سراج الدين نظامي/ سليم مصراڻي ناول
گوئٽي جي مشهور ڪتاب ”فائوسٽ“ جو اختصار
انسان ۽ شيطان
”فائوسٽ“ سورهين صديءَ ۾ جرمنيءَ ادب ۾ هڪ تاريخي
اهميت ورتي هئي. ڊاڪٽر جوهان فائوسٽ هڪ رول ظالم ۽
نااهل حڪيم هو، جيڪو هڪ افسانوي ڪردار بنجي ويو. ۽
1587ع ۾ ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ان جي شيطان سان ڪيل
معاهدي سان منسوب ڪيا ويا. ان کان پوءِ”مارلو جي
ٽرئجڊي“ ڊاڪٽر فائوسٽ جي نالي سان شايع ٿي، وري
گوئٽي ان ٿيم کي پنهنجي شاهڪار ”فائوسٽ“ انسان ۽
شيطان جي حرص ۽ لالچ جي هڪ ابدي ڇڪتاڻ جي صورت ۾
پيش ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته گوئٽي 1773ع کان 1832
تائين فائوسٽ لکندو رهيو. 1859ع ۾ گونود جو اوپيرا
هن مضمون تي شروع ڪيو ۽ ان کان 26 سال پوءِ مسٽر
ولز ۽ سرهينري ارونگ ملي ان کي نهايت ڪاميابيءَ
سان اسٽيج تي پيش ڪيو. جناب سراج الدين نظامي ايڏي
وڏي ڊرامي جي مرڪزي خيال کي انسان ۽ شيطان جي
عنوان سان هڪ دلچسپ مڪالمي طور پيش ڪيو، واقعي به
”درياءَ“ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي.
(ادارو)
حامد جو ڪمرو، حامد گونجاري رهيو آهي:
حامد: داب المني ادر ارم صحبتي افتاد با پير عجم:
شاعري ڪو همچو آن عاليجان
نيست پيغمبر وي دارو ڪتاب
خواند بردانائي اسرار قديم
قصه پيمان ابليس و حڪيم
(محمود اندر اچي ٿو)
محمود:”ڇا پيو گنگنائين حامد؟“
حامد: ”علامه اقبال جا ڪجهه شعر گوئٽي بابت آهن.“
محمود: ”اهي ئي جن جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب ”پيام مشرق“ لکيو هو.“
حامد:”ها“
محمود:”حامد ابليس ۽ حڪيم جي ڇا معنيٰ آهي.“
حامد: ”گوئٽي هڪ ڊرامو فائوسٽ لکيو آهي، جنهن ۾ حڪيم فائوسٽ ۽
شيطان جي گڏيل واعدن ۽ اقرارن کي وڏي خوبيءَ سان
پيش ڪيو آهي. ۽ انسان جي امڪاني نشو نما جا سڀئي
درجا بيان ڪيا آهن. هن ڊرامي جي ڪري گوئٽي جي نالي
کي بقا حاصل ٿي آهي.“
محمود: ”فائوسٽ جو نالو ته ٻڌل آهي، پر ان کي پڙهڻ جو اتفاق نه
ٿيو آهي.“
حامد: تمام وڏو ڪتاب آهي، پر مون ان کي مختصر ڪري لکيو آهي،
جيڪڏهن تون چوين ته مان ٻڌايان.
محمود”ضرور، ضرور“.
حامد: ”ٻڌ بارگاهه خداونديءَ ۾ سڀ فرشتا ڪائنات جي خالق جي
تعريف و ثنا ۾ گم آهن ۽ شيطان به ٻئي طرف بيٺو
انسان جي گمراهي ۽ خود پسنديءَ تي کلي، غيب مان
صدا اچي ٿي ۽ چوي ٿي، جيڪڏهن توکي طاقت آهي ته
اسان جي نيڪ بندي حڪيم فائوسٽ کي ڀٽڪائي ڏيکاريو،
شيطان وڌي تڪبر ۽ غرور سان ان ڪم ۾ جنبي وڃي ٿو ۽
موقعي جي تلاش ۾ رهي ٿو.
فائوسٽ هڪ اڌڙوٽ فلاسافر آهي، جنهن کي علم و فضيلت هوندي به دلي
سڪون ميسر ناهي، هو نه ته حسن و عشق جي هنگامن کان
واقف آهي ۽ نه ئي فطرت جي مشاهدي مان لطف اندوز
ٿئي ٿو. هو ڪائنات جي سڀني رازن کي سمجهڻ لاءِ
جنون جي حد تائين فڪر آهي. ان ڪري جيڪو ڪم ادراڪ
سان نه ٿو ٿي سگهي ته هو ان کي تخيل جي مدد سان
ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن ته هڪ دفعي هو مطالعي جي ڪمري ۾
ويٺو هو....
(حامد مسودو ڪڍي بلند آواز ۾ پڙهي ٿو).
(فائوسٽ جو ڪمرو، فائوسٽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي)
”فائوسٽ: (آهه ڀري) سڄي ڄمار فلسفي، قانون، ۽ طب جي مطالعي ۾
گذاريم، دينيات تي به مٿو کپايم، پر افسوس مان جتي
هوس اتي ئي رهيس، هڪ قدم به اڳتي نه وڌيس، ماڻهو
مون کي حڪيم، فاضل ۽ علامه چون ٿا ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ
ناهي ته مان ٻين عالمن ۽ فاضلن کان گهڻو وڌيڪ
سمجهدار آهيان، مان وهم پرست به ناهيان.
مگر افسوس صد افسوس، ايتري علم و فضل جي باوجود مان ڪائنات جي
سربستن رازن کي سمجهي نه سگهيو آهيان. ڇا ڪريان؟
ڪيڏانهن وڃان؟ هن علم مان فائدو؟ ته پوءِ هاڻي مان
فن .... سامري، ڏانهن متوجهه ٿيان ٿو، شايد روح
منهنجي مدد ڪن. ۽ انهن جي زبان مان ڪي راز کلي
پون. فائوسٽ! فائوسٽ اٿ خدا جي وسيع دنيا ۾ هل، ۽
روحن سان گڏوگڏ اونهاين غارن ۽ اوچن جبلن تي گهم،
اي منهنجا گرو! جيڪڏهن اوهان منهنجو آواز ٻڌي رهيا
آهيو ته جواب ڏيو(شيطان اچي ٿو)
شيطان:”هي ڪهڙي واويلا آهي؟ فرماءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“
فائوسٽ:”تون ڪير آهين؟“
شيطان: ان طاقت جو هڪ جزو جيڪو هميشه بدي ڪرڻ چاهيندو آهي“ پر
هميشه نيڪي ڪندو آهي.“
فائوسٽ: ان ڳالهه جو مطلب؟“
شيطان:”مان اهو روح آهيان جو هر شيءِ جي نفي ڪندو آهي، جنهن کي
اوهان گناهه يا برائي سمجهو ٿا اها منهنجي ...
(سرشت) آهي ٻڌ! مان تنهنجو درد دور ڪرڻ آيو
آهيان، ٿورو منهنجي ريشمي.... (قبا) ۽ چيلهه ۾
لٽڪيل تلوار کي ته ڏس، مان توکي نصيحت ٿو ڪريان ته
تون مون جهڙو لباس پاءِ ته جيئن تون به دل ڀري
دنيا جي لذتن مان مزا ماڻي سگهين.“
فائوسٽ: مان ايترو جوان ناهيان جو ان تماشي سان خوش ٿي سگهان
مون کي دنيا مان ڇا ملندو؟ اهو ئي ته خواهشون ترڪ
ڪريو، اميدون پامال ڪريو، آهه... اهو ئي آواز آهي،
جو صبح شام منهنجي ڪنن ۾ ايندو رهي ٿو. خدا جو
تصور جيڪو اندر ۾ منهنجي زندگيءَ ۾ خوف ۽ حراس
ٻاري ٿو ڏئي۽ ظاهر ۾ مون کي بي وس ۽ مجبور ڪري
هليو ٿو وڃي..... منهنجي زندگي بيڪار آهي، مان مرڻ
ٿو چاهيان، موت !
