سرتيون
*ڊاڪٽر ياسمين شيخ
اسان جي هيءُ سرتي تاريخ 19 نومبر 1992ع تي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾
گذاري ويئي. ياسمين جو موت واقعي ڏکوئيندڙ ۽ دل
ڏاريندڙ آهي. اسان سڀئي سرتيون هن سرتيءَ جي
پونيرن جي ڏک ۾ پاڻ کي شريڪ سمجهون ٿيون.
*مبارڪباد
اسان کي ڄاڻي اها خوشي ٿي آهي ته ام الڪلام پروفيسر ايس. مريم
نوحاڻي، ڊائريڪٽر آف ڪاليج ايڊيوڪيشن حيدرآباد سنڌ
ريجن کي پاڪستان فيڊريشن آف بزنيسس ائنڊ پروفيشنل
وومين پاران ”حضرت خديجتھ الڪبريٰ ايوارڊ“ ڏنو
ويو. ان ڏس ۾ ”سرتيون“ پاران پروفيسر ايس. مريم
نوحاڻي کي مبارڪون ڏيندي اسين بجا طور فخر محسوس
ڪريون ٿيون.
*سرتيون
”سرتيون“ نئين رنگ روپ ۾ توهان آڏو پيش آهي. ان ۾
ڪيترائي نوان مستقل سلسلا ۽ ڪالم پڻ آهن. اسان جون
سرتيون ڪيڏي چاهه سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي رهيون
آهن، ان جو ثبوت ”سرتيون“ ۾ ڇپيل سندن معياري مواد
آهي. ۽ يقيناً سرتين جي سهڪار کانسواءِ اهو سڀ
ڪجهه اسان لاءِ ممڪن ئي نه هو. آس اٿئون ته اسان
جون سرتيون پنهنجي رسالي ”سرتيون“ سان اهڙا ڀال
ڀلائينديون رهنديون.
ادارو
لطيفي لات
اکيون مينگهه ملار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.
سجدو فيل في الحال ڪيو، پَسي مُطلب نُورُ نراڙَ.
ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪِريا ڪوٽ ڪُفار.
آگي آسمانن جو، توکي ڪاريو سير ستار.
”ولَسوف يُعطيڪَ ربَڪ،“ توسين قادر ڪيا قرار.
قادر پاڻ قسم ڪيو، خاڪ قدمن جو ڪر تار.
آهين ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اَپار.
اُڪنڊيا جي اَبَر کي، سَرها ٿيا سنگهار.
موڪل ٿي مينهن کي، دوست هٿان دلدار.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
ٿل: عمر! بند رکبيون نه ڪنهن جون نياڻيون
مڙئي منهنجون شاهد اٿئي گَهرَ ڌڃاڻيون
1.وجهان ڀن، ڏيان ٻن، اهي محل ماڙيون
اسان لاءِ سڀڪي ولهارن جون واڙيون.
ڪٿي باغ بنگلا، ڪٿي لنب لاڻيون!
2.نهوڙي ڇڏيندءِ اندر واريون آهون
جي نه ته هيٺ رک تون هميشھ نگاهون
هلن پييون ڪيئي نياڻيون سياڻيون
3. اهي ڪوٽ تنهنجا ڀڄي ٿين ڀورا
ڏسان شل وطن ۾ هو سانگي سَدورا!
هِتي ڪئن ٺهن جي سنگهارَين ساماڻيون!
4. وڃايو ڪٿي تو ڀلا ڄم ڄاراتو!
سهي ڪينَ سگهندين پنوهارن پاراتو
ڪڏهن ٿيون پرايون جي وَرَ وٽ وڪاڻيون!
5. کڻي ڪير تنهنجن ڏي جيڪر نهاري
ته هڪدم ڇڏئي هوند سو ڏيل ڏاري
پُڇي ڏس تون پنهنجون وڃي وَڏ گِهراڻيون
6. سُکن کي نه طالب سنگهاريون سڃاڻن
اميراڻيون اهلون ڄَٽيون ڪينَ ڄاڻن
ٺهن ٿيون هتي ئي رڳي راڄ راڻيون
3-6-1968ع
6 ربيع الاول 1388 هه
پشاور
*
ٿل: لڳايم نيهن جو ناتو ، اهو ناتو! نڀائينديس.
1. نهوڙي ننڊ نيو هئي هئي! تڏهن سوڍي سُتي ڇڏيو
خبر مون کي نه هئي تان پاڻ کي پاڻهي رلائينديس
2. مهارون مَن وَري مورِ مَيَي جون پنهنجي مومل ڏي
ڳچيءَ ۾ پاندڙو پائي وڏا حيلا هلائينديس
3. لنگهي وينديس ته آخر ڍَٽَ ڌڻي مون سان وري ملندو
لُڍاڻي ۾ وڃي هڪ ڀيرو قسمت آزمائينديس
4. ڪنديس ميڙيون گهڻيون، پر جي نه موٽيو مينڌرو ماڳَهَن
وَچن آهي ته پنهنجي عمر پو ويهي وڃائينديس
5. رُٺل راڻو نه جي پرتو ته پوءِ مومل مُئي ٻُڌندئو
مري وينديس مگر مان ڪاڪ کي ليڪو نه لائينديس
6. هي هر هر طالب مولا چيو سائڻ ٿي ٻانهيَ کي
”اميد آهي رُٺل راڻي کي مٿن سان مڃائينديس“
2-4-1958ع
هالا
***
مريم بنت غلام محمد بُلو قسط ٻي
قرآن شريف ۾ عورتن جو ذڪر
سندس اولاد مان ڪيئي سَوَ يا هزار پيغمبر پيدا ٿيا وري اچو قصي
حضرت لُوط عليھ السلام جي تي اُهي ملائڪ جن حضرت
ابراهيم عليھ السلام ۽ سندس بيبي ساران کي پٽ ۽
پوٽي جي پيدا ٿيڻ جي سُڌ ڏني هئي، تن وڃي حضرت
لُوط عليھ السلام ۽ سندس پوئلڳ امتين کي سدوم شهر
مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان شهر کي پاڙان پٽي اونڌو ڪري
اڇليائون ۽ سندس نافرمان بدڪار باشندن کي پڪل
مٽيءَ جي گلولن سان چُٽي چُٽي ماري ڇڏيائون.
انهن ناخلف عذاب زده لُوطين ۾ حضرت لُوط عليھ السلام جي زال پڻ
هئي جيڪا مارجي ويئي.
پوءِ ذڪر آهي حضرت يوسف عليھ السلام جي بيبي زليخان جو جنهن
خواب ۾ هڪ سهڻو ڇوڪرو ڏٺو، جنهن لاءِ خواب ۾ ئي
ڪنهن شخص ٻڌايس ته تنهنجي ان سان شادي ٿيندي- مائي
زليخان ٿورن ڏينهن کانپوءِ بازار وئي جتي اهو ئي
حسين ڇوڪرو نيلام ٿيندو ڏٺائين ۽ کيس وڏي ملهه
خريديائين. مائي صاحبه کي نينگر سان نينهن ٿي ويو
کيس شهزادن وانگر پاليائين ۽ تعليم تربيت ڏيئي
ڀَڙُ ڪيائين. جڏهن جوان ٿيو تڏهن کيس چيائين ته
مون سان شادي ڪر تنهن تي حضرت يوسف عليھ السلام
وراڻيو ته اوهان جو مڙس زندهه آهي ۽ سندس مونتي
احسان آهن، جنهن جوبدلو مان برائيءَ سان ڏيڻ نٿو
گهران.
