سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :4

 

شگفته شاهه                                                     (مني ڪهاڻي)

چادر ۽ چوديواري

”هو شخص!........ جيڪو هڪ اهم عهدي تي فائز هو،...... جنهن پاڻ ٽي شاديون ڪيون هيون، ڪيترن کي کڻايو ۽ ڪيترين کي وهاريو هو...... پر پنهنجي ڀيڻ جي شادي نه ڪرائي هئائين، کيس پڙهڻ جو ۽ اظهار جي آزاديءَ جو هق نه ڏنو هئائين ۽ سندس ملڪيت ۾ حصو ڦٻائي، حويليءَ جي ديوارن اندر قيد ڪري سڏڪائي سڏڪائي، نوجواني ۾ ئي ”ٽي-بي“ جي بيماريءَ جو تحفو ڏئي ڇڏيو هئائين....... ۽ ائين هوءَ معصوم ڪجهه ڏينهن اڳ لُڇي، ڦٿڪي مري وئي هئي ته کيس ڪفن جي اڇي ”چادر“ پارائي، قبر جي ”چارديواري“ ۾، وشال حويلي جي ڪنڊ ۾ ٺهيل ”نياڻين“ جي قبرستان ۾ دفن ڪرائي آيو هو......

......... ان ڏينهن اهو ئي شخص عورتن جي شرعي ۽ قانوني حقن جي تحفظ خاطر ٺهيل عورتن جي هڪ تنظيم پاران ڪوٺايل سيمينار ۾، جنهن جو عنوان هو ”چادر ۽ چارديواري“، صدارت ڪندي، پنهنجي تقرير دوران جوش ۽ جذبات ۾ چئي رهيو هو:

”اسان هميشه کان عورتن جي جائز شرعي ۽ قانوني حقن کي نه رڳو تسليم ڪيو آهي ۽ انهن کي اوليت ڏني آهي پر گڏوگڏ ”چادر ۽ چارديواريءَ“ جو احترام ڪندي عورتن کي تحفظ، عزت، مان ۽ مرتبو ڏيارڻ لاءِ پڻ ڀرپور جاکوڙ ڪئي آهي.......!!!؟؟؟

 

 

امداد حسيني

ڪردار-1

زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار ملندا آهن، جيڪي متاثر ڪندا آهن. هي به هڪ اهڙي ئي حقيقي ۽ عام ڪردار کان متاثر ٿي لکيل نظم آهي. هن ڪردار جيڪي ڪجهه سَٺو ۽ ڀوڳيو، اُن کي لفظن ۾ اوتڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

مڙس هُن جو جيل ۾ هو

خون جي الزام ۾

پُٽ هو روپوش، ڌيءَ

ٿي چُڪي ڪاري ڪڏهوڪي،

بي خطا ۽ بي گناهه

مڙس پنهنجي جي هٿان!

 

هاڻ هُن ليءِ

ڏينهن ڇا هو؟

ڄڻ ته ڦاهو

هو ڳچيءَ ۾

 

رات ڇا هئي؟

ظلم جي ديوار هئي هُن لاءِ، جنهن کي

ڪانه اورانگهي سگهي

۽ نه ڪا ڊاهي سگهي

سور سيرانديءَ ڪري

ڀُورَ پيرانديءَ ڪري

هوءَ تڏي تي جئن سُتي

اک وڃي هُن جي ستاري تي کُتي

سارن ستارن کان هُيو روشن اُهو

پل اَپل تارو اُهو

ڌيءَ جي چهري جيان پيارو لڳو

۽ لهي آيو اکين ۾!

*

(”سرتيون“ لاءِ)


 

سحر امداد

ماءُ جو ڌيءَ ڏانهن خط

هيءُ سلسلو پهريائين ”سوجهرو“ رسالي ۾ شروع ڪيو ويو هو. ۽ ان کانپوءِ ”بختاور“ رسالي ۾ شروع ٿيو ۽ هاڻ هي سلسلو اسان ”سرتيون“ رسالي ۾ هلائي رهيون آهيون. اسان کي خوشي آهي ته سائڻ سحر امداد ”سرتين“ لاءِ هي سلسلو ٻيهر شروع ڪيو آهي

ادارو

مٺڙي ڌيءَ! شال خوش هجين.