شيطان” تون پنهنجي درد سان نه کيڏ فائوسٽ! غم هڪ ڪيڙي وانگر
تنهنجي زندگيءَ کي کائي رهيو آهي. تنهنجو رت چوسي
رهيو آهي، پر مان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪڏهن تون
مون سان گڏجي زندگيءَ جي شاهراهن تي هلين ته مان
هميشه تنهنجي خدمت ۾ حاضر رهندس. تون مون کي
پنهنجو غلام سمجهه؟“
فائوسٽ: ” ۽ ان جي عوض تون مون کان ڇا ڇا ٿو چاهين؟“
شيطان:” مان صرف تنهنجي اشاري تي تنهنجا سڀ ڪم ڪندس ها توکي صرف
اهو عهد ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن اسين ٻي دنيا ۾ به
ملون ته توکي اتي به مون سان گڏ رهڻو پوندو. بس
اهو ئي عهد ڪر ۽ پوءِ ڏس ته مان توکي ڪهڙا ڪهڙا
ڪمال ڏيکاريان ٿو.“
فائوسٽ: ”غريب شيطان!“ تون مون کي ڇا ڏيکاريندين؟ تون ڪير آهين
جو انساني روح جي بلندين کي سمجهي سگهين؟ ٻڌاءِ ته
تو وٽ کاڌا آهن جن سان طبيعت، خوش نه ٿئي؟ ڇا تو
وٽ اها دولت آهي جيڪا هٿ ايندي ئي اڏري وڃي؟ ڇا
تون مون کي اهي ميوا ڏيکاري سگهين ٿو جو پٽڻ کان
پهرين ئي سڙي وڃن ٿا ۽ اهي وڻ جيڪي روز سڪن ٿا ۽
روز ساوا ٿين ٿا.“
شيطان:”مان انهن ڳالهين کان نه ٿو گهٻرايان، مان توکي اهي سڀئي
نعمتون مهيا ڪري سگهان ٿو.“
فائوسٽ: ”ٺيڪ ته پوءِ جيڪڏهن ڪا سستي ڪريان ۽ جيڪڏهن تون ڪنهن
عيش ۽ عشرت سان ڌوڪو ڏئي مون کي منهنجي زندگيءَ
مان مطمئن ڪرين ته اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري
ڏينهن هوندو.“
شيطان: وري به سوچي وٺ فائوسٽ!
فائوسٽ:” سوچي ڇڏيم اگر مان ڪڏهن ڪنهن گذرڻ واري گهڙيءَ کي
مخاطب ٿي چوان ته ”اي گهڙي ٿورو بيهي وڃڻ ته اهو
ڪيڏو نه سٺو هوندو.“ هاڻي توکي اختيار آهي ته مون
کي پنهنجي زنجير ۾ جڪڙي زماني جي لذتن ۾ ڪيرائي ڇڏ
بس تڏهن وقت بيهي رهي ۽ منهنجي زندگي جي پڄاڻي ٿي
وڃي.“
شيطان:”مون کي اها شرط منظور آهي. هاڻي مان تنهنجو ٻانهو آهيان،
پر هينئر توکي هڪ عهد نامي تي صحيح ڪرڻي آهي رت
سان، ڇو ته رت کان نرالو عرق ڪو به ناهي!“
فائوسٽ: جيڪڏهن تنهنجو اطمينان ان ۾ آهي ته پوءِ مان حاضر
آهيان، (ڪاغذ تي صحيح ڪري ٿو) هي وٺ ۽ ان ڳالهه جو
وهم به نه ڪر ته ڪو مان انهي عهد کي ٽوڙيندس، مان
خود علم مان بيزار ٿي چڪو آهيان، ۽ چاهيان ٿو ته
پنهنجي دل جي غم کي زماني جي لذتن سان مٽايان، ان
لاءِ تون جادوءَ جو هر پراسرار کيل تيار رک.
شيطان:” هاڻي تون ڪنهن به ڳالهه جو پابند ناهين، جيڪو تنهنجي دل
چاهي، سو ڪر، جنهن شيءِ کي چاهين، تنهن ڏانهن هٿ
وڌاءِ توکي ڪير به جهلڻ وارو ناهي.“
فائوسٽ:”مان رند بنجڻ چاهيان ٿو، رند! (شرابي) مان درد ڀرين
لذتن، محبت ڀرين نفرتن سان لطف اندوز ٿيڻ چاهيان
ٿو، علم مان منهنجي دل ڀرجي چڪي آهي. مان
زندگيءَ جا بلند و پست جلوا ڏسڻ چاهيان ٿو. مان
انسان جي هر ڏک، سور ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيان ٿو.“
شيطان:”ڪائنات جو هيءُ سارو طلسم صرف خدا جي لاءِ آهي، جو پاڻ
پردي ۾ ويٺو جلوا ڏيکاري رهيو آهي. پر توهان کي
انڌيري ۾ رکي ٿو. جڏهن ته اسان جا هٿ آهن پير آهن،
اسان ۾ عقل آهي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان کي
نت نين لذتن جي لطف کان محروم رکيو وڃي. ان لاءِ
منهنجا دوست همت کان ڪم وٺ، ۽ مون سان گڏجي دنيا
۾ عيش عشرتون ڪر.“
فائوسٽ: ”ليڪن ابتدا ڪيئن ڪريان؟“
شيطان:”بس هينئر ئي مون سان هل.“ (ٻئي وڃن ٿا.)
محمود: ”واهه گوئٽي جي فن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو
سگهجي.“
حامد:” فلسفي حيات جي مشڪل مسئلن کي شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽
انسان جي روحاني ڪشمڪش جو نقشو ڪڍڻ ان جو ئي ڪم
هو.“
محمود:”ها، پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي حامد!“
حامد : ”ڇا؟“
محمود: ”اها ته فائوسٽ جهڙو عالم، فاضل ۽ صاحب نظر انسان، شيطان
جي چنبي ۾ ڪيئن ڦاٿو؟“
حامد: علامه اقبال فرمائي ٿو:
ڊهونڊني والا ستارون ڪي گذر گاهون ڪا،
اپني افڪار ڪي دنيا ۾ سفر ڪر نه سڪا،
اپني حڪمت کي زور پيچ ۾ الجها ايسا،
آج تڪ فيصلا نغمه و ضرر ڪر نه سڪا.
فائوسٽ فاضل آهي، صاحب نظر آهي، هن جي دل ۾ ڪائنات جي راز کي
ظاهر ڪرڻ جي آرزو آهي، هو پنهنجي علم ۽ حڪمت جي
زور تي ان مشڪل کي آسان ڪرڻ چاهي ٿو. پر ناڪام ٿي
پنهنجي ئي حڪمت جي زنجير ۾ ڦاسي ٿو پوي.“
محمود: ”ڦاسڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، فقط الله سان لئون لڳائي ها.
ان جي عبادت ڪري ها، آخر هڪ ڏينهن اهڙو به اچي
وڃي ها جو ان کي فنا في الله جو درجو حاصل ٿي وڃي
ها.“
حامد:”تون سچو آهين، صوفي صاحب! ٿورو غور ڪرين ته توکي خبر
پوندي ته هن دنيا ۾ ٻه قوتون ازل کان اقتدار
واريون آهن، هڪ نيڪي ، ٻي بدي.“
موسيٰ و فرعون، و شبير و يزيد
ايس دو قوت از حيات آيد پريد(اقبال)
گوئٽي جي خيال ۾ پهرين قوت اهو ٿي چاهيو ته ڪائنات جي نظام جو
پردو هٽائي ان جي حقيقت معلوم ڪجي، ٻي اهو ٿي
چاهيو ته زندگيءَ جا .... (نشيب و فراز) ۽ مادي
لذتون ماڻجن.
پهرين دل ۾ اوچيون آسون پيدا ڪندي آهي، پر ٻي راهه عمل نه ٿي
ڏيکاري، ٻي عمل سان ڄاڻ ڪرائي لذت پرستي ۾ مبتلا
ڪري ڇڏي ٿي. پهرين قوت جو نمائندو فائوسٽ آهي۽ ٻي
جو شيطان.“
محمود:”مان مڃان ٿو، پر هڪ قوت ٻي کان راغب ڇو ٿي وئي؟“
حامد: ”فائوسٽ پنهنجي عقل سان ان ڍيري کي سلجهائي نه سگهيو ۽
دلي راحت لاءِ روحن کان مدد گهري، پر اتي به کيس
سڪون نه مليو.
