سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 12/ 1994ع

مضمون --

صفحو :7

هي جيون، جنهنجو انت جدائي آهي ۽ سڪ جي سفر ۾ ماڻهو ملندا ۽ وڇڙندا رهندا آهن ۽ ان جدائيءَ جتي هر  جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي، اُتي ان جدائيءَ کان شايد پريت به پنهنجو پاڻ بچائي نه سگهي آهي.

رخسانه پريت جي هن شعر ۾ جيون ۽ پيار جو حاصل مطلب بيان ٿيل آهي:

جيون جو ڇا حاصل آهي،

هر ڪو ماڻهو گهايل آهي.

پيار جي ڪشتي ترندي جيڏانهن،

دردُ ئي تنهنجو ساحل آهي.

زيب النساءِ شاهه

جُرم جو پاڇو ۽ معاشرو

(جُرم جو عڪس ضروريات زندگي آهي ۽ ضروريات سوسائٽي آهي)

زندگيءَ جي پهلوءَ سان وابسته اهي ضرورتون آهن، جن جي پوري نه هئڻ ڪري اسان سڀئي جرم ڪريون ٿا، جن جُرمن مان هڪ جرم جيڪو معاشري تي وڏو اثر ٿو ڪري، انهيءَ جرم کي طول ڏئي، امير طبقو رقم ڪمائي انساني زندگيءَ کي خريد ڪري ٿو، ۽ ان سان گڏ انهن خاندانن کي مفلوج يا ناڪاره ٿو بنائي، جيڪي اڳيئي مصيبت جو شڪار آهن. هن ڌرتيءَ تي پنهنجو پاڻ کي ٻوجهه ٿا سمجهن. انساني وجود سان کيڻ وارا اهو نٿا سوچين ته هي وجود ڪيترا نه اهم آهن. سماج لاءِ هنن ذهنن کي ناڪاره بنائي، توهان پنهنجي ملڪ سان دوکو ٿا ڪريو، پنهنجو پاڻ کي وقتي تسڪين ڏيڻ لاءِ انساني وجود کي خريد ٿا ڪريو، اها صرف تسڪين يا لذت خواهشن کي پورو ته ڪري سگهي ٿي، پر توهان جو ڪيل نقصان، جيڪو  ملڪ ۽ ملت جو عظيم سرمايو آهي،اهو وري نٿو  واپس ٿي سگهي.

انهيءَ جرم جي وضاحت ڪندي ائين ٿو لڳي ته امير ته اعليٰ درجي جي نشي کي واپرائين ٿا، پر غريب طبقو جيڪو سستو نشو واپرائي معاشري ۾ ڪيترن جرمن کي جنم ڏئي ٿو.

اسان جي سماج ۾ غربت گهڻي آهي، تنهن ڪري هي نشيدار شيون اڪثر آسانيءَ سان ملي ٿيون وڃن، ۽ غريب طبقو خريد ڪري وقتي سرور حاصل ڪري ٿو.

نشيدار منشيات مان مراد:

نشيدار منشيات مان مراد آهي ته اهي شيون، جن جي استعمال ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي نشو چڙهي، ۽ هو پنهنجو هوش حواس وڃائي ويهي رهي. اسان هت نشيدار منشيات جي وضاحت ڪريون ٿا:

(1) آفيم (2) ڀنگ (3) چرش (4) راڪيٽ (5) شراب (6) گانجو (7) مارفيا

1- آفيم:

هي ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جو استعمال دوا جي صورت ۾ به ٿيندو آهي، جنهن ڪري سرڪار طرفان هي مقرر ٿيل دڪان تي ملندو آهي. هي ٻن قسمن جو ٿيندو آهي، هڪڙو پڪو، ٻيو ڪچو،ليڪن ڪچو آفيم صحت لاءِ نقصانڪار هوندو آهي، پر موالين کي وڌيڪ پسند هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نشو گهڻو ٿئي ٿو.

