ٻهراڙيءَ جي عورت، تعليم ۽ مسئلا
ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، ۽
وري آباديءَ جو گهڻو حصو ٻهراڙيءَ تي مشتمل آهي.
ٻهراڙيءَ جي عورت کي تعليم ڏيارڻ جي ڳالهه ڪرڻ وقت
اسان کي ٻهراڙيءَ جي پس منظر کي ڏسڻو پوندو.
اسانجي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ذهني غلاميءَ، معاشي
بدحاليءَ، بيروزگاريءَ ۽ تنگدستيءَ جو شڪار
آهن.اُهي هر لحاظ کان بنيادي سهولتن، جهڙوڪ صاف
پاڻيءَ، بجليءَ، رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن کان محروم
آهن.
سندن گذران جو صرف هڪ ذريعو آهي. ”زراعت“ ، جنهن
مان ته پورو پيٽ به پالي نٿا سگهن، ۽ سال جا
ٻارنهن ئي مهينا قرضي رهن ٿا. جيڪو فصل پوکين، سو
اڳ ئي کاڌي ۾ هليو وڃي. سندن تربيت، تعليم ۽ سموري
ڄاڻ ڳوٺ جي مولويءَ ۽ وڏيري جي اوطاق تائين محدود
آهي. اهي سوچڻ سمجهڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي قوت کان
وانجهيل آهن. هنن کي ايترو به شعور ڪونهي ته ڪو هو
پابند آهن، هو وڏيري کي پنهنجو ڪرتا ڌرتا سمجهن ٿا
۽ ساڻن جيڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي، ان کي تقدير سمجهن
ٿا. اهو ئي سبب آهي جو وڏيرو آرام سان کين پنهنجن
مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت استعمال ڪندو رهي ٿو.
هي اٻوجهه ماڻهو وڏيري جي اشاري تي نيچ عمل ڪيو
وجهن. سندن جيئڻ ۽ مرڻ جو اختيار ئي ڄڻ وڏيري
سائينءَ کي آهي. وڏيرو چاهي ته کين چور، ڌاڙيل ۽
قاتل بنائي ڇڏي؛ جي چاهي ته کين عمر قيد جي سزا
ڏياري ڇڏي. کين پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪجهه ڪرڻ يا
سوچڻ جو ڪو به حق ناهي. هو انسان نه، پر وڏيري جي
آڱرين تي نچندڙ پتلا آهن.
صحيح معنيٰ ۾، ٻهراڙيءَ جو مرد خوددار ناهي – اهو
ئي سبب آهي، جو هو ”ڪاروڪاري“ جي رسم به محض جهالت
جي ڪري قائم رکيو ٿو اچي.
اسان جي سماجي جوڙجڪ مطابق، ڀلي چريو کريو هجي، ته
به گهر جو وارث مرد ئي آهي. جتي گهر جي وارث (مرد)
جي حيثيت به هڪ غلام جهڙي آهي، اتي عورت جي حيثيت
ڀلا ڇا هوندي؟ اهڙي ماحول ۽ اهڙين حالتن ۾ عورت جي
تعليم جي ڳالهه ڪرڻ هڪ مذاق ئي ٿي سگهي ٿي. جڏهن
ته ٻهراڙيءَ جي عورت ذهني طور تي مرد کان وڌيڪ
سڄاڻ، سگهڙ ۽ پختي آهي. هوءَ خوددار به آهي ته
بردبار به. هوءَ پنهنجي محنت ۽ پورهيي تي يقين رکي
ٿي. هوءَ ڄاڻي ٿي ته منهنجي حيثيت ڇا آهي، منهنجا
حق ڪهڙا آهن، پر هوءَ خاموش رهڻ تي مجبور آهي. مرد
جي ظالماڻي رويي کيس هيسائي ڇڏيو آهي. هوءَ ڄاڻي
ٿي ته کيس حق گهرڻ تي ماريو ويندو، ڇو ته کيس
خبرآهي ته سندس مرد، (پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پُٽ) کيس
پير جي جتيءَ کان وڌيڪ نٿو سمجهي. پر هوءَ خاموش
آهي. هوءَ آواز انهيءَ لاءِ نٿي اٿاري جو اهو ئي
مرد، جيڪو مٿس تشدد ڪري ٿو، سو ڪنهن نه ڪنهن ناتي
ساڻس ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري، هوءَ سندس ڪرتوتن کي
وائکو به نٿي ڪرڻ چاهي. کيس اها به خبر آهي ته هن
کي ڪٿي به انصاف پلئه ڪو نه پوندو ۽ نه ئي تحفظ
ملندو. تڏهن هوءَ خاموش آهي.
