سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 12/ 1994ع

مضمون --

صفحو :5

اسلام عورت کي مٿي ڪري معاشري ۾ عزت ۽ احترام جو مقام ڏنو- اسلام عورتن لاءِ آزادي ڏيندڙ ۽ محسن بنجي آيو– اسلام آڏو مرد ۽ عورت الله جي نظرن ۾ هڪجهڙا آهن. هڪ عورت هڪ مرد کان برتر ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هوءَ وڌيڪ گُڻائتي ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهي. عورت کي فخر ڪرڻ گهرجي ۽ حضور پر نور جن جي شڪر گذاري ڪرڻ گهرجي. جن کين تهمتن کان آجو ڪيو – اهڙيءَ طرح هن (عورت) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، انسان عورت کي هڪ عزت دار ۽ مرد جي برابر جي ساٿيءَ جي حيثيت ڏني)

. . . . ۽ آخر ۾ سمجهه رکندڙ انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جيڪڏهن هو سمجهڻ چاهي  ته، سچل سرمست جا هي ٻه بيت پڻ ڪافي آهن:

”هڪ جُوءِ ٻِي جوءِ، ڇَڏن ڪِين جوانَ؛

اُهي ڀِي انسانَ، جي ننگن تي نثارُ ٿيا!“

 

”هِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، مَرد نه ڇڏن مينڌرا؛

تو پُڻ پرين پوءِ ڪوهُ لڄايو ڪاڪَ کي!“

جاويد عباسي

آشا مري ويئي

ڪيترن ئي ڏينهن کان  پنهنجو پاڻ کي ڪمري جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان ڪڍي نه سگهيو آهيان، ڄڻ هن دنيا کان، هن سماج کان جلاوطني اختيار ڪئي هجي. سڄو ڏينهن ڪرسي تي ويٺو آهيان يا پلنگ تي ستل آهيان. ڪو ڪتاب پڙهي نٿو سگهان، ڪجهه لکي نٿو سگهان، بس رڳو سوچيان ٿو. سوچن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو آهي. ٻاهر ماڻهو ڪيڏا  خوش آهن، هنن جا جذبا ڪيڏا جوان آهن، هنن لاءِ دنيا ڪيڏي حسين آهي، پوءِ اهو سڀ ڪجهه مون لاءِ ڪوڙ ڇو آهي؟ شايد ان لاءِ ته انهن خوشين پويان، انهن جذبن پويان، ان حسن پويان لڪل ڪوڙ مون اڳيان ننگو ٿي بيٺوآهي. اسان جي سمورين خوشين ۽ جذبن جو محور اسان جي بي حسي، دوکو ۽ بدديانتي آهي. اسان جي بي حسي اسان جي خوشي آهي، اسان دوکي سان پنهنجن جذبن کي جوان رکيو ٿا اچون ۽ بدديانتي سان حسن کي اسير ڪيون ويٺا آهيون.

پلنگ تان اٿي مان ڪرسي تي ويهان ٿو، ڪتاب کولي پڙهان ٿو پر اکر نظر نٿا اچن، قلم کڻي لکڻ ٿو چاهيان پر قلم لکي نٿو، مان وري سوچيان ٿو – ايتري ۾ ڀر واري گهر مان تيز ۽ هلڪو آواز ٿو اچي، ڪو جهيڙو آهي.

”اڇوءَ جا پيءُ، آشا کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃ“، هڪ ماءُ جي التجا.

”هت کائڻ لاءِ ناهي، هن کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃان“، هڪ بي وس پيءُ جو ظالماڻو رويو.

”ائين ته هوءَ مري ويندي.“ ممتا جي اکين مان لڙڪ.

”ڀلي مري وڃي.“ بي حسي –

”امان بک لڳي آهي“  ، هڪ بکايل ٻار جي صدا –

”مون کي اچي کائو.“ ساڳي پر بي وس ممتا جو ظالماڻو رويو-

سڏڪا، بيمار اولاد لاءِ، بکايل اولاد لاءِ – پيڙجندڙ زندگيءَ لاءِ.