قصو ڪوتاهه مائي صاحب پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪيا ايتري قدر جو
حضرت يوسف تي تهمت هڻڻ کان به نه ٽري. بيزار ٿي
حضرت يوسف عليھ السلام بادشاهه کي عرض ڪيو ته مون
کي بدناميءَ کان بچڻ واسطي قيد خاني ۾ رکو ته جند
ڇٽي. سندس خواهش مطابق ڪيترا سال جيل ۾ رهيو- ان
وچ ۾ بادشاهه هڪڙو ڀوائتو خواب ڏٺو، جنهن جي تعبير
حضرت يوسف عليھ السلام ڪئي، جنهن جي عيوض کيس
بادشاهه آزاد ڪيو ۽ خزانن جو وزير به بڻايائينس جو
ان وچ ۾ مائي زليخان جو مڙس جيڪو وزير خزانه هو سو
فوت ٿي چڪو هو- حضرت يوسف عليھ السلام بادشاهه جي
وفات کانپوءِ پنهنجي دينداري، ايمانداري ۽ انصاف
پسندي سبب رعيت ۾ مقبوليت جي باعث مصر جو بادشاهه
بڻيو.
هڪ ڏينهن جيئن ئي بادشاهي شان شوڪت سان سواريءَ تي چڙهيو ڪنهن
رستي تان لانگهائو ٿيو ته ڏٺائين مائي زليخان رستي
جي ڪناري تي سقيم حالت ۾ اکين کان نابينا ٿيل ويٺي
هئي. حضرت يوسف عليھ السلام کي مائي صاحب جي پراڻي
اوج ۽ حسن وارا ڏهاڙا ۽ سندس احسان ياد اچي ويا
سواريءَ تان لهي مائيءَ وٽ ويو کيس دلداري ڏنائين
۽ سندس لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهريائين ته ان
جي برڪت سان مائي زليخان جُوان ٿي پيئي ۽ اکين جو
نُور ۽ حسن موٽي آيس پوءِ حضرت يوسف عليھ السلام
ساڻس شادي ڪئي ۽ منجهانئس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄايس.
حضرت يوسف عليھ السلام جي نياڻي بيبي رحيمان صلات الله عليها
حضرت ايوب صابر عليھ السلام جي گهر واري هئي، جنهن
جا سونهري رنگ جا وار هئا سندس مڙس حضرت ايوب عليھ
السلام ڪوڙهه جي مرض جو مريض هو. جنهن ڪري شهر جا
سڀئي ماڻهو هن کان ڪراهت کائيندا هئا- ان سبب کيس
شهر کان ٻاهر ڪنهن وڻ هيٺان وڃي ڦٽو ڪري آيا هئا
جتي سندس بيبي ساڻس گڏ رهندي هئي ۽ سندس خدمت پئي
ڪندي هئي. مائي صاحبه پورهيو ڪري مڙس واسطي کاڌو
پيتو وٺي آڻيندي هئي. هڪ ڏينهن بيبي صاحبه کي
پورهيو ڪونه مليو، تنهن ڪري هڪ يهودياڻي عورت وٽ
وئي ۽ کيس منٿ ڪيائين ته مون کي ڪجهه پئسا اڌارا
ڏي ته مڙس واسطي کاڌو خريد ڪريان. يهودياڻي چيس ته
ائين پئسا ڪونه ڏيندي سانءِ پر پنهنجي مٿي جا
سونهري وار مون کي ڪتري ڏي ته ڏيانءِ. بيبي صاحبه
مجبور ٿي سندس ڳالهه مڃي ۽ وار کيس ڪتري ڏنائين.
انهيءَ وچ ۾ حضرت ايوب صابر عليھ السلام کي بک لڳي
۽ بيبي صاحبه جو دير سان موٽڻ به کيس ڳرو لڳو،
تنهن ڪري بي آرام ٿي چيائين ته رحيمان اچي ته کيس
هڪ سئو چهبڪ هڻندس. ان صورتحال ۾ رب تعاليٰ کي
ٻاڏايائين ته مالڪ مون تي رحم فرماءِ جو آئون
بيماري سبب بي حال ٿيو آهيان، جيڪا مون کي شيطان
جي ڇُهي وڃڻ سبب ٿي آهي. يڪدم مالڪ جو ملائڪ آيو،
جنهن حڪم الله تعاليٰ جو پهچايس ته جنهن جاءِ تي
ويٺو آهين، اتي ڌرتيءَ تي لت مار ته اتان ٿڏي مٺي
پاڻيءَ جو چشمو ڦاٽندو ان پاڻيءَ ۾ تڙ ڪر ۽ اهو
پيءُ ته تنهنجو مرض هليو ويندو- ائين عمل ڪيائين
ته سندس بيماري به هلي ويئي ۽ جُوان به ٿي پيو-
وري ٻيو حڪم مالڪ جو ٿس ته پنهنجي بيبي کي جيڪو هڪ
سئو چهبڪن هڻڻ جو عهد ڪيو اٿيئي تنهن جي بدلي ۾ هڪ
ٻهاري ٻناءِ جنهن ۾ هڪ سئو تيليون ڳڻي وجهه ۽ ان
ٻهاريءَ کي بيبي صاحبه کي هڻ ته تنهنجو انجام پورو
ٿي ويندو- ايتري ۾ بيبي صاحبه اچي ويئي ۽ حضرت
ايوب عليھ السلام بابت ويٺل جواب کان پڇيائين ته
هتي ويٺل پوڙهو بيمار شخص ڪيڏانهن ويو.
جنهن تي جوان فرمايس ته اُهو ائون آهيان ۽ پوءِ مائي صاحبه کي
چيائين ته هن چشمي مان تون به وهنج ۽ پاڻي پيءُ ته
جواب ٿي پوندينءَ. مائي صاحبه پڻ ائين ڪيو ۽ جوان
ٿي پئي ۽ بعد ۾ هڪ سئو تيلين واري ٻهاري مڙسس سندس
بدن تي هنئي. عليهم الصلوات والسلام.
مصر جي بادشاهه فرعون جي درٻار جي نجومين اڳ ڪٿي ڪئي ته بني
اسرائيل جي قوم مان هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو
تنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندو- فرعون اُتي جو
اُتي فرمان جاري ڪيو ته بني اسرائيلن جي خاندان ۾
جيڪو به نر ٻار پيدا ٿئي ان جو قتل ڪيو وڃي. اهڙي
طرح هن ڪيترائي بني اسرائيلي ٻار ڪُهائي ڇڏيا-
اتفاق سان حضرت موسيٰ عليھ السلام جي والده پٽ
ڄڻيو- هوءَ خوفزده ٿي ته هن ٻار کي ڪاڏي ڪيان تنهن
تي الله تعاليٰ جي طرفان کيس الهام ٿيو ته ٻار کي
ڪنهن ڪاٺوڙي صندوق ۾ بند ڪري واهه ۾ لوڙهي ڇڏ.
