي اياز هُن لاءِ اجنبي ٿي پيو
هئو. جيڪو سندس کي سڀن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندو هئو.
يونيورسٽيءَ ۾ سندس سونهن ۽ ذهين هجڻ جي دعويٰ
ڪندو وتندو هئو. ڇا اهو سڀڪجهه دوکو هئو. ڍونگ هئو
سندس کي حاصل ڪرڻ جو. آخر ڇو اياز بدليو هئو سندس
کان. ڇا نه ڏنو هئائين اياز کي. سوچڻ لڳي ته ڪن
مردن کي ته اهو بهانو هوندو آهي ٻي شادي ڪرڻ جو ته
سندن کي اولاد ڪونهي. پر هن ته ٻه ٻار ڏنا هئا
اياز جي جهوليءَ ۾. پوءِ به هو ٻين عورتن جي جستجو
۾ هئو. آخر ڇا جي ضرورت آهي اياز کي. هاڻ ته هو
ڏينهن جا ڏينهن گم رهڻ لڳو. ڀلا ڇو نه چوي اياز کي
آخر هوءَ سندس زال هئي. هاڻ ته ڇوڪريون به سندس
گهر اچڻ لڳيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن شڪايت ڪرڻ چاهيندي
به نه ڪري سگهندي هئي ڇو ته پاڻ پڙهيل هئي، جيڪڏهن
ڪجهه به چوي ٿي اياز کي ته هو ته ڪاوڙجي پوڻ ۾ دير
نه ڪندو ۽ سندس کي شڪي مزاج عورت کانسواءِ ڪجهه نه
چوندو. ان لاءِ هميشہ خاموش رهندي آئي هئي. پر
ڪيستائين اڃان به نه چوي اياز کي جڏهن موڪل واري
ڏينهن به فون جي اوسيئڙي ۾ ڪن اُڀا ڪري ويٺو هجي ۽
جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ويهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون
ڪري. اهو اياز جنهن وٽ هڪ منٽ به سندس لاءِ نه هو.
ڇا اياز جي منهن جي تاثرن مان سمجهڻ سندس لاءِ
ڪافي نه هئو ته ڪيڏو نه خوش لڳندو هئو. ڇا اڃا
هوءَ شڪ پئي ڪري. ڇا اياز کي ڇڏي ڏئي جيئن هو ڪري؟
ڇا هوءَ پنهنجي مڙس جي نئين عشق جو روڳ پنهنجن
اکين سان ڏسندي رهي؟ ڇا شادي ان لاءِ ڪبي آهي ته
مرد جڏهن چاهي ٻي عورت کي پنهنجي گهر ۾ آڻي اکين
سان ڏيکاريندو رهي سندس زال تڏهن به نه ڪڇي. ڇا
پڙهيل عورتن سان به ائين ٿي سگهي ٿو. هوءَ سوچڻ
لڳي هئي. هاڻ سندس کي ڇا ڪرڻو آهي. ڪجهه گهڙين
لاءِ من ۾ سوچ وراڪا ٿي ورائي ويس. ها پاڻ ڇڏي به
ته سگهي ٿي اياز کي، پاڻ به ته پڙهيل هئي. پاڻ کي
۽ پنهنجن ٻچن کي پالي ٿي سگهي. ڇو اياز جي در تي
ويچاري ٿي ويهي رهي ۽ جيڪو هُن جي ڪا پرواهه به نه
ڪڍي.
پر ڇا هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي هوءَ ان مرد کي ڪري ڏيکاري سگهي
ٿي، ڪنهن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته سندس سان ڪيڏي
ويساهه گهاتي ٿي آهي. پڙهيل هوندي به مرد اڳيان
ڪمزور ٿي پئي آهي. هيڏن آسائشن هوندي پاڻ کي هيڪلو
پئي ڀانئين. نه نه هوءَ ڀنڀرڪي پئي مون کي ڪجهه
ناهي ڪرڻو، ڇو ته جيڪڏهن هوءَ ڪڇي هئي رات گهڻن
ڏينهن کانپوءِ ته لفظ جيڪي اياز هُن کي چيا هئا
”تون هاڻ منهنجي لاءِ صرف فارمل آهين. منهنجي مرضي
آهي، جنهن سان وڃان جنهن کي آڻيان جنهن مهل اچان
توکي ڪو به اعتراض ناهي ڪرڻو. توکان ته اهي
ڇوڪريون سٺيون جن کي هيڏيون آسائشون ڏنيو وڃن ته
اهي هميشھ لاءِ خوش ٿي وڃن. پر توهان ناشڪريون
آهيو.“ دل چيس چئي ڏئي اياز کي ته توهان مرد
پڙهيل عورتن کي هيءُ آسائشون ڏئي خريد نٿا ڪري
سگهو. پر نه چئي سگهي هئي. هن کي خاموش رهڻو آهي
هميشھ لاءِ پنهنجي اولاد جي لاءِ سندس سڀ گس اتي
ئي ختم ٿيڻا آهن سندس کي ڪيڏانهن ناهي وڃڻو. هنن
بهارن هوندي به هُن کي خزان جو هيراڪ بڻجڻو آهي
ها......هميشھ لاءِ.