هي دنيا هڪ ڌٻڻ آهي ۽ پئسي جي ئي رسي ڪنهن کي بچائي  سگهي ٿي. هاڻي اسان جو پيار، اسان جون خوشيون، اسانجي زندگي، اسان جو موت صرف ۽ صرف پئسي جي ڊيبڪيءَ اڳيان ڀولڙي وانگر رقص ڪري ٿو. اسان جا سمورا مذهبي، تهذيبي، اخلاقي ۽ سماجي قدر ۽ روايتون صرف ڪتابن ۾ رهجي ويا آهن. دوکو، بي حسي، بدديانتي، لالچ اسان جي جديد دنيا جي جديد سماج جون روايتون آهن. قلم ميز تي رکي، ڪمري مان ٻاهر ٿو نڪري اچان – ٻاهر گدلاڻ آهي – هوا ۾ زهر ڦهليل آهي – اسان جي وجود ۾ سمايل ڪوڙ، بي حسي، بدديانتي جي گدلاڻ ٻاهر تائين ڦهلجي ويئي آهي. اندر ڪمري ۾ ٻوسٽ آهي، وجود تي  وحشت جهڙي خاموشي طاري آهي. دماغ ۾ وڌندڙ فرسٽريشن – ڪاڏي وڃان، ڇا ڪيان، مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. مٿي ۾ سور جي هڪ شديد سٽ اڀري ٿي، چڪرائجي ٿو وڃان- ايتري ۾ پاسي واري ساڳي گهر مان اوسارن جا آواز اچڻ لڳن ٿا ۽ انهن ۾ ساڳين گهڙين ۾ ننڍن ننڍن ٻارن جا آواز به شامل ٿي وڃن ٿا، ”آشا مري ويئي“ ”آشا مري ويئي“ ، اهي ننڍا ٻار جيڪي آشا کي ڪلهي تي کڻي گهر گهر گهمائيندا هئا، دانهون ڪري، پنهنجي ساٿيءَ جي موت جو اعلان ڪري رهيا هئا – هنن جي معصوم مرڪندڙ چهرن تي ڏک ۽ حيرت جون ريکائون هيون – هنن شايد سوچيو هو ته موت صرف وڏن کي ايندو آهي،  ٻار ته ننڍا هوندا آهن، هو ته ڪو ڏوهه به ناهن ڪري سگهندا، پوءِ هنن کي اهڙي سزا ڇو ملندي آهي. ٻار ڇو مرندا آهن – ننڍن معصومن کي نه مرڻ گهرجي. ”آشا مري ويئي“ – وري شور اٿيو – هنن ٻارن جي واتان هڪ ڪڙو سچ – مون کي يقين نه ٿي آيو، وري سوچيان ٿو، نه – انهن ٻارن تي يقين ڪري ٿو سگهجي- اسان جي سمورن مذهبي، سماجي اخلاقي قدرن ۽ روايتن جي انهن ننڍن ننڍن ڏيئن تي يقين ڪري ٿو سگهجي. اهي ڪوڙا نٿا ٿي سگهن. اهي بي حس نٿا ٿي سگهن، اهي دوکو نٿا ڏيئي سگهن، اهي بدديانت نٿا ٿي سگهن، سوچيان ٿو اسان وڏن جي دنيا انهن ٻارن جي دنيا جهڙي ڇو نٿي ٿئي. مان ڊوڙندو ٻاهر وڃان ٿو. هڪ سال جي ننڍڙي آشا ٻه هفتا بيماري ڪاٽڻ کان بعد مري ويئي.

”مان پنهنجي گڏيءَ کي ڪپڙا پارائينديس، هن کي اٿاريو“ ممتا جون رڙيون ۽ دانهون.

”اڙي، مان هن کي پينگهي ۾ لوڏينديس، مون کي موٽائي وٺي ڏيو، هن کي ڊاڪٽر ڏي وٺي هلون“

ماءُ جا هانءُ چيريندڙ پار – انهيءَ لمحي پاڙي وارن جا ڪن کڙا – سڄي پاڙي ۾ آشا جي مرڻ جو هل ٿي ويو.

”علاج ڪرائينس ها ته ويچاري معصوم ڇو مري ها هڪ زائفان جو تبصرو.

”پڻس ته چوندو هو، مري ته جان ڇٽي.“ ٻي زائفان جو تبصرو.

”غريب آهن، ويچارا ڌيءُ جو علاج به نه ڪرائي سگهيا“ ٽين زائفان جو تبصرو.