مائي صاحبه ڏڪندي ڏڪندي ائين ڪيو ۽ پنهنجي ڌيءَ کي
چيائين ته آهستي آهستي لِڪي لِڪي صندوق جو پيڇو ڪر
۽ ڏس ته ڪٿي ٿي پُڄي ۽ ڪير ٿو ڪڍيس- جيئن ته واهه
بادشاهه جي محلات جي ڀر واري باغ جي وچان پئي
لنگهيو ته پيتي لڙهندي لڙهندي ان جي ڪناري تي وڃي
لڳي جيڪا باغ جي مالهين ڊُڪ پائي وڃي ڪڍي ۽ وڃي
راڻيءَ وٽ پيش ڪيائونس. راڻيءَ پيتيءَ مان حسين
ٻار ڪڍيو ۽ يڪدم خوشخبريءَ طور تي فرعون وٽ پيش
ڪيائينس. مڙس کي چيائين ته هن معصوم ٻارڙي کي
جيئدان ڏيو ۽ اجازت ڏيو ته کيس آئون سانڍيان جومون
کي اولاد ڪونهي شايد وڏو ٿي اسان کي فائدو ڏئي.
بادشاهه اجازت ڏني ۽ راڻي آسيه خاتون رضي الله
عنها نوڪرياڻيون ڊوڙايون ته ڪا کير پيارڻ واري
مائي ڳولي اچو ته ٻار کي کير پياري. هوڏانهن حضرت
موسيٰ عليھ السلام جي والده بي حال ۽ پريشان ٿي ته
هاءِ هاءِ منهنجو ٻچو ظالم فرعون جي گهر ڏانهن کڄي
ويو آهي، جيڪو ضرور پنهنجي فرمان موجب ڪهائيندو پر
وري الله تعاليٰ سندس دل تي تسڪين جو پيغام لاٿو ۽
کيس دلاسو چوايائين ته ٻار کي توڏانهن ئي ورائي
موٽائينداسون. ايتري ۾ راڻيءَ جون نوڪرياڻيون کوڙ
جيتريون دائيون ڳولهي آيون پر الله پاڪ جي حڪم
پٽاندر ننڍڙي موسيٰ عليھ السلام ڪنهن به مائيءَ جو
کير نه ڌاتو- سندس ڀيڻ جيڪا سموري روئداد کان واقف
پئي ٿي، تنهن راڻيءَ وٽ پيش ٿي کيس چيو ته اسان جي
پاڙي جي هڪڙي مائي آهي ان کي گهرائي ڏسو ته مَن
ٻار سندس ٿڃ ڌائي. ائين ڪيو ويو ۽ حضرت موسيٰ عليھ
السلام يڪدم پنهنجي والده سان چنبڙي ويو ۽ خوب
چُسڪيون ڀري کير پيتائين.
مالڪ جلشانه جي قدرت سان راڻي آسيه رضيه الله عنها حضرت موسيٰ
عليھ السلام جي والدهه جي پگهار مقرر ڪري ٻار سندس
حوالي ڪيائين ۽ اهڙي طرح رب تعاليٰ جو ساڻس ڪيل
واعدو سچو ٿيو ۽ موسيٰ عليھ السلام شهزادن جيان
پنهنجي ئي والده صاحبه جي هنج ۾ پليو. سندس تربيت
۽ تعليم راڻي آسيه جي ذمي هئي تانجو جڏهن موسيٰ
عليھ السلام جوان ٿيو تڏهن هڪ گرم ڏينهن جي
ٻپهريءَ جو شهر جي ڪنهن گليءَ مان لنگهندي ٻن شخصن
کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين جن مان هڪڙو فرعون جي قوم
مان هو ۽ ٻيو بني اسرائيلي هيو. بني اسرائيلي
قوميت جو واسطو وجهي حضرت موسيٰ عليھ السلام کي
مدد واسطي پڪاريو ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام ٻئي
همراهه کي هٿ ڪڍڻ واسطي چيو ته نه وڙهو پر هن نه
مڃيو، جنهن تي حضرت موسيٰ عليھ السلام کيس هڪ مُڪ
هنئي ۽ سندس ساهه نڪري ويو حضرت موسيٰ عليھ السلام
هليو ويو- وري ٻئي ڏينهن ساڳئي هنڌ ۽ ساڳئي وقت
ساڳيو بني اسرائيلي ٻئي فرعونيءَ سان ڳنڍيو بيٺو
هو ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام به اتاهون لانگهائو
پئي ٿيو ته بني اسرائيلي سڏ ڪري کانئس مدد گهري،
تنهن تي حضرت موسيٰ عليھ السلام چيس ته ڏاڍو ڪو
شيطان آهين، جو ڪنهن نه ڪنهن کي چهٽيو پيو آهين-
ان تنبيهه ٻڌڻ شرط هُن سمجهيو ته موسيٰ ڪو مون کي
مارڻ پيو اچي، جنهن تي رڙ ڪري چيائينس ته موسيٰ
تنهنجو ارادو ڪهڙو آهي يا ڪالهوڪي قبطيءَ وانگر
مون کي به مُردو بڻائيندين؟ حضرت موسيٰ عليھ
السلام هليو ويو ۽ ايهو راز ڪالهوڪي قضيئي جو کلي
پيو ۽ بادشاهه جي پوليس عملدارن موسيٰ عليھ السلام
کي گرفتار ڪرڻ جا سانباها ڪيا پر حضرت موسيٰ کي
ڪنهن سڄڻ اچي ڏاهه ڏني ته ڀڄي گم ٿي وڃ نه ته
پڪڙجي پوندين ۽ خون جي بدلي خود قتل ڪيو ويندين
پوءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام مصر مان ڀڄي نڪتو ۽
مَدين شهر ڏانهن رخ ڪيائين.
حضرت موسيٰ عليھ السلام مصر مان ڊپ وگهي نڪري مدين شهر پهتو.
شهر جي ٻاهران هڪ کوهه هيو جتي شهر جا ڌنار ائٽُ
گيڙي پاڻي ڪڍي پنهنجي ڍورن ۽ ٻڪرين کي پياري رهيا
هئا.