اڄ تنهنجو جنم ڏڻ آهي ۽ تون اسان کان ڏور آهين پر نه تون ته اسان کي ساهه کان به ويجهي آهين. جنم ڏڻ جون واڌايون. خط لکڻ ۾ اوير مون ڄاڻي ٻجهي ڪئي؛ جو مون چاهيو ٿي ته تون پنهنجي سر سنڌ جي ٻهراڙيءَ کي ڏسين وائسين. اُتي جي ماڻهن، اتي جي ماحول ۽ اتي جي مسئلن کان آگاهه ٿين. ۽ پنهنجي طور اهو سڀ ڏسي، پرکي ۽ سمجهي سگهين.

هن مهل تون پنهنجي گروپ سان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي سماجي اڀياس ۾ مصروف آهين. سو هڪ بنيادي ۽ اهم ڪم آهي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۽ سماجي سطح تي ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. جنهن تي اڄ تائين جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو آهي.

ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي زندگي، ان جي ڪار وهنوار ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ کي پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين هنن ماڻهن جي نفسيات سمجهڻ ضروري آهي؛ هنن کي درپيش مسئلن جو اِدراڪ ضروري آهي. انهن جي رهڻي ڪرڻيءَ، ڪار وهنوار، ريتون روايتون سڀ دراصل هتي جي پوکن/فصلن، روزگار ۽ ڌنڌي جي مختلف وسيلن جي هڪيي هجڻ تي آڌار رکن ٿيون. سندن اخلاقي ۽ تعليمي سطح جي بلنديءَ جو مدار ان تي آهي ته خود اتان جا چڱا مڙس جن جو آسپاس جي علائقن تي اثر رسوخ آهي، سي خود ڪيترا بلند اخلاق، بلندر ڪردار ۽ تعليم يافته آهن. تون ته ڄاڻين ٿي ته اها انسان جي فطرت آهي، ته هو پاڻ کان بدتر جي پيروي ڪرڻ پسند ڪندو آهي. جيئن ٻار پنهنجي وڏي کان سِکندو آهي. تيئن غريب اميرن کان ۽ جاهل پڙهيلن کان پرائيندو آهي. ڪجهه سکڻ جي خواهش ته ڪڏهن ختم ٿيڻي ئي ناهي. ان ڪري ئي سماج جي سڌاري جو امڪان سدائين رهي ٿو. بهتر ۽ مثبت تبديلين جي حاصلات لاءِ بنيادي شرط سچي لڳن ۽ اڻٿڪ جاکوڙ آهي.

ڍور جو ڪم آهي: کائڻ، هر ڪاهڻ ۽ نسل وڌائڻ (۽ باقي وقت ويٺي اوڳر ڪرڻ). پر انسان ڍور ته ناهي هو اعليٰ ۽ بهتر ڪمن لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. پر ڇا بهتر آهي ۽ ڇا بدتر آهي. اهو فقط هڪ ”ماءُ“ ئي سيکاري سگهي ٿي. پر تڏهن جڏهن خود ماءُ به ڪي چڱا لڇڻ سکيل هوندي ۽ ڪي چار اکر پيٽ ۾ هوندس. لڇڻ، سُلڇڻ ۽ ڪُلڇڻ اهي محض ٽي لفظ ناهن؛ پر ٽي رويا آهن  انهن ۾ فرق رڳو اڳياڙين جو ناهي! ۽ اهو اسان جي عورت/ مرد کي ڪير سمجهائيندو؟ فقط علم!

مِڙني سماجي براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسان کي صرف هڪڙو هٿيار کپي: ”علم“ جو هٿيار. پر اهو هٿيار تکو به هجي ۽ اسين ان کي هلائڻ ۾ ڀڙ به هجون، سرسي تڏهن ئي ٿيندي.

ڪيتريون ڳالهيون اسان کي فطرت سيکاريندي آهي.  جاهل ماڻهو وحشي جبلتون جانورن کان جلدي سکي ٿو وٺي. بنا اهو سوچڻ جي ته هو بهرحال جانور نه آهي- انسان آهي. پر هو فطرت کان سٺيون ڳالهيون سکڻ کان ڇو ٿو لنوائي؟ (ان سوال تي سوچڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.) صحيح وقت تي صحيح ڪم ڪرڻ جو قانون ته اسان کي قدرت کان ئي مليو آهي. سج اُڀرڻ  لاءِ ڪنهن گهڙيال جو محتاج ناهي، پر ته به هو نه ڪڏهن اويرو اُڀريو آهي؛ نه ڪڏهن سويرو لڙيو آهي.