ٻهراڙيءَ جي عورت جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ، سندس
پسماندگيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ کيس تعليم يافته بنائڻ
لاءِ، سڀ کان پهرين ڳوٺن ۾ رستا، بجلي، اسڪول،
ڪاليج، ڊسپينسريون، هنري سکيا جا مرڪز ۽ ننڍا وڏا
ڪارخانا کوليا وڃن. انهيءَ سان ٻهراڙيءَ جو مرد
معاشي طور تي پاڻڀرو ٿيندو، تڏهن ئي وڃي عورت کي
ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو. انهن سڀني ڪمن کي عملي صورت ۾
آڻڻ لاءِ گهڻي پئسي جي ضرورت آهي، جيڪا عام
ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ اسين سنڌ
سرڪار توڙي عام ڀلائيءَ وارن ادارن کي گذارش
ڪنداسين ته ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي پسماندگي دور ڪرڻ
لاءِ ڪوششون وٺن. گلبدن جاويد مرزا
سهڻيون سٽون
ٻهراڙين ۾ سماجي سطح تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي
سحر امداد جا جواب، جيڪي 1991ع ”سرتيون“ لاءِ
ڪيل انٽرويو تان ورتا ويا آهن
سرتيون: هڪ عورت هئڻ جي ناتي سان اوهان اهو ٻڌايو
ته مسئلن، حقن ۽ فرضن جي معاملي ۾ شهري عورت ۽
ٻهراڙيءَ جي عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي. جي اوهان وٽ
ذريعن ۽ وسيلن جي گهڻائي هجي ته اوهان ڇا ڪرڻ
چاهينديون؟
سحر امداد: اها ڳالهه ته پڌري پٽ آهي ته اسان جي
شهرن ۽ ڳوٺن جي سِوڪ ڪنڊيشن
(Civic Condition)
۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ٻهراڙيءَ ۾ رستا ناهن!
اسڪول ناهن، اسپتالون ناهن! روزگار جا وسيلا ناهن.
ڌاڙيلن جو آزار ڌار آهي. جڏهن ته شهرن ۾ اهي سڀ
سُک آهن. زندگي وڌيڪ آسان آهي. . .. پر انهن ئي
شهرن ۾ اسان جيترا غير محفوظ اڄ آهيون. اوترا ڪڏهن
به نه هئاسين - ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ شهرن ۾
جيترا ڪونڌر ڪٺا هوندا – اوترا ته ڌاڙيلن به نه
ماريا هوندا. اوترا ته اسان ”پلاندن“ ۾ به نه
ماريا هوندا. مطلب اهو ٿيو ته اسين سنڌي ٻنهي پاسي
باهه ۾ آهيون.
اسان کي ڌاريو ماري ٿو ته پنهنجو به ماري پيو ڦُري
پيو. ۽ اهو سڀ هڪڙو مرد ٻئي مرد سان ڪري ٿو پر
ڦُرجي اها عورت ويئي، جنهن جو هُو پٽ هو، ڀاءُ هو،
پيءُ هو ڀتار هو. . . سنڌ (اسين) اڄ جنهن باهه ۾
سڙي ٻري پيئي، ان کي ڪير اُجهائيندو؟ تون، مان يا
ٻيو ڪو! ان باهه کي ”اسين“ اُجهائينداسين- اسان کي
اُجهائڻي آهي اها باهه – ان لاءِ سموري سماجي سيٽ
اَپ کي بدلائڻ جي ضرورت آهي - ۽ اهو سڀ اسان کي
گڏجي ڪرڻو آهي، اڪيلي سحر ڪجهه نٿي ڪري سگهي. سحر
ان سُک ۽ سُڪار جا سپنا اُڻي سگهي ٿي. سنڌي ماڻهو
(مرد عورت ٻار سڀئي) جي سماجي
Up Lifting
لاءِ پلان ٺاهي سگهي ٿي – ڪميونٽي سينٽرهجن،هينڊي
ڪرافٽ سينٽر هجن. ايگرو انڊسٽريز هجن، اسڪول ڪاليج
هجن، انهن سمورين سهوليتن کان اڳ ۾ بجلي، پاڻي،
ٽيليفون ۽ رستن جي سهولت هجي، انهن مان هڪڙا ڪم ته
حڪومتي سطح تي ٿيندا (جيڪي ڪڏهن ڪو نه ٿيندا. جي
ٿيندا ته ڪُميءَ جي اسپيڊ سان ٿيندا.) ٻيا پلان
اهڙا آهن، جن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پيسو کپي.