ڀرپاسي ٻه جوان ڇوڪريون پنهنجون ٻڪريون جهليو بيٺيون هيون جن
کان حضرت موسيٰ عليھ السلام پڇيو ته اوهان ڇو
پاسيرو چُپ ڪري بيٺيون آهيو؟ تنهن تي ڇوڪرين چيو
ته کوهه جو ائٽ ڏاڍو ڳرو آهي، جيڪو اسان گيڙي پاڻي
ڪڍي نه ٿيون سگهون، تنهن ڪري اسان تيستائين انتظار
۾ بيٺيون آهيون، جيستائين ڌنار پنهنجي مال کي پاڻي
پياري هتان وٺي نه وڃن ۽ بعد ۾ سندن بچايل پاڻي
اسان جون ٻڪريون پيئنديون. ان تي حضرت موسيٰ عليھ
السلام کي ڪهل اچي ويئي ۽ ڌنارن کي منٿ ڪري کانئن
ائٽ وٺي کوهه مان پاڻي ڪڍيائين ۽ اهو ڇوڪرين جي
ٻڪرين کي پياري کين روانو ڪيائين ۽ پاڻ وڻ هيٺان
ويهي الله تعاليٰ کي عرض ڪرڻ لڳو ته مون تي رحم
فرماءِ جو آئون بي سهاري مسافر آهيان، جنهن جو هن
شهر ۾ ڪوبه واقف ڪونه آهي. ٿوري دير بعد انهن ٻن
مان هڪ ڇوڪري لڄائيندي لڄائيندي آئي ۽ حضرت موسيٰ
عليھ السلام کي چيائين ته اوهان کي اسانجي بزرگوار
سڏايو آهي ته جيئن اوهان کي ان محنت جو اجورو ڏئي
جيڪو ڪم اوهان اسان جي ٻڪرين کي پاڻي پيارڻ لاءِ
ڪيو آهي. حضرت موسيءِ عليھ السلام ڇوڪريءَ سان
گڏجي سندس والد صاحب حضرت شعيب عليھ السلام وٽ ويو
جتي هن بزرگ سندس آجيان ڪئي ۽ کيس آٿت ڏنائين ته
دلجاءِ ڪر جو هاڻي تون فرعونين جي حدن کان ٻاهر
ٻئي ملڪ ۾ آيو آهين. ان دم سندس نياڻين مان هڪڙيءَ
پنهنجي والد بزرگوار کي صلاح ڏني ته هن جوان
(موسيٰ عليھ السلام) کي پنهنجي ٻڪرين جو ڌنار مقرر
ڪريو ڇو ته هو هڪ ته مضبوط جوان آهي ٻيو ته
ايماندار ۽ حياءَ وارو آهي ۽ اهڙو نوڪر ئي هر حال
۾ مناسب ٿيندو. ”ان خَيرَ مَنِ ستا جَرت القوي
الامين“ حضرت شعيب عليھ السلام پنهنجي نياڻيءَ جي
مشوري تي عمل ڪندي حضرت موسيٰ عليھ السلام کي
فرمايو ته جيڪڏهن آئون توکي پنهنجي ڌيءَ پرڻايان
ته ان صورت ۾ تون اسان سان 8 سال گهر ڄاٽو (ناٺي)
ٿي رهندين ۽ ٻڪرين ۽ گهر جي معاملن کي سنڀاليندين
۽ تنهنجي محنت جو مناسب معاوضو اسان جي ذمي ٿيندو
پر جي ٻه سال ٻيا به اسان سان گذاريندين ته وڌيڪ
بهتر. حضرت موسيٰ عليھ السلام قبول ڪيو ۽ سندس
شادي ڪرائي ويئي-جيڪو عرصو حضرت موسيٰ عليھ السلام
مدين ۾ رهيو تنهن دوران حضرت شعيب عليھ السلام کي
کيس دين اسلام جي تعليم ڏيڻ سان نوازيو ۽ هو وڏو
عالم باعمل بڻجي ويو. آخر مدت معاهدي جي گذري ويئي
۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام کي پنهنجي خاندان جي
اُڪير ٿي ۽ حضرت شعيب عليھ السلام کان موڪلائي مصر
ڏانهن منهن ڪيو ۽ پنهنجي بيبي صاحبه سميت پنڌ ڪندي
هڪ اونداهي ۽ سيءَ واري رات جو طُويٰ جي واديءَ ۾
پهتو. اوچتو ٿورو پرڀرو هڪ وڻ مان روشنيءَ جا تجلا
نظر آيس. بيبي صاحبه کي فرمايائين ته اوهان هتي
ترسو ته مان روشنيءَ واري پاسي وڃان ۽ اتي موجود
ڪنهن ماڻهوءَ کان رستي جو ڏس پڇان يا ڪو باهه جو
ٽانڊو هٿ اچي ته کڻي اچان، جنهن سان اوهان پنهنجا
هٿ ۽ بدن سيڪي سيءُ لاهيو.
حضرت موسيٰ عليھ السلام مطلوبه جاءِ ڏانهن وڌي ويو ته وڻ مان
آواز آيس ته آئون پاڻ تنهنجو ۽ جهانن جو رب تعاليٰ
جل جلالھ خود توسان مخاطب آهيان. هن وقت تون طُويٰ
جي پاڪ ميدان ۾ آهين، تنهن ڪري تون پنهنجي جُتي
لاهي اڳتي آءُ. حضرت موسيٰ ادب سان جُتي لاهي اڳتي
وڌيو. الله تعاليٰ چيس ته اسان توکي پنهنجو نبي
عليھ السلام چونڊي مصر جي بادشاهه فرعون ڏانهن
پنهنجو نمائندو يا پيغمبر ڪري موڪليون ٿا سو تون
اوڏانهن وڃ ۽ فرعون کي چئو ته تون ڏاڍو ظالم ۽
مغرور ٿي ويو آهين جو پاڻ کي خدا ٿو چوائين ۽ بني
اسرائيلن سان ڏاڍايون ٿو ڪرين. انهن جا پُٽ ٿو
ڪهائين وغيره. حضرت موسيٰ عليھ السلام عرض ڪيو ته
منهنجا مالڪ آئون ته فرعون جي نظرن ۾ ڏوهاري آهيان
جو بي سمجهائي جي حالت ۾ مون سندس قوم جي هڪ شخص
جو خون ڪيو هيو، جنهن جي ڏوهه ۾ هو مون کي مارائي
ڇڏيندو. ٻيو ته مون ننڍي هوندي باهه جا ٽانڊا وات
۾ وڌا هئا، جنهن سبب منهنجي زبان سڙي پئي هئي ۽
مان صاف طرح ڳالهائي به ڪونه ٿو سگهان.
تنهن ڪري يا ته مُورهين منهنجي ڀاءُ هارون کي منهنجي بدران
پيغمبر مقرر ڪيو يا ته کيس منهنجو نائب مقرر ڪر ته
پوءِ گڏجي فرعون ڏي وڃون. الله تعاليٰ سندس التجا
حضرت هارون جو سندس نائب ۽ مددگار مقرر ڪرڻ بابت
منظور فرمائي. بعد ۾ حضرت موسيٰ عليھ السلام کي
حڪم ڪيائين ته پنهنجي لٺ کي ڌرتيءَ تي اڇل. جيڪا
ڪِرندي ئي هڪ نانگ ٿي پئي. حضرت موسيٰ عليھ السلام
نانگ کي چُرندو ڏسي ڇرڪي ويو پر الله تعاليٰ
فرمايس ته کيس هٿ ۾ کڻ ته ساڳي لٺ ٿي پوندي- وري
رب پاڪ حڪم ڪيس ته پنهنجو هٿ بغل ۾ وجهي ٻاهر ڪڍ
ته اهو چمڪندڙ ٿي نڪرندو حضرت موسيٰ عليھ السلام
ائين ڪيو ۽ اُنهين ئي ٿيو. الله تعاليٰ جل شانھ
فرمايس ته ايهي ٻئي تنهنجا معجزا آهن، جن جي زور
تي فرعون توکي ڪوبه نقصان پهچائي ڪونه سگهندو.