”ويچاريءَ جون اکيون به بند نٿيون ٿين، امان“ هڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جو تبصرو جيڪا هينئر ئي آشا کي ڏسي آئي هئي. تبصرن جو نه کٽندڙ سلسلو ۽ منهنجي اندر ۾ ساڳي گُهٽ ۽ ٻوسٽ – اڳ کان به وڌيڪ – مان واپس ڪمري ۾ اچان ٿو – قلم  کڻي لکڻ ٿو چاهيان – ننڍڙي آشا لاءِ ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، پر ڇا مان هن لاءِ ڪجهه لکي  سگهندس؟!

فقير شهمير چانڊيو                   (تاثراتي ڪهاڻي)

مُئل ماڻهو

منهنجو وجود، بي گورو ڪفن، هڪ سنسان ۽ اجاڙ کنڊرات جي پيل پاون جي ڀرسان پيو آهي. مون کي اڄ هتي ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. منهنجو وجود (جسم) گئس جي ڦوڪڻي جيان ڦونڊجي پيو آهي – جسم جي چمڙي، ڏار پيل ديوار وانگر ڏرجي چُڪي آهي – مرده ڪتي کان به زياده بد تر بدبوءِ فضا ۾ ڦهلجي چُڪي آهي.

منهنجي وجود کي ڳجهون، خاص طور تي پيٽ کي چاڪ ڪري، اندران آنڊا، ڦڦڙ ڪڍي، پنهنجي شڪم کي ڀري رهيون آهن – منهنجو هت ڪو به پرسانِ حال ڪونهي. هاڻي ڳجهون به مون کي بي يارو مددگار ڇڏي، پنهنجي ماڳ ڏانهن  موٽي ويون آهن!

منهنجو وجود، هاڻي گوشت پوشت جو پهاڙ نه رهيو آهي – بلڪه هڪ هڏائون پڃرو وڃي رهيو آهي - ۽ هاڻي فقط منهنجو روح ڀٽڪي رهيو آهي – مون ماضيءَ قريب ڏانهن موٽ کاڌي آهي!

مان پنهنجن عزيزن قريبن کي افراتفريءَ جي عالم ۾ ڏسي رهيو آهيان – هُو پنهنجي گهر ۾ به محفوظ ناهن. هو پنهنجي ديس ۾ به اجنبي آهن – انهن کان پنهنجا رستا، روڊ ۽ گهٽيون ڇڏايون ويون آهن – آءٌ ڏسان پيو – هو منهنجي ابي جو پٽ آهي – هو تڪڙو تڪڙو لئونئڙا ڦيرائيندو روڊ تان وڃي رهيو آهي – ائين پيو لڳي، ڄڻ موت ان جي ڪڍ لڳل آهي - ۽  پوءِ . . . . ۽ پوءِ . . . مون ڏٺو، ڪنهن پاسي کان وڄ جيان چمڪاٽ ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ گجگوڙ ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي ابي ڄائي ڀاءُ کي رت جي ڳاڙهي مينهن ۾ وهنجندي ڏٺم- !!

سج جي آخري ڪَني به گم ٿي چُڪي آهي – مان ڏسان پيو – منهنجي امڙ جون اکيون بار بار در ڏانهن کڄي رهيون آهن – منهنجي  وڏي ڀيڻ، جنت، کيس دلداريون ڏيئي رهي آهي: ”خير آهي امڙ، ادو ڄاڻ ته اچي ويندو –گهڻن ڏينهن کان پوءِ ويو آهي، آفيس، شايد رهيل ڪم اڪلائڻ ۾ دير ٿي ويئي هجيس“ پر منهنجي امڙ کي، ڀيڻ جنت جون دلداريون، آٿت نه ڏيئي سگهيون آهن – ننڍڙو اٺن سالن جو خالد پنهنجي امڙ کان پڇي رهيو آهي: ”امي، اڄ ابو دير ڇو ڪئي آهي؟ “ مان ڏسان پيو – منهنجي ڀاڄائي ننڍڙي خالد کي ڏڍ ڏيڻ بجاءِ پنهنجي مادري شفقت جي آغوش ۾ لڪائي ڇڏيو آهي – ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ گهر جا هڙئي ڀاتي، سواليه نظرن سان هڪٻئي کي تڪي رهيا  هجن! پوري گهر ۾ موت جهڙي خاموشي ڇانيل آهي. – اوچتو ان خاموشيءَ کي چيريندڙ کنگهه جو آواز اڀري ٿو ۽ پوءِ جهيڻو آواز، ان جي جاءِ والاري ٿو: ”امڙ جنت“

”جي بابا!“ جنت ڇرڪندڙ انداز ۾ چئي ٿي.