سرڪاري دڪانن (گُتن) تان صرف پڪي آفيم وڪڻن جي اجازت هوندي آهي. آفيم کي ماڻهو پاڻيءَ يا کير سان پيئندا آهن، ۽ وڏا موالي آفيم کي ڳاري پيئندا آهن. هي ڪاري رنگ جي ڳوڙهن تي مشتمل آهي، پُست جي ڏوڏيءَ کي ڪاڙهي ان مان ٺاهيندا آهن. ظاهري ۽باطني حواسن کي سست ڪندڙ آهي. هن جي کائڻ سان ننڊ ايندي آهي. انهيءَ ڪري گهڻي سور جي حالت ۾ آرام ڏيڻ لاءِ ڪمائتو آهي.

رت جي دستن کي بند ڪري ٿو، کنگهه، زڪام، پگهر جي گهڻائي، معدي، سيني ۽  ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. مٿي جي سور ۽ سوڄ جي  حالت ۾ آفيم گهي لڳائجي ته فائدو ٿيندو،  پر ٻي صورت ۾ زهر آهي.

2- ڀنگ:

هي هڪ قسم جي ٻوٽي آهي، جنهن جي پوک ٿيندي آهي، هلڪي سائي رنگ جي ننڍن پنن جهڙي ٿيندي آهي. هاضم ۽ نشو ڏيندڙ آهي. موالي هن کي ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي، بادامن  وغيره سان گڏ ٿاڌل ٺاهي پيئندا آهن. ڪي سڪل ڦڪيندا آهن ۽ ڪي انهيءَ جا پڪوڙا به ٺاهي محفل ۾ کارائيندا آهن.

جناب ڊاڪٽر علي محمد قاضي، ڀنگ بابت هن ريت لکيو آهي ته: ”هڪ خطرناڪ نشيدار شيءِ آهي، جنهن جي ڦندي ۾ ڪيترا چڱا مٺا ڦاٿل ڏسبا، جي سندس دائمي غلاميءَ ۾ گرفتار ۽ لاچار آهن؛ هڪواري ڪو سندس چنبي ۾ ڦاٿو ته جان ڇڏائڻ مشڪل ٿيو پويس.

جناب حڪيم محمد جعفر لکيو آهي:

هي مشهور ساوا پن ٿيندا آهن. نشو ڪندڙ آهي دماغي حواسن کي سست ڪري ٿي. آنڊي ۽ معدي جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿي. پيشاب جاري ڪري بلغمي ۽ صفراوي دستن کي بند، مثاني جا ڦٽ ڇٽائڻ ۽ گردي مان رائو ڪڍڻ جو اثر رکي ٿي.

Cannabis Indian Hemp نرمادي قسمن جي ٿئي ٿي، جنهن سان هن جو مادي قسم زياده گهاٽو ۽ اڇو ٿئي ٿو. مادي ڀنگ جي کلن وارين ٽارين تان ڌوپ جهڙو مادو لڳل  لاهي، گانجي جي  نالي هلايو وڃي ٿو. هن جي پنن تي لڳل گهاٽي رطوبت کي چرش چيو ويندو آهي.

ٻين فائدن کان علاوه دائمي درد سر، Sickheadache چريائي ۽ حيضي جي گهڻائيءَ Menorrhagia ۽ ڪاري کنگهه لاءِ به ڪارآمد آهي. گانجو ۽ چرش سلفي ۾ ڀري تماڪ جيئان پيتو وڃي ٿو. جيڪو وهيءَ ۽ ڄمار لاءِ ائين آهي، جيئن ”ڪاٺ لاءِ اڏوهي“ ڀنگ جا ٻج قابض، نشو آڻيندڙ Intoxicating ٿين ٿا.

3- چرش:

هي ڪاري رنگ جو ۽ گهري ناسي رنگ جو هوندو آهي. سخت مائي جهڙو ٿيندو آهي. موالي هن کي سگريٽ، سلفين، چلم ۽ تماڪ سان گڏ پيئندا آهن.چرش گهڻو ڪري هنن شين جي ملاوت سان ٺاهبو آهي، جهڙوڪ ڀنگ جا گل، نازبو جا پن، چريو ڌاتورو، ريڍي چرٻي وغيره.