حضرت موسيٰ عليھ السلام پيغمبريءَ جي خلعت سان نوازجي پنهنجي
بيبي صاحبه کي ساڻ ڪري مصر ڏانهن روانو ٿيو، جتي
وڃي پنهنجن عزيزن سان مليو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت
هارون عليھ السلام کي ساڻ ڪري فرعون وٽ ويو. کيس
الله تعاليٰ جو پيغام به رسايائين ۽ وڌيڪ چيائينس
ته بني اسرائيلن کي ڇڏ ته آئون هنن کي سندن اصلوڪي
ماڳ يعني شام جي ملڪ ڏي وٺي وڃان. قصو ڪوتاهه
فرعون هٺ تان ڪونه لٿو ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام
جي ڳالهه نه مڃيائين تانجو الله تعاليٰ هن کي
ڳاڙهي سمنڊ ۾ پنهنجي لشڪر ۽ اميرن وزيرن سميت غرق
ڪيو.
فرعون جي زال حضرت بيبي آسيه رضي الله عنها جنهن جي سفارش سان
حضرت موسيٰ عليھ السلام مارائجڻ کان بچي ويو هو ۽
سندس پرورش به ان بيبي صاحبه جي جيب خرچ مان ٿيندي
هئي سا حضرت موسيٰ عليھ السلام جي مصر موٽي اچڻ تي
خوش ٿي ۽ سندس آندل پيغام الاهي ٻڌي مسلمان ٿي
هئي. ايها خبر جڏهن فرعون کي پئي تڏهن سنڀريو ته
بيبي آسيه کي عذاب ڏيئي قتل ڪرائي پر الله تعاليٰ
هن پنهنجي مومن ٻانهيءَ جو ايمان برقرار رکيو ۽
کيس فرعون جي دست درازيءَ کان اڳ ۾ پاڻ وٽ گهرائي
ورتائينس يعني سندس روح پرواز ڪري ويو. اِنا لله
واِنا اليھ راجعون.
بني اسرائيلن ۾ ڪيئي سَو پيغمبر پيدا ٿيا، جن جو ڪعبو قبلو مسجد
اقصيٰ يا بيت المقدس واقع شهر يروشلم هيو. انهن ۾
ايها رسم هئي ته بيت المقدس جي مسجد شريف جي خذمت
واسطي پنهنجا نوان ڄاول ٻار نذر ڪندا هئا. انهيءَ
اميد تي ته الله تعاليٰ انهن کي نوازي کين پيغيمبر
يا ان جو نائب بڻائي. ان نيت سان حضرت عمران جيڪو
مسجد اقصيٰ جو خدمتگار هو، تنهن جي بيبيءِ ايها
باس ڪئي، ته سندس پيٽ ۾ جيڪو ٻار آهي، سو ڄمڻ
کانپوءِ بيت المقدس جي ڪعبي شريف جي مسجد جو
خدمتگار ڪنديس. قدرت الله جي جو مائي صاحبه کي پُٽ
جي بجاءِ، ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو بيبي مريم
رکيائون. حسرت جا هٿ مَلڻ لڳي، ته نياڻي الله جي
گهر ۾ رهي سندس ڪهڙي خدمت ڪري سگهندي! جيڪا هڪ مرد
پُٽ ڪري سگهندو، جنهن صورت ۾ مائي صاحبه نذ ڪرڻ جو
مالڪ سان واعدو ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري مائي مريم
کي بيت المقدس جي مسجد جي حجري ۾ رهايائين، جتي
سندس پالنا پئي ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن حضرت زڪريا عليھ السلام جيڪو بيبي مريم جي ماسيءَ جو
مڙس هيو ۽ ان وقت جو پيغمبر هيو، سو جنهن حيثيت ۾
بيت المقدس جي مسجد جو امام ۽ متولي پڻ هيو، تنهن
چيو ته هن ڇوڪريءَ جي پالنا منهنجي ذمي هوندي، پر
ٻين مسلمانن پڻ ساڳي خواهش ڏيکاري. آخرڪار پُکا
وڌائون ۽ مائي مريم جي پالنا جو پُکو حضرت زڪريا
عليھ السلام جي نالي نڪتو. مائي صاحبه جي تعليم
تربيت ۽ پالنا جو سٺو بندوبست حضرت زڪريا عليھ
السلام ڪيو. هڪ ڀيري جڏهن حضرت زڪريا عليھ السلام
حجري ۾ ويو، ته ڏٺائين ته مائي مريم اهڙا ميوا پئي
کائي، جيڪي نه ان ملڪ ۾ هئا نڪوئي انهيءَ مند ۾
هئا.
حضرت زڪريا عليھ السلام عجب ۾ پئجي کانئس پڇيو، ته هي ڪٿان آيا
تڏهن بيبي مريم وراڻيو ته اهي مون ڏانهن الله
تعاليٰ ملائڪ جي هٿارون موڪليا آهن. حضرت زڪريا
عليھ السلام جيڪو صفا پوڙهو مڙس هيو ۽ کيس اولاد
به ڪونه هيو جو سندس بيبي سنڍ هئي، تنهن کي الله
تعاليٰ جي قدرت ڏسي همٿ آئي ۽ مالڪ جلشانھ جي
درگاهه ۾ عرض ڪيائين ته جيڪر مون کي اولاد پٽ جي
ٿئي جيڪو منهنجي جاءِ نشين به هجي ۽ پيغمبريءَ جو
وارث ۽ هلائڻ وارو به. تڏهن الله تعاليٰ جي طرفان
ملائڪ اچي مبارڪ ڏنيس ته توکي حضرت يحيٰ عليھ
السلام نالي پٽ انهيءَ سنڍ بيبيءَ مان پيدا ٿيندو
جيڪو بيبي مريم جي پيٽان ڄايل پٽ حضرت عيسيٰ عليھ
السلام جي پيغيمبر هجڻ جي تصديق ۽ تائيد ڪندو.
حضرت يحيٰ عليھ السلام ڄائو ۽ ايتري ۾ حضرت بيبي
مريم صلوات الله عليها پڻ جوان اچي ٿي. تنهن ڏانهن
الله تعاليٰ ملائڪ موڪليو، جنهن اچي کيس خوشخبري
ٻڌائي ته جهڙي طرح الله تعاليٰ ڏاڏي آدم عليھ
السلام کي بنا پيءُ ماءُ جي پنهنجي ڪامل قدرت سان
پيدا ڪيو هيو، اهڙي طرح تنهنجي پيٽ مان رب تعاليٰ
انسانن جي عبرت واسطي بنا پيءُ جي پٽ پيدا ڪندو.
بيبي صاحبه ڇرڪي وئي پر ملائڪ جيڪو الله تعاليٰ جي
حڪم جي تعميل ڪرڻ آيو هو تنهن بيبي مريم جي پهراڻ
جو پلاند جهلي ان ۾ ڦُوڪ ڏيئي گم ٿي ويو. مائي
صاحبه حمل جي دوران هر ڪنهين کان لڪي لڪي شرم وچان
پئي گذاريندي هئي. نيٺ کيس ويم جا سُور اچي ٿيا ۽
پاڻ ڪنهن پاسيري هنڌ ڏانهن هلي ويئي، ان وقت ملائڪ
آيو، تنهن چيس ته اتي بيٺل کجيءَ جي وڻ جي ٿُڙَ کي
ڌُوڻو ڏي ته تازيون کارڪون ڇڻي پونديون سي کاءُ ۽
ڀرسان وهندڙ پاڻيءَ جي شاخ جو پاڻي پيءُ ته تنهنجو
سُور ۽ تڪليف لهي ويندا.