”امڙ، هيءَ ماٺ ڇو آهي!؟“

”ائين ئي!“ جنت نٽائيندي، جواب ڏئي ٿي.

”ننڍڙو خالد ڪٿي آ؟“

”ڀاڄائي جي هنج ۾ ستو پيو آهي!“

”محمود اڃان ڪو نه آيو آهي ڇا؟!“

ان کان اڳ جو جنت، پنهنجي ضعيف العمر ۽ اکين کان وڏي، بابي کي جواب ڏئي، ڪنهن طرف کان تيز آوازن سان گونجندڙ ايمبولينس جا ڪڙڪاٽ دروازي تي اچي ساڪت ٿي وڃن ٿا. جنت جي دل، جيڪا اڳيئي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جي ڪري ڌڙڪي رهي هئي، ويتر ڌڙڪڻ لڳي ٿي ۽ جنت چرين وانگر ڊوڙ پائي، دروازي کي کولڻ. بجاءِ، ڪن ڏيئي، در تي گڏ ٿيل ڪافي ماڻهن جون سرگوشيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿي!

”امڙ جنت، وري ڪيڏانهن وئينءَ هلي!؟“  اکين کان بي نور پوڙهو وري سڏ ڪري ٿو.

”اتي ئي آهيان بابا!“ جنت در تي بيٺي بيٺي جواب ڏئي ٿي–  ۽ ان سان گڏوگڏ دروازي تي زور زور سان ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي.

جنت ڏڪندڙ هٿن سان دروازو کولي ٿي، سندس سامهون ديس جي لڄن، مال ۽ جان جا محافظ بيٺا آهن!

”محمود جو گهر هيءُ آهي؟“ در تي بيٺل  محافظن مان هڪ ڄڻو اڳتي وڌي  جنت کان پڇي ٿو.

”ها! خير ته آهي؟“ جنت هراسيل انداز ۾ جواب ڏئي ٿي، جنت کي جواب ڏيڻ بجاءِ محافظ، ايمبولينس جا ٻئي تاڪ کولي، ان مان اسٽريچر تي ابدي ننڊ ۾ ستل ۽ لال لهوءَ جو وڳو پهريل، هڪ هميشه لاءِ مرجهايل چهرو، جنت کي سوکڙي طور پيش ڪري ٿو، جنت جون اکيون ان مرجهايل چهري کي ڏسي، ساڪت ٿي ٿيون وڃن ۽ ان ئي حالت ۾ بيٺي بيٺي، سندس وجود جو پکي، پڃرو خالي ڪري اُڏامي وڃي ٿو. هوءَ اڃا ڪرڻ تي هئي، ته محافظ وڌي کيس سهارو ڏئي ٿو. . . .  ۽ پوءِ سڄي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. منهنجو ڀٽڪندڙ روح، ان منظر جو تاب نه جهلي، اڳتي وڌيو آهي. ٿوري فاصلي طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه چهرا، جيڪي ظاهري ڏسڻ ۾ نهايت معصوم پيا نظر اچن، پر اندر ۾ ابليس آهن.