جيڪو تو مون وٽ ناهي. – جن وٽ آهي، تن جو ”اَپر
چيمبر“ خالي آهي. هونئن ته سموري سنڌ جو سماجي،
اقتصادي ڍانچو پٽ پيل آهي، پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي
100 مان 90 سيڪڙو آبادي بُکي، ڏُکي، اُڃي، اگهي، ۽
اُگهاڙي آهي. ۽ ان سماجي سرشتي ۾ عورت ٻٽي پرماريت
جو شڪار آهي. هڪ ته هو ان سموري غلط سسٽم جي شڪار
ٿيل مرد جو شڪار پڻ آهي. پوءِ اهو مرد هن جو
پنهنجو پيءُ هجي، ڀاءُ هجي، پٽ هجي، ڀتار هجي يا
ڪو اوڦٽو. ٻهراڙيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي مرد جيڪو ٿورو
گهڻو ڪمائيندو سو سڀ پنهنجي ذات تي خرچ ڪندو –
ماني ٽڪي، چانهه چشڪو، سگريٽ، ٻيڙي، نشو پتو . . .
سڀ پئسا وڃائي بوڇڻ ڇنڊي اٿندو. گهر ۾ اَٽي لپ
لاءِ به پيسو نه ڏيندو. ٻهراڙيءَ جي عورت مڙس
ماڻهو آهي – پنهنجي بازن جو پورهيو ڪري ڪمائيندي
– تنهن مان پنهنجو ۽ ٻارن جي ڇانگ جو پيٽ پاريندي.
ته مٿان مڙس موچڙا هڻي اهي پيسا به کانئس کسي وڃي
ٽِڪريءَ ڀيڙو ٿيندو.
ان ڪري ئي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ سماجي سطح تي ڪم ڪرڻ
جي گهڻي ضرورت آهي. جڏهن ته اُتي بنيادي ڪم ئي
اڃا نه ٿيو آهي. ان ڪري مقامي ڳوٺاڻي سطح تي اتي
جا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان اها ذميواري کڻن. اهو انهن
تي فرض به آهي. گڏجي اهڙا گروپس ٺاهين ۽ پنهنجي
پڙهائيءَ کان پوءِ واندڪائيءَ جو وقت سجايو ڪن - ۽
”بي شعور“ سنڌي ماڻهوءَ کي ”باشعور“ ڪن.
* خوف ۽ لالچ ادبي ڪردار کي متاثر ڪن ٿا
*
معياري لکڻيون معاشري جي سنوارڻ ۾ سگهارو ڪردار
ادا ڪري سگهن ٿيون.
* قلم ذريعي تبديلي اچي ٿي.
سرائيڪي ڌرتيءَ خواجه غلام فريد جهڙا عظيم شاعر
پيدا ڪيا آهن، ۽ اڄ به هيءَ قوم فريد جي ان پيغام
ته:
”اجهو مارُو مليو، دل نه ماندي ٿي.“
تي عمل پيرا آهي – هن ڌرتيءَ خواجه فريد کان وٺي –
اڄ تائين کوڙ سارا عظيم مفڪر – قلمڪار پيدا ڪيا
آهن - ۽ اڄ به سنڌ ۽ سرائيڪي ديس ۾ سرائيڪي جو
عظيم ادب تخليق ڪيو پيو وڃي - ۽ انهن عظيم قلمڪارن
مان هڪ منفرد قلمڪاره ”ڊاڪٽر غزاله احمداڻي“ به
آهي، جنهن کي سرائيڪي افساني جي ملڪه جي نانءُ سان
نوازيو ويو آهي – ڊاڪٽر غزاله احمداڻي سنڌوءَ جو
جل پيتو آهي ۽ سرائيڪي لولي ٻڌي آهي، هي علامت آهي
– سرائيڪي ۽ سنڌوءَ جي ميلاپ جي. ڊاڪٽر غزاله کان
ورتل سرائيڪي انٽرويو جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو:
راهي: اوهان پنهنجي حياتيءَ جو مختصر احوال ٻڌايو؟
غزاله: 10 مارچ 1964ع تي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيس. انٽر
سائنس گرلز ڪاليج سانگهڙ مان 1982ع ۾ ڪيمB.D.S
(بيچلر آف ڊينٽل سرجري) لياقت ميڊيل ڪاليج
ڄامشورو مان 1989ع ۾ ڪيم. ۽ شغل افسانه نگاري،
پينٽنگ.