کهلتا نهين ميري سفر زندگي ڪا راز
لائون ڪهان سي بنده صاحب نظر ڪو مين(اقبال)
ايتري ۾ ٻي قوت يعني شيطان هن جي مقابلي ۾ اچي ٿي، هو ان جي
رفاقت قبول ڪري ٿو پر اهو به چئي ٿو ته جيڪڏهن تون
مون کي راغب ڪرين ته مان پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندس،
منهنجي خيال ۾ هاڻي تون سمجهي ويو هوندين.
محمود:”ها“
حامد: ”جيتوڻيڪ شيطان، فائوسٽ کي هڪ شراب خراني ۾ وٺي وڃي ٿو،
پر فائوسٽ شرابين جي حالت ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو، ۽
اتان نڪري ٿو اچي ته شيطان هن کي هڪ جادوگرياڻي جي
مڪان ۾ وٺي وڃي ٿو، ۽ اتي ... “ (حامد پڙهي ٿو)
”جادوگرياڻي جو رڌڻو، چلهه تي رکيل ڪڙهائي ۾ ڪنهن شيءِ جي اٻرڻ
جو آواز اچي ٿو... شيطان ۽ فائوسٽ داخل ٿين ٿا.“
فائوسٽ: مان جادوءَ کان ڀڄندو آهيان، ڇا، توکي يقين آهي ته هتي
منهنجي جواني مون کي ٻيهرملي ويندي.؟ هيءَ مڪروهه
ڪڙهائي منهنجي زندگي جا 30 سال واپس ڏياريندي،
جيڪڏهن تو وٽ ڪا ٻي ترڪيب ناهي ته پوءِ منهنجو
خدا حافظ اٿئي. ڇا فطرت ۽ عقل ڪا اهڙي دوا ناهي
ٺاهي، جنهن سان ويل جواني موٽي اچي.
شيطان”هڪ ٻي به ترڪيب آهي!
فائوسٽ: اها ڪهڙي؟
شيطان: توکي گهرجي ته ٻنيءَ ۾ وڃي ڪم ڪر، ۽ سادو کاڌو کاءَ، بس
هڪ سال اندر تون ٻيهر جوان ٿي ويندين.
فائوسٽ: ”مون کي ٻني تي ڪم ڪرڻ جي خبر ڪانهي.“
شيطان:” ته پوءِ جادوگرياڻيءَ جو ٿورو کڻ، ڏس مان ان کي سڏيان
ٿو، تيستائين تون هي جادوءَ جو آئينو ڏس! (شيطان
هيڏي هوڏي گهمي ٿو ۽ فائوسٽ آئينو ڏسي ٿو)
فائوسٽ: مان هي ڇا ڏسي رهيو آهيان آئيني ۾؟
آهه ڪيڏي نه حسين عورت آي، اي عشق مون کي پنهنجن حسين ۽ تيز پرن
تي ويهاري ان جي گهٽيءَ ۾ وٺي هل! هيءُ ته دنيا جي
حسين ترين عورت آهي، ڇا هي دنيا ۾ موجود آهي؟ بيشڪ
جڏهن خدا دنيا جي تخليق ۾ مصروف رهيو هوندو ۽
آّخر جڏهن پاڻ پنهنجي محنت تي آفرين چيو هوندو ته
ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي، ان وقت ئي حسين شيءَ ٺهي
هوندي“
(شيطان زور سان ڪڙهائي ۾ ڪفگير گهمائي ٿو، جادوگرياڻي زور زور
سان رڙيون ڪندي اچي ٿي)
”جادوگرياڻي هاءِ! مان سڙي ويس: مان مري ويس:
مردار! سوئر! هي ڇا مصيبت آهي، تون ڪير آهين، بيهه مان تنهنجي
خبر وٺان ٿي.“
شيطان:”اڙي هڏين جي مالا، پنهنجي آقا کي سڃاڻ! ڇا تو منهنجي
صورت ناهي ڏٺي؟ ڇا توکي نالي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي؟“
جادوگرياڻي:”منهنجا آقا! منهنجي خطا معاف ڪر، مان خوش آهيان،
جو اڄ مدت کان پوءِ شيطان جي زيارت نصيب ٿي.
شيطان:” خبردار مون کي انهي نالي سان نه سڏ، اهو نالو هاڻي صرف
قصن ۽ ڪهاڻين ۾ رهجي ويو آهي، پر انسان کي ان مان
ڪو به فائدو ناهي ته اهي هڪ شيطان کان بچي ويا
آهن، پر هينئر به دنيا ۾ گهڻائي شيطان آهن.“
جادوگرياڻي: ”فرمايو ڪهڙو حڪم آهي؟“
شيطان: ”جواني واپس ڪرڻ وارو مشهور معروف عرق جو پيالو کڻي اچ،
پر ياد رک باهه وارو هجي.“
جادوگرياڻي: ”هينئر ئي تيار ڪري ٿي ڏيان سرڪار!“
(ڪجهه بي معنيٰ لفظ پڙهي عرق تيار ڪري ٿي)
فائوسٽ: ”هي ڇا بڪي رهي آهي؟“
شيطان:”بس جادوءَ راڻي بس! عرق کڻي اچ، ۽ منهنجي دوست کي پيار!“
جادوگرياڻي: ”هي وٺو!“
شيطان:”پي وڃ هڪ ساهيءَ ۾، پي وڃ، نڙيءَ کان هيٺ ٿيندي ئي
تنهنجي دل خوشيءَ مان جهومي پوندي.“(فائوسٽ پيئي
ٿو)
”هل هينئر تنهنجو آرام ڪرڻ ٺيڪ ناهي، منهنجي پٺيان پٺيان هليو
اچ، بس هاڻي عشق ۽ محبت تنهنجين رڳن ۾ خون بڻجي
ڊوڙندو.“
فائوسٽ:”بيهه، ويندي ويندي هڪ دفعو وري آئينو ڏسان، هاءِ ڪيڏي
نه خوبصورت عورت هئي.“
شيطان: ڪا ضرورت ناهي، هاڻي ستت ئي اها عورت توکي جيئري جاڳندي
اچي ملندي، هن عرق جي بدلي هاڻي هر عورت توکي هيلن
لڳندي،
محمود:”الا! ڪيڏو نه خوفائتو منظر هو.“
حامد:”هن ۾ گوئٽي ڏيکاريو آهي ته جادوءَ جي شوق سان جذبات اڀري
اچن ٿا، جن عيوض انسان ذليل ۽ خوار ٿيندو آهي. ۽
عيش عشرت ڏانهن مائل ٿئي ٿو. ان لاءِ فائوسٽ به
شيطان جهڙي جواني گهري ٿو.“
محمود: ”منهنجو خيال آهي ته عرق شباب پيئڻ کان پوءِ فائوسٽ ضرور
ڪنهن عورت جي تير نظر جو نشانو بنيو هوندو.“
حامد:”ائين ٿيڻ لازمي هو.“
محمود:”اهو وري ڪيئن!“
حامد:”انساني روح هڪ عجيب شي آهي، محمود! هڪ طرف هو علم جي آرزو
۾ تڙپي ٿو، ٻئي طرف عملي زندگي ۽ مادي لذتن جي شوق
۾ مبتلا ٿيندو آهي. انهي ڇڪتاڻ مان نجات حاصل ڪرڻ
جو صرف هڪ ذريعو آهي عشق.