بزرگن جو ايهو عمل ٿيل آهي ته ويم وقت عورت کي ايهي آيتون مريم
سورت قرآن پاڪ جون پڙهي پاڻيءَ تي شوڪاري کيس پاڻي
پياريو ته ويم ۾ آساني ٿيندي ان عمل جي برڪت سان.
ان سان گڏ کارڪون به کائيندي ته ان جو به کيس
فائدو ٿيندو، ڇو ته قرآن پاڪ ۾ انهن ٻنهي شين جو
ذڪر آهي، جيڪي بيبي مريم ويم وقت استعمال ڪيون
هيون. حضرت عيسيٰ عليھ السلام ڄائو، کيس وهنجاري
سندس والده صاحبه گهر ڏانهن کڻي آئي، جنهن تي بيبي
مريم جي گهراڻي ۽ آسپاس وارن ماڻهن ۾ جهڙوڪ طوفان
مچي ويو ته هيءُ ڪنواري ڇوڪري ٻار ڄڻي آئي آهي سو
ڪيئن. ملائڪ بيبي مريم کي چيو ته تون خود نه
ڳالهائجانءِ ۽ چئجانءِ ته مون نه ڳالهائڻ جو روزو
رکيو آهي. تنهنڪري ان معاملي بابت منهنجي هن پُٽ
کان پڇا ڪريو. ماڻهن چيو ته اڄ ڄاول ٻار اسان سان
ڇا ڳالهائيندو، تنهن تي حضرت عيسيٰ عيلھ السلام
فرمايو ته آئون الله جو بندو آهيان ۽ مون کي ڪتاب
۽ پيغمبري مالڪ جلشانھ جي طرفان عطا ڪئي ويئي آهي
۽ ايهو حڪم ڪيو ويو آهي ته الله تعاليٰ جي عبادت
ڪريان ٻئي ڪنهن کي ساڻس شريڪ نه ڪريان ۽ پنهنجي
والدهه صاحبه سان ادب محبت ۽ نيڪي ۽ فرمانبرداريءَ
وارو سلوڪ ڪريان. حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي بنا
پيءُ جي پيدا ٿيڻ واري معاملي ماڻهن کي ٻن ٽولن ۾
ورهائي ڇڏيو. هڪڙا کيس الله تعاليٰ جو پٽ چئي سندس
آسمان ڏانهن هلي وڃڻ کانپوءِ شِرڪ ۽ گمراهيءَ ۾
پئجي ويا ۽ اڄ تائين انهيءَ عقيدي تي قائم آهن،
جنهن کي تثليث جو عقيدو چئبو آهي ۽ ٻين شيطان
طبيعت ماڻهن وري بيبي مريم تي بُرائي جون تهمتون
هنيون جنهن بابت قرآن پاڪ صاف لفظن ۾ چيو آهي ته
جيڪا حقيقت مٿي بيان ڪئي ويئي آهي. سائي سچي ڳالهه
آهي ۽ الله تعاليٰ بيبي مريم صلوات الله عليها جي
پاڪدامنيءَ جي خود شاهدي ٿو ڏئي ته جيڪي سندس مٿان
تهمتون هڻن ٿا سي ڪُوڙا آهن ۽ مائي مريم سمورن
جهانن جي عورتن ۾ الله تعاليٰ جي حضور چُونڊيل
اعليٰ درجي ۽ اُوچي اخلاق جي مالڪياڻي آهي، جنهن
پنهنجي ستر عصمت ۽ اوگهڙ کي الله تعاليءِ جي سنڀال
سان بچايو. کيس ۽ سندس فرزند حضرت عيسيٰ عليھ
السلام کي جهانن وارن جي لاءِ هڪ نشاني طرح موڪليو
ويو.
حضرت سليمان عليھ السلام بيت المقدس يعني شام جي ملڪ جو پيغمبر
۽ وقت جو بادشاهه هيو، جنهن جهڙي بادشاهي ڪنهن به
انسان جي نصيب ۾ نه ڪڏهن ٿي ۽ نه ڪي ٿيندي. هو
بزرگ انسانن، جنن، ديون، پکين ۽ هوائن جو بادشاهه
هيو. سندس درٻار ۾ هر جنس جي مخلوق جي رونق لڳي
پئي هوندي هئي. جڏهن گهرندو هو تڏهن هوا کي حڪم
ڪندو هو جيڪا سندس تخت کي ساڻس گڏ کڻي اڏائيندي
هئي، تان جو جتي گهرندو هو، اتي هليو ويندو هو ۽
مهينن ۾ جيڪو مفاصلو جيڪر خشڪيءَ جي رستي ڪيو وڃي،
سا منزل هو صاحب چند ڪلاڪن ۾ طئي ڪري ماڳ تي موٽي
ايندو هو، جنن ۽ ديون کان سخت ۽ اوکا ڪم ڪرائيندو
هو ۽ سندس حڪومت جو شاهڪار ڪارنامو شهر يروشلم ۾
موجود بيت المقدس واري مسجد اقصيٰ آهي، جنهن جو
وڏو گنبذ هڪڙي ئي پٿر جو گهڙيل آهي. جيڪو هزارن
سالن کان صحيح سلامت اڄ تائين بيٺو آهي، اُهو جنن
۽ ديون جو ٺاهيل آهي. هر هڪ جنس جي مخلوق جيڪا
حضرت سليمان عليھ السلام جي درٻار ۾ موجود هوندي
هئي، تنهن لاءِ ويهڻ يا بيهن جون بيٺڪون ۽ خانا
الڳ الڳ ٺهيل هوندا هئا. هڪ ڏينهن پکين واري درٻار
جي پاسي نظر ڪيائين ته هُد هُد پکي پنهنجي جاءِ تي
ويٺل ڪونه هيو. حضرت سليمان عليھ السلام پڇا ڪندي
معلوم ڪيو ته سچ پچ هُد هُد غير حاضر هيو. پاڻ
ڪاوڙ ۾ اچي فرمايائون ته جيڪڏهن پکيءَ غير حاضريءَ
جو ڪو وسهڻ جهڙو سبب پيش نه ڪيو ته کيس سزا ڏبي.
ايتري ۾ هد هد اچي حاضر ٿيو ۽ ٻڌايائين ته آئون
اڏامندي اُڏامندي يمن جي سَبا واري علائقي ۾ وڃي
نڪتو هوس جتان جي حڪمران هڪ عورت نالي بلقيس آهي.
هوءَ ۽ سندس قوم سج جي پوڄا ڪندا آهن ۽ راڻي عقلمنديءَ سان
حڪومت پئي هلائي.
سندس هڪ وڏو ۽ سهڻو تخت هيرن جواهرن سان جَڙيل آهي، جنهن تي
هوءَ ويهي درٻار جو ڪاروبار هلائيندي آهي.
