سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 12/ 1994ع

مضمون --

صفحو :6

علي محمد ”درد“ سولنگي

هر ڪو ماڻهو گهايل آهي

(رخسانه ”پريت“ چنڙ جي شاعريءَ جو اڀياس)

شاعري لفظن جي ترتيب ۽ توازن جو نالو آهي، لفظن جي هڪ الڳ خوبصورت ۽ وسيع ڪائنات آهي، اهي لفظ ئي آهن، جيڪي انسان جي امنگن، احساسن، اُڌمن، المين، اهنجن، ارمانن، لڙڪن، مرڪن، ٽهڪن ۽ سڏڪن جا ترجمان آهن– ۽ هڪ شاعر انهن لفظن جو سهارو وٺي پنهنجن ڏکن سُکن، زندگيءَ جي مسئلن ۽ پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪري ٿو. جيڪڏهن شاعر وٽ لفظن کي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ آهي ته هو اظهار جا انيڪ رستا ڳولي ڪڍي ٿو.

لفظن کي موتين وانگي مڙهي مالها تيار ڪرڻ وارن ۾ رخسانه ”پريت“ چنڙ جو ناو به ڪافي مٿڀرو آهي. رخسانه ”پريت“ چنڙ جو ادب ۾ اڄ جيڪو مقام آهي، ان ۾ سندس عورت هجڻ جو ڪو به عمل دخل نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر، ڏات ۽ ڏانءُ، سوچ ۽ لوچ، مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪَري آهي.

رخسانه ”پريت“ جڏهن پنهنجي پيڙا کي پني تي اُتاري ٿي ته سندس اظهار جي انفراديت، پڙهندڙن جي دل ۾ پيهي وڃي ٿي. سندس سِٽ سِٽ سادگيءَ سان سهيڙيل هوندي آهي. سندس اکر اکر ۾ اندر جا الاهي اهنج، احساس ۽ اڌما نظر ايندا آهن.جيئن سندس هي ڏيڍوڻو:

هر رات  لُڇيا آهيون.

ڪجهه ڪو نه چپن تي آ، ڪوتا ۾ ڪڇيا آهيون.

هڪ شاعر جيڪو ڏسندو وائسندو يا محسوس ڪندو آهي ان کي ڪوتا ۾ ڪڇندو آهي.

”پريت“ به پنهنجن اُلڪن، اُڌمن، واقعن ۽ وارتائن جو ذڪر شعري شڪل ۾ ڪيو آهي:

سار آئي ۽ وئي لنگهي پَل ۾،

دل جو شيشو مگر ڀڃي گُذري.

يا وري سندس هي شعر:

ڪٿي ٿا چئون پنهنجو نالو ٿئي،

اسانجي غمن جو ازالو ٿئي.

زندگيءَ جي باري ۾ هر شاعر جي پنهنجي سوچ،پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا ۽ مؤقف هوندا آهن، بقول پريت جي:

پيار ۾ زندگي سُٺي گذري،

ها مگر ٿورڙي ڏُکي گذري.

زندگي ڪيئن ڪٽي پُڇو سڀ کان،

ڪين چوندو ڪو، ها! سُکي گذري.

”پريت“ جو مٿيون شعر هر  انسان جي اندر جو آئينو آهي، هر انسان چاهي اهو امير هجي يا غريب، هو معاشري جي ڪهڙي به  طبقي سان تعلق رکندو هجي، پر جي ان کان زندگيءَ جي باري ۾ پڇبو ته ٿڌو ساهه ڀري چوندو، هيءَ به ڪا زندگي آهي، جنهن ۾ ڪو سک ئي ڪونهي.”پريت“ انهن ئي ساڳين لفظن کي هيئن استعمال ڪري ٿي ته:

زندگيڪيئن ڪٽي پُڇو سڀ کان،

ڪِين چوندو ڪو، ها! سُٺي گذري.

”پريت“ اهڙن ئي ماڻهن کي جيڪي مايوس آهن، انهن کي حوصلو ڏيڻ لاءِ پنهنجي قلم جو سهارو وٺي هيئن چوي ٿي ته:

چَئه نه تاريڪ زندگي آهي،

ڪا اکين منجهه روشني آهي.