راهي: اوهان جي لکڻ جي اوسر ڪيئن ٿي؟ ان جي پٺيان
ڪهڙا عنصر آهن؟
غزاله: مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي- لکي رهي
آهيان. ابتدا ۾ نظم لکندي هُيس ۽ ڪلاس ۾ شاعره
مشهور هيس. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ بابا جي لائبريريءَ
۾ تمام گهڻا – اردو- سنڌي- انگلش ۽ سرائيڪي ڪتاب
ڏسي ۽ پڙهي، لکڻ جو شوق پيدا ٿيو - ۽ انهيءَ ڳالهه
جو به احساس ٿيو ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي
ايترو مظلوم ڇو بيان ڪيو ويندو آهي – اها چاهي
خواجه فريد جي شاعري هجي – يا شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي شاعري هجي – مون هڪ اهڙي عورت جي
نمائندگي ڪرڻ ٿي چاهي – جيڪا ڪنهن به صورت ۾ مردن
کان پوئتي نه هجي – تڏهن ته منهنجي پهرين افساني
جو عنوان هو - - ”اپڻا آپ سڃاڻو ري“ – (پنهنجو پاڻ
سڃاڻو ڙي)
راهي: اوهان جو ادبي نظريو؟
غزاله: ادب ۾ حقيقت پسندي ۽ جماليات جي خوبصورت هم
آهنگي هجڻ گهرجي- معاشري جي هم جهتي – تصوير ڪشي –
سٺي اسلوب ۽ خوبصورت لفظن ۾ هجڻ گهرجي.
راهي: اوهان ڪيترا افسانه لکيا آهن – سڀ کا پهرين
افسانو ڪڏهن ۽ ڪهڙو لکيو، ۽ اهو ڪهڙي رسالي ۾
ڇپيو؟
غزاله: اڄ تائين ايترا افسانه لکي چُڪي آهيان، جو
هڪ ڪتاب بڻجي سگهي ٿو.سڀ کان پهريون افسانو 1980ع
۾ ”اپڻا آپ سڃاڻو ري“ لکيم ۽ اهو ماهانه ”سرائيڪي
ادب “ ۾ شايع ٿيو.
راهي: اديب لاءِ ڪو ضابطو، توهان ڪيتري حد تائين
ضروري يا غير ضروري سمجهو ٿيون؟
غزاله: اديب جي سوچ ته وهندڙ نديءَ جهڙي هوندي
آهي. ان تي نه ڪا بندش ۽ نڪي ضابطو لاڳو هوندو
آهي، ليڪن ڪا به ڳالهه انسان جي اجتماعي فائدن جي
خلاف نه هجڻ گهرجي – هونئن به مان پنهنجن افسانن
کي پنهنجي ڊائريءَ جو هڪ ورق سمجهان ٿي - ۽ مون کي
اهو فڪر به ٿيندو آهي ته اها ڊائري ڪنهن کي سمجهه
۾ ايندي به يا نه – اگر ڪنهن کي سمجهڻو آهي ته ان
کي منهنجي ذهني سطح تائين اچڻو پوندو.
راهي: سرائيڪي ادب جا اوهان کي ڪهڙا مسئلا نظر اچن
ٿا؟
غزاله: سرائيڪي ادب هم جهتي مسئلن ۾ گهيريل آهي –
تخليق لاءِ مواد به آهي ماحول به آهي - ۽ با
صلاحيت تخليق ڪار به آهن – ليڪن تنظيمي، اشاعتي ۽
مالي تعاون نه ملڻ ڪري عظيم ادب منظر عام تي نه
پيو اچي، جڏهن تخليق ڪيو وڃي پيو.
