ممتاز مهر (مِني ڪهاڻي)
گَهڙي پَل جي آزادي
”مان سوچيان ٿو، تنهن ڪري مان آهيان“- ڊيڪارٽ
“For halfan hour that morning the gods of the
ceilings and monkeys on the walls were again put
to Silence.’ The Leopard
اُهي گهڙيون، جيڪي موت جهڙيون هجن....... انهن گهڙين ۾.......
موت جهڙن لمحن ۾: جيون جي جوت کي وسامجڻ کان ڪيئن
بچائجي....... جيون ڌارا جاري رکجي! اِهو هو
مسئلو، جنهن تي اُهي ٻَئي انهيءَ مهل ويچار ڪري
رهيا هئا.
ان وقت جڏهن سج اولهه طرف اُلوپ ٿي رهيو هو ۽ ڪارا پاڇا وڌي
رهيا هئا، اُهي ٻئي انهيءَ ڳوڙهي مسئلي تي بحث ڪري
رهيا هئا. تڏهن اولمپيائي ديوتا خاموش ٿي ويا هئا،
يا کين خاموش ڪيو ويو هو!) ۽ اُهي باندر، جن کي
حرڪت ڪرڻ کانسواءِ تنگ ڪرڻ کانسواءِ آرام ڪونه
ايندو هو، سي به چُپ هئا، (هنن جي حرڪت بند هئي!)
پر اهو لمحو عارضي هو. اولمپيا جا حرفت باز ديوتا (۽ ديويون) ۽
(ڀتين تي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ) باندر انتظار ڪري رهيا
هئا ته اهو بيزار ڪندڙ بحث ڪڏهن ٿو ختم ٿئي! جڏهن
به هُو اهڙو بحث ٻڌندا هئا: انسان جي وجود ۽ عدم
وجود جو....... ڪائنات ۽ ان جي سرشتي جو.......
رُوپ ۽ ٻهروپُ جو....... حق ۽ صداقت جو، تڏهن پنڊ
پهڻ ٿي ويندا هئا! اُهي پسند ڪونه ڪندا هئا ته ڪي
ماڻهو اڌ ڪلاڪ لاءِ به سوچين، جڏهن ته ٻِي سموري
مخلوق ڏينهن رات ديوتان جي واکاڻ مانئي ڪانه
ڍاپندي هئي.
”لڳي ائين ٿو ته اسان ڦرندڙ گهرندڙ حالتن ۾ رهون ٿا ۽ وهندڙ
پاڻيءَ جي دٻاءَ هيٺ، مڙيل ڪک جيان، زندگيءَ سان
مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون!“
انهيءَ نڪتي تي اچي، اهو بحث ختم ڪيو ويو هو ۽ ديوتا سُک جو
ساهه کڻي وري پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويا هئا. کين ڄاڻ
هئي ته گهٽ ساڍن ٽيوهين ڪلاڪن تائين هُو پنهنجي
مرضيءَ جا مالڪ هوندا ۽ جيئن وڻندن تيئن
ڪندا....... فقط اڌ ڪلاڪ هُو تخت تان ٿُڏجي هيٺ
پَٽ تي اچي ڪرندا هئا....... ان وقت انسان آزاد
هوندو هو، سوچ ۾ به ۽ عمل ۾ به!
ج.ع. منگهاڻي
ڇتارا
1- خواب جا گلڙا ڦُٽا خوشبو سمائي ساهه ۾
ماڳ جا منظر سمورا پيا ٿا ڏسجن راهه ۾
راهه ۾ پٿر مليا هن قيمتي ماڻڪ مثال
جن سان هلندي پيئي ڌرتي ڀاسي ڪوئي نِڀ و مثال
ساڀائون ڪٿ رهن ٿيون؟ ڪو ٻڌائي! ڏي جواب!
ذهن سارائي سُتل هن جاڳي پيو بس هڪڙو خواب
*
2- ڇوري! ڪهڙن پورن ۾ ٿي پيئي آهين ساڻي؟
آسر وندين ماڻڪ اکين ۾ ڇو پيئي پاڻي؟
پاڻي کارو تنهنجي دردن جو ڇا دارُون ٿيندو!!
ماڳهين تنهنجا خواب رسيلا ساڻ وهائي نيندو!
خوابن جون تعبيرون کسبيون آهن زوران زوري
دنيا چنڊ تي پهتي آهي تون ڪٿ آهين ڇوري!
*
ج. ع. منگهاڻي
ترائيل
وري مينهن وسندا، وري چاڪ چِڪندا
وري سوچ سفرن جي ٿيندي حوالي
وري خواب نيڻن جي ڳلين ۾ لِڪندا
وري مينهن وسندا وري چاڪ چِڪندا
وري خيال کاڻا نهاريندا سِڪندا
وري آس سحرن جي ٿيندي حوالي
وري مينهن وسندا وري چاڪ چڪندا
وري سوچ سفرن جي ٿيندي حوالي
ترائيل
آيو ڪهڙي آس رکي اڄ وستيءَ ۾ جوڳي!؟
اوسيئڙي جو ماريل ڪوئي جيءُ مِلي شايد
چانڊوڪيءَ ۾ راڳ رسيلا ڳائي پيو روڳي
آيو ڪهڙي آس رکي اڄ وستيءَ ۾ جوڳي
ڳولي لهندو شايد اهڙي نار نياري موڳي
نيڻ نمائي جيڪا هلڪي مُرڪ کِلي شايد
آيو ڪهڙي آس رکي اڄ وستيءَ ۾ جوڳي
اوسيئڙي جو ماريل ڪوئي جيءُ ملي شايد
* |