مون انهن کي سڃاتو آهي.هي اهي صياد آهن، جن منهنجي ٻوليندڙ پکيءَ کي قفص ۾ قيد ڪري، پوءِ نهايت بيدرديءَ سان اوسيئڙي ۾ رهندڙ ممتا، شفقت پدري، سهرا ٻڌندڙ ڀيڻ ۽ هڪ احترام ڪندڙ ڀاڄائي ۽ ڀائٽيي ۽ سڄي گهر جي سنڀاليندڙ ڀاءُ کي گولين جو بَک بڻايو آهي. مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي. . . . مان تين هٽيءَ مان بس تي سوار ٿيو آهيان – منهنجي پويان هڪ ٻيو مسافر به سوار ٿيو آهي. بس ڀرجي چُڪي آهي. بس جي اسٽارٽ ٿيڻ سان ئي، منهنجي پويان ايندڙ مسافر، جيڪو پڻ منهنجي ڀر ۾  ويٺو آهي، بيقراريءَ سان پاسا ورائي رهيو آهي. ان جي ائين پاسي ورائڻ سان سندس ڪوٽ ۾ پيل اوزار (مائوزر) مون کي ڪک ۾ لڳندو محسوس ٿيو آهي. منهنجي مٿان هڪ اڻ ڄاتل خوف سوار ٿي ويو آهي. . . ۽ مان ٽيڏيءَ اک سان ان مسافر کي خوف وچان ڏسي رهيو آهيان. بس تيزيءَ سان فلڪ بوس عمارتون، رستا، روڊ، جبل ۽ جهنگ عبور ڪندي، وڃي رهي آهي. منهنجي پاسي ۾ ويٺل مسافر، بس حيدرآباد جي رونق دار علائقي ۾ داخل ٿيندي، ڊرائيور طرف وڌي رهيو آهي!. . . . اوچتو اُن ڊرائيور جي مٿي تي پيل ٽوپي. لؤندڙيءَ تي مائوزر رکي لاهي ورتي آهي ۽ پيرن جي هيٺان رکي، ان کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي. بس زوردار چرڙاٽ سان گڏ بيهي رهي آهي. مسافرن ۾ افراتفري مچي ويئي آهي ۽ هو بس مان هيٺ لهي رهيا آهن. انهن جي هيٺ لهندي ئي هڪ سوزوڪي تيزيءَ سان بس جي ڀر ۾ اچي بيهي ويئي ۽ ان مان ڇهه – ست ابليس هيٺ لهي آيا آهن ۽ تيزيءَ سان بس ۾ چڙهي آيا آهن ۽ اچڻ شرط ڊرائيور کي لتن ۽ مڪن سان مارڻ لڳا آهن. ان منظر، منهنجي مٽيءَ جي ٺهيل وجود کي غيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ مان مدد لاءِ دانهون ڪري رهيو آهيان؛ مگر ڪو به منهنجي مدد لاءِ نه آيو آهي – ائين پي محسوس ٿيو، ڄڻ جن کي مدد لاءِ پڪاريان پيو، سي دراصل هڪ مداريءَ جو تماشو ڏسندڙ تماشبين هئا! مون پاڻ بچائڻ لاءِ ڊوڙ پاتي آهي. سامهون ڪجهه قانون جا محافظ نظر آيا اٿم. انهن جي ڏسڻ سان جيئڻ جي آس پيدا ٿي اٿم- پر اها منهنجي خوشفهمي هئي. ابليس منهنجي ويجهو پهچي چُڪا هئا ۽ پويان قميص جي ڪالر کان ڇڪي، سوزوڪيءَ ۾ بيدرديءَ سان اڇلايو اٿن. منهنجو سڄو جسم لال ٿي چڪو آهي. قانون جا محافظ ڏسي رهيا هئا ۽ انهن جي اکين اڳيان سوزوڪي اوجهل ٿي ويئي. هاڻي هو مون کي هڪ سنسان جڳهه تي کڻي آيا آهن. هيءَ جاءِ هندن جي مرده ساڙڻ جي جاءِ آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ پنهنجي جاه و جلال جي نشاني هئي، پر اڄ هو کنڊرات بڻيل آهي - ۽ پوءِ تڙ . . . تڙ جا آواز، منهنجي وجود کي پَروڻ ڪندا، فضا ۾ تحليل ٿي ويا آهن ۽ هاڻي مان ڪڏهن به انتظار ۾ رهندڙ  ۽ واٽون نهاريندڙ ۽ رات جو دير سان  در کليل رکڻ وارن وٽ نٿو وڃي سگهان، ڇاڪاڻ ته هاڻ منهنجو وجود هڏين جو ڍانچو نه رهيو آهي، بلڪه ان مان رک اڏامي رهي آهي ۽ اها رک، پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ضم ٿيندي ڏسي رهيو آهيان – هاڻي ته منهنجو پاڇو به مون سان گڏ ناهي!! مان مئل ماڻهو آهيان!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com