******
مينا بلوچ
چهرا
سامهون ڇٻر تي ويٺل هزار چهرا،
سڀ ڪوڙا، مئل ۽ بي بهار چهرا.
سندن اکين ۾ ڏٺم پنهنجو عڪس،
ڀانيم پاڻ کي سچو ۽ اهي بي معيار چهرا.
موت جي تڏي تي ٽهڪن مٿان ٽهڪ،
ڪهڙا ڪهڙا ٿا روپ بدلائين بي ميار چهرا.
کلڻ تي اهي به کليا مون ساڻ پر،
روئڻ تي منهن ڦيري ويٺا بيشمار چهرا.
وقت پوڻ تي کلي ويا سنگت ۽ يار،
ٻهڪڻ لڳا جيئن مينهن مان ٿين نروار چهرا.
سامهون ڇٻر تي ويٺل هزار چهرا،
سڀ ڪوڙا، مئل ۽ بي بهار چهرا.
*
شازيه شيخ
ڇِرڪي پيئي ڇير
سانوري شام سانوڻ جي اڱڻ ۾ ڀريا پير
خاموشي جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
ماٺ جي مندر ۾ ويهي لڪي لڪي من کي،
سپنن جي پوڄا جي ڪير وجهي ويا هيرَ
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
هوريان هوريان نيري اُڀ مٿان ڇو اڄ
رات جي ڪاري چادر جا پردا سُريا سوير.
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
اکين جي اونداهي اڱڻ ۾ ٻار ڏيئا،
اوسيئڙن ۽ آسن جا وري رکي ويو ڪير.
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
*
سلميٰ پنهور سان ملاقات
ملاقات ڪندڙ:ثمينه ميمڻ
ادب زندگيءَ جي انهن خوبصورت وارتائن، واقعن، ڏکن، پيڙائن، جذبن
۽ احساسن، اُڌمن ۽ اُمنگن جي اظهار جو نانءُ آهي،
جيڪي هن ڌرتيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي انسانن سان
پيش ايندا آهن. عورت هجي يا مرد اُنهن وارتائن جو
مٿانئس اولڙو ضرور پوندو آهي ۽ جڏهن اُهي واقعا
قلم سان ڪاغذ جي سيني تي لاهبا آهن ته تخليق جنم
وٺندي آهي.
سلميٰ پنهور نئين ٽهي جي نمائنده شاعره جنهن ننڍڙي عمر ۾ تمام
گهڻو لکيو آهي؛ کانئس ”سرتيون“ لاءِ انٽرويو ڪرڻ
لاءِ ٽيليفون تي ٽائيم ورتم، ته ٽهڪن ۾ پئجي وئي ۽
چيائين مان ايڏي وڏي ليکڪا ته ڪونه آهيان پر پوءِ
نيٺ انٽرويو لاءِ ”ها“ ڪيائين: جنهن مهل به اچين
مان حاضر آهيان.
مان به پين ۽ پنا کڻي سلميٰ پنهور سان انٽرويو ڪرڻ لاءِ سندس
گهر پهچي ويس.
ثمينه: توهان جو ادبي دنيا ۾ اچڻ جو سبب؟
سلميٰ:هرڪو ماڻهو پنهنجي ذات کي
Express
ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڳوليندو آهي. پوءِ جيڪو پاڻ
لاءِ صحيح محسوس ڪندو آهي ان تي هلندو آهي. جيئن
ته مون کي گهر جو ماحول ادبي مليو ۽ مون پنهنجي
ذات کي
Express
ڪرڻ لاءِ لکڻ جو سهارو ورتو.