محمود: ”هي وري ڪهڙو مونجهارو پيدا ڪيئي.“
حامد:” سنئين سڌي ڳالهه آهي، جنهن کي تون مونجهارو سمجهي رهيو
آهين، عشق زندگيءَ جو جوهر آهي، خدا تائين رسڻ جي
واٽ پڻ . هي هڪ اهڙو جوهر آهي، جيڪو سمنڊ جي لهرن،
جبل جي چوٽين، آسمان جي ستارن مطلب ته پوري ڪائنات
۾ جاري آهي.“
محمود:”پر فائوسٽ ڪائنات جي سڀني رنگينين کي ڇڏي عورت (فزيڪل
بيوٽي) تي، ڇو عاشق ٿيو؟“
حامد:” عورت عشق جو مظهر آهي، هوءَ انهيءَ جوهر جو زندهه پيڪر
آهي، ۽ ڪائنات جي روح سان ڳنڍيل آهي، انسان جي
روحاني ڇڪتاڻ ۾ نيڪي، بدي ۽ عشق جي چولي جو ساٿ
آهي، نيڪي جيڪڏهن بدي تي حاوي اچي ٿي ته صرف عشق
سان نڪي عقل سان.“
محمود: ”انهيءَ لاءِ فائوسٽ حقيقت طلب ٿي هن باهه کي، جيڪا علم
۽ ڄاڻ جي ڇنڊن سان نٿي اجهامي تنهن کي عشق سان
اجهائڻ چاهي ٿو.“
حامد:” ها، هاڻي ته سمجهئي نه، هو سوچي ٿو، جيڪڏهن سڄي ڪائنات
جا راز معلوم نه ٿا ٿي سگهن ته عشق سان ان زميني
کوجنا ۽ انساني زندگيءَ جي حقيقت ضرور کلي ويندي ۽
پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن فائوسٽ بازار مان وڃي ٿو ته
سندس نظر هڪ خوبصورت عورت مارگريٽ تي پئي ٿي ۽ هو
پهرين نظر ۾ هن کي سڃاڻي وڃي ٿو ته هيءَ اها ئي
عورت آهي، جنهن جو عڪس هن جادوگرياڻي جي آئيني ۾
ڏٺو هو. هي هن سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، پر هوءَ رکو
جواب ڏئي هلي ٿي وڃي.
محمود:”شيطان هن جي مدد نه ٿو ڪري ڇا؟“
حامد:” ڪري ٿو، ڇو نه، هو شيطان کي سڏي ٿو ۽ مارگريٽ سان ملڻ
لاءِ چئي ٿو، پهرين ته هو ڳالهه ٽاري ٿو ڇڏي، پر
جڏهن فائوسٽ جو اسرار ۽ بي آرامي حد کان وڌي وڃي
ٿي ته هو مارگريٽ جي پاڙيسري مارٿا جي معرفت ڪم
ٺاهي ٿو ۽ مارگريٽ جي دل ۾ فائوسٽ جو خيال پيدا
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.“
محمود:”خوب!“
حامد:”ٻئي عاشق ۽ معشوق هڪٻئي سان ملڻ لڳن ٿا. فائوسٽ کي محبت
جي ڪنڊن تي چڀن سک سان ويهڻ نه ٿي ڏئي، دل جي وحشت
کيس جهنگل ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ اتي هو
Natural Beauty
(فطرت جي حسن) کي ڏسي ٿو ۽ لاله و گل سکوت جي....
سان ڳالهائي ٿو.“ (حامد پڙهي ٿو ته فائوسٽ جهنگل ۾
بيٺو ڳالهائي ٿو).
فائوسٽ:”اي بلند ۽ برتر روح اوهان مون کي اها نظر بخشي آهي جيڪا
حسن و جمال کي ڏسي ٿي ۽ ان جي ذريعي مان نيچر جي
مظهرن کي ڏسي سگهان ٿو. بي زبان جهنگل، هوا ۽ پاڻي
سڀ منهنجا ڀائر آهن. جڏهن هن جهنگل ۾ تيز هوائون ۽
طوفان لڳن ٿا. ۽ وڻ ٽڻ ٽٽي پون ٿا، ۽ انهن جي ڪرڻ
سان ٽڪرن تي ڌماڪا ٿين ٿا ته مان پنهنجي دل جي
گهراين ۾ مدهوش ٿي وڃان ٿو پر آهه هاڻي مون کي خبر
پئي آهي ته ڪا به انساني شيءِ مڪمل ناهي تو مون کي
اهڙو ساٿي ڏنو آهي جيڪو مون کي ذليل ڪري ٿو پر مان
ان کي ڇڏي نه ٿو سگهان هو تنهنجين ڏنل نعمتن کي هڪ
لفظ ۾، هڪ ساهه ۾ ختم ڪري ڇڏي ٿو هن خوامخواه
منهنجي دل ۾ خوبصورت مارگريٽ جي محبت جي باهه
ڀڙڪائي آهي. هاڻ مان عجيب ڪشمڪش ۾ آهيان، آس مون
کي لذت جي طرف سڏي رهي آهي“ ۽ منهنجي دل تڙپي رهي
آهي(شيطان اچي ٿو)
شيطان: آداب عرض آهي علامه صاحب!
فائوسٽ: ”توکي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪم ناهي ته تون منهنجي
اڪيلائي ۽ سڪون کي اچي ناس ڪرين.“
شيطان:”واه! واهه! مان ڪڏهن تنهنجين اڪيلائين ۾ مداخلت ڪئي آهي،
تو جهڙي خبيث جي صحبت جو ڪهڙي بدبخت کي شوق آهي.
سڄو ڏينهن تنهنجو ڪم ڪري ٿڪجي پوان ٿو ۽ پوءِ اها
خبر ناهي ته توکي ڪهڙي ڳالهه پسند ايندي ۽ ڪهڙي
نا پسند!“
فائوسٽ: خوب! تون دماغ به کائين ٿو، ۽ مهرباني به چاهين ٿو.“
شيطان:”اي ڌرتي جا بي وس ۽ بي سهارا فرزند! سوچ ته جيڪڏهن مان
نه هجان ها ته تنهنجو ڇا ٿئي ها؟ هي مان آهيان، جو
توکي تخيل جي دنيا کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي“ تون ڇو
چٻرن وانگر جهنگل ۾ رلندو ٿو وتين؟ هتي توکي ڇا ٿو
ملي؟“
فائوسٽ: ”تون ڇا ڄاڻين ته مونکي هن ويرانين ۾ ڪهڙو لطف اچي ٿو.“
”شيطان:”ڇا ملندئي ان لطف مان رات جو جبل جي ٽڪرين تي سمهڻ ،
زمين ۽ آسمان جو سير ڪرڻ، رب پاڪ جي ڪم کي پنهنجي
سيني سان سانڍ ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته وجد ۾
اچي.... وڌيڪ ڇا چوان، چئي نه ٿو سگهان.
فائوسٽ:”لعنت آهي تنهنجي ان گندي مذاق تي.“
شيطان: ”ها توکي لعنت ئي وجهڻ گهرجي، مون کي ڇا هي، جيڪڏهن
تنهنجي دل چاهي ته ڀلي انهن خسيس شين سان پنهنجي
دل خوش ڪر، جڏهن ته تون انهن کان بيزار ٿي چڪو
آهين، پر ڊپ جي ڪري اڃان تائين اتي ئي آهين،
تنهنجي محبوب گهر ويٺي تنهنجي لاءِ تڙپي رهي آهي ۽
تنهنجي ديواني ٿي وئي آهي. هن جي دل ۾ محبت جو
طوفان برپا ڪري پاڻ ماٺو ٿي ويو آهين منهنجي خيال
۾ ته جيڪڏهن تون جهنگل بدران پنهنجي محبوبا جي دل
کي تسڪين ڏين ها ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها.“
فائوسٽ:”وڃ مردود! ان سهڻي عورت جو نالو نه وٺ، مان پهرين ئي
سودائي ٿي پيو آهيان، هن جي خوبصورت جسم جي آرزو
کي وري نه ڀڙڪاءِ، هاءِ! مان ڪيترو به کڻي پري
هليو وڃان”پر هن کي دل مان ڪڍي نه ٿو سگهان، مان
هن کي ڇڏي نه ٿوسگهان.“
شيطان:”آ.... آ.... هاڻي ڪٿي ٿو بچي نڪرين!“ فائوسٽ ”آهه هوءَ
ويچاري گهر داري ۾ مصروف پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ مگن
آهن، مون تي خدا جي لعنت! مون هن معصوم جي دل جو
سڪون کسي ورتو آهي. اي دوزخ جي باهه مون هن کي تو
تان قربان ڪري ڇڏيو! اي شيطان منهنجي مدد ڪر جو
ٿيڻو آهي، اڄ ئي ٿي وڃي، هن جي قسمت منهنجي قسمت
سان ٽڪرائي ۽ اسين ٻئي برباد ٿي وڃون.