هي ڀنگ جي وڻ تي پيل ماڪ ۽ انهيءَ جي رطوبت آهي، جو ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. باطني ۽ ظاهري حواسن کي سست ڪري ٿو. عقل ۽ نظر کي وڃائي ٿو. رت کي ساڙي گهاٽو ڪري ٿو. هن کي گيهه يا کير ۾ ڪاڙهي تعلب دال چيني، جروار ۽ مطڪي ملائي حب جوڙبا  ته اهي حب گهڻي ايندڙ پيشاب کي به روڪيندا ۽ امساڪ به پيدا ڪندا.

4- راڪيٽ:

هي هڪ انگريزي دوا آهي، جا پوپن (Capsules) ۾ هوندي آهي. انهن پوپن ۾ باريچو ريٽ دوا پيل آهي، جيڪا ددماغ کي نشو ڏئي ٿي، ۽ حواسن کي سست ڪري ٿي. موالي انهن پوپن کي راڪيٽ جي نالي سان سڏيندا آهن. انهن پوپن جو اثر گرم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ پيل دوا ۾ آفيم جو ست مليل هوندو آهي. اهڙن پوپن جي ڪجهه انگريزي دوائن جا نالا هي آهن: اميٽيل سوڊيم، ٽيونيل، سيڪينل سوڊيم. – Amytal sodium 2- Tunial 3- Seconal sodium

5- شراب:

شراب خاص طرح ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪڙو، جيڪو ڪنهن خاص جدول تحت سرڪار جي منظوريءَ سان ٺاهيو ويندو آهي. اهڙي نموني واري ٺهيل شراب کي انگريزي يا پڪو  شراب ڪري سڏيو ويندو آهي. ٻيو شراب، جيڪو هٿرادو بٺين ۾ تيار ڪيو ويندو آهي، ان کي ديسي شراب سڏيو ويندو آهي. ديسيءَ شراب ۾ انگريزيءَ شراب کان وڌيڪ نشو ٿيندو آهي، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي. ڪي ماڻهو شراب پاڻيءَ يا سوڍا سان گڏي پين، ۽ ڪي ماڻهو بنا ملاوٽ جي پين. انگريزي شراب، دوا طور به ڪم ايندو آهي. انهيءَ ڪري  سرڪاري طرح دڪانن (گُتن) تي وڪامندو آهي.شراب گهڻين ئي شين جي مرڪب  سان ٺهندو آهي.

ڊاک، کارڪن، ڇوڏن يا ڪن دوائن مان هڪ خاص نموني جو عرق حاصل ڪبو آهي، جيڪو پاڻيءَ وانگر پٽڙو ۽ نشيدار ٿئي ٿو. دماغ جي حواسن کي سست ڪري ٿو، رت چڱو پيدا ڪندڙ آهي. قوت باهه کي وڌائي ٿو، وزن کان وڌيڪ استعمال رت کي ساڙي، عقل ۽ ذهن کي وڃائي ڇڏي ٿو. هن جو دوا طور  استعمال دم ڪشي، کنگهه، ۽ ڦڦڙن جي بيمارين کي فائدو ڪري ٿو.

شراب (اسپرٽ) Vine نشو ڏياريندڙ (Liquid) آهي. مختلف جزن جي لحاظ کان  گهڻن قسمن جو ٿئي ٿو.

هن کي شڪري سيال مٺن رسن يا ٻٻر جي ڇوڏن وغيره مان خمير ۽ عرق وسيلي حاصل ڪيو وڃي ٿو. انگور، صوف، کجور، جَوَ ۽ ڪڻڪ مان به بنايو ويندو آهي. رنگ جو مختلف، ذائقي ۾ تيز ۽ ناگوار، مزاج به مختلف اٿس. ننڊ نه اچڻ کان اڌ آنو وسڪي يا برانڊي ٿوري ننهن سوسڙي (نيم گرم) پاڻيءَ سان پيارجي  ته آرام اچي وڃي ٿو، پر هن جي گهڻي استعمال سان دل، دماغ، معدي، جگر ۽ گردن تي خراب اثر پوي ٿو.