”پريت“ وٽ پيار جا پنهنجا معيار ۽ ماپا آهن ڇو ته هن دنيا ۾ ڪو اهڙو ماپو ايجاد نه ٿيو آهي، جو ڪنهن جي، سڪ پيار محبت کي توري يا جاچي سگهي. ان ڪري ئي پريت پني تي هيءُ بيت لکي ٿي ته:

قرب ڪٿڻ لئه ڇو ڀلا ڪو نه ملي ماپو،

لُڇندي ڏوراپو، قدرت کي اڄ مون ڏنو.

جڏهن سِڪ جي سفر ۾ ”پريت“ پيار جي پيچرن تي هَلندي، پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ويهي ۽ منزل مقصود هن کي نه ٿي ملي ته ڏوراپو ڏئي چوي ٿي:

پنڌ کٽي ئي ڪو نه ٿو،

هي ڏس پيرن مان،

رتُ وهي آيو.

يا وري سندس غزل جو هيءُ بند سندس سورن جي ڪيل سفر جو ساکي آهي:

هليا ڪيترو هون، گسن کان پُڇي ڏس،

سمورا ٿئي ساکي، وڻن کان پڇي ڏسُ.

”پريت“ وٽ پنهنجا، اسلوب، اصطلاح، تشبيهون ۽ استعارا آهن. هوءَ اندر جي اُلڪن ۽ اوسيئڙن، بيچينين ۽ بيقرارين کي ڪاغذ تي هيئن اوتي ٿي:

اوسيئڙي کان اڳ اُجهامي

ڏنڀ نه ڏي ڏيئڙا،

لڱن مان ليئڙا، جوڀن ٿو پائي.

جيسين ساهه سڳو پيو سُرڪي

رهندا اوسيئڙا.

لڱن مان ليئڙا،جوڀن ٿو پائي.

انتظارجي رات قيامت جي ڪاري رات ٿيندي آهي. اها گذري ته ويندي آهي، پر ڪيئن گذرندي آهي، ان جي عڪاسي ”پريت“ جي هن شعر ۾ نظر اچي ٿي:

وئي رات گذري، سا گذري وئي ڪيئن،

رِلي ۾ پيا ٿئي، گهنجن کان پُڇي ڏِسُ.

يا سندس هيءُ شعر:

مان ته لُڇندي رهيس پتو پيو هو،

ڪو نه هن تي به ڪا سُٺي گذري.

رخسانه ”پريت“ چنڙ جي شاعريءَ ۾ فن به آهي ته فِڪر به، جذبن جي جوت به آهي ته سادگي ۽ سچائي سان گڏ، سوچ ۾ لوچ به، هن وٽ ڏات به آهي ڏانءُ به. جيئن سندس غزل جا هي بند:

رهندي هري ويا هون، خيالن جي ميڙ ۾،

گهٻرائجي وڃون ٿا، ماڻهن جي ميڙ ۾.

حيلا گهڻا هلائي، آخر پياسين ٿڪجي،

ساڀيان کنيو نه گهونگهٽ، خوابن جي ميڙ ۾.

پئي جو نظر پرينءَ تي، محفل ۾ ائين لڳو ڄڻ،

چنڊُ هو ڪو ڄڻ وهيءَ سان تارن جي ميڙ ۾.

ڀر مان ته ويو هو گذري، چپ چاپ پر پٺيان،

تيلي آ ڄڻ ڏئي ويو، ڪانن جي ميڙ ۾.

يا وري سندس هيءُ غزل:

پيا جيڏا چمڪن، ستارا گگن ۾،

چِڪن چاڪ ايڏا، اسان جي بدن ۾.

وڇوڙي جو ورجاءُ ٻڌندين ڀلا ڇا؟

ڪٿي قربتون هِن اسان جي قصن ۾.

نه ئي انت پنهنجو اسان کي لهڻُ ڏيو،

نه ئي رنڱجو ٿا، اسان جي رنگن ۾،

ڇڏيا سمنڊ اوتي، رهي تشنگي ته به،

پٽيل پياس آ ڪا اسان جي چپن ۾.

جنهن سان پيار ۽ پريت هوندي آهي، ان جي هر ڳالهه پياري لڳندي آهي پوءِ اها تعريف هجي يا تنقيد، دل چوندي آهي رڳو اهو پيو ڳالهائي يا وري ان جي باري ۾ ڳالهايو وڃي، جيڪو مَنَ جو محبوب آهي. اهڙن ئي جذبن جو اظهار ”پريت“ پنهنجي هن شعر ۾ ڪيو آهي:

دل ٿي چاهي ته رڳو ڳالهه هلي پئي هُن جي،

هُجي تنقيد يا واکاڻ، سٺو لڳندو آ.