هن جي جهوليءَ ۾ آڪاش جهڙي مسرت آهي، هل ته مان هلي، کيس سيني
سان لڳائي دلي سڪون ماڻيان.“
شيطان:” وري به اهوئي جوش آ.... آ... وري به اها ئي باهه، اٿ
هلي هن کي دلاسو ڏي، تو جهڙا جڏهن مايوس ٿي ويندا
آهن ته موت گهرندا آهن. ۽ سلامت هجن اهي جيڪي
زندگيءَ جي هر موڙ تي مرد ٿي مقابلو ڪن ٿا! اچ مون
سان گڏ اچ!“
ٻئي وڃن ٿا (مارگريٽ باغ ۾ چهل قدمي ڪري رهي آهي،
فائوسٽ”مارگريٽ“ ويجهو اچي ٿو.)
مارگريٽ:”تون اچي وئين فائوسٽ!“
فائوسٽ:”ها مارگريٽ!“
مارگريٽ:”هڪ ڳالهه پڇان توکان؟“
”فائوسٽ:”ڇو نه ڀلي پڇ“
مارگريٽ:”تون دل جو ته صاف آهين، پر مذهب بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ
آهي.“
فائوسٽ:”ڇڏ انهن ڳالهين کي، توکي خبر آهي ته تون منهنجو ساهه
آهين، تون منهنجي زندگي به وٺي سگهين ٿي، ان کان
وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعتبار گهرجئي؟“
مارگريٽ” ڇا تون خدا کي مڃين ٿو؟“
فائوسٽ:” پياري مارگريٽ، تون پڇين ٿي ته مان خدا کي مڃان ٿو!
ڪنهن جي اها مجال آهي جو اهو چوي ته مان خدا کي
نه ٿو مڃان، هو قادر مطلق آهي، ڇا اوهان جي مٿان
آسمان ناهي! ڇا پيرن هيٺان زمين ناهي؟ ڇا تنهنجي
اکين سان اکيون ملائي مان پنهنجي سهڻي صورت ڏسي نه
ٿو سگهان. اچ ته تنهنجي دل مان سڀئي وسوسا ڪڍي هڪ
ٿي وڃون. پوءِ جڏهن وجد جي ڪيفيت توتي طاري ٿئي ته
پوءِ ان جو نالو جو چاهين، سو رکجانءِ، ”سعادت“
دل، عشق“ مون وٽ ان لاءِ ڪو به نالو ناهي.“
مارگريٽ: تنهنجون ڳالهيون تمام سٺيون آهن، وري به خبر ناهي و
منهنجي دل توتي شڪ ڪري ٿي.
فائوسٽ: ائين چو؟
مارگريٽ: مون کي تنهنجي دوست کان دلي نفرت آهي، مان ان جي منحوس
شڪل ڏسڻ نه ٿي چاهيان، خدا مون کي ان کان بچائي،
جڏهن مان هن کي ڏسندي آهيان، ته مون کي ائين محسوس
ٿيندو آهي، ته ڄڻ منهنجي دل ۾ تنهنجي محبت ناهي
رهي.“
فائوسٽ:”انهي کان نه ڊڄ“
مارگريٽ:” ٺيڪ هاڻي مان وڃان ٿي.“
فائوسٽ:”ڪاش مان به تو سان گڏ هلي سگهان هان.“
مارگريٽ: ”مان ڇا ڪريان، امان جلدي ننڊ مان اٿي پوندي آهي،
جيڪڏهن هوءَاسان ٻنهي کي ڏسي وٺي ته اصل قيامت اچي
وڃي.“
فائوسٽ:” هيءَ شيشي وٺ، هن مان ٿورو عرق کيس پياري ڇڏ، هوءَ
سمهي پوندي.“
”مارگريٽ:”تمام سٺو!“
(مارگريٽ: وڃي ٿي، شيطان اچي ٿو)
شيطان”وئي“
فائوسٽ:”تون وري جاسوسي ڪري رهيو هئين، بدبخت!“
شيطان:” سڀ ڪجهه ٻڌي چڪو آهيان ڇوڪرين کي هميشه اهو فڪر هوندو
آهي ته فلاڻو مذهب جو پابند آهي يا نه.“
فائوسٽ:”بي وقوف! توکي ڪهڙي خبر ته هوءَ مون کي گمراهه سمجهي
ٿي، ڪيڏي نه روحاني اذيت ۾ مبتلا آهي.“
شيطان:”واهه ڙي منهنجا پاڪ دامن!“
فائوسٽ:” چپ ڪر اي باهه جا بي ادب اولاد!“
شيطان:” منهنجي خيال ۾ هن کي خبر پئجي وئي آهي ته مان شيطان
آهيان، خير ڏٺو ويندو،اڄ رات“
محمود: (گهٻرائيندي) اڄ رات!اڄ رات! شيطان جي لفظن ۾ ڪيڏي دهشت
آهي.“
حامد: ها اها وڏي دهشتناڪ هئي، محمود! ان رات معصوم مارگريٽ
گهر جو دروازو کولي ڇڏيو هو ۽ فائوسٽ جو ڏنل عرق
پنهنجي ماءُ کي پياريو هو، فائوسٽ آيو ۽ مارگريٽ
سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي.
محمود: ”افسوس معصوم ۽ سادي ڇوڪري” شيطانيت جو شڪار ٿي وئي.“
حامد: ”ان خطرناڪ عرق سان سندس ماءُ مري وئي، وڌيڪ مصبيت اها ته
سڄي شهر ۾ مارگريٽ ۽ فائوسٽ جي گناهه جو ڍنڍورو
پٽجڻ لڳو، مارگريٽ جو ڀاءُ والٽن جو هڪ جانباز
سپاهي هو، سو اها خبر ٻڌي گهر پهچي ٿو ۽ فائوسٽ
کان بدلو وٺڻ چاهي ٿو، رستي ۾ فائوسٽ ۽ شيطان سان
هٿ ڳنڍي ٿو، ۽ زخمي ٿي پوي ٿو. شيطان فائوسٽ کي
وٺي ڀڄي ٿو وڃي. مارگريٽ ۽ ٻيا ماڻهو گوڙ ٻڌي
والٽن جي چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا والٽن ڀري ميڙ ۾
مارگريٽ تي لعنتن جي بوڇاڙ ڪندي دم ڏئي ٿو.“
محمود: ”آهه! ويچاري مارگريٽ جي ڪهڙي حالت هوندي ان وقت؟“
حامد:”هن جي حالت ! ماءُ، ۽ ڀاءُ جي جدائي، بدناميءَ جو داغ،
عاشق جو غم، ۽ گناهه جي ندامت، انهن سڀني ڳالهين
کيس چريو ڪري ڇڏيو، انهيءَ حالت ۾ کيس پٽ ڄائو،
جنهن کي تلاءَ ۾ غرق ڪري ڇڏيائين. ۽ گرفتار ٿي قيد
خاني ۾ هلي وئي.“
محمود”۽ فائوسٽ“؟
حامد:” شيطان ڪوشش ڪئي ته فائوسٽ کي عيش ۽ عشرت ۾ غلطان ڪري،
مارگريٽ جي ياد مٽرائي ته جيئن ان ۾ عالم بالا
ڏانهن وڃڻ جي سگهه نه رهي ۽ باقي زندگي سندس شڪر
گذار ٿي غلام بڻجي وڃي.“
محمود:”پوءِ ڇا ٿيو؟“
حامد:”شيطان ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هڪ ڏينهن فائوسٽ کي مارگريٽ جي
مصيبتن جي خبر پئجي وئي، ۽ هن شيطان کي قيد خاني ۾
هلڻ لاءِ چيو، ٻنهي ۾ بحث ڇڙيو(حامد وري پڙهي ٿو،
فائوسٽ ۽ شيطان ڳالهائي رهيا آهن).
فائوسٽ:” ڏکويل! عاجز! خبر ناهي ڪهڙين مصيبتن ۾ هوندي قيد!