ثمينه: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟
سلميٰ: دراصل مون لکڻ جي شروعات 1974ع کان ڪئي، جڏهن مان اڃا
ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئس. سڀ کان پهرين مون هڪ
ڪهاڻي لکي جيڪا ٻارڙن لاءِ نڪرندڙ ماهوار ”گل ڦل“
۾ ڇپي، پر پوءِ مون پاڻ لاءِ شاعريءَ کي وڌيڪ
موزون سمجهيو ۽ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
ثمينه: توهان اڄڪلهه ڇا ڪري رهيون آهيو؟
سلميٰ: هن سوال جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون، جيڪڏهن ادب جي حوالي
سان پڇين ٿي ته مان اڄڪلهه لکي به رهي آهيان ۽
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپجندڙ مختلف ڪتاب به
پڙهندي رهندي آهيان؛ ڇو ته پڙهڻ سان ئي سٺو لکجي
سگهجي ٿو، جيئن مان پنهنجين لکڻين ۾ سگهه آڻي
سگهان. باقي تعليمي ميدان ۾ مان هن وقت سنڌ
يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جي پهرئين سال جي
اسٽوڊنٽ آهيان.
ثمينه: شاعريءَ کان علاوه ٻي ڪهڙي صنف تي پيون لکو؟
سلميٰ: شاعريءَ کان علاوه مون ڪهاڻيون به لکيون آهن؛ ليڪن انهن
جو تعداد تمام ٿورو آهي، ان کانسواءِ مون ريڊيو
لاءِ به اسڪرپٽ لکيا، ڪجهه مزاحيا پروگرام به
ريڊيو لاءِ لکيم، مزاحيا شاعري به ڪيم، جيڪا ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿي، ان کان علاوه
ليکڪائن کان انٽرويو به ڪيم ۽ تعارف به لکيم ۽
ڪجهه مضمون به لکيا اٿم، پر بنيادي طور مان شاعره
آهيان.
ثيمنه: نون اسرندڙ اديبن جو شاعريءَ طرف وڌيڪ لاڙو ٿو ڏسجي
انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟
سلميٰ: شاعري اهڙي شي آهي، جيڪا هڪ ئي
Sitting
۾ لکي سگهجي ٿي ۽ نثر جي ڀيٽ ۾ جلد ماڻهن تائين
پهچي ٿي، ان کانپوءِ وڏي ڳالهه ته دنيا جي وڏي ۾
وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سنڌ ۾ جنم ورتو،
اسان جي سنڌ جو ماحول به شاعرانه آهي ۽ ننڍي هوندي
ماءُ جيڪا اسان کي لولي ڏئي ٿي اُها به هڪ شاعري
آهي. توهان ڏٺو هوندو ته ننڍي هوندي ڪورس جي ڪتابن
مان سبق جي ڀيٽ ۾ بيت جلدي ياد ٿي ويندا آهن، اهڙي
ريت شاعري سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي روح ۾ رچيل آهي.
اهي ئي سبب آهن جو اسان جا نوجوان نثر جي ڀيٽ ۾
شاعري وڌيڪ پڙهن ٿا ۽ لکن ٿا.
ثمينه: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ نئين ٽهيءَ کي
ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ کپي؟
سلميٰ: سڀ کان پهرين ڳالهه ته اڄ جو نوجوان پهرين پنهنجي ذات کي
سڃاڻي ته مان ڪير آهيان؟ ۽ مون کي ڪرڻو ڇا آهي؟
جيڪڏهن هو شاگرد آهي ته ديانتداريءَ سان پنهنجي
تعليم ڏي ڌيان ڏئي؛ ڇو ته جيڪڏهن هو اسٽيجن تي
بيهي سياسي تقريرون ڪندو ته هو عملي ميدان ۾ پوئتي
رهجي ويندو. مان سمجهان ٿي ته هر ماڻهوءَ کي
پنهنجي پنهنجي ڪم ۽ عمل کي ايمانداري سان سر انجام
ڏيڻ کپي.