پيار ڪيڏو سهي، هي رشتو آ اهڙو جنهن ۾،

رهي ٿوري اگر ڇڪتاڻ، سُٺو لڳندو آ.

يا وري سندس وائيءَ جا هي بند به اهڙي ئي عقيدت جو اظهار ڪن ٿا:

هُن جو نانءُ لکي ڪري،

ڏيان جو زير زبر–

ڪيڏو ٺهندو آ.

گجرن ڀاڪر ۾ اچي،

چوٽيءَ هڪ هڪ وَرُ–

ڪيڏو ٺهندو آ.

رخسانه ”پريت“ چنڙ وٽ همت به آهي ته حوصلو به، عزم به آهي ته استقلال به، جذبن جي جوت سان گڏ جوش به آهي. هوءَ همت هاري ويهي رهڻ وارن مان نه آهي، هو ڏاڍ ڏسي ماٺ نه ٿي ڪري نه ئي مات ٿي مڃي. جيئن سندس هيءَ وائي سندس عزم جو اعليٰ مثال به آهي ته نئين صبح جو پيغام پڻ:

ڪونه مڃيسين ماتِ–

اسين اڃا به پنڌ ۾.

نيٺ نراس جي ڪوهيڙي مان،

ايندي جو جهات–

اسين اڃا به پنڌ ۾.

اوندهه وکري ويندي ٿيندي،

ڇايل سان پرڀات–

اسين اڃا به پنڌ ۾.

ڪڏهن نچن سوريءَ تي سِسيون،

ڪڏهن اڏيءَ تي ڪات –

اسين اڃا به پنڌ ۾.

يا سندس غزل جي هنن بندن ۾ ساڳيو مقصد سمايل آهي ته:

متان ڏئي ميارون، اسان کي هي ڌرتي،

پيا جهاليون ته ڪم ڪو، نرالو ٿئي.

وڃي ڀل جلي آخري خون قطرو،

آ مقصد ته جڳ ۾ اجالو ٿئي.

يا سندس هڪ غزل جو هي بند:

هُجي ڏور ڪيڏي به منزل نه ٿڪجون،

اگر واٽ ساري هجي هٿن ۾.

يا سندس هيءُ بيت به ساڳي عزم جو اظهار ڪري ٿو:

آهي سچي سنسار ۾، اوندهه ڄڻ اوتيل،

من ڪري مشعل، آءُ ته جهاڳيون جوءِ لئه.

جنهن دل ۾ پيار ۽ پريت هجي ان ۾ سور نه هجن، ۽ دل ۾ درد نه هجي، اهو ناممڪن آهي، پر جن کي اندر ۾ عشق جو آکيرو هجي انهن کي سُور به سُٺا ۽ پُور به پيارا لڳندا آهن. ”پريت“ چواڻي ته:

سور وارا به ٿا لڳن سُهڻا،

درد جي پنهنجي دلڪشي آهي.

اهو سڀ ”پريت“ جي سادگي، پيار جي پيڙا ۽ قرب جو ڪمال آهي ته ڪٿي ٿو سور سٺو لڳي يا وري ڪٿي درد ۽  ان درد ۾ پريت کي دلڪشي نظر اچي ٿي  نه ته ماڻهو ته درد کان دور ڀڄندا آهن. نارسائي جو دک (درد) کان دور ڀڄندا آهن. نارسائي جو دک (درد) هر ماڻهوءَ سان گڏ آهي، انسان جي هر خواهش پايه تڪميل تائين نه ٿي پهچي. ان نارسائي جو اظهار ”پريت“ پنهنجي ڪوتا ۾ هيئن ڪري ٿي:

تون ٿو هن کي ۽ مان، توکي پوڄيان،

پنهنجي، هر ڪنهنجي بندگي آهي.

 

چئو پيار ملي ويندو.

ملندو ته ڪڏهن ملندو، جوڀن ته هليو ويندو.

 

هر ڪا دل ”دل سان“ پئي ڪنهن دل کي چاهي،

وقت جتي چاهي، ڪو ڪو ڪنهن سان ٿو ملي.