هاءِ! دغا باز، مڪار، روح! تو اهي ڳالهيون مون کي
پهرين ڇو نه ٻڌايون؟ ترس! مان تنهنجي خبر ٿو وٺان
ڪتا! اکيون ٿو ڇڀنين، خبيث! اي بلند ۽ برتر روح
اوهان منهنجي دل جي رازن کان با خبر آهيو، اوهان
ڇو هن کي مهنجو ساٿي بڻايو، جيڪو ماڻهن جي ڏکن،
دردن ۽ مصيبتن تي کلي ٿو.“
شيطان:” بس يا ڪجهه ٻيو به چوندين؟“
فائوسٽ:” مون کي هن وٽ وٺي هل!“
شيطان:” انهيءَ ۾ خطري جو انديشو آهي، ماڻهو قاتل جي ڳولا ۾
آهن.“
فائوسٽ:” هل مون کي وٺي هل ۽ هن کي آزاد ڪراءِ.“
شيطان”هل!“
(ٻئي وڃن ٿا جيل جو دروازو کولي داخل ٿين ٿا، مارگريٽ پيرن جو
آواز ٻڌي رڙ ڪري ٿي)
”مارگريٽ، هو اچي ويا آه! موت سامهون بيٺو آهي.
فائوسٽ:” خاموش! مان توکي آزاد ڪرائڻ آيو آهيان.”
مارگريٽ: ”جلاد توکي ڪنهن چيو آهي ته مون کي اڌ رات جو وٺي وڃ؟
رحم ڪر ۽ ٿوري مهلت ڏي آهه! مان خوبصورت هيس، پر
ان حسن مون کي ڪٿان جو نه ڇڏيو، منهنجو دوست مون
سان گڏ رهيو، پر هاڻي خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي،
هاءِ موڙ جون لڙيون ٽٽي پيون ۽ خوبصورت خواب ايترو
جلد ختم ٿي ويو.
فائوسٽ:” مارگريٽ، مارگريٽ!“
مارگريٽ:” هي ته هن جو آواز آهي.“
(اٿي ٿي، ٻيڙيون پنهنجو پاڻ ٽٽي پون ٿيون.)
”ٻيڙيون ٽٽي پيون؟ مان آزاد آهيان، مون کي ڪير روڪي سگهي ٿو؟
مان ڊوڙي وڃي کيس چنبڙندس، پر تون آهين ڪٿي؟(ڊڪي
وڃي فائوسٽ جي ڇاتي سان لڳي ٿي) ها تون ئي آهين،
تون ئي آهين، آهه! اهو سڄو وقت ڪيڏانهن هليو ويو،
قيد جو خوف، زنجيرن جي دهشت ڪيڏانهن وئي.
فائوسٽ: آءُ مون سان گڏ، هل مارگريٽ، جلدي ڪر، بيهڻ ۾ وڏو خطرو
آهي.
مارگريٽ: مون امڙ جي جان ورتي، پٽ کي پاڻيءَ ۾ غرق ڪيو، مان خطا
وار آهيان، ڀڄڻ مان فائدو؟ جلدي وڃ! فائوسٽ جلدي
وڃ ۽ پنهنجي معصوم پٽ جي جان بچاءِ، هو ڏس تختي تي
لڙهندو پيو وڃي، بچاءِ بچاءِ هن کي جلدي بچاءِ!
فائوسٽ: هوش ۾ اچ مارگريٽ! بس هڪ وک کڻ ۽ تون آزد آهين، جيڪڏهن
تو نه مڃيو ته مان زبردستي توکي وٺي ويندس.
مارگريٽ: خبردار جو مون کي هٿ لڳايو اٿئي، تون جلاد وانگر ڇو
منهنجي پٺيان پيو آهين.
فائوسٽ: ضد نه ڪر مارگريٽ، خدا جي واسطي مڃ! ڏس سج اڀرڻ وارو
آهي.
مارگريٽ: ڏينهن ؟ ها آخري ڏينهن! ها اهو ئي منهنجي شادءَ جو
ڏينهن هو، پر اڄ جلاد جي تلوار منهنجي سسيءَ تي
چمڪندي.
فائوسٽ: ڪاش مان هن دنيا ۾ پيدا نه ٿيان ها.
شيطان: (پري کان راٿ نه ته تنهنجي بچڻ جي ڪا به صورت ناهي،
ڪيستائين هي بحث جاري رهندو. ٻاهر منهنجا گهوڙا
ٿڌ کان بي حال ٿي رهيا آهن، صبح جي روشني نمودار
ٿي چڪي آهي.
مارگريٽ: ڪيري اهو ئي آهي؟ انهيءَ کي ڪڍو هتان! هن پاڪ جاءِ ۾
اهو ڪيئن آيو آهي! هي منهنجو روح گهري ٿو، هي
منهنجي جان وٺڻ گهري ٿو.
فائوسٽ: تون زندهه رهندين مارگريٽ!
مارگريٽ: اي خداخالق زمين و آسمان! مان پنهنجو روح تنهنجي حوالي
ڪريان ٿي.
شيطان: هل فائوسٽ هل! نه ته مان توکي اتي ئي ڇڏي ويندس.
مارگريٽ: مان تنهنجي آهيان رب، مون کي نجات ڏي! اي فرشتو
پنهنجي حفاظت ڪريو، فائوسٽ
فائوسٽ! توکي ڏسي منهنجي دل ڏي وئي آهي.
شيطان: (تڪبر سان) هاڻي هيءَ بچي نه سگهندي (غيب مان آواز اچي
ٿو).
آواز: بچي وئي!
شيطان(خوفزده آهي) اي غيب جي صدا! فائوسٽ جلدي اچ مون سان
گڏ(ٻئي غائب ٿي وڃن ٿا)
مارگريٽ: (جهيڻي آواز ۾) فائوسٽ! فائوسٽ!
محمود: پر مارگريٽ هن سان گڏ و ڪو نه وئي!
حامد: انهيءَ لاءِ جو هن تي اهو راز کلي چڪو هو. ته فائوسٽ سان
گڏ وڃڻ شيطان سان گڏ وڃڻو آهي. ان لاءِ هن آزاديءَ
تي موت کي ترجيح ڏني.
محمود: ۽ فائوسٽ جو ڪهڙو حشر ٿيو؟
حامد: هن کان پوءِ فائوسٽ شيطان جي مدد سان ڪيتريون ئي
ڪارروايون ڪري ٿو ۽ آخر شيطان جو غلام بڻجي وڃي ٿو
۽ سندس روح اعليٰ عالم ڏانهن پرواز ڪري ٿو. رحمت
خدا وندي هن تي ترس کائي ٿي ۽ هن جون خطائون معاف
ڪري ٿي ڇڏي.
فقير شهمير چانڊيو ناول
جنين ڪاڻ مياس
قسط : 7
ان کان سواءِ ٻي حيران ۽ تشويش ۾ وجهندڙ هڪ اهم تبديلي اها ڏسڻ
۾ آئي ته صبح جو دير سان اٿڻ تي جيڏي مهل مان
وهنجڻ يا هٿ منهن ڌوئڻ ويندو هوس ته گهر جي اڱڻ تي
ڪپڙن سڪائڻ جي رسيءَ ۾ حسنا جو رئو سڪندو نظر
ايندو هو. پر پوءِ وري جلدي ئي مان ان کي نظرانداز
ڪري ڇڏيندو هوس ۽ پنهنجي روز مرهه جي ڪم ۾ جنبي
ويندو هوس. ڀلا اها به ڪا سوچڻ جي ڳالهه آهي، ته
روئو رسيءَ ۾ سڪي ڇو ٿو؟!
گهر ۾ مينهن اچڻ سان منهنجي مصروفيت ايتري ته وڌي وئي جو مون
آرزوءَ کي اسڪول تائين پهچائڻ به ڇڏي 0نو هو ڇاڪاڻ
ته هوءَ هاڻي سونهي ٿي چڪي هئي، پاڻ ئي اڪيلي
اسڪول ويندي هئي ۽ گهر واپس ايندي هئي. هڪ ڏينهن
هوءَ جيئن اسڪول مان موٽي گهر اندر داخل ٿي ته مون
کي سندس چهرو ڪجهه ملول نظر آيو ڇو ته هوءَ اچڻ
شرط ئي ”بابا بابا“ چئي مون کي ڳچيءَ ۾ ننڍڙيون
ٻانهون وجهي مٺيون ڏيندي هئي. ان اوچتي تبديليءَ
تي مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ سندس مٿي تي شفقت
جو هٿ گهمائيندي پڇڻ لڳس.”ڇو پٽ، اڄ نه بابا کي
ڀاڪر پاتئي، ۽ نه مٺيون ڏنئي! طبيعت ته ٺيڪ آهي
نه؟“ منهنجي ايتري پڇڻ تي آرزوءَ جي اکين ۾ ضبط
ٿيل ڳوڙها ٽم ٽم ڪري ٽمڻ لڳا ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي.