ثمينه: توهان ڪجهه عرصو
Field Work
به ڪيو آهي، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ته توهان جي
سروي ڪيتري قدر ڪامياب وئي؟
سلميٰ: جيئن ته ٻار منهنجي ڪمزوري آهن ۽ مان جيڪا
Temporary Job
ڪئي اوها به ٻارڙن متعلق هئي، هڪ قسم جي
Health Survey
هئي، ٻين ملڪن جي مناسبت سان اسان جي ملڪ ۾ ٻارن
جي
Death
جي شرح تمام گهڻي آهي ۽ ان سروي ۾ اُن جا سبب
معلوم ڪرڻا هئا، ته آخر ڪهڙا سبب آهن؟ ڪِٿي ڪٿي
اسپتالن جون سهولتون آهن. اسان پوريءَ سنڌ ۾ ڳوٺن
۽ شهرن ۾ وڃي ڏٺو، ٻارن ۾ بيماريءَ جا سبب معلوم
ڪيا. ڪٿي اسپتالون هونديون هيون، ته ڊاڪٽر موجود
نه هوندا هئا؛ اسان جا ڊاڪٽر ڳوٺن ۾ وڃڻ نه
چاهيندا آهن، ڇو ته انهن کي اُتي شهر جهڙيون
سهوليتون مهيا نه هونديون آهن ۽ اسان جي ڳوٺن جي
حالت تمام گهڻي خراب آهي. اُتي سڌاري آڻڻ لاءِ
حڪومت سان گڏوگڏ سماجي تنظيمن ۽ عام ماڻهن جي به
ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ثمينه: ڪهڙي شاعر کي وڌيڪ پڙهنديون آهيو؟
سلميٰ: مان سمجهان ٿي ته جنهن به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي
پڙهيو هوندو، اهو وَر ور ڪري شاهه سائينءَ کي
چاهيندو، ڇو ته هر دفعي پڙهڻ سان مختلف ۽ ڄاڻ
ڏيندڙ سبق ملي ٿو. مون شاهه کانپوءِ شيخ اياز کي
به تمام گهڻو پڙحيو آهي، سندس هر سٽ ۾ نوجوانن
لاءِ هڪ خوبصورت پيغام آهي.
ثمينه: پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ توهان جا ڪهڙا ويچار آهن؟
سلميٰ: منهنجا ويچار ته شاعري منجهه آهن، باقي منهنجي شاعريءَ
بابت مان ڇا ٿي چئي سگهان، مان شاعري لکي قوم تي
احسان ڪونه ڪيو اٿم بس جيڪو ڪجهه منهنجي ذهن ۾
هوندو آهي لکندي آهيان ۽ پوءِ جيڪڏهن اُن مان ڪا
ڳالهه ڪنهن کي سُٺي لڳي ان لاءِ مان ڇا ٿي چئي
سگهان! پوءِ به مان اهو چونديس ته منهنجا اڃا سکڻ
جا مرحلا آهن.
ثمينه: ڪهڙن اديبن/شاعرن کان ماثر آهيو؟
سلميٰ: مان ڪنهن به نالي کان وڌ لکڻي کي اهميت ڏيندي آهيان
پوءِ به نثر ۾ نورالهديٰ شاهه، امرتا پريتم، امر
جليل منهنجا فيورٽ رائيٽر آهن. شاعريءَ ۾ شيخ
اياز، امداد حسيني، تاجل بيوس، اياز گُل، ادل
سومرو ۽ نياز پنهور جي شاعري مون کي تمام گهڻو
موهيندي آهي.
ثمينه: توهان کي شاعريءَ۾ ڪهڙي صنف وڌيڪ وڻندي آهي؟
سلميٰ: شاعري نالو آهي پابنديءَ جو اُها شاعري جيڪا ڳائي سگهجي،
اهڙي شاعري مون کي وڻندي آهي. شاعريءَ جي صنفن مان
مون کي غزل سڀ کان وڌيڪ وڻندو آهي.
ثمينه: معياري ادب جون خصوصيتون توهان جي نظر ۾؟
سلميٰ: اهو ادب جيڪو وقت حالتن، قوم ۽ ڌرتيءَ جي ضرورت سان هم
آهنگ هجي ۽ اعليٰ قدرن ۽ انسان دوستي جهڙن موضوعن
تي لکيل مواد هجي، جنهن ۾ فن، تخيل ۽ ٻوليءَ جي
پختگي هجي اهڙو ئي ادب اسان جي سُتل ماڻهن کي
جاڳائي سگهي ٿو.