سندس هن غزل جي هيٺين بند ۾ به ساڳي ڪيفيت  جي ترجماني ٿيل آهي:

ڄاڻون ٿا ته اسان جا ٿيندؤ،

ڳالهه ڀلا ورجايو ڇو ٿا.

جڏهن انسان سڀ حيلا هلائيندو آهي ۽ اڳيان ڪو به  ريسپانس نه ملندو آهي ته اندر مان اهي لفظ نڪرندا آهن، جيڪي پريت جي هڪ غزل جو بند آهن:

ماڻهو ڏاڍو مورک آهين،

پٿر کان تون پيارُ گهرين ٿو.

روسو هڪ هنڌ چيو آهي ته ”انسان حد کان وڌيڪ خوشيون به برداشت نٿو ڪري سگهي“ ۽ ان ئي ويچار کي پريت پنهنجي لفظن ۾ هيئن لکي ٿي:

خوش ٿي ڪيئن گذاري سگهندين،

سک ۾ جو سنسارُ گهرين ٿو.

انگلستان جو رومانوي شاعر شيلي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”انسان جي بي اختيار ۽ قدرتي کل ۾ به ڪو نه ڪو درد سمايل آهي، اسان جا سڀ کان مٺڙا ۽ پيارا گيت اُهي آهن، جيڪي سڀ کان غمگين سوچن جو داستان ٻڌائين ٿا.“

”دنيا جا سڀئي نغما غم کانسواءِ بي مزي آهن. غم جي چاشنيءَ کانسواءِ ڪو به نغمو يا گيت اوچو يا اعليٰ ٿي نٿو سگهي؛ ۽ غمگين گيت لکڻ لاءِ شاعر کي هزارن ڪربن، پيڙائن، ڀوڳنائن مان گذرڻو پوندو آهي، تڏهن ئي ڪا سُٺي شيءِ تخليق ٿي سگهندي آهي. ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ”پريت“ هيئن لکي ٿي ته:

تڏهن گيت ڪوئي، سريلو ٿو لکجي،

جڏهن ڏات پنهنجي ڪاريهر ڏنگن ٿا

 

ها ڏات ڏنگيو آهي،

تنهن ئي ته وري سانئڻ، هر ڪنهن سان ڳنڍيو آهي.

 

ڏات ڏنڀي هر روز اسان کي،

ڪيڏيون سرسُ سزائون آهن.

 

ڪيئن گهائي ڪو دردُ هڪ هڪ جو،

”پريت“ آ ذائقو چکي گُذري.

ڪڏهن ڪڏهن انسان جي اهڙي ڪيفيت هوندي آهي، جو جيڏانهن ڪر نگاهه تيڏانهن سڄڻ سامهان نظر ايندا آهن. اهڙي ئي ڪفيت پريت جي هيٺين بندن ۾ ملي ٿي:

چهرو هُن جو ئي ڇو پيو ڏسجي،

منهنجي هٿ ۾ ته آرسي آهي.

ڇڏيو ايڏي آواز ۾ مڌ ڀري جو،

اڃا سحر طاري، اڃا هُون نشن ۾.

”پريت“ جي شاعريءَ ۾ اندر جون سڀئي موسمون ملن ٿيون، تات ۽ تنهائي، الڪو ۽ اڪيلائي، جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ مندر اڏيندي آهي ته ساهه کان سُڪون، روح کان راحت کسجي ويندي آهي، پر پوءِ به انسان جبل ناهي جو ڦاٽي پوي، انسان بادل ناهي جو برسي پوي، پر انسان لڪي لڪي روئندو ۽ ماڻهن اڳيان کلندو آهي. چاهي اُن مرڪ جي پٺيان سندس دل خون جا  لڙڪ لاڙيندي هجي. اهڙي ئي ڪيفيت کي پريت پنهنجي هڪ نظم جي سٽن ۾ هيئن سموئيو آهي:

 

تڙپ لڪائي ٽهڪون پيا ٿا،

ماڻهن ليکي ٻهڪون پيا ٿا.

 

سهپ رهي ناهي اندر ۾،

تنها آهيون درد نگر ۾.

رخسانه پريت چنڙ شاعري جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن وايون، غزل، نظم، بيت، ڏيڍوڻا ۽ ٽيڙو پڻ لکيا آهن. سندس هي ٽيڙو به هر انسان جي اندر جو آواز آهي:

اَجهو لَٽو ماني،

چوٿون پيار گڏي ڇڏيو،

جيون لئه جاني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com