شرابي پيءُ ماءُ جو اولاد مختلف بيمارين جو شڪار رهي ٿو. هي چهري تي ڏاڍو بڇڙو اثر وجهي ٿو.ان کان علاوه اکيون قدرتي چمڪ کان محروم، گدليون ۽ ڌنڌليون ٿي پون ٿيون. هي اها شيءِ آهي، جنهن جو اعتدال  سان استعمال شيخ الرئيس بوعلي سينا کان  بني نوع انسان لاءِ بهترين خدمت ۽ رهنمائي حاصل ڪري  ٿو، ۽ هن جي بي اعتدالي انسان کي حيوان ۽ حيوان کي درندو بڻائي ڇڏي ٿي.

6- گانجو:

گرم ۽ خشڪ آهي، ۽ نقصانڪار آهي. غشي پيدا ڪري ٿو، ڀنگ جي قسم جي هڪ نشيدار ٻوٽي آهي. حواسن کي سست ۽ دماغ ۾ خشڪي پيدا ڪري ٿو. ننڊ گهڻي ڪرائي ٿو. هن ۾ آفيم کان گهڻو نشو ٿئي ٿو. هن کي تعلب، دال چيني ۽ جوار سان گڏي (گوريون) حب جوڙجن ته اهي  حب، مني جي امساڪ ۽ دستن جي بند ڪرائڻ لاءِ مفيد آهن.

7- مارفيا:

هيءَ هڪ انگريزي دوا آهي، جا ٽڪين ۽ سُين جي نموني ملندي آهي. ٽڪين کي گرم پاڻيءَ ۾ حل ڪري سئي وانگر هڻبو آهي. ڊاڪٽر مريض کي  ننڊ آڻن لاءِ ڏيندا آهن، ليڪن موالي نشي ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

انهن نشي وارين شين کي واپرائڻ سان اسان جي اولاد يا فئملين تي جيڪو اثر پوي ٿو، اهو اذيتناڪ آهي. اسانجي معاشري ۾ صرف انهن ڳالهين کي تمام سهڻي نموي سان ايڊورٽائيز ڪيو وڃي ٿو، پر اميرن جي اندر کي يا معاشري جي انهن زخمن کي نٿو پروڙيو وڃي ته، اهي شيون ڇو ٿيون جنم وٺن، ۽ انهن جي ايجاد ڪرڻ جو اصل ڪارڻ ڇا آهي؟ صرف پابندي. . . . صرف پابندي . . . صرف پابندي. . . . جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو پر سماجي، مسئلي جو حل هن وقت تائين نه مليو آهي، انهيءَ سماجي، معاشي، اخلاقي ۽ انساني مسئلي تي غور ڪرڻ تمام لازمي آهي. اسان پنهنجي ضروريات زندگيءَ کي ڏسي، خوشحال معاشري کي جنم ڏيون، جنهن سان ملڪ جي اصلاح ٿئي.

حوالا

(1) حڪيم محمد جعفر: ”فرهنگ جعفر“

(ڇاپو پهريون). سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.

(2) ڊاڪٽر علي محمد قاضي: ”تن تندرستي“

سنڌي ادبي بورڊ، (ڇاپو پهريون)، 1956ع

(3) عبدالڪريم: ”سوشالاجي ۽ سوشل ريسرچ اِن پاڪستان“(انگريزي) 1964ع.

(4) فرينڊ لورڊر، ڊبليو- اي. انٽروڊڪشن ٽو سوشل ويلفيئر“ 1959ع.

(5) محمد اقبال چوڌري: ”پاڪستاني سوسائٽي“ 1968ع

(6) جيرج ايٽبيرري ”انٽروڊڪشن ٽو سوشل سائنس اينڊ ريسرچ سوشل پرابلمس“ 1955ع

(7) گيلين جي – آر: ”سوشل پرابلمس“ 1933ع.

حسين مسرت شاهه                          قسط – 5

ٽماهي ”سرتيون“ جو سرسري جائزو

سرتيون جو هي پرچو ٽماهي نه، پر ڇماهي پرچي جي صورت ۾ آهي. هن شماري جي ايڊيٽر نذير ”ناز“ آهي.