ثمينه: ٽماهي ”سرتيون“ رسالو نڪري پيو ان باري ۾ توهان جي راءِ؟
سلميٰ: تنقيد براءِ اصلاح هوندي آهي ۽ مان هن رسالي کي پنهنجو
سمجهان ٿي، چاهيان ٿي ته ڪجهه چوان، سو جهڙو هن
رسالي جو معيار هئڻ کپي اُهو ناهي ، ڇو ته اسان جي
سنڌي عورتن لاءِ نڪرندڙ اهو واحد رسالو آهي، پر هن
۾ ڪهاڻين جي معيار جو خاص خيال نٿو رکيو وڃي ۽ اڃا
به هن ۾ سگهاري ادب جي ضرورت آهي.
ثمينه: شاعريءَ جي صنف ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڏُکي آهي. توهان
ٻڌايو ته اها ڳالهه ڪيتري قدر صحيح آهي؟
سلميٰ: اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، ڪابه شيءِ ڏکي سا سولي ناهي
هوندي. صرف اِن ڳالهه جي ضرورت هوندي آهي، ته اسان
جي لاءِ ڪهڙي صنف وڌيڪ موزونِ آهي ۽ اسان ڪهڙي
شيءِ وڌيڪ سگهاري لکي ٿا سگهون، مان شاعري به ڪئي
آهي، ته ڪهاڻيون به لکيون آهن، پر مان پاڻ لاءِ
شاعري کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ۽ شاعري ڪيم.
ثمينه: توهان ٻارڙن لاءِ ڪجهه لکيو آهي؟
سلميٰ: مان بيحد افسوس ۽ شرمندگيءَ سان چوندس ته مون ٻارڙن
لاءِ هڪ ڪهاڻي ۽ ڪجهه شعرن کانسواءِ ڪجهه به ناهي
لکيو. هاڻ منهنجي ذهن ۾ آهي ته مان ٻارڙن لاءِ به
ڪجهه لکان ۽ انشاءالله جلد لکندس.
ثمينه: هِن وقت لکجندڙ/ڇپجندڙ ادب جي باري ۾ توهان ڇا چونديون؟
سلميٰ: هن وقت جو ادب وقت جي حالتن ڦٽاندر آهي، پر پوءِ به سو
سيڪڙو وقت ۽ حالتن تي پورو نٿو لهي، ادب ۾ جتي
ٻيون شيون آهن، اهڙي ريت پنهنجي قوم ۽ وقت جي
حالتن مطابق لکجي ته اهو ڪامياب ادب آهي. رومينٽڪ
ادب به وقت مطابق ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن ماني کائڻ
لاءِ ڪونهي ۽ اسان وٽ رومينٽڪ ادب لکجي ته اهو
صحيح ناهي. اڄڪلهه سنڌي ادب ڪمرشلزم ڏانهن وڌي
رهيو آهي. اسان جو وڏو رائيٽر امر جليل به ڪمرشلزم
ڏانهن وڃي رهيو آهي. نج سنڌي انداز ۾ لکندڙ
عبدالقادر جوڻيجو به ٽي وي لاءِ ڊراما لکي رهيو
آهي. اڳي اسان جو ادب دنيا جي وڏن ٻولين ۾ ترجمو
ٿيندو هو پر هاڻ ائين نه پيو ٿئي. اڄ جو نوجوان
گهٽ اسٽڊي جي ڪري معياري ادب نه پيا لکن. اهيئي
سبب آهن جو شيخ اياز کانپوءِ اسان وٽ ڪوبه وڏو
شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
ثمينه: ٽي وي تي ايندڙ سنڌي پروگرامن جي باري ۾ راءِ؟
سلميٰ: ٽي وي تي اسان جي سنڌي پروگرامن جو حال تمام گهڻو ڏک
جهڙو آهي، اسان جا سنڌي پروڊيوسر ڪا خاص توجهه
پروگرامن ڏانهن نٿا ڏين، جيئن اڄڪلهه پرک کي ڏسو
ان ۾ اهڙا سوال پڇيا ويندا آهن، جيڪي ٻارڙن کي به
ايندا هوندا. هفتي جي انتظار کانپوءِ اسان جي روشن
مستقبل يعني ٻارڙن جي پروگرام ۾ سالن کان گٺل پيٺل
روايتون هلنديون اچن ٿيون، ڪابه تبديلي ڪونه ڪئي
ويئي آهي.