ڌرتيءَ تي سمورو چهچٽو، هي رنگ، هي خوشبوؤن  ۽ هي سمورو مانڊاڻ محض ان هڪڙي مقرر نيم جي ڪري ئي ته آهي. جيڪڏهن الله سائين سورج، چنڊ، ستارن کي ڇيڪ ڇڏي ڏي – جيڏي مهل وڻينِ اُڀرن؛ جيڏي مهل وڻينِ اُلهن؛ ته اهو ڏينهن يقيناً قيامت جو ڏينهن هوندو. تيئن ئي انسانن کي ڇيڪ ڇڏڻ سان به قيامت اچي سگهي ٿي. اڄ نه ته سڀاڻي!

پنهنجين جيڏين سرتين کي منهنجا سلام ڏج.

تولاءِ کوڙ دعائن سان

تنهنجي امڙ

*


 

 

روبينه ابڙو

پنج ننڍڙا نثري نظم

الائي ڇو،

ڪڏهن ڪڏهن تون

”تجريدي نظم“ جيان

بَڻجي پوندو آهين.

پنهنجي اندر وڏي معنيٰ رکندي به

عام ماڻهوءَ جي سمجهه ۾

نه ايندڙ.

*

منهنجو وجودُ

تنهنجو ڪوئي نظم ته ناهي

جنهن کي تون جيون جي ڪتابَ ۾

پنهنجي پسند مُطابق

ان صُفحي تي لکي ڇڏين

جتي آءُ نه چاهيان

*

جيونُ:

منهنجي ڏِيل اندر رکيل

ڏات جو اهو ڏيئو آهي

جنهنکي آءُ چاهيندي به

اُجهائي نه سگهي آهيان.

*

ڳالهه شُروع

مُنڍَ کان

۽ ختم هميشه آخرِ تي ڪَبي آهي

پر الائي ڇو

آءُ چاهيندي آهيان ته

ڳالهه شُروع آخرِ کان

۽ ختم

مُنڍَ تي ڪيان.

*

ڪامريڊ:

عشَقُ، حُسنُ ۽ ڏاتِ

بِيکَ ۾ نه مِلندا آهن.

*


 

 

تانيا ٿيٻو

ڪير چوي ٿو پوپٽ پويان

ڊوڙيا هياسين ننڍڙي لاءِ

مون ته ڏٺا ها سپنا هاسي

گلڙن تي جي ويٺا ها.

*

اونداهي چوڌاري

۽ ان جي پوئيواري

جيڪو پاڻ به ٿاٻڙجي پيو

*

بي مول شيءِ ته ناهن

هي لفظ شاعريءَ جا

ڪيڏا نه ڏس کنيا هن

مون قرض شاعريءَ جا

پل ۾ نه گڏ ٿيا هن

هي لفظ شاعريءَ جا

هڪ هڪ ڪري کنيا هن

مون قرض شاعريءَ جا.

*

ڇا سرور آهن غرور ۾

تون هڪڙي پل لاءِ ڪر کڻي

آ وري جيئڻ ۾ ئي مزو

تون هڪڙي پل لاءِ مَر کڻي

*

اکڙين جي درين کي بند ڪري

مون خواب دريون کولي جو ڇڏيون

سڄي ڪائنات هڪ منظر ۾

ٿي قيد وئي منهنجي گهر ۾

اکڙين جي درين کي بند ڪري

مون دل جون دريون کولي ڇڏيون

سڄي ڪائنات هڪڙي کن ۾

ٿي قيد وئي منهنجي مَن ۾.

*

سنڌو قاضي

ٽائيٽل ڪَوَر

زندگيءَ جي بُڪ شيلف ۾

ڪي ڪي ڪتاب

اهڙا هوندا آهن

جن کي ڪوبه نه پڙهي سگهندو آ

نه سمجهي سگهندو آ

صدين جي گمناميءَ جي دَزَ

۽ مايوسين جي اُڏوهي

اُنهن کي کائي کوکلو ڪري

ڇڏيندي آ

۽ زندگيءَ جي شيلف ۾

رڳو

ٽائيٽل ڪَوَر رهجي ويندا آهن.

*

 

ڀَرمَ

ايڏن اوسيئڙن ۽ آسن کان پوءِ

تون آئين پر ڌارين وانگر

ڪيڏو پرائو پرائو پئي لڳين

تنهنجي چپن تي

ٽُوٿ پيسٽ جي اشتهار جهڙي

اوپري مُرڪ هئي ۽

تُنهنجي اکين ۾

ڇُلندڙ مهراڻ جهڙي

ڪشش بدران

بيٺل پاڻيءَ جهڙي ماٺ هئي

تڏهن سوچيم........ڪاش!

تون نه اچين ها!

پنهنجائپ جو ڀرم ته رهجي وڃي ها!

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com