حضرت سليمان عليھ السلام يڪدم هڪ خط لکي هُد هُد کي ڏنو ته، اهو
وڃي راڻيءَ جي تخت تي ڦٽو ڪري پوءَ ان بابت ڪهڙو
چوٻولو ٿو درٻار ۾ ٿئي، تنهن جو احوال اچي اسان کي
ٻڌائي. هُد هُد خط کڻي ويو ۽ حڪم مطابق وڃي ان کي
راڻيءَ اڳيان تخت تي اڇلايائين. راڻيءَ اُهو پڙهيو
۽ درٻار وارن کي ٻڌايائين، ته هي خط حضرت سليمان
شام ملڪ جي بادشاهه لکيو آهي، ته اوهان سج جي پوڄا
ڇڏي هڪ الله پاڪ جي عبادت ڪريو ۽ سليمان جي حڪومت
جي تابعداري قبول ڪريو.
راڻيءَ درٻارين کان راءِ پڇي پوءِ پنهنجا ڪي قاصد سوکڙين سان
حضرت سليمان ڏانهن موڪليائين، جن حضرت سليمان عليھ
السلام جي درٻار جو دٻدٻو ڏسي وڃي بيبي بلقيس جي
خدمت ۾ احوال ڏنو، ته هُن جا لشڪر جنن ۽ ديون جا
آهن جن سان اوهان مقابلو ڪونه ڪري سگهندو. ان وچ ۾
حضرت سليمان عليھ السلام پنهنجي درٻار وارن کي حڪم
ڪيو ته بلقيس جو تخت هن جي هَتي اچڻ کان اڳ ۾ هتي
مون وٽ پهچايو، جيڪو سندس هڪ وزير جيڪو پهتل شخص
ولي الله هيو، تنهن اک ڇنڀ ۾ آندو. ڪجهه ڏينهن بعد
راڻي بلقيس سبا کان يروشلم آئي ۽ اچي حضرت سليمان
عليھ السلام وٽ مسلمان ٿي، سندس اطاعت قبول ڪيائين
۽ ساڻس شادي ڪيائين.
حضرت ابراهيم عليھ الصلوات والسلام جيڪو ڪيترن هزارن نبين ۽
پيغمبر جو وڏو ڏاڏو هيو، تنهن کي جڏهن سندس
پهرينءَ بي بي سڳوريءَ منجهان اولاد ڪونه ٿي ٿيو،
تڏهن ٻي شادي حضرت بيبي هاجران رضي الله عنها سان
ڪيائين جنهن کي حمل ٿي ويو، تِڏهن وڏي بيبي ساران
رضي الله عنها کي فطرتي حسد ٿيڻ لڳو، جنهن سبب مڙس
کي چيائين ته بيبيءَ کي مون کان الڳ رهاءِ ڇو نه
مون کي ساڻس ساڙ ٿو پيو لڳي. ان وچ ۾ حضرت ابراهيم
عليھ السلام کي وحيءَ رستي حڪم ٿيو ته حضرت آدم
عليھ السلام جي زماني جو ٺاهيل ڪعبو شريف جيڪو
حضرت نوح عليھ السلام جي ٻوڏ واري طوفان ۾ شهيد ٿي
ويو هيو ۽ سندس نشان به ظاهر ڪونه آهن ان کي ڳولي
لهي وڃي آباد ڪر. ايهو مناسب موقعو هٿ ڪري پنهنجي
ننڍي بيبي صاحبه کي اُٺ تي چاڙهي ملائڪ جي رهبري
سان مڪي شريف وڃي پهتا. اتي ملائڪ جي ڏس سان ڊٺل
ڀتين بيت الله شريف جا نشان هٿ ڪيائين جن جي
چوڌاري پٿر رکي اتي الله تعاليٰ کان دعا گهريائين
ته اي ٻاجهارا مالڪ، رازق رب پاڪ مان پنهنجي گهر
واريءَ ۽ سندس پيٽ واري ٻار کي تنهنجي هن احترام
واري پاڪ جڳهه تي ڇڏي وڃان ٿو جتي ڪا به وسَنوَ يا
آبادي ڪانه آهي تنهنجي ئي آسري تي، تون سندن طرف
ٻين انسانن کي مائل ڪجانءِ ته جيئن اڪيلائي سبب
ويڳاڻا نه ٿين، تون انهن ڏي پنهنجي فضل سان ميوا
اناج ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موڪليندو رهج ۽ انهن
کي هدايت جي رستي هلڻ واسطي آسانيون ميسر ڪجانءِ.
آمين! حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي بيبي
هاجران رضه الله عنها کان موڪلائي واپس شام جي ملڪ
هليو ويو. پٺيان بيبي صاحبه کي ويم جا سُور لڳا ۽
پُٽ نالي حضرت اسماعيل عليھ السلام ڄايس مائي
صاحبه وٽ جيڪو شام مان آندل راشن پاڻي هيو سو ختم
ٿي ويو، تنهن ڪري پريشانيءَ سبب ڀروارين ٽڪرين
نالي صفا ۽ مَروه تي ٽي چار ڀيرا مٿي چڙهي چوگرد
نهارڻ لڳي ته ڪٿي ڪا انساني آبادي هجي يا ڪو پاڻي
ملي ته مان ۽ منهنجو ٻچو پيئون يا ڌوءَ پوءِ جي ڪم
آڻيون. مائي صاحبه کي ڪجهه به نظر نه آيو پر ننڍڙي
اسماعيل عليھ السلام جو خيال ٿيس تڏهن موٽي اُتي
آئي ڇا ڏسي ته ننڍڙي صاحبزادي جي پيرن وٽ پاڻي
زمين جي اندران سمي پيو نڪري، جنهن منجهان خاصو
دُٻو بڻجي ويو آهي. بيبي صاحبه ان دُٻي جي چوڌاري
ڪنارن تي مِٽي ۽ پٿر رکي ان کي چيو ته ”زَم زَم
يعني“”اتي جمع ٿي بيهجي وڃ ائين چوڻ سان اِهو
تلاءُ پاڻيءَ جو هڪ هنڌ تي چشمي وانگر بيهي ويو ۽
اڄ تائين اهو زم زم چشمو کوهه جي صورت ۾ بيت الله
شريف جي حدن جي اندر موجود آهي، جتان لکين حاجي ۽
عُمري جي زيارت ڪرڻ وارا يا مڪي شريف جا شهري اُهو
پاڪ پاڻي پيئندا آهن يا تبرڪ طور پاڻ سان کڻي
ويندا آهن. ان پاڪ چشمي جو پيدا ٿيڻ ڪن روايتن
موجب ننڍڙي حضرت اسماعيل عليھ السلام جي پيرن جي
زمين تي رڳڙڻ سان پٿريلي سخت زمين مان ڦاٽي نڪتو
هيو ۽ ڪن روايتن مطابق حضرت جبريل عليھ السلام
ملائڪ زمين تي پنهنجو پَرُ هنيو هيو، جنهن سبب
پرڪت وارو پاڻي پيدا ٿيو هو. سبحان الله بهرحال
ايهو سڀ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي دعا سان ۽
الله تعاليٰ جي فضل سان ٿيو هو. ڏينهن گذرندي ان
پاڻيءَ تي پکي ۽ جانور اچڻ لڳا جن جي نشانن تي هڪ
قافلو اتي اچي سهڙيو ۽ پاڻي پيئڻ ۽ کڻي وڃڻ جي
بيبي هاجران کان اجازت گهريائون بيبي صاحبه قافلي
وارن کي چيو ته ايها موڪل اوهان کي تڏهن ڏينديس
جڏهن اوهان هِتي ئي هميشھ لاءِ ڳوٺ ٻڌي رهندو. هنن
ايها صلاح قبول ڪئي ۽ مڪي شريف جو شهر ٻَڌو ويو
جتي اسان جو نبي سڳورو حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليھ وسلم جيڪو انهيءَ بيبي هاجران رضي الله عنها
جي فرزند حضرت اسماعيل عليھ السلام جي اولاد
منجهان هيو پيدا ٿيو ۽ قيامت تائين پيدا ٿيندڙ
انسانن ۽ جنن جو سردار مهندار ۽ نبي آخرالزمان
سڏيو ويندو، جنهن جو شان ۽ درجو هڪ لک چوويهه هزار
نبين رسولن ۽ پيغمبرن عليهم السلام ۾ سڀنيءَ کان
مٿانهون ۽ مانوارو آهي ۽ سندس اُمت ٻين سڀني امتن
کان گهڻي ۽ وڌيڪ ڀلاري هوندي. قرآن پاڪ جي فرمودي
مطابق جيئن ته ”رب تعاليٰ فرمايو آهي“ ”کُنتم
خَبرَ اُمَتھِِ اُخرجَت لِلناس تامُرون با
المعرُوف وَتنهون عَنِ اُلمنکر“ ٻيءَ جاءِ تي
خدائي فرمان مبارڪ آهي ته ”اِنالدين عِند الله
الاِسلام“
اِنهن آيت شريفن جو مطلب آهي ته حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم
جي اُمت کي بهتر امت بڻايو ويو آهي، جنهن کي
موڪليو ويو آهي، نيڪ ڪمن جي تعليم ۽ ترغيب ڏيڻ
واسطي ۽ بُرن ڪمن ۽ بُراين کان منع ڪرڻ واسطي.