ثمينه: تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن پٺتي پيو وڃي ان جا اصل
ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
سلميٰ: اسان جي تعليم جي ڪرندڙ معيار جو ذميوار ڪنهن به هڪ ڌُر
کي نٿو ڪري سگهجي، پر پوءِ به ٽي خاص عنصر آهن. جن
جي گهٽ توجهه جي ڪري ڏينهون ڏينهن اسان جو تعليمي
معيار پٺتي پئجي رهيو آهي. هڪڙا مائٽ، استاد ۽
شاگرد، جيڪڏهن اهي ٽئي پنهنجي جڳهه تي سيريس ٿين
ته پنهنجي مستقبل کي تباهيءَ کان بچائي سگهن ٿيون.
ثمينه: اسان جي سنڌي سماج ۾
Working Women
جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
سلميٰ: اسان جي سماج ۾ عورت هميشھ ٻٽي محنت ڪندي رهي آهي، پوءِ
اها عورت ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ هارياڻي آهي، ته هو
پنهنجي گهر ٻار کي به سنڀالي ٿي، ته وري ٻئي پاسي
هوءَ پنهنجي وَر سان گڏ زمين تي به ڪم ڪري ٿي.
اهڙي ريت شهر جي عورت جاب به ڪري ٿي، ته پنهنجي
گهرکي به سنڀالي ٿي. ٻٽي محنت ڪرڻ کانپوءِ به کيس
اها حيثيت نٿي ملي، جنهن جي هوءَ حقدار آهي.
***
سلميٰ پنهور
غزل
وري نيهن ٻيهر لڳائي ته ڏسجي
وري وقت ساڳيو، ورائي ته ڏسجي.
هو تارن سان ڳالهيون، اوهان جون ئي سائين،
وري ڪوئي سپنو سجائي ته ڏسجي.
وري دل گهريو روئجي پوءِ کِلجي،
وري ننڊ نيڻن ڦٽائي ته ڏسجي.
وري خواب اکين ۾ هِن جهلملايا،
وري غير پنهنجو بنائي ته ڏسجي.
*
وائي
منهنجي تنهائي مٿان،
چنڊ هو روئي ڏنو!
هيڪلائي ۾ ڳڙي ڳوڙها پيا نيڻن منجهان،
چنڊ هو روئي ڏنو!
آئي پئي خوشبو اُڏامي ڪنهن پرانهين پار کان،
چنڊ هو روئي ڏنو!
تنهنجو نالو پئي لکيو مون ڪوري ڪاڳر جي مٿان،
چنڊ هو روئي ڏنو!
سمنڊ ساروڻين جو من ۾، لڙڪ ٿي پنهنجا پيان،
چنڊ هو روئي ڏنو!
*
غزل
منهنجي هٿ جي ريکائن مان،
تنهنجو نانءُ به مِٽجي ويو آ.
ڄڻ ميلي ۾ ڪوئي ٻالڪ،
پنهنجن کان ئي وڇڙي ويو آ.
تنهنجو ساٿ به سرءُ وانگر،
پن پن ٿي ڄڻ وکري ويو آ.
خواب به سارا لُڙهي ويا هِن،
ڄڻ ڪو ريلو گُذري ويو آ.
مرڪ سجائي هلان ائين ڄڻ،
تنهنجو ساٿ به وسري ويو آ.
پيار شهر جو هر هڪ منظر،
ڀڄي ٽٽي، اُجڙي ويو آ.
هر هنڌ باهيون ۽ بارود،
پکي امن جو اُڏري ويو.
*
وائي
ڏيهه سڄو ئي ڏوهي آهي،
ڪنهن کي ڪنهن کي ڦاهي ڏيندين!
هر ڪنهن هٿ ۾ زهري پيالو، هر ڪو سچ ٿو چاهي،
ڪنهن کي ڪنهن کي ڦاهي ڏيندين!
جذبن کي ڪنهن بند رکيو آ، توکي ڄاڻ به آهي،
ڪنهن کي ڪنهن کي ڦاهي ڏيندين!
هٿيارن مان هير جيان مان، ايندس رستو ٺاهي،
ڪنهن کي ڪنهن کي ڦاهي ڏيندين!
* |