راهي: قلمڪار جي حيثيت سان هڪ لفظ جي طاقت لاءِ
اوهان جو اندازو؟
غزاله: هڪ لفظ اگر موقعي ۽ وقت جي مطابق هجي ته هڪ
سِٽ، مضمون ۽ هڪ ڪتاب کان به سگهارو ٿي سگهي ٿو،
نه ته ان لاءِ لفظ ”مهمل“ ئي ڪافي آهي –
راهي: توهان جي ادبي اوسر ۾ ڪهڙن ماڻهن ۽ ليکڪن جو
سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح اثر رهيو آهي؟
غزاله: اسان پنهنجا استاد به خود ۽ شاگرد به خود –
رهبر به پنهنجو ضمير ۽ ذوق ۽ راهه تي هلڻ وارا
رهگذر به خود.
راهي: ڪنهن به قسم جون مصلحتون ادبي ڪردار کي
ڪيترو نقصان پهچائين ٿيون؟
غزاله: مان ڪڏهن به ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿي
آهيان- (الله جو شڪر آهي) ليڪن خوف ۽ لالچ ادبي
ڪردار کي بُري طرح متاثر ڪندا آهن.
راهي: سرائيڪي ادب بابت اوهان کان پڇا ڪجي ته ڇا
چوڻ گهرنديون؟
غزاله: منهنجي نظر ۾ سرائيڪي ادب، دنيا جي عظيم
ادب جو هڪ حصو آهي.
راهي: هڪ ليکڪا پنهنجي لکڻين وسيلي سماج ۾ ڪهڙو
ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟
غزاله: سماج يا معاشري تي اثراندازي جي نقطئه
نگاهه کان ليکڪ ۽ ليکڪا ۾ ڪو به فرق ڪونهي – ٻنهي
جون معياري لکڻيون، معاشري جي سنوارڻ ۾ سگهارو
ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
راهي: سرائيڪي ادب ۾ عورتون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون
آهن – جڏهن مون سرائيڪي علائقي جو مختصر دورو ڪيو،
محسوس ڪيم ته عورت ايتري تعليم يافته ڪانهي –
ايتري قدر جو، پڙهائي کي ڪٿي عيب به سمجهيو وڃي
ٿو. پرائمري ڪلاس جي معصوم نياڻيءَ کي به برقعي ۾
بند ڪري اسڪول موڪليو وڃي ٿو – انهيءَ جو ڪارڻ
ڪهڙو آهي – سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ به ائين آهي – اوهان
جي نظر ۾ انهيءَ کي ڪيئن شعور ڏنو وڃي؟ غزاله:
سرائيڪي علائقي ۾ تعليمي شعور روز بروز وڌي رهيو
آهي – عورتون ڀرپور نوني سان تعليمي ترقيءَ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن – منهنجي ئي
خاندان جي عورتن ۾ تعليم سؤ سيڪڙو آهي، جن ۾ ٻه
درجن کن گريجوئيٽ آهن- هونئن برقعو يا چادر اوڍي
تعليمي ادارن ۾ وڃڻ – گيٽ تي بيٺل غير ذميدار
نوجوانن جي ڪري هڪ مجبوري به ٿي سگهي ٿي، ۽ هونئن
به با پرده هجڻ جي ڳالهه آهي – اهو عيب ته ڪونهي
-!!
راهي: توهان وٽ ڊاڪٽر جون ذميداريون به آهن – پر
هڪ ليکڪ جي حيثيت سان اوهان پاڻ تي ڪهڙيون
ذميداريون سمجهو ٿيون – اُهو به اتي جتي ادبي
شروعات آهي- خاص ڪري عورت طبقي ۾؟
غزاله: مان پنهنجي پيشي ۽ شوق کي ٻن جدا خانن ۾
رکان ٿي – هونئن ڏٺو وڃي ته منهنجي افسانن جو
موضوع به منهنجي پيشي سان مطابقت رکي ٿو – منهنجي
پيشي کان ته مون کي وڌيڪ
Inspiration
ملي ٿو – جيتري تائين ذميداريءَ جو سوال آهي
يقيناً مون هڪ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو آهي، منهنجو
ڏاڏو اديب هو، منهنجو والد صاحب محمد اسماعيل
احمداڻي ايڊووڪيٽ هجڻ سان گڏوگڏ سرائيڪيءَ جو تمام
وڏو اديب، دانشور ۽ مفڪر به آهي – هُن ٽي ڪتاب
لکيا آهن، ۽ ٻن تي صدارتي ايوارڊ ۽ خواجه فريد
ايوارڊ به ملي چُڪا آهن – منهنجي ڀيڻ بنت بلوچ
(حضور بانو) به ڪافي وقت کان سرائيڪي ۾ لکندي رهي
آهي – عورتون يقيناً ادبي ميدان ۾ اچي رهيون آهن،
سرائيڪي ادب ۾ به عورتن کي خاص اهميت حاصل آهي –
سرائيڪي لکڻ واريون کوڙ ساريون عورتون موجود آهن –
جيئن بُشريٰ رحمٰن، اقبال بانو، مسرت ڪلانچوي.