ايهوئي ڪم هر مسلمان جي مٿان رکيو ويو آهي ته
اسلامي تعليم کي تبليغ جي ذريعي پکيڙي عام ڪن جيئن
صراط المستقيم واري واٽ هرڪو لهي ۽ ان تي عمل ڪري
دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون حاصل ڪري.
جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو شڪ هجي ته هن دنيا ۾ ڪيترا مذهب آهن جن جا
پوئلڳ مسلمانن کان مجموعي تعداد ۾ زياده آهن پوءِ
ڇو نه ائين چئجي ته انهن جا مذهب بهتر هن تنهن
لاءِ الله تعاليٰ جي فتويٰ اِن فرمان ۾ آهي ته
اِنا الدين عند الله الاسلام معنيٰ ته الله تعاليٰ
وٽ پسنديده دين صرف ۽ صرف اسلام آهي ۽ نڪوئي ڪو
ٻيو ڌرم يا مذهب يا طريقو شال الله تعاليٰ پنهنجي
آخري نبي صلي الله عليھ وسلم جيڪو سڀني نبين جو
سردار آهي تنهن جي طُفيلي اسان کي صراط المستقيم
واري سڌي راهه ڏانهن رهنمائي فرمائي جيئن اسان نيڪ
عمل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيون ۽ قيامت جي
ڏهاڙي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي شفاعت جا
حقدار بڻجون آمين. حضرت ابراهيم عليھ اسلام جي
بيبي ساران رضه الله عنها کي به رب تعاليٰ پُٽ
حضرت اسحاق عليھ اسلام سان نوازيو، جنهن جو ذڪر هن
مضمون ۾ اڳ ۾ ڪيو ويو آهي.
هاڻي اچو بيت الله شريف جي بڻائڻ تي جنهن واسطي الله تعاليٰ
حضرت ابراهيم عليھ السلام کي حڪم ڪيو هيو ۽ بيبي
هاجران رضه کي مڪي شريف جي سر زمين ۾ رهائڻ واسطي
وٺي ويو هيو. جڏهن حضرت اسماعيل عليھ السلام ڊوڙُن
ڊُڪن پائڻ جيترو ٿيو، تڏهن حضرت ابراهيم عليھ
السلام کي کيس يعني اسماعيل عليھ السلام کي الله
تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪرڻ جو رب تعاليٰ وٽان
خواب جي ذريعي حڪم ٿيو، جنهن جي تعميل حضرت
ابراهيم عليھ السلام ڪرڻ فرمائي ۽ بعد ۾ سندس امت
۽ اسان جي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي امت تي
قرباني يعني اضُحي جي ادائيگي تاڪيد سُنت طور
قيامت تاءِ مقرر ڪئي ويئي، ان کانپوءِ جڏهن حضرت
اسماعيل عليھ السلام جُوان ٿيو، تڏهن حضرت ابراهيم
عليھ السلام سان گڏجي بيت الله شريف جيڪو قيامت
تائين اسان جي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي
امت جو ڪعبو قبلو آهي ۽ رهندو، تنهن جون ڀتيون ۽
ڇت اوساري تيار ڪيائين ۽ ان مهل ٻنهي بزرگن الله
تعاليٰ کان ايها دعا پئي گهري ته ”زبَنا تَقَبَل
مِنَا اِنکَ اَنتَ السميع العيلم وتب علينا اِنکَ
اَنتَ التواب الرحيم“ اي اسان جا رب جلشانھ اسان
جي هيءَ محنت تعمير بيت الله جي قبول فرماءِ ڇو ته
تون ئي بهترين ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين ۽ اسان جي
توبهه زاري قبول فرماءِ ڇو ته تون ئي مهربان توبهه
جو قبول ڪندڙ آهين آمين. ڪعبتہ الله شريف حج ۽
عمري جي ادائيگي جي جاءِ آهي ۽ هر نماز ۽ عبادت
ڪرڻ مهل ان طرف ئي هر مسلمان کي منهن ڪري الله
تعاليٰ جي هيڪڙائي جو تصور ڪري بندگي ڪرڻي آهي. ان
جي حدن اندر اهو پٿر رکيل آهي، جنهن تي چڙهي بيهي
حضرت ابراهيم عليھ السلام ڪعبي شريف جون ڀتيون
اوساريون هيون، جڏهن ته حضرت اسماعيل عليھ السلام
پٿر ۽ گچ گارو بابي سائين جن کي ڏيندو پئي ويو. ان
پٿر تي اڄ تاءُ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي پيرن
مبارڪن جا نشان بيٺل آهن. ان جي ڀرواري جڳهه تي
نماز وغيره پڙهڻ جو وڏو ثواب ٿيندو آهي.
بيبي هاجران رضي الله عنها جي صفا ۽ مروه ٽڪرين تي چڙهڻ ۽ لهڻ
واري عمل جي ياد زنده رکڻ واسطي الله تعاليٰ ۽
سندس رسول مقبول صلي الله عليھ وسلم حج جي رُڪنن ۾
هر حاجي ۽ عُمري ڪرڻ واري لاءِ صفا ۽ مروه پهاڙن
جي وچ ۾ ڊُڪون پائڻ واجب ڪرڻ فرمايو آهي، جيڪو
قيامت تاءِ جاري ۽ قائم رهندو. (هلندڙ) |