هن پرچي ۾ 13 ڪهاڻيون آهن.صنوبر سيد جي ڪهاڻي نما خيال بهترين سوچ ٿا ڏين. ”اياڻو انسان“ وقت جي وجود کي تسليم نٿو ڪري ۽ وقت تيزيءَ سان گذرندو ٿو وڃي. ليکڪ انسان جي سستيءَ ۽  لاپرواهيءَ تي طنز ڪئي آهي. فرزانه شاهين مڱڻيجو ”ڪنڊن ڀري راهه“ جي نشاندهي ڪئي آهي. وڏيءَ جي انڪار ڪرڻ تي مائٽن ننڍيءَ ڀيڻ ”ساجو“ جي شادي اڻ پڙهيل سوٽ سان ڪرائي ڇڏي، جنهن پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ کيس هميشہ لاءِ مائٽن جي گهر ۾ ڇڏي ڏنو. ”ساجو“ هميشہ  انتظار ڪندي رهي، پر مڙس وٺڻ ڪو نه آيس. ڪهاڻي اهو پيغام ٿي ڏئي ته خاموشيءَ وارو وقت گذري ويو، جيستائين عورت خود ”لوهه جهڙا ڳرا لفظ اوڳاڇي غلاميءَ جا زنجير“ نه ٽوڙيندي، تيستائين مظلوم رهندي.

ثريا ياسمين ڪرن جي ”زرين“ جيڪا ”نئين زندگي“ جي سيپٽمبر 1952ع جي پرچي ۾ شايع ٿي هئي، وري سرتين لاءِ ڏني ويئي آهي. هي تحرير سنڌوءَ جي جذبي کي اڀاري ٿي ته ٺلهي همدردي کان بهتر آهي ته ڪنهن جي دل سان مدد ڪري ۽ ان جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

ميڊم تنوير جوڻيجو پنهنجي انٽرويو ۾ ادب ۽ اديب جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”مون هميشہ ادب براءِ زندگيءَ کي قبوليو آهي. ادب زندگي آهي، سماجي تاريخ آهي. سڀاڻي انهن ڪهاڻين، شاعري ۽ مضمونن جي آڌار تي ئي تاريخ مرتب ٿيندي، تحقيق سمجهان ٿي. محض دل وندرائڻ وارو رانديڪو نه آهي.“

مضمونن واري حصي ۾ حميده قاضيءَ سنڌي ساهت جي سڄاڻ ساهتڪار سرتي سلطانه وقاصيءَ جو تعارف ڪرائيندي سندس شاعريءَ جو جائزو پيش ڪيو آهي. ممتاز ڀٽو جو، ”سنڌ جو راءِ گهراڻو“ جي عنوان سان تاريخي مضمون آهي. جنهن مان پروڙ پوي ٿي ته ڪهڙيءَ ريت هڪ عورت جي چالاڪيءَ سان سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻ راڄ قام ٿيو. عبدالله  چنه، بيگم زينت چنا جون ”يادگيريون“ ڏياريون آهن.

ساجده لنجار، سنڌ جي قديم شهر ”منصوره“ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت تي تحقيقي مضمون لکيو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”ڀرت جو هنر“ مَضمون لکي سرتين کي سنڌ جي گهرو هنرن ۽ هنرمند نياڻين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. حميده قاضي، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ساهت ۾ سرتين جو ساٿ“ جي نالي سان مضمون لکي سرتين کي لکڻ لاءِ اتساهيو آهي. متفرقه ڪالم ۾ ڊائريءَ جا ورق، رپورٽون ۽ ڪتابن تي تبصرا شامل آهن. انهن ۾ قمر شهباز جو ڪالم ”شاديون مراديون“ دلچسپ ۽ مزاحيه آهي. نذير ناز جو ڪالم ”مهانگائيءَ جو ٻيو نالو رمضان دلچسپ، وڻندڙ ۽ حقيقت تي مبني هو. شاعريءَ وارو حصو به معياري آهي.

جنوري – مارچ 1992ع

ايڊيٽوريل ۾ ايڊيٽر نئين لکندڙ سرتين جي حوصله افزائي ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com