راهي: توهان سنڌ ۾ رهو ٿيون ۽ سنڌ جي مرڪزي
درسگاهه لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيون آهيو- گهڻو
ڪري لکيو به اتان جي پسمنظر ۾ اٿئو. پوءِ به اوهان
سرائيڪي کي وڌيڪ ترجيح ڏني؟
غزاله: انتهائي خوشي ۽ انتهائي ڏک جي شدت وارن
لمحن ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار مادري زبان ۾ ڪيو
ويندو آهي – اهڙيءَ طرح مون به پنهنجي من ۾ اٿڻ
واري ”جوار ڀاٽا“ (مدو جزر) کي انهيءَ زبان ۾ بيان
ڪيو آهي، جنهن ۾ پنهنجي ماءُ کان لوليون ۽ ڪهاڻيون
ٻڌيون اٿم – توهان پسمنظر جي باري ۾ صحيح چيو آهي
– افسانه لکرائڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ لياقت ميڊيڪل
ڪاليج جي زيب النساءِ هاسٽل جي ڪمري نمبر 89
(اوڻاسي) جو آهي، اهو ئي ته آهي، منهنجي تجربن جو
امين، منهنجي هڪ هڪ لمحي جو ساٿي – پوءِ تنها
ڪمرو، افسانو ئي ته لکرائي ٿو -!! سنڌ جي هڪ هڪ
ڪنڊ گهمڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته منهنجي رڳن
۾ ڊڪندڙ رت سنڌو درياءَ ۽ منهنجي سوچ تي اسان جي
معاشري جي عورت سوار آهي – ليڪن هتان جي ٻولي ۾
ناهي لکيو – سرائيڪي ۾ لکيو آهي – انهيءَ کي ترجمو
ڪرڻ لاءِ اوهان جهڙا قدردان جو موجود آهن.
راهي: هڪ ليکڪ جي حيثيت سان اوهان پنهنجين لکڻين ۾
عورت کي ڪيتري ترجيح ڏني آهي – جڏهن ته عورت جي
حيثيت سان، عورت جو ڏک وڌيڪ صحيح طرح سان محسوس
ڪري سگهو ٿيون؟
غزاله: اسان جي معاشري ۾ عورت ئي دکي ڪانهي، پر
سڄي انسانيت دُکي آهي – ان لاءِ مون عورت کي هن
معاشري کان ڪڏهن به ڌار ناهي ڪيو. ها، مگر پنهنجن
ڪهاڻين ۾ پڙهيل لکيل عورت کي ترجيح ڏني آهي، ۽ ڇو
نه هجي – عورت حڪومت ڪري رهي آهي – ڪڏهن هُن جي
پوڄا ڪئي ويندي هئي – هُو ته ڪائنات جي خوبصورت
ترين شئي آهي – پوءِ هُن کي ڇو نه اهميت ڏني وڃي –
راهي: ادب جي دنيا ۾ عورت ڪيترو آزاد آهي؟
غزاله: جيڪو آزاد رهڻ چاهي ٿو اهو آزاد آهي، ليڪن
جيڪو پابندين جي زنجيرن کي خود پائڻ تي رضامند
هجي، انهيءَ کي ڪير ٿو روڪي سگهي!
راهي: ڇا اوهان سمجهو ٿيون ته ڪهاڻي، ناول يا شعر
ذريعي سماج ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهجي ٿي؟
غزاله: دنيا ۾ جيڪا به تبديلي نظر اچي رهي آهي،
اهو سڀ قلم جو ته ثمر آهي. قلم مان نڪرڻ وارو هر
لفظ پنهنجو اثر رکي ٿو، انهيءَ لاءِ ڪهاڻيءَ، ناول
يا شعر جو نشانو ڪڏهن به خطا نٿو وڃي.
راهي: سرائيڪي ادب جي موجوده حالتن کان مطمئن آهيو
– ملڪ جي ٻين ٻولين جي ادب جي ڀيٽ ۾ انهيءَ جي
رفتار ڪيتري آهي؟
غزاله: انسان کي اگر ترقي ڪرڻي آهي ته هن کي ڪنهن
به صورت ۾ چپ ڪري مطئن ٿي ويهڻ نه گهرجي.