آرزوءَ جي ائين روئڻ تي آئون ويتر ششدر ٿي ويس.”
پٽ روئين ڇو پئي. ڇا مس ماريو اٿئي؟ ڪنهن ڇوڪريءَ
ڪجهه چيو اٿئي، آخر ٻڌائين ڇونه ٿي!؟“
”بابا هو..... ٻه ڄڻا.. ڀائي.... ڏاڍا خراب آهن..... مون کي
رستي ۾ تنگ ڪندا آهن.... مون کي انهن مان ڊپ ٿو
ٿئي....!“
”ڪهڙا ٻه ڀائي!“ مون حيراني واري انداز ۾ پڇيو.
”اهي، جيڪي رئيس وٽ رهندا اهن ۽ انهن جي ماءُ رئيس جي گهر جو
ڪم ڪندي آهي“ آرزوءَ رئي سان ڳوڙها اگهندي چيو.
”پٽ، تون ڪو به خيال نه ڪر، هو توکي هاڻي، تنگ نه ڪندا. مان
هاڻي ئي رئيس وٽ وڃان ٿو.“ ائين چئي مان چڙ ۾ اٿي
کڙو ٿيس ۽ سڌو رئيس جي اوطاق جو رخ رکيم. اوطاق
پهي، مون انهن ٻنهي نامرادن کي اتي ويٺل ڏٺو. مون
کي ڏسي طنزيه انداز ۾ ٽهڪ ڏئي پڇڻ لڳا“ ڪيئن اچڻ
ٿيو دلير مڙس؟“
”رئيس ڪٿي آهي؟“
”رئيس ! رئيس آهي، ڪنهن جي بابي جو نوڪر ڪونهي، جو ڪنهن کي
ٻڌائي وڃي، ته مان فلاڻي هنڌ ٿو وڃان! باقي تون
ٻڌاءِ تنهنجو رئيس ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟“
”مان وري ٻيهر ايندس! توهان سان وڌيڪ ڳالهائڻ، پنهنجي ڏاڙهي هٿ
سان پٽائڻ برابر آهي.“ ائين چئي مون ورڻ جي ڪئي ته
اوچتو رئيس دروازي مان ظاهر ٿيو ۽ مون کي ڏسي
حيرت جو اظهار ڪندي چيائين”اڙي تون اڃا هتي آهين،
مون توکي چيو ته جاءِ خالي ڪر، ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي
رهه، پر تون نه مڙئين، هاڻي جيڪي ٿيندو، ان جو تون
پاڻ ذميوار آهين، وري نه اچجئين، مون وٽ دانهن
کڻي!“ رئيس معنيٰ خيز انداز ۾ چئي ويو.
”پر سائين هاڻي ته مان اوهان وٽ دانهن کڻي آيو آهيان، توهان
پاڙي جا معزز ماڻهو آهيو، توهان جو فرض غريب ۽
مظلوم جي داد رسي ڪرڻ آهي، اهو ڪٿي جو قانون آهي
جو اوهان ماڳهين مون کي پنهنجي پاڙي مان لڏايو
پيا!“ مون جذباتي انداز ۾ چيو.
”وري ڇا ٿيو، جو دانهن کڻي آيو آهين؟“
”رئيس اوهان جا ماڻهو (ٻنهي ڄڻن ڏانهن اشارو ڪندي) منهنجي معصوم
نياڻيءَ کي گس ۾ تنگ ٿا ڪن، توهان مهرباني ڪري
انهن کي هدايت ڪريو ته نياڻيءَ کي تنگ نه ڪن.“
”جنهن ڳالهه جوخدشو هو، سا ئي ٿي، تڏهن ٿو چوان ته هتان لڏي وڃ،
در اصل هيءَ منهنجا ماڻهو ناهن، جيڪو توکي هتان
لڏائڻ لاءِ مون کي پاڻ تنگ ڪندو ٿو رهي، بهرحال في
الحال ته کين مان هدايت ٿو ڪريان پر تنهنجي بهتري
انهيءَ ۾ آهي ته هتان جيترو جلد ٿي سگهي، ته لڏي
وڃ!“
”مان هڪ دفعو وري به سوچيان، جيڪڏهن ڪٿي ڪا موزون جاءِ ملي وئي
ته مان لڏي ويندس.“ ائين چئي مان ڪنڌ هيٺ ڪري رئيس
جي اوطاق مان ٻاهر نڪري ويس، پر وڃڻ کان اڳ مون
انهن ٻنهي وحشين طرف نهاريو هو، جيڪي مون کي کائڻ
واري انداز ۾ گهوري رهيا هئا.
سڄي رات، سوچن جي درياهه ۾ لڙهندو ۽ غوطا کائيندو رهيس، اندر
جي نيڪي، بدي واري دنيا ۾، بدي، نيڪي تي حاوي ٿيڻ
جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مگر هڪ اهڙي آس، جيڪا مون کي
جيئڻ تي اڪسائي رهي هئي، سا هئي زندگي! زندگيءَ جو
رنگ مون نهايت گهرائي سان ڏٺو هو. جيڪا انڊلٺ جي
رنگن کان به وڌيڪ خوبصورت نظر آئي هيم. پهرين ته
مون کي چڙ پئي آئي ته آخر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي،
جو ماڻهو مون کي هيسائي رهيا آهن، يا مان واقعي
ايڏو ڪمزور آهيان جو سڀ ڪنهن جي اڳيان عاجزي ۽
انڪساريءَ سان هٿ ٻڌيو بيٺو آهيان. يا مان واقعي
ايڏو ڪمزور آهيان... پر هاڻي ائين نه ڪبو. جيڪڏهن
اهڙو ڏکيو وقت اچي ويو ته مڙس ٿي منهن ڏبو. اهڙيءَ
پڙهائي مان ڇا حاصل، جيڪا مون کي نهايت بزدل
بڻائيندي ٿي وڃي! ماڻهو ڄمي ئي مرڻ لاءِ ٿو.
هونئن ئي مرڻو آهي. پوءِ ڇو ڀاڙين وانگر مران!
مون کي هاڻي مقابلي ڪرڻ لاءِ ريوالور وٺڻو پوندو.
آئون هڪڙو مرندس، مگر گهڻن کي ماري پوءِ مرندس.
سياڻن واقعي سچ چيو آهي ته”جيڪو ڊڄي جيئي ٿو سو،
جيئرو نه هوندو آهي“ اندر ۾ پور پچائيندو، ٿڪل ذهن
آرام جي گودڙي ۾ گم ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو آرزوءَ کي مان پاڻ اسڪول ڇڏي آيس ۽ گهر واپس
وٺي آيس. رستي ۾ رئيس جا پاليل ڪتا مون کي ڪٿي به
نظر نه آيا، ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو ائين ڪيم ان وچ ۾
آرزوءَ جو ڊپ به لهي ويو هو ۽ پوءِ پاڻ
چيائين”بابا هاڻ اوهان تڪليف نه ڪريو، مان پاڻهي
اينديس، وينديس،“ پر اڃا به هڪڙي ڳالهه اهڙي هئي،
جيڪا مون کي بي چين ڪندي هئي سا، هئي حسنا جي ذات،
جيڪا هاڻي ڪافي بدلجي چڪي هئي، هوءَ ايڏي ته بي حس
ٿي چڪي هئي جو هوءَ آرزوءَ جي باري ۾ به فڪرمند
نه نظر ايندي هئي، جڏهن ته کيس هر ڳالهه جي خبر
هئي پر پوءِ آئون به کيس لفٽ نه ڪرائيندو هوس.
الائجي ڇو مان ان کان پري پري رهڻ لڳس.