سرائيڪي زبان ۾ کوڙ سارو ادب تخليق ٿي رهيو آهي،
ليڪن پوءِ به ان ۾ اضافي جي گنجائش موجود آهي.
پاڪستان جي علائقائي زبانن مان سنڌيءَ ٻوليءَ جي
ترقي جي رفتار پهرين نمبر تي آهي، ۽ ٻئي نمبر تي
سرائيڪي کي رکي سگهجي ٿو، ليڪن سرائيڪي ادب جي
رفتار ايتري گهٽ به ناهي.
راهي: سرائيڪي ادب ٻين ٻولين ۾ گهٽ متعارف ڪرايو
ويو آهي. ان جو ڪارڻ؟
غزاله: نه صرف سرائيڪي، بلڪه اسان جي سڀني
علائقائي ٻولين جي ادب کي ٻين ٻولين ۾ تمام گهٽ
متعارف ڪرايو ويو آهي – ان جا سبب توهان به تلاش
ڪري سگهو ٿا. هونئن سٺن ترجمي نگارن جي کوٽ به هڪ
سبب ٿي سگهي ٿو.
راهي: مختصر طور سرائيڪي ۽ سنڌي افسانن تي روشني
وجهو – ان جا ڪارڻ ان لاءِ ڪي تجويزون؟
غزاله: سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ افسانه تمام معياري
تخليق ٿي رهيا آهن. ترقي جي گنجائش به موجود آهي.
انهن ٻنهي زبانن جي تخليقڪارن کي گهرجي ته عالمي
ادب جو مطالعو ڪن – بين الاقوامي حالات تي نظر رکن
۽ پوءِ انهيءَ پسمنظر ۾ ڪهاڻيون لکن. هي وقت جي
تمام وڏي ضرورت آهي.
راهي: توهان سنڌي ادب جو مطالعو ڪيو آهي – توهان
کي سڀ کان وڌيڪ سٺا اديب ڪهڙا لڳا- پنهنجي پسند جا
شاعر يا اديب؟
غزاله: شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف کان علاوه ٻيو
ڪير ٿي سگهي ٿو. مون جيتري ڊاڪٽري پڙهڻ ۾ محنت ڪئي
آهي، اوترو ئي ”شاهه جي رسالي“ کي پڙهڻ لاءِ رات
ڏينهن هڪ ڪيو اٿم- سڀ کان پهريائين شڪارپور ۾ مون
کي ذڪيه سومرو (ليڪچرار پوليٽيڪل سائنس) شاهه جي
شاعريءَ جو درس ڏنو – مان سندس بيحد شڪر گذار
آهيان.
راهي: سرائيڪي ادب ۾ ڪهڙي صنف وڌيڪ لکي پئي وڃي-
ڪهڙي قسم جو ادب لکيو پيو وڃي؟
غزاله: شاعري ۽ فڪشن سڀ کان وڌيڪ لکيو پيو وڃي.
راهي: سرائيڪي ادب ۾ صف اول جا اديب ڪهڙا آهن؟
غزاله: ڊاڪٽر مهر عبدالحق – دلشاد ڪلانچوي- محمد
اسماعيل احمداڻي – احسن واگها – اسلم رسولپوري –
مسرت ڪلانچوي – اقبال بانو – عزيز شاهد – اقبال
سوڪڙي – رفعت عباس – اِشو لال فقير – ممتاز حيدر
ڏاهر – قيس فريد ۽ عاشق بوزدار – سرائيڪي جا عظيم
قلمڪار آهن.
راهي: مستقبل لاءِ ڇا سوچيو اٿو؟
غزاله: هڪ ڊاڪٽر جو مستقبل ڇا هوندو آهي، سڏڪندڙ
انسانيت کي تسليءَ جا ٻه لفظ لکي هٿ ۾ پڪڙائي ڇڏڻ
– ايتري قدر جو ڪو ته ان جي هٿ تي ساڳيو پرچو رکيو
ڇڏي- ها، البته ادب جي حوالي سان تمام گهڻو لکڻ جو
ارادو آهي، ڀلا پنهنجي سنڌڙيءَ کان سسئي – نوري –
مومل يا مارئي ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿي.
راهي: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
غزاله: جو ڪجهه مان چئي چُڪي آهيان اهو پيغام ته
آهي. |