هڪ ڏينهن مون پنهنجي يار صحافيءَ سان روالور وٺي ڏيڻ جو ذڪر
ڇيڙيو، پهرين ته هو منهنجي ان ڳالهه تي ڇرڪيو، پر
پوءِ چوڻ لڳو،”آخر ان جي ضرورت ڇو!“ جيڪڏهن اهڙي
ڳالهه آهي ته مون کي ٻڌاءَ ته مان اي ايس پي صاحب
کي چورائي تنهنجي دشمن کي لاڪپ ڪرائي ڇڏايان!“ پر
مون نٽائيندي چيو”نه يار، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي،
منهنجي ڪنهن سان دشمني ناهي، ٻئي جو دشمن، معنيٰ
پنهنجو پاڻ دشمن! بس مڙيوئي شوق ٿي پيو آهي،
تنهنجي ته اڏن وارن سان واقفڪاري گهڻي آهي،
تنهنجي لاءِ روالور هٿ ڪرڻ وڏي ڳالهه نه آهي.“
ائين چئي مان سندس منهن ۾ نهارڻ لڳس.
”چڱو يار، بندوبست ڪنداسين، توکي هڪ ٻن ڏينهن ۾ روالور ملي
ويندو.“ پوءِ ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون
ڳالهيون ڪري هڪ ٻئي کان موڪلايوسين.
تيزيءَ سان ڦيرو کائيندڙ حالتن سبب منهنجي اندر ۾ هڪ وحشي جنم
وٺڻ لڳو. ان جو ڪارڻ مان پاڻ ئي هوس، جو عشق جي
گهوڙي تي اکيون ٻوٽي سوار ٿيو هوس. ان وقت مون کي
اهو به احساس نه رهيو ته ان حالت ۾ مان ڪيڏي مهل
به ڪنهن اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڪري سگهان ٿو! ۽مون اهو
به نه سوچيو ته جنهن شيءَ کي مان حاصل ڪرڻ لاءِ
ايڏا جتن ڪري رهيو آهيان، سا مون سان اڳتي هلي
نڀاهي به سگهندي يا نه! پر ان ۾ به منهنجو ڪهڙو
ڏوهه، جيڪڏهن اهڙين ڳالهين جي اڳواٽ خبر هجي ها
ته مون کي ڪهڙي نانگ کاڌو هو، جو نانگ جي ٻر ۾ هٿ
وجهان هان! هونءَ به چوندا آهن ته انساني زندگي،
واقعن ۽ حادثن سان ڀري پئي آهي. هاڻي جيڪو ٿيندو
سو ڏٺو ويندو! مطلب ته مون هاڻي هڪ اهڙي واٽ
اختيار ڪئي هئي، جيڪا دروزخ جي باهه جي دڳ تي ختم
ٿئي ٿي!
گهر ۾ ٿوري ٿوري اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿيڻ سبب مان حسنا کي ڇڙٻن سان
گڏ ڪڏهن ڪڏهن مار به ڪڍندو هوس، جنهن سبب حسنا جو
به حوصلو وڌي ويو هو، جو هوءَ مون سان دست و
گريبان ٿي ويندي هئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته سوچيندو
هيس ته مان حسنا کي طلاق ڏئي ڇڏيان پر وري سامهون
ننڍڙي معصوم ”ارمان“ جو چهرو ايندي ئي خاموش ٿي
ويندو هوس.
هڪ ڏهاڙي جيئن مان چڙ۾ ڪپڙا تبديل ڪري پريس وڃڻ جي تياري ڪري
رهيو هوس ته اوچتو حسنا مون کي ڇرڪائي ڇڏيو”آرزو
اڃا اسڪول مان نه آئي آهي.“ مون ان وقت گهڙيءَ ۾
ٽائيم ڏٺو ته شام جا پنج ٿيڻ وارا هئا، چڙ ۾ مون
کي ايترو هوش نه هو جو مان پاڻ آرزوءَ جي پڇا ڪري
سگهان. مون حسنا کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ٻاهر نڪري
هڪ ويجهي دڪاندار وٽ پهتس، جنهن وٽ فون رکيل هو،
ڊائل گهمائي ريسور هٿ ۾ کڻي پريس وارن کي ڇوڪري جي
لاپتا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي نه
اچڻ جو پڻ چيم.
ان ڪم کان فارغ ٿي تڪڙو تڪڙو اسڪول پهتس، جتي گيٽ ٻاهران اسڪول
جو چوڪيدار ويٺو هو، تنهن کان پڇيم، جنهن ٻڌايو ته
”صاحب ٻارن کي اسڪول مان موڪل هڪ بجي ملندي آهي،
هاڻي ته پنج پيا ٿين، ٿي سگهي ٿو اوهان جي نياڻي،
ڪنهن ساهيڙيءَ سان گڏجي ڪنهن گهر وئي هجي، توهان
پريشان نه ٿيو. الله ڪندو ته اوهان جي نياڻي خيريت
سان هوندي ۽ خير سان گهر رسي ويندي. چوڪيدار جي
ڳالهه ۾ مون کي ڪجهه صداقت نظر اچي رهي هئي پر
مسئلو اهو هو ته اها ساهيڙي ڪير هوند،ي جنهن جي
باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪجي؟ مان آس، نراس جو مونجهارو من
۾ ميڙي وري واپس گهر پهتس، جتي ارمان کي پٽ تي
بانبڙاپائندي ڏٺم ۽ حيرت جي ڳالهه اها ڪن تي پيم،
جو حسنا ڪارچوپ تي اڳٺ اڻيندي، رومانوي ٽائيپ جو
راڳ جهونگاري رهي هئي. ان وقت مون محسوس ڪيو ته
حسنا کي آرزوءَ جي گم ٿيڻ سان نه ڪا پريشاني آهي
نه ئي ڪا اون!
حسنا جي ان رويي ، مون ک مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو هو، مان ڳچ وقت تائين
کي گهوريندو رهيو هوس، مگر هوءَ ڪار چوپ تي آڱريون
هلائيندي ۽ جهونگارڻ ۾ ايڏي ته مگن هئي جو کيس
منهنجي واپس اچڻ جي سڌ ئي نه رهي، مون کي ويتر
باهه وٺي وئي، زور سان پٽ تي بوٽ کي هڻندو سندس
اڳيان لنگهي بانبڙا پائيندڙ ننڍڙي ارمان کي ڪڇ ۾
کنيم.
”آرزوجي خبر پئي؟!“ اوچتو حسنا سوال ڪيو.
”آرزو جي خبر آرزو رکندڙن کي هوندي مون کي ڪهڙي خبر! حيرت ته ان
ڳالهه جي آهي ته تون ڪهڙي ماءُ آهين، جو نياڻيءَ
جو ڪو پتو ناهي ۽تون هر ڳالهه کان بي نياز ٿيو
ويٺي جهونگارين، وري ڪو ڪٿي نئون نينهن لاتو اٿئي
ڇا؟“ مون به باهه وچان جواب ڏنومانس.
منهنجي ان جواب، باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪري ڏيکاريو، حسنا
پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي”مون کي ڪهڙي نانگ کاڌو،
جو توکي قبوليم.“
”آءُ چوان ٿو“ مون سان گهڻي بڪ بڪ نه ڪر، اڄ، جيڪي ڪجهه ٿي رهيو
آهي، سڀ تنهنجي ڪارڻ! مان چئني پاسي دشمني جي
گهيري ۾ گهيرجي ويو آهيان، ڪڏهن توکي ان ڳالهه جو
احساس ٿيو آهي.“مون وڌيڪ تيز ٿيندي چيو.
”ڇو ڇا جي دير ڪئي اٿئي، ڏئي مون کي طلاق! هاڻي ته مون کان به
سٺو نه ٿو ٿئي! حسنا روئڻهارڪو ٿيندي چيو.
”اهائي ته مصيبت آهي ته جو توکي طلاق نه ٿو ڏئي سگهان، ماڻهو ڇا
چوندا ته اڳ ئي بدنام ٿيل آهي، ڇا تنهنجو ارادو
آهي، ته مان توکي طلاق ڏيان ۽ تون وري.... اوچتو
دروازي تي زور زور سان ٺڪ ٺڪ ٿيڻ لڳي!(هلندڙ)
*--------*-------* |